اربع, 01 اپريل 2020

دوست ۽ دوستي نهج البلاغه جي روشني ۾

  • انداز قلم

مقدمو:

مشهور چوڻي آهي هزار دوست گهٽ آهن پر هڪ دشمن ئي گهڻو آهي، هي صحيح به آهي پر دوست ڪنهن کي چوندا آهن ، حقيقي دوست ڪير آهي، دوستي جا شرائط ڪهڙا آهن،

ان جون حدون ڪهڙيون آهن ، دوست جي مضبوتي ۽ دوستي جو دشمني ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن، ڪهڙن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ گهرجي ، ڪهڙن ماڻهن جي دوستي کان پري رهڻ گهرجي؟ اهي تمام سوالات ۽ ان سان مربوط سوالات تي هن موضوع ۾ بحث ڪئي ويندي.

 

انسان اجتمائي زندگي کي پسند ڪندو آهي ۽ هر انسان پنهنجي لاءِ هڪ دوست جي تلاش ۾ رهندو آهي ، هڪ دوست جو وجود مشڪلن ۽ زندگي جي مقصدن جي ڪاميابي ۽ ڪامراني جو سبب هوندو آهي ، دوستي انسان جي روح جي ضرورت به هوندي آهي ۽ سماجي زندگي جو هڪ اهم حصو به ، اهڙي طرح دوستي ۽ رفاقت جي ذريعي انسان جي اندر ڪاميابي جو جذبو به پيدا ٿيندو آهي ۽ انسان پنهنجي دوستن ۽ گڏ رهڻ وارن جي اثر کي به قبول ڪندو آهي.

 

دوست ۽ دوستي جي عنوان سان جيڪو ڪجھ هتي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اها صرف حضرت علي عليه السلام  جي بيان ڪيل ارشادات ۽ فرامين جي روشني ۾ آهي جن فرامين ۽ ارشادات کي سيد رضي نهج البلاغه ۾ بيان ڪيو آهي .

يقينا نهج البلاغه پنهنجي جاءِ تي وعض ۽ نصيحت، فصاحت ۽ بلاغت، علم ۽ حڪمت جو اهو دريا آهي جنهن ۾ انسان جي زندگي جي ترقي لاءِ وڌ کان وڌ ناياب گوهر موجود آهن، ظاهر ڳالھ آهي محدود صفات ۾ انهن تمام ارشادات کي ڪما حقه ضبط ۽ تحرير نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري انهن ڪلمات کان ڪنهن حد تائين چونڊي ڪري هتي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.


 

 

دوستي ۽ ان جي اهميت

انسان پيدا ٿيڻ سان ئي محبت(دوست) جي سايه ۾ زندگي گذاريندو آهي، دوستي جي اهميت ۽ ضروت انسان جي روح ۾ لکيل آهي ، جڏهن به انسان ڪنهن کي دوستي جي شڪل ۾ حاصل ڪندو آهي ته ان کان زندگي جا لذت ڀريا لمحه حاصل ڪندو آهي ۽ دوست جي ملي وڃڻ کان پوءِ اُن کان اڪيلائپ جو احساس تمام گهڻو پري ٿي ويندو آهي.

حضرت علي عليه السلام  انساني زندگي ۾ دوست جي اهمت کي بيان ڪندي فرمائن ٿا:

 ماڻهن منجهان عاجز انسان اهو آهي جيڪو دوست ٺاهڻ کان عاجز هجي ۽ ان کان به عاجز اهو شخص آهي جيڪو ٺاهيل دوست کي به گم ڪري ڇڏي.[1]

 

ڪنهن کي ڪهڙي طرح هن عظيم رشتي ۾ پاڻ سان گڏ ڳنڊجي، ۽ ڪهڙا اسباب آهن جن جي ذريعي سان هي عظيم رشتو ٽٽي ويندو آهي ؟ ان تي به بحث ڪئي ويندي پر هاڻي انهن سڀني شين مان سڀ کان اهم ”دوست“ جو حاصل ڪرڻ آهي، هنر مند اهو شخص آهي جيڪو پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار جي طاقت سان ڪنهن کي پنهنجو شيدائي بڻائي ۽ پنهنجي معاشري ۾ زندگي گذارڻ وارن کي پنهنجو دوست بڻائي ، هي هڪ مهارت،  هنر مندي ۽ عقلمندي به آهي ، مولاءِ ڪائنات فرمائن ٿا: ميل ۽ محبت پيدا ڪرڻ عقل جو اڌ حصو آهي .[2]

 

جيڪڏهن ڪنهن وٽ محبت ، دوستي ۽ پنهنجي طرف جذب ڪرڻ جو هنر نه هجي ته اهو شخص زندگي جي مختلف مرحلن ۾ يار ۽ مددگار کان محروم هوندو آهي ، هتي هڪ سوال پيدا ٿيندو آهي ته ڇا هي هڪ قسم جي ناداني ناهي؟ اهل خاندان سان تعلقات ، محبت، زندگي جي مختلف مرحلن ۾ غم ۽ خوشي جي باعث ٿيڻ سان گڏو گڏ ڪاميابي جو به سبب بڻبي آهي، هي ڳالھ مسلمه هئي پر هي به هڪ حقيقت آهي ته ڪڏهن هڪ مخلص دوست پنهنجي ذاتي رشته دارن کان به وڌيڪ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندو آهي، ان ڪري حضرت امام علي عليه السلام  دوستي کي هڪ قسم جي رشته داري شمار ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ هن کي ثمر بخش به قرار ڏنو اٿس: دوست ۽ محبت ڪسبي قرابت آهن.[3]

۽ دوست نه رکهڻ يا دوست کي وڃائي ويهڻ کي معنوي غربت شمار ڪندي فرمايو : پرديسي شخص اهو آهي جنهن جو ڪو به دوست نه هجي. [4]

حضرت امام علي عليه السلام  اُن شخص کي جيڪو ڪنهن سان دوستي نه ٿو رکي هڪ قسم جي غربت ۽ تنهائي سان فرض ڪيو آهي. پاڻ فرمائن ٿا:

 دوستن کي وڃاءِ ويهڻ پرديسي هجڻ آهي.[5]

يعني هڪ شخص جيڪو پنهنجي ٺاهيل دوست کي ناراض ڪري ٿو اُهو شخص اُن شخص وانگر آهي جيڪو پنهنجي گهر ۽ شهر کان پري ڪنهن اهڙي جاءِ تي رهي رهيو هجي جتي اُن کي ڪير به سڃاڻڻ وارو نه هجي.

 

انهي جي ڪري اهي شخص جن جا دوست نه آهن اهي هميشه پنهنجي اندر اڪيلائپ جو احساس ڪندا آهن، هڪ انسان جي زندگي ۾ سٺو دوست هميشه ان جي زندگي کي سوارڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ ان کي اعلي هدف تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، امام علي السلام جو فرمان آهي

” رستي کان پهريان پاڻ سان گڏ هلڻ واري شخص جي باري ۾ پڇا ڪري وٺو“ [6]

ان جو هڪ مقصد هي به آهي ته اسان پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي دوستن جي همدلي ۽ همدردين کي حاصل ڪرڻ تي توجھ ڏيون ڇو جو جيڪڏهن انسان جو دوست اڌ رستي تائين گڏ هلي يا وري غير مطمعن يا بد غمان ٿي وڃي ته ان کي سختين ۾ اڪيلو ڇڏي ڏيندو آهي ، ان کي فائدي جي بجاء نقصان رسائيندو آهي ۽ دوستي ڪرڻ جي بجاء دوشمني ڪري ويهندو آهي، اڄ جي دنيا ۾ اسان ڏسندا آهيون ته جڏهن ڪنهن دوست جو انتخاب ڪيو ويندو آهي ته ان سان بغير ڪنهن شرط جي ظاهر شين کي ڏسي ڪري ڪنهن به ايري غيري سان دوستي ڪري ويندا آهن.

 

 جڏهن ته اسلام هن جي سختي سان مخالف ڪري ٿو ۽ دوست جي انتخاب ۾ تمام گهڻي احتياط ڪرڻ جي تاڪيد ڪري ٿو ، ان ڪري جو جهڙي طرح اسلام ٻين شعبن ۾ ڪجه قوانين ۽ ضوابط معين ڪيا آهن اهڙ طرح دوستي ۾ به ڪجھ حدون مقرر ڪيون اٿس ، حضرت امام علي عليه السلام  اگر چه ماڻهن کي گهٽ نظر ۽ پيغمبر اڪرم3 جي نجات بخش دعوت تي لبيڪ نه چوڻ تي مورد تنقيد قرار ڏنو آهي پر ان سان گڏ آخرت جي لا پرواهي کي دنيا سان وابستگي جو نتيجو ڄاڻين ٿا ، پاڻ هڪ خطبي ۾ عمومي حڪم بيان ڪندي فرمائن ٿا : جيڪو شخص ڪنهن شيء سان تمام گهڻي محبت آهي ته اُن کي اها شيء اکين کان اندهو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ دل کي مريض ڪري ڇڏيندي آهي، هو ڏسندو ته آهي پر بيمار اکين سان ، ٻڌندو ته آهي پر نه ٻڌڻ وارن ڪنن سان.[7]

 

حضرت عليعليه السلام  جنهن جاءِ تي دوستي ۽ محبت جي تعريف ۽ شرطون بيان ڪيون آهن اتي غير معياري دوستي جي نقصانات کان به آگاه ڪيو آهي ته جيئن اهڙي قسم جي دوستي پري رهڻ جي پڻ نصيحت ڪئي آهي جنهن دوستي کي عام انسان سمجهي ناهي سگهندو .

 

سٺي دوست جون نشانيون

يقينا سٺي دوست جي ڪابه قيمت ناهي هوندي ۽ ان جي لاءِ پنهنجي جان کي قربان ڪرڻ ئي ان جي حق ۾ بهترين تحفو ۽ هديو آهي، پر سٺو دوست ڪهڙو هوندو آهي ۽ هڪ سٺي دوست کي سڃاڻڻ جون نشانيون ڪهڙيون هونديون آهن جنهن جي ذريعي سان سٺي دوست کي سڃاتو وڃي، سٺي ۽ حقيقي دوست جو علامتن مان ڪجھ هيٺ ذڪر ڪجن ٿيون.

1ـ دوست سان همدلي هجي ۽ سٺي نموني سان پيش اچي ، ضرورت جي وقت ان کي اڪيلو نه ڇڏي ، مشڪلن ۾ ان جي مدد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪري، غم ۽ خوشي، راحت ۽ رنج جي موقعي تي ان سان گڏ ايئن هجي جيئن اُن جو سڳو ڀاءُ هجي ، حضرت امام علي عليه السلام  فرمائن ٿا:

دوست ان وقت تائين دوست نه سمجهو ويندو جيستائين هو پنهنجي ڀاءُ(دوست) جي ٽن جاين تي حفاظت نه ڪري، 1.  مصيبت جي موقعي تي، 2. هن جي عدم موجودگي ۾ ان جي حفاظت ڪري (پٺ پويان) 3. اُن جي مرڻ کان پوءِ .[8]

ان جي پٺ پويان ان جي عزت ۽ آبرو جي حفاظت ڪري، ان جي مرڻ کان پوءِ ان کي ياد ڪري ۽ ان جي بخشش جي لاءِ خداوند عالم کان دعا ڪري ۽ ان جي حق ۾ نيڪي ڪري، پاڻ عليه السلام  فرمائن ٿا: دوست جي منزلت هڪ عزيز (رشته دار) جي هوندي آهي .[9]

هڪ سٺو دوست ڪوڙن واعدن جي ذريعي سان ناهي سڃاتو ويندو بلڪه دوست زندگي جي مختلف مرحلن، سختين ۽ مصيبتن جي وقت پنهنجي پاڻ کي هڪ لوه جييان مڃرائيندو آهي ، سختي جي وقت هڪ دوست جي حقيقت کي سڃاتو ويندو آهي ، ان لحاظ سان دوستن جي انتخاب ۾ اخلاقي ۽ انساني معيار کي نظر ۾ رکيو وڃي.

 

هر هڪ تي ڀهروسو نه ڪرڻ گهرجي، هر هڪ تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي ، حضرت علي عليه السلام  فرمائن ٿا:

 پرکڻ کان بغير هر ڪنهن تي ڀهروسو ڪرڻ عجز(لاچاري) ۽ ڪمزوري آهي .[10]

تمام گهڻا ماڻهو ڪوڙن واعدن جي ذريعي سان دوستي جي زنجير ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ اهو غير مهذب ماڻهن کي پنهنجو دوست ٺاهي ويهندا آهن، پوءِ انهن جي نازيبا حرڪتن جو شڪار ٿي ويندا آهن ، هڪ سٺو دوست اهو آهي جيڪو پنهنجي دوست جي ڪمن کي انجام ڏيڻ ۾ ان جو مددگار ثابت ٿئي، جڏهن به پنهنجي دوست جي ڪنهن خطا يا غلطي کي ڏسي ته ان جي رهنمائي ڪري ۽ ان کي برائين کان روڪي، ايئن نه ٿئي ته پنهنجي دوست جي وقتي خوشي کي ڏسي ڪري حق کي لکائي يا ان کي گناه يا بري ڪم کان نه روڪي ، ڪڏهن ڪڏهن دوستي جي ذريعي سان انسان گناه ۾ مبتلا ٿيند آهن، يا دوست پنهنجي دوست جي گناهن کان چشم پوشي ڪندو آهي يا پنهنجي دوست جي طرفان انجام ڏنل ان ڪم کي جيڪو شريعت ۽ عقل جي خلاف آهي اُن تي خاموش رهندو آهي ان موقعي تي دوست آفت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي .

 

 امام عليعليه السلام  ”خطبه حمام“ ۾ اهل تقوي جي صفات کي بيان ڪندي فرمائن ٿا:

جنهن جو ڪو دوست هوندو آهي اهو پنهنجي دوست جي خاطر ڪوبه گناه ناهي ڪندو .[11]

 

حسد هڪ نا پسنديده عادت آهي جيڪڏهن ڪنهن دوست ۾ هجي ته دوستي جي خرابي کي بيان ڪندي آهي ، سچو دوست اهو آهي جيڪو پنهنجي دوست جي ترقي ، آرام ،سڪون ۽ ڪاميابي چاهيندو هجي، نه هي ته پنهنجي دوست ۾ موجود سٺين خوبيون جي ڪري ان سان حسد ڪري، حضرت امام علي عليه السلام  فرمائن ٿا :

 دوست جو حسد ڪرڻ دوست جي خامي آهي .[12]

 

البته رشڪ ۽ غبطه ڪرڻ ۾ ڪا به برائي نه آهي بلڪه ان جو شمار سٺي صفتن ۾ ٿيندو آهي ، سٺي دوست کي آزمائش جي ذريعي سان سڃاڻيو ويندو آهي ، ڇو جو ممڪن آهي ته جنهن کي اسان مخلص ۽ وفادار دوست سمجهي رهيا آهيون اصل ۾ اهو دوستي جي امتحان فيل ٿي وڃي ۽ دوستي جي معيار تي پورو نه لهي، ان ڪري حضرت علي عليه السلام  اسان کي متوجھ ڪندي فرمائن ٿا :

بغير امتحان جي ڪنهن کي به دوست نه ٺاهيو ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن امتحان جو نتيجو تمام سخت ۽ تلخ هوندو آهي ۽ دوست ئي دشمن جي صفن ۾ نظر ايندو آهي .[13]

 

ڇو جو انسان جو باطن ۽ ان جي اندر پوشيده خصلتون امتحان ۽ آزمائش سان ظاهر ٿينديون آهن، لهذا ڪنهن به انسان جي اندر موجود نيڪ صفتون ٻين نيڪ صفتن جي خبر ڏينديون آهن ، جيڪڏهن اسان پنهنجي دوست ۾ سٺي صفتن جو مشاهدو ڪيون ته ان جي اندر ٻين نيڪ صفتن جي تلاش ۾ به رهون ۽ ان طرح اسان هڪ با فضيلت دوست تلاش ڪيون ۽ ان کان مڪمل فائدو حاصل ڪيون، حضرت امام علي عليه السلام  هڪ جاءِ تي فرمائن ٿا :

جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ عمده ۽ پاڪيزه خصلت هجي ته ان ۾ اهڙين ئي خصلتن جي توقع رکو.[14]

 

مرحوم ابن ميثم بحراني هن جملي جي شرح ۾ لکهن ٿا:

جڏهن ڪنهن انسان ۾ ڪنهن هڪ لحاظ کان اخلاق پاتو ويندو آهي ته ان جي فطرت انهي جي نيڪ ۽ با فضيلت اخلاق جي سايه ۾ تربيت حاصل ڪندي آهي ۽ اهڙي قسم جي صفات جي اُن کان توقع ڪئي وڃي. مثلا جيڪو شخص سچ ڳالهائيندو آهي ته ان کان وفاداري ۽ حسن معاشرت جي اميد رکي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن ان جي اندر عفت ۽ پاڪدامني جي صفات پاتي وڃي ته ان ۾ ڪرم ۽ بزرگواري، الفت محبت ، بخشش ۽ عطا جهڙين صفتن جي توقع رکي وڃي، جيڪڏهن ڪو شخص شجاء هجي ته ان کان هي اميد هوندي آهي ته هو آئمہ E جو احترام ڪري ۽ حليم ۽ بردبار هجي.[15]

 

با معرفت دوستن جي اهميت

 

اها شيء جيڪا دوستي کي ارزشمند ۽ دوستن کي دوستي جي قابل بڻائيندي آهي اها دل جو پاڪ ، صاف، محبت ۽ وفا آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي دل ۾ جڳھ ڏني ويندي آهي ته ان کي رازدار، امين ۽ قابل اعتماد هجڻ گهرجي ۽ ان کي دوست جي اهمت جي خبر هجڻ گهرجي ۽ هي احساس هجڻ گهرجي گهرجي ته دوست کي ڪڏهن به مشڪلات ۾ اڪيلو ناهي ڇڏڻو، با عرفان ۽ حقيقي دوست اهي آهن جيڪي سامهون به سچا ۽ خير خواهن ۽ پٺ پويان به وفادار ۽ حمايت ڪرڻ وارا هجن، اهي پنهنجي دوستن جي ڪڏهن به قيمت ناهن لڳائيندا ۽ دوستي جي رشتي کي ننڊي ڳالھ تي ختم ناهن ڪندا، غم، مصيبت، شادي ۽ خوشي جي موقعي تي ان سان دوستي قائم ۽ دائم رهندي آهي.

 

هڪ با عرفان دوست جڏهن پنهنجي دوست جي مڪمل شناخت حاصل ڪندو آهي ۽ ان تي اعتماد ڪندو آهته ته پوءِ ٻين جي بد گوئي ۽ گلا غيبت تي توجھ ناهي ڏيندو  ۽ ٻين جي ڳالهين تي پنهنجي اندر نفرت کي پيدا ناهي ڪندو، حضرت امام عليعليه السلام  فرمائن ٿا:

جيڪو شخص سستي کان ڪم وٺندو آهي اهو پنهنجي حقن کي ضايع ڪندو آهي ۽ جيڪو چغلخور جي ڳالهين کي تسليم ڪندو آهي اهو دوست کي وڃائي ويهندو آهي .[16]

ڪڏهن ڪڏهن ٻين جي ڳالهين ۾ اچي ڪري هڪ دوست ٻي دوست سان حسد ۽ دشمني ڪرڻ لڳندو آهي، جيڪڏهن ٻين جو ڳالهيون ايئين ئي دوست ۾  اثرانداز ٿينديون رهن ته هي دوست جو عظيم ۽ پاڪ رشتو ان جي زندگي کان جدا ٿي ويندو ، ها ! جيڪڏهن دوست جي مڪمل شناخت نه هجي ته ٻين جي ڳالهين کي ٻڌي ڪري هڪ ڪن کان ٻي ڪن  مان ٻاهر نه ڪڍڻ گهرجي بلڪه ان تي غور ۽ فڪرڻ ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن هو پنهنجي دوست کي تمام سٺي نموني سان سڃاڻندو هجي ته ٻين جي ڳالهين کي هڪ ڪن کان ٻي ڪن ما ڪڍي ڇڏي يعني ان تي يقين نه ڪري، ان جي باري ۾ امام علي عليه السلام  فرمائن ٿا:

اي انسانو! جيڪو شخص پنهنجي ڀاءُ جي دين جي پختگي ۽ طريقه ڪار جي درستگي جو علم رکندو هجي ته ان جي باري ۾ ٻين جي ڳالهين تي ڪن نه ڏيڻ گهرجي .[17]

 

هڪ ٻي جاءِ تي امام علي عليه السلام  هڪ نيڪ ۽ لائق دوست سان ڪهڙو برتاءُ ڪرڻ لاءِ فرمائن ٿا:

پنهنجي نفس کي پنهنجي ڀاءُ جي باري ۾ قطع تعلق جي مقابلي ۾ تعلقات، اعراض ۽ ڪنارڪشي جي مقابلي ۾ مهرباني، ڪجوسي جي مقابله ۾ عطاء ۽ بخشش، دوري جي مقابلي ۾ قربت، سختي جي مقابلي ۾ نرمي، جرم جي موقع تي معزرت لاءِ آماده ڪيو، ڄڻ ته توهان ان جا غلام آهيو ۽ ان توهان تي ڪي وڏا احسان ڪيا آهن، ۽ خبر دار! احسان کي ڪڏهن به بي محل قرار نه ڏجو ۽ نه ڪنهن ناه اهل سان احسان ڪجو .[18]

جيڪڏهن دوست با معرفت ، عقلمند ۽ سمجهدار هجي ته انهي سان انهي قسم جو رويو اختار ڪرڻ گهرجي، پر سڀ کان پهريان ضروري هي آهي ته دوست کي بهتر طريقي سان سمجهڻ گهرجي ۽ لغو ۽ بيهوده محبت کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ جنهن شخص ۾ لياقت نه هجي ان سان محبت ۽ دوستي نه ڪرڻ گهرجي.

دوست جي حقن کي سڃاڻڻ سان گڏوگڏ ان جي حقوق کي ادائگي دوستي جي قانون جي جڙ آهي جنهن کي هڪ هيري سان تشبيھ ڏيڻ فضول نه هوندو ، مٿين تمام ڳالهين جي رعايت ڪرڻ سان با معرفت دوست کي سڃاڻي سگهجي ٿو ۽ جيڪڏهن دوست عرفان ۽ معرفت کان علاوه هجي ته اها دوست دوستي ناهي هوندي.

 

دوستي جا آداب

دوستي جي رشته کي تقويت(مضبوط) ڏيڻ ۽ ان رشتي جي بقاء جي لاءِ سڀ کان پهريان ان ڳالهين کي ڄاڻڻ ضروري آهن جن جي ڪري دوست خطري ۾ پئجي ويندي آهي، بس انهن ڳالهين ۽ سببن کي سڃاڻڻ کان پوءِ انسان کي گهرجي ته هو انهن پرهيز ڪري ته جيئن هن رشتي کي سٺي نموني سان باقي رکهي سگهي ۽ دوستي جو هر لمحو سبز ۽ شاداب رهي سگهي ۽ دوستي جي ثمر ڏيندڙ درخت جي آبياري ڪري سگهجي، جيڪڏهن دوست جا حق ادا نه ڪيا وڃن ۽ ان سان خوش اخلاقي سان پيش نه آچو وڃي ته ڪڏهن به دوست باقي نه رهي سگهندا ۽ موجوده دوستن کي به انسان وڃائي ويهندو آهي .

هيٺ حضرت علي عليه السلام  جي ارشادات ۽ فرمودات کي بيان ڪيون ٿا جيڪي ٻڌائي رهيا آهن ته دوست سان ڪهڙي طرح پيش اچڻ گهرجي.

 

1ـخوش روئي

دوست کي حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو هي آهي ته دست سان ڪشاده روئي ۽ محبت سان پيش اچجي ، حضرت امام عليعليه السلام  فرمائن ٿا : خوش روئي( خوشي سان پيش اچڻ) محبت جي هڪ ڄار آهي.[19]

 

2ـ تواضع

تواضع، انڪساري ۽ خوش رفتاري دلن کي پنهنجي طرف جذب ڪرڻ ۽ دوستي جي دوام جو ذريعو آهن، ان جي خلاف سخت مزاج دوست سان سخت مزاجي ڪرڻ، هڪ تي پنهنجي پاڻ کي ٽوڙي ڇڏينندي آهي ۽ ٻيو ته ٻيا به ان جي طرف مائل ناهن ٿيندا حضرت علي عليه السلام  ان جي باري ۾ ارشاد فرمائن ٿا:

جنهن درخت جو ڪاٺ نرم هجي ان جون شاخو(گهڻيون ) هونديون آهن ( لهذا انسان کي نرم دل هجڻ گهرجي).[20]

پنهنجي عزيزن ۽ دوستن سان سٺي طرح پيش اچڻ ۽ انهن تائين پهچڻ جي سلسلي ۾ پاڻ عليه السلام  فرمائن ٿا:

جنهن جي مزاج ۾ نرمي هوندي آهي اهو قوم جي محبت کي هميشه جي لاءِ حاصل ڪندو ڪندو آهي.[[21]دوستي جي بقاء جو راز تواضع ۽ انڪساري ۾ لکيل آهي.

 

3. انصاف

انصاف ڪرڻ وارو شخص پنهنجي پاڻ کي ٻين سان سلوڪ ڪرڻ وقت ميزان ۽ معيار قرار ڏيندو آهي ۽ فائدو ۽ نصيحت ۾ پنهنجي دوست سان برابر هوندو آحي هي طريقو جيڪو تمام گهڻو اهم آهي پاڻعليه السلام  پنهنجي پٽ کي فرمائن ٿا: پٽ! ڏس پنهنجي ۽ ٻين جي درميان ميزان پنهنجي نفس کي قرار ڏي ، ٻين جي لاءِ اهو ئي پسند ڪر جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪرين ٿو ان جي لاءِ به اها ئي ڳالھ ناپسند ڪر جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ناهين ڪندو، ڪنهن تي ظلم نه ڪجان جيئن پنهنجي پاڻ تي ظلم برداشت نه ڪندو آهين ۽ هر هڪ سان نيڪي (ڀلائي) ڪجان جهڙي طرح توهان پسند ڪند آهيو ته سڀ اوهان سان نيڪي ڪن ۽ جنهن شيء کي ٻي جي لاءِ برو سمجهندو آهين ان کي پنهنجي لاءِ به برو سمجھ.[22] دوستن سان انصاف سان پيش اچڻ دوست جي اندر موجود محبت ۾ اضافي جو سبب بڻجندو آهي، انصاف ڏيڻ هر فرد کي پسند آهي ان جي طرف اشارو ڪندي حضرت علي عليه السلام  فرمائن ٿا:

انصاف ڪرڻ سان دوستن ۾ اضافو ٿيندو آهي.[23]

 

4. دوستن کي زحمت ۾ وجهڻ کان پرهيز ڪرڻ

ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته هڪ دوست پنهنجي ٻي دوست جي محبت جي ڪري تمام گهڻين پريشانين ۾ پئجي ويندو آهي ، اسان کي گهرجي ته پنهنجي پاڻ کي اهڙو رکون جو اسان جي ڪري ٻيو دوست زحمتن ۽ مشڪلات ۾ نه پئجي وڃي.

حضرت عليعليه السلام  فرمائن ٿا:

بدترين ڀاءُ(دوست) اهو آهي جنهن جي لاءِ زحمت کڻڻي پوي .[24]

 

5. حقن جي پامالي کان پرهيز

ڪڏهن ڪڏهن دوستي ۽ رفاقت جي ڪري سستي پيدا ٿي ويندي آهي جنهن سان دوستي جا حق پامال ٿي ويندا آهن، هي صحيح آهي ته ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته دوست کي پنهنجو سمجهي ڪري ڪجھ آدابن جو لحاظ ناهي ڪيو ويندو، پر ان جو مطلب هي نه آهي ته دوست جي حقن کي پامال ڪيو وڃي، جيئن دوست جي مالي (پيسا وغيره) حقوق ادا نه ڪيا وڃن،

دوستي جي حقوق جو لحاظ ڪرڻ صداقت ۽ مودت جي علامت آهي ، حضرت علي عليه السلام  فرمائن ٿا:

هڪ ٻي جي روابط جي ڪري ڪنهن ڀاءُ (دوست) جي حق کي ضايع نه ڪجو، جنهن جي حق کي ضايع ڪيو ويو پوءِ اهو واقعن ڀاءُ ناهي .[25](يعني جڏهن توهان ان جي حق کي ضايع ڪيو ته حقيقت ۾ توهان ان جا ڀاءُ يا دوست نه رهيو.)

 

6. حدن جي رعايت ڪرڻ

تمام ڪمن ۾ برابري تمام سٺي شيء آهي ايسيتائين جو دوستي ۽ محبت ۾ به ان جو خيال رکڻ ضروري آهي، دوستي ۾ افراط ۽ تفريط شرمندگي جو سبب بڻبي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٻه دوست پاڻ ۾ ايترو ته ڳلي ۾ ملي ملندا آهن جو هڪ ٻي جي رازن ۽ ذاتي ڪمن کان به باخبر هوندا آهن ۽ دشمني جي وقت اِهي ئي دوست هڪ ٻي جي لاءِ وبال(مصيبت) بڻجي ويندا آهن، وري ڪڏهن دوستي ايتري گهري هوندي آهي جو هڪ لمحي جي لاءِ به پري رهڻ کي برداشت ناهن ڪندا.

 

حضرت علي عليه السلام  دوستي ۾ اعتدلال جو لحاظ رکڻ جي نصيحت ڪندي فرمائن ٿا:

پنهنجي دوست سان هڪ محدود حد تائين دوستي ڪيو ايئن نه ٿئي جو هڪ ڏينهن هڪ ٻي جا دشمن بڻجي وڃو ۽ دشمن به سان به ڪنهن حد تائين دشمني ڪيو شايد هو هڪ ڏينهن توهان جو دوست بڻجي وڃي.(ته شرمندگي نه ٿئي)[26]

 

7. برائي جو جواب نيڪي سان ڏيڻ

جيڪڏهن ڪنهن دوست کان ڪا غلطي ٿي وڃي ته ان جي غلطي جي مقابلي ۾ توهان ان سان سٺو برتاء ڪيو ڇو جو هو انهي سان شرمنده ٿي ويندو ۽ پنهنجي برائي جي طرف به متوجه ٿي ويندو. حضرت علي عليه السلام  فرمائن ٿا:

پنهنجي ڀاءُ کي تنبيه ڪيو ته احسان ڪرڻ کان پوءِ ۽ ان جي شر جو جواب ڏيو ته لطف ۽ ڪرم جي ذريعي سان.[27]

 

8. ٻين مرتبه دوستي جو ارادو

ڪڏهن هڪ دوست ٻي دوست سان اختلاف ڪري ويهندو آهي ۽ جدا ٿي ويندو آهي ان سان رشتو ختم ڪري ڇڏيندو آهي، هن جو پنهنجي دوست سان تعلق ختم ڪرڻ جو سبب هي هوندو آهي ته ان کي ٻيا ماڻهو ورغلائندا آهن جنهن جي ڪري ٻه دوست پاڻ ۾ اهڙو اختلاف ڪري ويهند آهن جو وري ڳلي ملڻ جو رستو ناهي ملندو.

حضرت علي عليه السلام  نصيحت ڪندي فرمائن ٿا:

ڪڏهن به اختلاف جي وقت تمام رستن کي بند نه ڪيو بلڪه دوستي کي باقي رکڻ جو ڪو نه ڪو ذريعو باقي رکو ، جيڪڏهن پنهنجي ڀاءُ سان قطع تعلق ڪرڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي نفس ۾ ايتري گنجائش رکو جو جيڪڏهن ان کي هڪ ڏينهن واپسي جو خيال اچي ته هو واپس اچي سگهي.[28]

 

9. جدائي جي سببن کان پرهيز ڪرڻ

دوستي جي نازڪ رشتي جي ايتري حفاظت ڪرڻ گهرجي جو ڪڏهن ٽٽي نه پوي، دوستي جي ختم ٿيڻ جي عوامل (سببن) کي تلاش ڪيو وڃي ۽ انهن کان بچو وڃي، ڪڏهن جدائي جا هي اسباب انسان جي نيت صاف نه هجڻ ۽ دلن جي بيمار هجڻ جي ڪري هوندا آهن ، حضرت علي عليه السلام  فرمائن ٿا :

توهان الله جي دين جي اعتبار کان ڀاءُ ڀاءُ هيو پر توهان کي اندر (باطن) جون خباثتون ۽ ضمير جي خرابي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو .[29]

 

ڪنهن سان دوستي ڪئي وڃي؟

دوست، انسان جي شخصيت جو پتو ڏيندو آهي، جيڪڏهن اسان انهن ماڻهن سان دوستي ڪيون جيڪي بدنام، بدسيرت، بد اخلاق ۽ فاسق هجن ته اسان جو به شمار انهن ماڻهن منجهان ٿيندو ۽ اهي دوست به اسان کي پنهنجي صفات سان متصف(ملائي) ڪري ڇڏيندا، ان جي برخلاف خوش اخلاق نيڪ سيرت دوست اسان جي زندگي جي رشد ۽ ڪمال ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، دوستي هميشه هڪ ٻي تي پنهنجي رنگ ڇڏيندي آهي، ان ڪري نيڪ افرادن سان دوستي، خير ۽ صلاح جي طرف مايل ڪندي آهي ۽ جيڪڏهن دلي محبت پاتي وڃي ته عملي اطاعت به مشاهدي ۾ ايندي آهي جيئن حضرت عليعليه السلام  پنهنجي فرزند امام حسن عليه السلام  کي نصيحت آميز خط ۾ دوست جي اثرات جي باري ۾ تحرير فرمايو:

اهل خير سان رهو ته جيئن انهن منجهان شمار ٿيو ۽ اهل شر کان الڳ رهو ته جيئن انهن کان الڳ سمجها وڃو.[30]

ان مان واضح ٿئي ٿو ته سٺن ۽ برن ماڻهن سان دوستي آهسته آهسته پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪندي آهي، حضرت عليعليه السلام  ۽ ٻيا آئمهE جا ارشادات ۽ فرامين مان معلوم ٿئي ٿو ته دوستي ۽ رفاقت ان سان ڪرڻ گهرجي جيڪو خدا شناس هجي ، ديندار هجي ، سچ ڳالهائڻ وارو هجي نيڪ سيرت، امانتدار، پاڪ ۽ پاڪيزه هجي .

ڪنهن سان دوستي نه ڪرڻ گهرجي؟

جهڙي طرح ڪنهن خطري کان آگاه انسان ٻين ماڻهن کي انهي خطري کان آگاه ڪندي انهن کي انهي خطري مان بچائڻ جي ڪري رستو گوليندو آهي اهڙي طرح مولاء ڪائنات حضرت عليه السلام  زندگي جي مختلف مسائل ۽ مراحل ۾ نجات ڏيڻ وارا آهن ، انهن مراحلن منجهان مولا پنهنجي ارشادات جي ذريعي سان برن ماڻهن سان دوستي نه ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي ته جيئن انهن کي چاهڻ وارا بد ڪردار ۽ نا پسنديده صفات جي حامل افراد سان دوستي ڪري پنهنجي پاڻ کي فسائي نه ڇڏين، حضرت عليعليه السلام  هيٺين افرادن سان دوستي ڪرڻ کان منع ڪئي آهي.

 

1: ننڊي فڪر

اهي ماڻهو جيڪي پاڻ گنهگار، معصيت ڪار ۽ ٻين کي به گناهن ۾ مبتلا ڏسڻ چاهين ٿا جهڙي طرح اسان متعدي امراض کان بچاءُ جي لاءِ احتياط کان ڪم وٺندا آهيون اهڙي طرح اهل فسق ۽ فجور مان به اسان کي پرهيز ڪرڻ گهرجي ، حضرت علي عليه السلام  فرمائن ٿا:

فاجر جي صحبت کان بچو، ڇو جو هو توهان کي حقير شيء جي بدلي ۾ وڪڻي ڇڏيندو.[31]

 

2. احمق(چريو)

احمق ان کي چوندا آهن جنهن وٽ عقل نه هجي ۽ اهو درڪ ۽ شعور به نه رکندو هجي، اهڙي صفت جي مالڪ انسان سان دوستي جي باري ۾ حضرت عليعليه السلام  فرمائن ٿا:

خبردار! ڪنهن احمق(چريي) جي دوستي اختيار نه ڪيو ڇو جو هو توهان کي فائدو پهچائڻ  چاهيندي به توهان کي نقصان پهچائيندو.[32]

هڪ ٻي جاءِ تي احمق کي ”مائق“ جي نالي سان ياد ڪندي فرمائن ٿا:

بيوقوف جي صحبت اختيار نه ڪجو ڇو جو هو پنهنجي عمل کي خوبصورت بڻائڻ ڪري پيش ڪندو ۽ توهان کان به اهڙي عمل جي تقاضا ڪندو .[33]

 

3. بخيل

بخيل(ڪنجوس) ماڻهو ڪڏنهن به ڪنهن جي خير خواهي ناهن پسند ڪندا ان ڪري انهن سان دوستي نقصان ڪار آهي، حضرت علي عليه السلام  فرمائن ٿا:

ڪنهن بخيل سان دوستي نه ڪجو، جو هو ان وقت پري ڀڃي ويندو جڏهن توهان کي ان جي ضرورت هوندي.[34]

 

4. ڪوڙ ڳالهائڻ وارو

ڪوڙ ڳالهائڻ واري ته ڪڏهن به ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي ڇو جو ان جي رفتار ۽ گفتار جو ڪو به معيار ناهي هوندو. امام علي عليه السلام  ڪوڙ ڳالهائڻ واري کي فريبڪار چوندي فرمائن ٿا:

ڪنهن ڪوڙي جي صحبت اختيار نه ڪيو ڇو جو هو هڪ سراب وانگر آهي جيڪو پري کي نزديڪ ۽ نزديڪ کي ويجهو ڏيکاريندو آهي.[35]

 

5. دوست جو دشمن

جڏهن اسان ڪنهن سان دوستي ڪئي ته هن جو دوست به اسان جو دوست ۽ ان جو دشمن به اسان جو دشمن شمار ٿيندو ، هي حقيقت حضرت عليعليه السلام  جي ڪلام ۾ ان طرح بيان ڪئي وئي آهي ته: توهان جا دوست ٽن طرحن جان آهن ۽ دشمن به ٽن طرحن جا آهن، دوستن جون قسمون هي آهن. توهان جو دوست، توهان جي دوست جو دوست ۽ توهان جي دشمن جو دشمن ، اهڙي طرح توهان جي دشمن جو قسمون هي آهن، توهان جو دشمن، توهان جي دوست جو دشمن ۽ توهان جي دشمن جو دوست .[36]

انهي تقسيم جي بنا تي دوست جو دشمن به شمن شمار ٿيندو آهي ان ڪري ان سان دوستي نه ڪرڻ گهرجي، ان باري ۾ حضرت عليعليه السلام  فرمائن ٿا:

پنهنجي دشمن جي دوست کي پنهنجو دوست نه بڻايو ڇو جو توهان پنهنجي دوست جا دشمن بڻجي ويندو .[37]

 

حضرت علي عليه السلام  جو مثالي دوست

دوستي جي سلسلي ۾ مولاء ڪائنات جا هي اقوال ڏسڻ کان پوءِ ممڪن آهي ڪو سطحي ذهن جو فرد سوچي ته هي سڀ خيالي دنيا جون ڳالهيون آهن ، عالم خارج ۾ شايد ئي ڪو اهڙو دوست ملي يا وري هي دوست هڪ رشته الفت ، محبت ۽ قلبي لگاء جو نالو آهي، ڪير آهي جو ان معيار جي مطابق دوست بڻائي ؟

ان کان پهريان جو هي خيالات لبن تي جنبش جو سبب بڻجن ۽ حروف ۽ الفاظ جو جامو پائي سوال جي صورت اختيار ڪن، حضرت عليعليه السلام  چون ٿا ايئن نه آهي: بلڪه منهنجو هڪ دوست هيو ۽ اسان جي دوستي جو رنگ الهي هيو( ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته مان ان کي دوست ڇو بڻايو) ته ٻڌو! ان ڪري جو دنيا ان جي نگاهن ۾ حقير هئي ، (جي ها ! هي معيار دنيا کي ٽي طلاقون ڏيڻ واري علي عليه السلام  جو ئي ٿي سگهي ٿو ) هو پنهنجي پيٽ جو غلام نه هيو، جيڪا شيء نه ملندي هئي ان جي خواهش نه ڪندا هئا ۽ جيڪا شيء ملي ويندي هئي ان کي گهڻو استعمال نه ڪندا هئا، هو سڪوت( خاموشي) جو پهاڙ هيو، جڏهن ڳالهائيندو هو ته ڳالهڻ وارن جو آواز بند ڪري ڇڏيندو هو ۽ فقيرن جي پياس کي ختم ڪرڻ وارو هو، ( خطيب ممبر سلوني جو دوست اهرو ئي ٿي سگهي ٿو) هون ته ڏسڻ ۾ ڪمزور هيو پر ميدان جنگ ۾ بهادر شينهن وانگر حمله آور ٿيندو هو،( شير خدا ۽ شاه لافتي جي دوست کي اهڙو ئي هجڻ گهرجي.)

فقط فيصله ڪن دليل پيش ڪندو هو ۽ اگر ڪنهن وٽ پنهنجي غلطي جو عذر هوندو هو ته هو ٻڌڻ کان پهريان ان جي ملامت نه ڪندو هو، صحت يابي کان پوءِ ئي پنهنجي درد جي شڪايت ڪندو هو، جيڪو چوندو هو اهو ئي ڪندو هو، ۽ جيڪو نه چوندو هو اهو نه ڪندو هو، جيڪڏهن ڳالهڻ ۾ ڪير ان تي غالب اچي ويندو هو ته هو سڪوت ۾ ان کان اڳان نه نڪري سگهندو هو، ان کي ڳالهائڻ کان وڌيڪ ٻڌڻ جي خواهش هوندي هئي، جڏهن ان جي سامهون ٻه طرح جون شيون اينديون هيون ته جيڪا خواهش جي قريب هوندي هئي ته ان جي مخالف ڪندو هو.

هاڻي علي عليه السلام  جو روئي سخن اسان جي طرف ٿئي ٿو : هاڻي توهان سڀ انهي صفات کي اختيار ڪيو ۽ جيڪڏهن هي سڀ توهان نٿا ڪري سگهو ته مڪمل ترڪ ڪرڻ کان ڀلو آهي ته ان مان ڪجھ کي اختيار ڪيو.[38]

علامه دشتي ۽ ٻين نهج البلاغه جي شارحين حضرت علي عليه السلام جي دوست مان مراد جناب ابوذر يا جناب عثمان بن مظعون بيان ڪيو آهي.[39]

 

 

نتيجو:

دوستي جي انهن تمام معيارن کي ڏسڻ کان پوءِ واضح ٿي وڃي ٿو ته اسلام جي نگاه ۾ بهترين دوست اهو آهي جيڪو معنوي لحاظ کان ڪامل هجي، ان ڪري جو معنوي ڪمالات تي تمام گهڻو فائز رهندڙن سان دوستي، الفت ۽ محبت جي شدت ۾ اضافو هوندو آهي، شايد ان ڪري قرآن مجيد معنوي لحاظ کان ڪامل ترين افراد جي محبت ۽ مودت کي طلب ڪيو آهي” المودة في القربي“ ۽ پوءِ ڪمال مطلق خداوند عالم جي محبت کي مومنين جي علامت قرار ڏنو” والذين آمنو اشد حبا لله“

خدايا! توکي واسطو آهي تنهنجي انهن محبوب بندن جو جن جي مودت ۽ محبت کي تو رسول جي رسالت جو اجر قرار ڏنو آهي، اسان کي انهن افرادن جي بيان ڪيل معيار رفاقت جي حامل افراد جي دوستي ۽ همراهي عنايت فرما ، آمين.

 

منابع:

نهج البلاغه



[1] حڪمت 12                                         

[2] حڪمت . 142

[3] . حڪمت 211

[4] . مڪتوب 31

[5] . حڪمت، 65

[6] . مڪتوب، 31

[7] . خطبه . 107

[8] . حڪمت ، 134

 

[9] . مڪتوب 31

[10] . حڪمت ، 384

[11] . خطبه : 191

[12] . حڪمت ، 218

[13] . حڪمت ، 434

[14] . حڪمت،  445

[15] . شرح نهج البلاغه ابن ميثم، ج 5 ص 455

[16] . حڪمت ، 239

[17] . خطبه ، 141

[18] . مڪتوب ، 31

[19] . حڪمت ،6

[20] حڪمت ، 214.

[21] . خطبه 23

[22] . مڪتوب ،31

[23] . حڪمت ، 224.

[24] . حڪمت ، 279

[25] . مڪتوب ، 31

[26] . حڪمت ، 268.

[27] . حڪمت، 158

[28] . مڪتوب ، 31

[29] . خطبه، 113

[30] . مڪتوب، 31

[31] . حڪمت 38.

[32] . حڪمت، 38

[33] . حڪمت ،293

[34] . حڪمت، 38

[35] . حڪمت، 38

[36] . مڪتوب، 295

[37] . مڪتوب 31

[38] . حڪمت 289

[39] . نهج البلاغه ، محمد دشتي، ص 507.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي