اربع, 01 اپريل 2020

ڪربلا جي فضيلت ۾ چاليھ حديثون

  • انداز قلم

 

مقدمو:

الله سائين جڏهن کان ڪائنات کي خلق ڪيو تڏهن کان ڪجھ خاص مقامن کي فضيلت ڏيندو آيو انهن فضيلت سان سرشار سرزمينن منجهان هڪ زمين ڪربلا جي به آهي جنهن کي الله سائين پنهنجي مقدس ۽ فرمانبدار بندن جي جاءِ شهادت ۽  دفن کي قرار ڏنو آهي .

هن مختصر مقالي ۾ اسان ڪربلا جي باري ۾ چاليھ حديثون پيش ڪنداسين

انهن چاليھ حديثن کي چئن فصلن ۾  جوڙيو ويو آهي پهرين فصل ۾ ڪربلا جي سرزمين جي باري ۾ ڪجھ حديثن کي آندو ويو آهن

ٻين فصل ۾ ڪربلا جي زيارت ۽ ان جي ثواب کي ذڪر ڪيو ويو آهي

 ٽين فصل ۾ انهن حديثن کي ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي عاشور جي ڏينهن ۽ اربعين جي ڏينهن تي امام حسين عليه السلام  ۽ ڪربلا جي زيارت ڪندا، انهن جي فضليت جي باري ۾ آهن

 ۽ آخري فصل ۾ تربت ۽ تربت مان ٺهيل تسبيح جي فضيلت کي بيان ڪيو ويو آهي

واضح رهي ته هن مقالي ۾ فقط حديثن کي جمع ڪيو ويو آهي انهن جي تشريح کي بيان ناهي ڪيو ويو جيڪڏهن اسان ان جي تشريح ڪيون ها ته هي مقالو  ڪتاب جي صورت ۾ ٺهي وڃي ها ان ڪري قارئين جي سهولت جي لاءِ فقط عربي عبارت سان سنڌي متن کي پيش ڪيو ويو آهي.

نوٽ : تمام تر حديثن جا حوالا عنوان جي نمبر مطابق آخر ۾ ذڪر ٿيل آهن

 

 

 

 

 

 

 

 

 

پهرين فصل ڪربلا جي سرزمين

 

1. کربلا جنت جو ٽڪڙو آهي

عن النبى صلى الله عليه و آله و سلم قال

و هى اطهر بقاع الأرض و اعظمها حرمة و انها لمن بطحاء الجنة

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان روايت آهي ته پاڻ صلي الله عليه وسلم جن ارشاد فرمايو : ڪربلا جي زمين، زمين جو اهو پاڪيزه ترين حصو آهي جنهن جي حرمت جو اندازو نٿو لڳائجي سگهي اهو ان ڪري جو ڪربلا جنت جو ٽڪڙو آهي .

 

2. نجات واري زمين

قال رسول الله صلى الله عليه و آله و سلم

يقبر ابنى بأرض يقال لها كربلا هى البقعة التى كانت فيها قبة الاسلام نجا الله التى عليها المؤمنين الذين امنوا مع نوح فى الطوفان

رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي :

منهنجو پٽ (حضرت امام حسين عليه السلام ) اهڙي زمين ۾ دفن ٿيندا جنهن جو نالو ڪربلا آهي . هي زمين جو اهو حصو آهي جنهن جو امتياز هميشه کان ئي اسلام جو مرڪز رهيو آهي . خدا وند عالم انهي جڳھ تي حضرت نوح ۽ ان جي ساٿين کي طوفان کان نجات ڏني هئي.

 

3. ڪربلا مقام عشق

قال امير المؤمنين على عليه السلام

هذا...مصارع عشاق شهداء لا يسبقهم من كان قبلهم و لا يلحقهم من كان بعدهم

هڪ ڏينهن امام علي عليه السلام جو گذر ڪربلا کان ٿيو .

پاڻ عليه السلام فرمايو: هي عاشقن جي قربان گاه آهي ۽ شهيدن جو مقتل آهي، هي اهي شهداء آهن جن جي برابري نه انهن کان پهريان وارا ڪري سگهيا ۽ نه انهن کان پوءِ وارا ڪري سگهندا .

 

4. عشق جي خوشبوء

قال على عليه السلام

واها لك أيتها التربة ليحشرن منك قوم يدخلون الجنة بغير حساب

حضرت علي عليه السلام زمين ڪربلا کي مخاطب ڪندو فرمايو :

اي خاڪ! (ڪربلا ) قيامت جي ڏينهن تو کان اهڙي قوم اٿندي جيڪا بغير حساب ۽ ڪتاب جي جنت ۾ داخل ٿيندي .

 

5. روشن ستاره

قال على بن الحسين عليه السلام

تزهر أرض كربلا يوم القيامة كالكوكب الدرى و تنادى أنا أرض الله المقدسة الطيبة المباركة التى تضمنت سيد الشهداء و سيد شباب اهل الجنة. 

حضرت امام زين العابدين عليه السلام فرمائن ٿا :

قيامت جي ڏينهن ڪربلا جي زمين ڪوڪب دري (روشن ستارن) وانگر چمڪندي ۽ ان کان آواز ايندي مان خدا جي مقدس زمين آهيان مان اها پاڪ ۽ مبارڪ زمين آهيان جنهن ۾ شهيدن جا سالار ۽ جنت جا سردار دفن آهن.

 

6. ڪربلا ۽ بيت المقدس

قال ابو عبد الله عليه السلام

الغاضرية من تربة بيت المقدس

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

ڪربلا ۾ بيت المقدس جي مٽي شامل آهي .

 

7. ڪربلا  ۽ فرات

قال ابو عبد الله عليه السلام 

ان أرض كربلا و ماء الفرات اول ارض و اول ماء قدس الله تبارك و تعالى... 

ڪربلا جي سرزمين, دجله ۽ فرات جو پاڻي هي اهa پهرين زمين ۽ پاڻي آهن جن کي خدا مقدس بڻايو آهي .

8. ڪربلا انبياء جو ڪعبو آهي

قال ابو عبد الله عليه السلام

ليس نبى فى السموات و الارض، اءلا يسألون الله تبارك و تعالى أن يؤذن لهم فى زيارة الحسين (عليه السلام)، ففوج ينزل و فوج يعرج

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

هر نبي ۽ مرسل جي اِها ئي خواهش هوندي آهي ته الله سائين ان کي امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت ڪرڻ لاءِ اجازت ڏي ته هو امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت جي خاطر ٽولا ٽولا ٿي ڪري امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت لاء ايندا رهن.

 

9. ڪربلا ۽ طواف ملائڪه

قال ابو عبد الله عليه السلام

ليس من ملك فى السموات و الأرض الا يسألون الله تبارك و تعالى أن يؤذن لهم فى زيارة الحسين (عليه السلام)، ففوج ينزل و فوج يعرج

تمام ملائڪه بس  اِها ئي آرزو رکندا آهن ته انهن کي خداوند عالم جي طرفان اجازت ملي ته هو امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت جي لاءِ گروه گروه ٿي ڪري امام حسين عليه السلام جي قبر تي ايندا رهن .

 

10. ڪربلا جنت جو دروازو

قال ابو عبد الله عليه السلام

موضع قبر الحسين عليه السلام ترعة من ترع الجنة 

امام جعفر صادق عليه السلام ارشاد فرمايو :

جنت جي دروازن منجهان هڪ دروازو امام حسين عليه السلام جي قبر جي جڳھ آهي .

 

11. ڪربلا حرم امن

قال ابو عبد الله عليه السلام

ان الله اتخذ كربلا حرما آمنا مباركا قبل أن يتخذ مكة حرما

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا

الله سائين مکه کي امن جي جاء قرار ڏيڻ کان پهريان ڪربلا کي امن جو حرم قرار ڏنو ۽ ان کي برکت به بخشي.

 

12. بار بار ڪربلا جي زيارت

قال الصادق عليه السلام

زوروا كربلا و لا تقطعوه فاءن خير أولاد الانبياء ضمنته... 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

ڪربلا جي زيارت ڪريو ۽ ان عمل (زيارت ) کي بار بار انجام ڏيندا رهو، ڇو جو هن (ڪربلا ) ۾ پيغبر الهي جا نيڪ فرزند دفن ٿيل آهن .

 

13. مبارڪ بارگاه

قال الصادق عليه السلام

شاطى‏ء الوادى الأيمن» الذى ذكره الله فى القرآن،  هو الفرات و «البقعة المباركة» هى كربلا

وادي ايمن جو ڪنارو (شاطيء الوادي الايمن) جنهن جو ذڪر الله سائين قرآن ۾ ڪيو آهي، اهو فرات آهي ۽ ”بابرڪت بارگاه“ (البقعة المبارکة) ڪربلا آهي .

 

 

ٻين فصل : کربلا جي زيارت

 

14: زيارت جو شوق

قال الامام الباقر عليه السلام

لو يعلم الناس ما فى زيارة قبر الحسين عليه السلام من الفضل، لماتوا شوقا

حضرت امام محمد باقر عليه السلام ڪربلا جي زيارت جي فضيلت جي باري ۾ ارشاد فرمائن ٿا :

الله سائين حضرت امام حسين عليه السلام جي زيارت ۾ اهڙي ته فضيلت رکي آهي جو جيڪڏهن ماڻهو ان فضيلت کي ڄاڻي وٺن ته زيارت جي شوق ۾ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏين ها .

 

15: مقبول ۽ ممتاز حج

قال ابو جعفر عليه السلام

زيارة قبر رسول الله صلى الله عليه و آله و زيارة قبور الشهداء، و زيارة قبر الحسين بن على عليهما السلام، تعدل حجة مبرورة مع رسول الله صلى الله عليه و آله

حضرت امام محمد باقر عليه السلام ڪربلا جي زيارت جي فضيلت جي باري ۾ ارشاد فرمائن ٿا :

حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم ، شهداء اسلام جي مزارات ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي قبر مطهر جي زيارت جو ثواب ان حج مقبوله جي برابر آهي جنهن کي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ انجام ڏنو ويو هجي .

 

16: ڪربلا جو زائر تازي ڄاول ٻار وانگر

عن حمران قال: زرت قبر الحسين عليه السلام فلما قدمت جاءنى.ابو جعفر محمد بن على عليه السلام...فقال عليه السلام

ابشر يا حمران فمن زار قبور شهداء آل محمد صلى الله عليه و آله و سلم يريد الله بذلك وصلة نبيه حرج من ذنوبه كيوم ولدته امه

حمران چوي ٿو ته: جنهن وقت مان امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪري سفر کان واپس موٽي آيس ته امام محمد باقر عليه السلام مون سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا ۽ فرمايائون: اي حمران! مان توهان کي خوشخبري ڏيان ٿو، اها خوشبري هي آهي ته جيڪو به شخص آل محمد جي شهيدن جي قبرن جي زيارت ڪندو، ان نيت ۽ ارادي سان ته ان عمل (زيارت ) جي ڪري الله سائين ۽ رسول خدا (ص) جو قرب حاصل ٿيندو ، اهڙو شخص گناهن کان ائين پاڪ ٿي ويندو آهي جئين ان جي ماءُ ان کي هاڻي ئي پيدا ڪيو هجي.

 

17: مظلوم جي زيارت

عن ابى جعفر و ابى عبد الله عليه السلام يقولان

من احب أن يكون مسكنه و مأواه الجنة، فلا يدع زيارة المظلوم

حضرت امام محمد باقر ۽ حضرت امام جعفر صادق عليهما السلام جو ارشاد آهي:

جيڪڏهن چاهيو ٿا ته اوهان جو مقام ۽ قيام جنت ۾ هجي ته پوءِ مظلوم (امام حسين ع) جي زيارت کي ڪڏهن به ترڪ نه ڪجو .

 

18: شهادت ۽ زيارت

قال الامام الصادق عليه السلام

زوروا قبر الحسين (عليه السلام) و لا تجفوه، فاءنه سيد شباب أهل الجنة من الخلق، و سيد شباب الشهداء. 

امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت ڪندا ڪريو ۽ ان (زيارت ) کي ترڪ ڪري حسين (عليه السلام ) تي جفا نه ڪندا ڪريو، ڇو جو حسين (عليه السلام ) جنت جي جوانن جا سردار ۽ شهيدن جا سالار آهن.

 

19: بهترين عمل زيارت

قال ابو عبد الله عليه السلام

زيارة قبر الحسين بن على عليهما السلام من افضل ما يكون من الاعمال

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا:

سڀني عملن کان وڌيڪ عمل امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت ڪرڻ آهي .

 

20: نور جو دستر خوان

قال الامام الصادق عليه السلام

من سره ان يكون على موائد النور يوم القيامة فليكن من زوار الحسين بن على (عليهما السلام)

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

جيڪڏهن ڪنهن جي هي خواهش آهي ته هو قيامت جي ڏينهن نوراني دسترخوان تي موجود هجي ته ان کي گهرجي ته هو پاڻ کي امام حسين عليه السلام جو زائر قرار ڏي .

 

21: زيارت شرط آهي شرف جو

قال الصادق عليه السلام:

من اراد أن يكون فى جوار نبيه و جوار على و فاطمة فلا يدع زيارة الحسين عليهم السلام 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام ارشاد فرمايو :

جيڪڏهن توهان جي خواهش آهي ته رسول خدا (صلي الله عليه وآله وسلم)، علي مرتضي (عليه السلام ) ۽ جناب فاطمه زهرا (سلام الله عليها ) جا پاڙيسري ٿيو ته پوءِ ڪڏهن به امام حسين (عليه السلام) جي زيارت کي ترڪ نه ڪجو .

 

 22: ڪربلا جي زيارت الاهي فريضو آهي

قال ابو عبد الله عليه السلام

لو أن احدكم حج دهره ثم لم يزر الحسين بن على عليه السلام لكان تاركا حقا من حقوق رسول الله (ص) لأن حق الحسين فريضة من الله تعالى، واجبة على كل مسلم. 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

جيڪو شخص پنهنجي سڄي عمر حج جو احرام ٻڌندو هجي پر امام حسين (عليه السلام ) جي زيارت نه ڪندو هجي، اهڙي شخص جو شمار رسول خدا (صلي الله عليه وآله وسلم) جي حق کي ترڪ ڪرڻ وارن ۾ ٿيندو ڇو جو حسين (عليه السلام ) جو حق الهي فريضو آهي جنهن کي هر مسلمان تي واجب ۽ لازم قرار ڏنو ويو آهي .

 

23: ڪربلا ايمان جي ڪامل هجڻ جي شرط آهي

قال ابو عبد الله عليه السلام

من لم يأت قبر الحسين عليه السلام حتى يموت كان منتقص الاءيمان، منتقص الدين، اءن ادخل الجنة كان دون المؤمنين فيها. 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

ڪو شخص مري وڃي ۽ پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪربلا جي زيارت  نه ڪئي هجيس، اهڙي شخص جو ايمان مڪمل ناهي ۽ ان جو دين ناقص هوندو، جيڪڏهن هو جنت ۾ داخل به ٿي ويو تڏهن به ان جو مقام ٻين مومنن کان گهٽ هوندو.

 

24: زيارت کان شهادت تائين

قال ابو عبد الله عليه السلام

لا تدع زيارة الحسين بن على عليهما السلام و مر أصحابك بذلك يمد الله فى عمرك و يزيد فى رزقك و يحييك‏ء الله سعيدا و لا تموت الا شهيدا. 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

امام حسين عليه السلام جي زيارت کي ڪڏهن به ترڪ نه ڪجو ۽ ان جي پنهنجي دوستن کي به سفارش ڪجو ته جئين الله سائين اوهان جي عمرن کي وڏو ڪري، اوهان جي  روزي ۾ برڪت وجهي، اوهان  کي سعادت سان ڀريل زندگي عطا ڪري ۽ اوهان کي شهادت واري موت سان سرشار ڪري .

 

25: حديث عشق

عن ابى عبد الله عليه السلام قال

من اراد الله به الخير قذف فى قلبه حب الحسين عليه السلام و زيارته، و من اراد الله به السوء قذف فى قلبه بغض الحسين عليه السلام و بغض زيارته. 

 حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

خدا جنهن سان به نيڪي ڪرڻ چاهيندو آهي ان جي دل ۾ امام حسين عليه السلام جي محبت ۽ ان جي زيارت کي وجهي ڇڏيندو آهي، اهڙي طرح  خدا جنهن جو خير خوا ناهي هوندو ان جي دل ۾ امام حسين عليه السلام جو بغض ۽ ان جي زيارت سان بغض کي وجهي ڇڏيندو آهي.

 

26: شيعه جي نشاني

قال الصادق عليه السلام

من لم يأت قبر الحسين عليه السلام و هو يزعم انه لنا شيعة حتى يموت فليس هو لنا شيعة، و ان كان من اهل الجنة فهو من ضيفان اهل الجنة. 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

جيڪو شخص امام حسين عليه السلام جي زيارت لاءِ نٿو وڃي ۽ ان سان گڏ هي به گمان ڪري ٿو ته مان اهل بيت عليهم السلام جو شيعو آهيان ۽ انهي وهم ۽ گمان ۾ مري وڃي، اهو ڪڏهن به اسان جو شيعو نه هيو، چاهي اهو جنت ۾ به وڃي پوءِ به ان جي حيثيت جنتين جي مهمانن جيتري هوندي.

 

27: حق جي معرفت سان

قال الصادق عليه السلام

من اتى قبر الحسين عليه السلام عارفا بحقه كتبه الله عز و جل فى اعلى عليين. 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا :

جيڪو شخص حضرت امام حسين (عليه السلام) جي  معرفت سان امام (عليه السلام) جي قبر جي زيارت جي لاءِ اچي ٿو ته الله سائين ان جو نالو اعلي علين جي فهرست ۾ لکي ڇڏيندو آهي.

 

28: مکتب معرفت

قال ابو الحسن موسى بن جعفر عليه السلام

أدنى ما يثاب به زائر أبى عبد الله (عليه السلام) بشط فرات، اذا عرف حقه و حرمته و ولايته، أن يغفر له ما تقدم من ذنبه و ما تأخر. 

حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا:

جيڪو شخص فرات جي ڪناري ته امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت ڪندو الله سائين ان شخص جا اڳيا ۽ پويان سڀ گناه معاف ڪري ڇڏيندو ان شرط سان ته امام حسين عليه السلام جو زائر  امام عليه السلام جي حق، حرمت ۽ ولايت جي معرفت رکندو هجي .

 

29: خدا جي زيارت

قال الامام الرضا عليه السلام

من زار قبر الحسين (عليه السلام) بشط الفرات كان كمن زار الله. 

حضرت امام رضا عليه السلام جن جو ارشاد آهي:

جنهن شخص فرات جي ڪناري تي امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت ڪئي اهو شخص ائين آهي ڄڻ ان الله سائين جي زيارت ڪئي.

 

 

 

ٽين فصل عاشورا ۽ اربعين

 

30: زيارت عاشورا

قال الصادق عليه السلام

من زار الحسين عليه السلام يوم عاشورا وجبت له الجنة. 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

جيڪو شخص عاشور جي ڏينهن تي امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪندو الله سائين ان تي جنت کي واجب قرار ڏيندو.

 

31: صبح سوير

قال ابو عبد الله عليه السلام

من بات عند قبر الحسين عليه السلام ليلة عاشورا لقى الله يوم القيامة ملطخا بدمه، كانما قتل معه فى عرصة كربلا

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

جيڪڏهن ڪو شخص عاشور جي رات  امام حسين (عليه السلام) جي قبر جي زيارت ڪري اهو شخص قيامت جي ڏينهن الله سائين سان ائين ملاقات ڪندو جو اهو شخص پنهنجي ئي خون ۾ لٿ پٿ هوندو بلڪل انهي طرح ڄڻ ته اهو شخص ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام سان گڏ شهيد ٿيو آهي .

 

 

32: ايمان جي علامت

قال ابو محمد الحسن العسكرى عليه السلام

علامات المؤمن خمس: صلاة الخمسين، و زيارة الاربعين، و التختم، فى اليمين، و تعفير الجبين و الجهر ببسم الله الرحمن الرحيم. 

حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام  جن جو ارشاد آهي:

مومن جو پنج علامتون آهن: 1. پنج وقت نماز کي پابندي سان انجام ڏيڻ، 2. زيارت اربعين پڙهڻ، 3. سڄي هٿ جي آڱريءَ ۾ منڊي پائڻ، 4. خاڪ (شفا ) تي سجدو ڪرڻ، 5. بسم الله الرحمن الرحيم کي (نماز ۾ ) بلند آواز سان پڙهڻ.

 

چوٿين فصل: تربت ۽ تسبيح عشق

 

33: تربت ۾ شفاء

قال رسول الله صلى الله عليه و آله و سلم

الا و ان الاجابة تحت قبته، و الشفاء فى تربته، و الأئمة (عليهم السلام) من ولده ۔

 

حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو ارشاد گرامي آهي.

ڄاڻي وٺو! حسين (عليه السلام ) جي حرم جي گنبذ جي هيٺان دعا مستجاب آهي ، ان جي قبر جي مٽي ۾ شفاء آهي ۽ باقي 9 امام ان جا فرزند آهن.

 

34: تربت ۽ تربيت

قال الصادق عليه السلام

حنكوا أولادكم بتربة الحسين (عليه السلام) فانها امان. 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

پنهنجي ٻارن جي تالون ۾ امام حسين (عليه السلام ) جي قبر جي  تربت (خاڪ شفاء)  لڳائيندا ڪريو ڇو جو ڪربلا جي خاڪ ٻارن کي پنهنجي امان ۾ رکهندي آهي.

 

35: دواء

قال ابو عبد الله عليه السلام

فى طين قبر الحسين (عليه السلام)، الشفاء من كل داء، و هو الدواء الاكبر. 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن جو ارشاد آهي:

امام حسين (عليه السلام ) جي تربت هر درد جي دواء آهي ۽ هي انمول نسخو آهي.

 

36: تربت ۽ حجاب (پردو)

قال الصادق عليه السلام

السجود على تربة الحسين عليه السلام يخرق الحجب السبع. 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن جو ارشاد آهي:

امام حسين (عليه السلام) جي تربت تي سجدو ڪرڻ سان ست ئي حجاب (پردا) هٽجي ويندا آهن.

 

37: تربت عشق ۽ سجدو

كان الصادق عليه السلام لا يسجد الا على تربة الحسين عليه السلام تذللا لله و استكانة اليه. 

 حضرت امام جعفر صادق عليه السلام امام حسين (عليه السلام ) جي قبر جي تربت کان علاوه ٻي ڪنهن به خاڪ تي سجدو نه ڪندا هئا ۽ انهي عمل کي تمام گهڻي خضوع ۽ خشوع سان خدا جي لاءِ انجام ڏيندا هئا.

 

38: تربت ۽ تسبيح

قال الصادق عليه السلام:

السجود على طين قبر الحسين عليه السلام ينور الى الارض السابعة و من كان معه سبحة من طين قبر الحسين عليه السلام كتب مسبحا و ان لم يسبح بها... 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن جو ارشاد گرام آهي.

امام حسين عليه السلام جي تربت تي ڏنل سجدو زمين جي ستن ئي طبقن کي نوراني ڪري ڇڏيندو آهي، جيڪو شخص ان تربت سان تسبيح ٺاهي پاڻ سان گڏ رکي چاهي ان سان تسبيح به نه پڙهي تڏهن به خدا اهڙي شخص جو شمار تسبيح ڪرڻ وارن ۾ ڪندو .

 

39: تربت ۽ شفاء

عن موسى بن جعفر عليه السلام قال:

و لا تأخذوا من تربتى شيئا لتبركوا به فان كل تربة لنا محرمة الا تربة جدى الحسين بن على عليهما السلام فان الله عز و جل جعلها شفاء لشيعتنا و أوليائنا. 

حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام هن حديث جي ضمن ۾ جنهن ۾ پاڻ  پنهنجي رحلت جي باري ۾ خبر ڏني، ارشاد فرمايو:

منهنجي قبر جي خاڪ کي تبرڪ جي غرض سان به نه کڻ جو ڇو جو امام حسين (عليه السلام ) جي تربت کان علاوه هر مٽي جو کائڻ حرام آهي فقط خاڪ ڪربلا ئي هڪ اهڙي خاڪ آهي جنهن ۾ الله سائين اسان جي دوستن ۽ شيعن جي لاءِ شفاء رکي آهي .

 

40: چار شيون ضروري آهن

قال الامام موسى الكاظم عليه السلام:

لا تستغنى شيعتنا عن أربع: خمرة يصلى عليها، و خاتم يتختم به، و سواك يستاك به، و سبحة من طين قبر أبى عبد الله عليه السلام... 

حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام جن جو ارشاد گرامي آهي:

اسان جا مڃڻ وارا ڪڏهن به چار شين کان بي نياز نه ٿيندا . 1. جاء نماز (مصلو) جنهن تي نماز ادا ڪئي ويندو آهي . 2. منڊي جنهن کي هٿ ۾ پاتو ويندو آهي. 3. مسواڪ جنهن سان ڏندن جي صفائي ڪئي ويندي آهي. 4. ۽ امام حسين عليه السلام جي قبر جي تربت مان ٺهيل تسبيح.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي