ڇنڇر, 25 مئي 2019

ڪربلا ۾ فتح ڪنهن جي ٿي؟

  • انداز قلم

مهاڳ: هن موضوع تي لکڻ کان اڳ ضروري آهي ته خود ڪربلا ، امام حسين عليه السلام ۽ ان جي مقابل يزيد جي باري ۾ ڪجھ ڄاڻ هجڻ گهرجي ، ان ڪري اسان هن مختصر مقالي ۾ انهن کي اجمالي طور بيان ڪريون ٿا ته جيئن معلوم ٿي سگھي ته ڪير ڪنهن جي مقابلي ۾ هو ۽ ان کان پوءِ اها ڄاڻ حاصل ڪريون ته فتح ڪنهن جي ٿي؟

ڪربلا :

ڪربلا معرفت جو اهو ڪتاب آهي جو جيڪڏهن ان جي صحيح معرفت نه هجي ته انسان صحيح فيصلو نه ڪري سگھندو ته فتح ڪنهن جي ٿي؟

ڪربلا هدايت جو اهو ڪتاب آهي جنهن جي هر ذري ذري ۾ اسلامي تعليم ۽ قرآني احڪام نظر اچن ٿا ، ڪربلا عبادت جو اهو ڪتاب آهي جنهن جي هر صفحي تي عبادت گذارن جو صفون پسجن ٿيون . ڪربلا انقلاب جو اهو ڪتاب آهي جنهن جو هر لفظ شهيدن جي خون جي مس سان لکيل نظر اچي ٿو . ڪربلا شهادت جو اهو ڪتاب آهي جنهن جي هر نقطي ۾ ابدي زندگي ظاهر ۽ چٽي آهي .ڪربلا عرفان جو اهو ڪتاب آهي جيڪو اڳ نه لکيو ويو ۽ نه ئي ڪو لکي سگھندو

امام حسين عليه السلام جي شخصيت

امام حسين عليه السلام جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي ، مسلمان هجي يا هندو ، عيسائي هجي يا يهودي يا مجوسي ، هر هڪ کي امام حسين عليه السلام جي ٿوري گهڻي معرفت ضرور آهي ، گھٽ ۾ گھٽ ايتري ته خبر آهي ته حسين عليه السلام ، رسول صلي الله عليه وآله وسلم جو ڏهٽو ، علي عليه السلام جو فرزند ۽ سائڻ فاطمه زهرا عليها السلام  جو نور نظر آهي ۽ امام حسن مجتبى عليه السلام جا ڀاءَ آهن .

جنهن لاءِ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جن جي مشهور حديث آهي “ حسين منّي وانا من حسين”  (1)

“حسين مون منجھان ۽ آئون حسين مان آهيان”  هيءَ حديث نه صرف شيعه ڪتابن ۾ بلڪه اهل سنت جي ڪتابن ۾ موجود آهي جھڙوڪ احمد بن حنبل ، ترمذي ۽ ابن ماجه هن حديث کي نقل ڪيو آهي .  ان حديث کان علاوه امام عليه السلام جي شان ۾ رسول صلي الله عليه وآله وسلم کان ڪافي حديثون ذڪر ٿيون اسان هتي اهل سنت جي ڪجھ ڪتابن مان ڪجھ حديثون بيان ڪريون ٿا .

1.  رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو آهي ته : حسن ۽ حسين عليهما السلام هن دنيا ۾ منهنجا ٻه گل آهن .(2)

2. حاڪم نيشاپوري لکي ٿو ته حضرت سلمان کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:

  الحسن و الحسین ابناى، من احبّهما احبّنى، و من احبّنى احبّه االله، و من احبّه االله ادخله الجنْة، و من ابغضهما ابغضنى، و من ابغضنى ابغضه االله، و من ابغضه االله أدخله النار(3)

ترجمو: حسن ۽ حسين عليهما السلام منهنجا پٽ آهن جنهن انهن سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ، جنهن مون سان محبت ڪئي الله سائين ان سان محبت ڪندو ۽ جنهن سان الله جي محبت هوندي ان کي جنت ۾ موڪليندو ۽ جنهن انهن (حسن ۽ حسين عليهما السلام ) سان وير رکيو ، ان مون سان دشمني ڪئي ، جنهن مون سان دشمني ڪئي، الله سائين ان سان دشمني رکي ٿو ۽ جنهن سان الله جي دشمني هوندي ان کي دوزخ ۾ وجھندو .

3. ابن عمر کان روايت آهي ته رسول پاڪ فرمايو:    الحسن و الحسین سیّدا شباب اهل الجنة و ابوهما خیر منهما  “ حسن ۽ حسين عليهما السلام جنت جي جوانن جا سردار آهن ۽ انهن جو والد انهن کان افضل آهي .” (4)

4. انس بن مالڪ کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم کان پڇيو ويو ته توهان کي  سڀ وڌيڪ پيارو ڪير آهي ؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو : حسن ۽ حسين عليهما السلام ۽ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم سدائين سائڻ فاطمه عليها السلام کي فرمائيندا هئا ته حسنين عليهما السلام کي مون وٽ وٺي اچ ، پوءِ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم انهن کي سيني سان لڳائيندا هئا . (5)

5. ابوهريره چوي ٿو “ مون ڏٺو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم حسين عليه السلام کي سيني سان لاتو ۽ فرمايو : اللّهم انّى احبّه فأحبّه “ اي منهنجا الله آئون هن(حسين) سان محبت ڪريان ٿو تون به ان کي محبوب رک”

امام حسين عليه السلام ان ابو طالب عليه السلام جو پوٽو آهي جنهن ابو طالب عليه السلام  کي پنهنجي ٻچن جي بک منظور هئي پر پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي بک برداشت نه ٿيندي هئي  هر وقت رسول صلي الله عليه وآله وسلم پاران پنهنجا ٻچا قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا . (6)

امام حسين عليه السلام جي شخصيت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته مباهلي جي ميدان ۾رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم ان کي پاڻ سان گڏ  وٺي وڃن ٿا ايتري قدر جو تاريخ ۾ اهو ذڪر ٿيو آهي  نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم امام حسين عليه السلام کي کڻي وڃن ٿا . ان مان معلوم ٿئي ٿو ته رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم دنيا کي اهو سمجھائڻ چاهيو ٿي ته مباهلو سچ جو ميدان آهي ۽ ان  ۾ جيتري ضرورت علي عليه السلام ، سائڻ فاطمه سلام الله عليها ۽ امام حسن عليه السلام جي آهي اوتري حسين عليه السلام جي آهي . جيڪو اثر انهن جي بد دعا ۾ آهي اهو ئي اثر حسين عليه السلام جي بد دعا ۾ آهي .

هاڻ ضرورت ان ڳالھ آهي ته ڪربلا ۾ جيڪو امام حسين عليه السلام جي مقابلي ۾ ڪردار هو ان کي وائکو ڪيو وڃي ، ته جيئن ڪربلا ۾ فتح جي صحيح معرفت حاصل ٿي سگھي.

يزيد

يزيد خانداني اعتبار سان ان ابو سفيان جو پوٽو آهي جيڪو اسلام ۽ ڪفر جي مقابلي ۾ هميشه ڪفر جو حمايتي ۽ ساٿاري رهيو ۽ جنهن مڪي جي فتح وقت اسلام قبول ڪيو . يزيد جي ڏاڏي هنده اها عورت آهي جنهن جنگ احد جي ميدان ۾  رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي چاچي حضرت حمزه عليه السلام جي شهادت کان پوءِ ان جو سينو چيري جگر ڪڍي چٻاڙيو ، هڪ طرف پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم ، حضرت حمزه عليه السلام  جي شهادت جي ڪري غمگين هئا ته ٻئي طرف يزيد جي ڏاڏي حضرت حمزه جي موت جو جشن ملهائي رهي هئي .

عالَم اسلام ۾ يزيد جي شخصيت ۽ حيثيت تي ڪڏهن به بحث نه ڪيو ويندو آهي بلڪه ان ڳالھ تي بحث ٿيندو آيو آهي ته يزيد لعنت جو حقدار آهي يا نه ؟ ان ڳالھ لاءِ اسان هتي ڪجھ علماء جي جون عبارتون نقل ڪريون ٿا .

علامه بزنجي ڪتاب الاشاعه ۾ ۽ ابن حجر ڪتاب صواعق ۾ نقل ڪيو آهي ته احمد بن حنبل کان سندس پٽ عبدالله ، يزيد تي لعنت ڪرڻ جي باري ۾ پڇيو . احمد بن حنبل چيو ته جنهن تي الله لعنت ڪئي هجي ان تي لعنت ڪيئن نه ڪجي ! ان کان پوءِ ان آيت جنهن ۾ الله سائين زمين ۾ فساد ڪرڻ وارن تي لعنت ڪئي آهي .

 وَيُفْسِدُونَ فِي الأَرْضِ أُوْلَئِكَ لَهُمُ اللَّعْنَةُ وَلَهُمْ سُوءُ الدَّارِ (7)

ترجمو: زمين ۾ فساد وجھندا آھن، انھن تي لعنت آھي ۽ انھن لاءِ برو گھر آھي .

ابن حزم ڪتاب “المحلى” ۾ لکيو آهي ته يزيد بن معاويه دنيا پرست هو ۽ ان جي عملن جي ڪا مناسب تاويل نه ٿي ڪري سگھجي ۽ ڪجھ عالمن ان جي عملن جي تاويل ڪئي آهي اها سراسر غلط آهي . (8)

 جاحظ چوي ٿو يزيد جي بدترين جُرمن مان ڪجھ هي آهن ، امام حسين عليه السلام کي قتل ڪرڻ، اهل حرم کي قيد ڪرڻ ، مديني ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ ، ڪعبي جي حرمت پامال ڪرڻ وغيره اهي اعمال ان جي فاسق ۽ ملعون هجڻ جي علامت آهن . (9)

ابن الجوزي کان يزيد تي لعنت ڪرڻ جي باري ۾ پڇيو ويو ته ان چيو ته يزيد جا عمل بدترين عمل هئا ان ڪري امام احمد بن حنبل ان تي لعنت ڪرڻ کي جائز قرار ڏنو آهي . (10)

انهن علماء جي عبارتن مان صاف ظاهر آهي ته يزيد جو ڪردار ڪهڙو هو . ۽ عالَم اسلام ۾ ان کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو .

هاڻ اسان پنهنجي موضوع جي طرف اچون ته ڪربلا ۾سوڀ ڪنهن جي ٿي ؟

ڪربلا ۾ سوڀ

دنيا ۾ جڏهن به ڪو عقلمند انسان عمل انجام ڏيندو آهي ان جو ڪو مقصد ضرور هوندو آهي ۽ ان مقصد جي اعتبار سان فتح يا شڪست جو فيصلو ڪيو ويندو آهي .

عمل جي دوران پيش ايندڙ حالتون ۽ ڪيفيتون ڪاميابي يا ناڪاميءَ جي علامت ۽ اهڃاڻ نه هونديون آهن

 مثال طور جڏهن ڪو هاري پنهنجي ڪم جي شروعات ڪندو آهي ته شروعات ۾ زمين جي حالت خراب ٿيندي آهي ان کي کيڙيو ويندو آهي ، هاري مٽيءَ هيٺيان ٻج کي لڪائيندو آهي پوءِ ان کي مناسب وقت پاڻي ۽ ڪلر ڏيندو آهي، پر ڪو به ماڻهو هاريءَ تي اعتراض نه ڪندو آهي ته تو زمين خراب ڪري ڇڏي ، ٻج برباد ڪري ڇڏئي ۽ پاڻي ضايع ڪري ڇڏئي ۽ اهو نه چيو ويندو ته هاري پنهنجي عمل ۾ ناڪام ٿي ويو ، ڇو جو ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو فيصلو شروعاتي مقدمن ۽ حالتن جي اعتبار سان نه ڪيو ويندو آهي بلڪه فتح ۽ شڪست جو دارومدار نتيجي تي موقوف هوندو آهي . بس جڏهن ڪجھ وقت کان پوءِ فصل تيار ٿي ويندو آهي ته هر ڪو چوندو آهي ته ڪُڙمي پنهنجي عمل ۾ ڪامياب ٿي ويو ڇو جو ان جومقصد فصل حاصل ڪرڻ هو توڙي جو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻني ، ٻج ، ڪلر ۽ پاڻي وغيره جي قرباني ڏنائين .

اهڙي طرح الله سائين جي خاص ٻانهن جيڪي خدا جي راھ ۾ سختيون ۽ مشڪلاتون ڏٺيون ڪن کي ڪَرٽ سان ڪٽيو ويو ته ڪن کي پٿرن سان پوريو ويو ۽ ڪن کي طرح طرح جا اهنج ايذاءُ ڏنا ويا هاڻ جيڪڏهن انهن مشڪلن ۽ سختين کي ڏسي ڪو فيصلو ڪري ته اهي ڪامياب نه ٿيا ته اهو سراسر ظلم آهي بلڪه اهو ڏٺو وڃي ته اهي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا يا نه .جڏهن ته الله جي خاص ٻانهن جو مقصد اهو هوندو آهي الله جي بندن کي الله جي واٽ تي آڻين پوءِ جيڪڏهن هڪ ٻانهو به سئين واٽ تي اچي ويو ته انهن جو مقصد حاصل ٿي ويو .  بس ڪاميابي يا ناڪامي مقصد کي حاصل ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي موقوف آهي .  جيڪڏهن مقصد حاصل ٿي ويو ته هزار مشڪلن جي باوجود انسان ڪامياب آهي پر جيڪڏهن مقصد حاصل نه ٿئي ته لکين آسائشن جي باوجود انسان ناڪام آهي . 

جڏهن اهو نتيجو حاصل ڪيوسين هاڻ ڪربلا کي حقيقت جي عينڪ پائي نگاھ ڪريون ته ڪير ڪامياب ٿيو ۽ ڪير ناڪام ؟

يزيد جو سڄو زور ان ڳالھ تي هو ته اسلام جو چهرو بگاڙي ڇڏي ، جيڪو عمل اسلام ۾ حرام آهي ان کي پنهنجي عمل سان جائز ڪري ڇڏي ۽ اسلام کي بني هاشم جو کيڏ  تماشو ثابت ڪري جنهن جو اظهار يزيد پنهنجي شعرن ۾ هن طرح ڪيو .

لعبت هاشم بالملک فلا خبر جاءَ و لا وحی نزل (11)

ترجمو : بني هاشم حڪومت ذريعي کيڏ ڪيو هو ڪا وحي(شريعت) نازل ناهي ٿي .

ٻين لفظن ۾ يزيد جو مقصد اهو هو ته شريعت کي کيڏ ۽ تماشو ثابت ڪري ۽ اسلام کي مٽائي ڇڏي . پر ان جي ابتڙ امام حسين عليه السلام جو مقصد اهو هو ته اسلام جي هر حال ۾ حفاظت ڪئي وڃي ، اسلام الله پاڪ جو پسنديده دين آهي ۽ کيڏ تماشو نه پر هڪ الاهي دين ۽ خدائي شريعت آهي . پوءِ ان لاءِ جيڪا قرباني ڏيڻي پوي امام عليه السلام قربانيءَ لاءِ تيار هئا . تاريخ ان ڳالھ جي بهترين گواھ آهي ته امام حسين عليه السلام جي نظر ۾ ڪا به دنيا جي راحت ۽ آسائش نه هئي بلڪه امام عليه السلام جي راھ ۾ مصيبتن ۽ مشڪلات جا ڪنڊا وڇايل هئا .

امام حسين عليه السلام ۽ يزيد جي وچ ۾ جنگ جو بنياد ان ڳالھ تي هو ته دين اسلام باقي رهي يا مٽجي وڃي . يزيد پنهنجي پوري طاقت خرچ ڪئي ته جيئن اسلام کي ختم ڪري سگھي پر امام عليه السلام هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هئا ته جيئن اسلام باقي هجي.

امام عليه السلام دين جي حفاظت خاطر ناني رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي مديني کي الوداع چيو ، الله جي گھر ڪعبة الله جي حرمت باقي رکڻ لاءِ حج کي عمري ۾ تبديل ڪيو ۽ پنهنجي اهلبيت عليهم السلام ۽ صحابين سان گڏ ڪوفي ڏانهن سفر جاري رکيو ۽ ڪربلا ۾ پهچي اها عظيم قرباني پيش ڪئي جنهن اسلام کي قيامت تائين زندھ ڪري ڇڏيو. امام عليه السلام دوستن، احبابن ، جوانن ، پوڙهن ايتري قدر جو شهزادي علي اصغر عليه السلام کي پياسو قربان ڪيو ته جيئن اسلام باقي هجي .

هاڻ انهن حالتن کي سامهون رکي فيصلو ڪرڻ آسان آهي ته ڪربلا ۾ سوڀ ڪنهن جي ٿي ؟

دوستؤ جيڪڏهن يزيد پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اسلام کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته سوڀ يزيد جي ٿي پر جيڪڏهن امام حسين عليه السلام قربانيءَ جي ذريعي اسلام کي باقي رکيو ۽ ان جي حفاظت ڪئي ته هر باضمير انسان کي مڃڻو پوندو سوڀ امام حسين عليه السلام جي ٿي  ۽ ان جو واضح دليل اهو آهي ته يزيد پنهنجي دربار ۾ امام زين العابدين عليه السلام جي خطبي کي روڪڻ لاءِ ان آذان جو سهارو ورتو جنهن ۾ الله جي توحيد جي گواهيءَ سان گڏ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي رسالت جي گواهي پڻ موجود آهي . ٻين لفظن ۾ يزيد اها آذان ڏياري پاڻ اقرار ڪيو ته سوڀ حسين عليه السلام جي ٿي آهي .(12)

هاڻ جيڪڏهن ڪو اهو چوي ته امام عليه السلام ۽ سندس ساٿين کي ته ڪربلا ۾ شهيد ڪيو ويو پوءِ سوڀ انهن جي ڪيئن ٿي ؟ ته ان کي ڏسڻ گھرجي فتح ۾ مشڪلاتن کي نه پر مقصد کي ڏٺو ويندو آهي ۽ تاريخ شاهد آهي ته يزيد پنهنجي مقصد ۾ ناڪام رهيو ۽ امام حسين عليه السلام پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب .

ان کان علاوه ٿوري عرصي ۾ امام عليه السلام جي ان قيام جو اثر ظاهر  ٿيو چوڌاري ننڍا وڏا قيام شروع ٿي ويا جهڙوڪ : توابين جو قيام ، مختار ثقفيءَ جو قيام ۽ اهڙي طرح ٻيا به ننڍا قيام اڀريا جن سڀني جو نعرو “ يا لثارات الحسين” هو . ان منجھان معلوم ٿئي ٿو ته انهن سڀني جون اکيون امام عليه السلام جي قيام کان پوءِ کُليون ۽ اهي ضمير جيڪي غفلت جي ننڊ ۾ ستل هئا انهن کي مولا حسين عليه السلام جي خون ڇَنڊن هميشه لاءِ سجاڳ ڪري ڇڏيو .

امام حسين عليه السلام ان وقت به ڪامياب ٿيا ۽ هن وقت به هر سال محرم جي مهيني ۾ امام عليه السلام جي سوڀ جو اعلان ٿيندو آهي . جيڪڏهن يزيد ڪامياب ٿئي ها ته ان جي ڪاميابيءَ جا نشان ۽ آثار هجن ها پر هن وقت يزيد جو ڪو نالو نشان نه آهي ايتري قدر جو ان جي قبر جو به نشان نه آهي  پرامام حسين عليه السلام جي قبر پاڪ انسانن ۽ ملائڪن لاءِ زيارتگاھ بڻيل آهي امام عليه السلام جنهن خاڪ تي شهيد ڪيا ويا اها پاڪ مٽي خاڪ شفا بڻيل آهي  ۽ سندن  ڪاميابي ۽ سوڀ جا هر طرف آثار چٽي ڏينهن جيان روشن آهن. اڄ جيڪڏهن پرچم بلند آهي ته حسين عليه السلام جو ، دلين تي حڪومت آهي ته حسين عليه السلام جي ، هر مسلمان امام عليه السلام کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ هر شريف غير مسلم به امام عليه السلام جي بارگاھ ۾ ادب سان سر جھڪائي ٿو .  

 

 

 

حوالا       

(1)  بحار الانوار، ج43/ص261، فضائل الخمسة من الصحاح الستة، فيروزآبادي ج 3/ ص262

(2) صحيح بخارى، ج 5، ص 33، کتاب فضائل الصحابه، باب مناقب الحسن و الحسين

(3) مستدرک حاکم، ج 3، ص 166

(4) ساڳيو ، ص 167

(5) سنن ترمذي، ج 5، ص 323، رقم 3861

(6) مستدرک حاکم، ج 3، ص 177

(7) سوره رعد آيت 25

(8) المحلى ج 11ص98 

(9) رسائل جاحظ ص 298

(10)  مرة الزمان ج 8 ص496

(11) شيخ طبرسي، الاحتجاج ، ج2، ص34

(12) مقاتل الطالبين، ج 2، ص 121۽ احتجاج طبرسي، ج 2، ص 38،39

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید