سومر, 13 جولاءِ 2020

حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جن جي برڪت ڀري زندگي ۽ سندن اصحاب

  • انداز قلم

 

مهاڳ:

پالڻهار هي جهان جوڙيو ۽ ان ۾ رهڻ لاءِ مخلوقات کي خلق ڪيو، ان مخلوقات مان هڪ مخلوق کي عقل جهڙي نعمت عطا ڪئي ۽ اشرف المخلوق بڻايو ۽ سندس هدايت لاءِ هادين جو بندوبست ڪيو انهن هادين جي سلسلي جي هڪ ڪڙي

امام موسى ڪاظم عليه السلام آهن. اسان هن مختصر لکڻي ۾ امام عليه السلام جي زندگي تي مختصر روشني وجھندي سندس اصحاب جي زندگي تي روشني وجھنداسين.

اسم گرامي:

اسم مبارڪ ”موسى“ ۽ مشهور لقب ڪاظم آهي جنهن جي معنى (ڪاوڙ کي پيئڻ وارو) آهي، وَ الْكاظِمينَ الْغَيْظَ وَ الْعافينَ عَنِ النَّاسِ ڪاوڙ کائيندڙ ۽ ماڻهن کي معافي ڏيندڙ آهن.(1) ٿي سگھي ٿو ته هن لقب جو هڪ راز هي به هجي ته خلقڻهار جي اولوالعزم پيغمبرن منجھان هڪ موسى آهي جنهن جي صفت قرآن مجيد (غضبناڪ ٿيڻ وارو) بيان ڪئي آهي وَ لَمَّا رَجَعَ مُوسى إِلى قَوْمِهِ غَضْبانَ أَسِفاً قالَ بِئْسَما خَلَفْتُمُوني مِنْ بَعْدي ۽ جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم ڏي آيو ته (اها حالت ڏسي) رنج ۽ ڪاوڙ ۾ (پنهنجيءَ قوم کي) چوڻ لڳو ته اوهان ماڻهن منهنجي وڃڻ کان پوءِ تمام وڏي حرڪت ڪئي.(2)

پالڻهار چاهيو ٿي ته هڪ موسى ڪاظم به پيدا ٿئي تاڪ پالڻهار جي ڪردار جا ٻئي نمونا سامهون اچي وڃن ۽ تاريخِ نبوت ۽ امامت سان اهيو فرق به واضح ٿي وڃي ته جيڪڏهن قهر و جلال جو نمونو ڏسڻو هجي ته نبي موسى کي ڏسجي ۽ اگر حلم و تحملِ پروردگار جو نمونو ڏسڻو هجي ته امام موسى ڪاظم عليه السلامکي ڏسجي.

امام عليه السلام جي نالي جي هڪ مصلحت هي به ٿي سگھي ٿي جو سندن قاتل جو نالو هارون هو! خالقِ ڪائنات پهرين ئي ڏينهن اهو واضح ڪرڻ چاهيو ٿي ته انسان نالن جي فريب ۾ نه اچي ۽ ڪردارن تي مڪمل نگاه رکي نه ته اهوئي هارون نالو هڪ وقت ۾ نبي موسى  جو همراز، معاون ۽ مددگار به رهيو آهي.  ٻئي وقت ۾ امام موسى ڪاظم عليه السلام جو قاتل به ٿي سگھي ٿو. اصلي ۽ نقلي، حقيقي ۽ جعلي ۾ اهيو ئي ته فرق آهي ۽ شايد اهيو ئي راز هو جو حضرت موسى عليه السلام پروردگار کان حضرت هارون کي وزير ٺاهڻ جي درخواست ڪئي ته پروردگار جنهن هارون کي وزير ٺاهيندو اهو هارون صاحبِ ايمان ۽ نيڪ ڪردار هوندو ۽ جيڪڏهن انسان ڪنهن هارون کي بادشاه يا خليفو ٺاهيندو ته اهو بد اخلاق ۽ نا اهل ئي رهندو.

لقب ۽ ڪنيت:

امام عليه السلام جي ٻين لقبن مان عبدِ صالح، صابر ۽ امين وڌيڪ مشهور آهن ۽ سندن ڪنيت ابوالحسن، ابوابراهيم، ابوالحسن الماضي، ابو علي ۽ ابو اسماعيل آهي.

ولادت:

امام عليه السلام جي تاريخ ولادت 7 صفرالمظفر سن 128 هجري ۽ جاءِ ولادت ”ابوا“ نالي هڪ مقام آهي جيڪو مڪي ۽ مديني جي درميان ۾ واقع آهي.

والدين:

والد گرامي امام جعفر صادق عليه السلام ۽ والده جنابِ حميده خاتون سلام الله عليها آهن.

 پاڻ والد بزرگوار جي وفات کان پوءِ 20 سال جي ڄمار  ۾ منصب امامت تي فائز ٿيا.

امامت الله سائين جو اهو عُهدو آهي جيڪو حضرت ابراهيم عليه السلام جي اولاد مان انهن هستين سان خاص آهي جيڪي ظلم جي غلاظت کان پاڪ هجن. لا يَنالُ‏ عَهْدِي‏ الظَّالِمين‏.(3)

حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جن جي پوري  زندگي اخلاق جو اعلى نمونو رهي آهي.

امام عليه السلام جي ننڍ پڻ جي ڪمالن منجھان هڪ واقعو هي ملي ٿو ته جڏهن امام عليه السلام جي عمر مبارڪ ٽي سال هئي صفوان جمال نالي هڪ صحابي امامعليه السلام  کي گھر مان ان حال ۾ نڪرندي ڏٺو جو امام عليه السلام جي هٿ ۾ ٻڪري جو ٻچو هو ۽ امام عليه السلام ان  کي سجدي جو چئي رهيا هئا ۽ صفوان کي متوجھ ڪري رهيا هئا ته اسان اهلبيت (عليهم السلام) جي شان هي آهي ته اگر جانور به اسان جي ذات  سان منسوب ٿي وڃي ته اسان ان کي به پنهنجي رب جي سجدي جو چوندا آهيون ۽ سجدي کان بغير ان کي به پنهنجو ناهيون بڻائيندا. صفوان عرض ڪيو ته جيڪڏهن توهان هن کان سجدو ڪرائي سگھوٿا ته هن کي مرڻ جوحڪم به ڏئي سگھو ٿا تنهن تي امام عليه السلام جن فرمايو: صفوان، مارڻ ۽ جيارڻ الله سائين جي اختيار ۾ آهي اسان ان بابت ڪجھ به نه ٿا چئي سگھون. اهي چئي امام عليه السلام هي به واضح ڪري ڇڏيو ته انسان کي پنهنجي فرائض جي سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي پالڻهار جي ڪمن ۾ دخل اندازي ڪرڻ ان جي ٻانهي چورائڻ جي برخلاف آهي ۽ ائين ڪرڻ سان انسان ڪنهن به وقت گناه جو مرتڪب ٿي سگھي ٿو.(4)

امام ڪاظم عليه السلام جن اهڙي منتخب سلسلي جي ڪڙي آهن جنهن کي پالڻهار خُلقِ عظيم جو وارث ۽ اخلاق جي ڪمال جو اعلى نمونو بڻايو آهي. هن سلسلي جو هر فرد پنهنجي پنهنجي دور ۾ اخلاقِ محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو مظهر رهيو آهي البته بعض افراد خاص صفتن م ايترا ته ممتاز ۽ جدا نظر ايندا آهن جو انهن صفتن بابت سڀ کان پهريان ان هستين ڏانهن نظر ويندي آهي.

امام عليه السلام ۾ ضبط ۽ تحمل جي صفت ايتري ته نمايان هئي جو جڏهن به ضبط ۽ تحمل جو ذڪر اچي ٿو ته ذهنن ۾ امام ڪاظم عليه السلام جن اچي ٿو وڃي. الَّذينَ يُنْفِقُونَ فِي السَّرَّاءِ وَ الضَّرَّاءِ وَ الْكاظِمينَ الْغَيْظَ وَ الْعافينَ عَنِ النَّاسِ وَ اللَّهُ يُحِبُّ الْمُحْسِنين‏ جي آسودگي ۽ تنگيءَ ۾ به (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا ۽ ڪاوڙ کائيندڙ ۽ ماڻهن کي معافي ڏيندڙ آهن. ۽ خدا ڀلائي ڪندڙن سان الفت رکي ٿو.(5)

علامه ابن حجر مڪي لکي ٿو ته امام موسى ڪاظم عليه السلام علم ومعرفت ۽ فضل و ڪمال ۾ پنهنجي والدگرامي جا جانشين هئا.

 امام عليه السلام پنهنجي زماني جا سڀ کان وڌيڪ عبادت گذار ، عالم ۽ سخي انسان هئا، مديني وارا امام عليه السلام کي عبد صالح چوندا هئا.

امام عليه السلام جن جو هڪ لقب باب الحوائج به آهي ڇو ته سندن در مبارڪ وٽان ڪوبه سائل خالي نه موٽيو آهي ۽ هن وقت به امامعليه السلام  جن جي روضي مبارڪ ۾ گھريل دعائون رب العزت جي بارگاه ۾ قبوليت جو شرف ماڻين ٿيون.

امام عليه السلام جي زندگي جو گھڻو عرصو قيد خاني ۾ گذريو ۽ وقت جا حاڪم ان ڪوشش ۾ هئا ته ڪنهن  حيلي، بهاني سان امام عليه السلام کي شهيد ڪرايو وڃي، ڪيترائي سخت نگران معين ڪيا ليڪن هر ظالم ۽ جابر نگران به امام عليه السلام جي تقوى ۽ عبادت ڏسي سندن عقيدتمند ٿي ويندو هو. قيد جي حالت ۾ هڪ نگران امام عليه السلام کي اهو فرمائيندي ٻڌو ته پاڻ فرمائي رهيا هئا ”اي پالڻهار منهنجي تمنا هئي ته اهڙي پرسڪون جاءِ ملي جتي تنهنجي تمام گھڻي عبادت ڪري سگھان الحمدلله جو هن قيد خاني ۾ مونکي اهو موقعو نصيب ٿيو.

شهادت

 آخرڪار وقت جي حاڪم هڪ شقي انسان جي ذريعي امام عليه السلام کي 25 رجب المرجب سن 183 هجري تي زهرڏياري شهيد ڪرايو.(6)

امام عليه السلام جن جا اصحاب

(1) حماد بن عيسى

امام عليه السلام جي هن صحابي امام سجاد عليه السلام کان وٺي امام محمد تقي عليه السلام تائين جو دور ڏٺو آهي. روايتن (حديثن) جي نقل ڪرڻ ۾ ايترو ته احتياط ڪندو هو جو امام صادق عليه السلام کان نقل ٿيل روايتن مان فقط 70 روايتن کي اخذڪيو آهي ۽ انهن مان به تحقيق ڪري فقط 20 روايتن کي اختيار ڪيائين جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي ۽ تبديليءَ ڪونه آهي.

امام ڪاظم عليه السلام کان دعاءِ خير جي التماس ڪيائين ته امام عليه السلام هن کي مڪان ،گهر واري ، اولاد ، خادم ۽ 50 سال تائين حج ڪرڻ جي دعا ڪئي ۽ امام عليه السلام جي دعا جي برڪت سان سڀئي نعمتون حاصل ٿيس.(7)

(2) ابوعبدالله عبدالرحمان بن الحجاج البجلي الڪوفي

هي امام جعفر صادق ۽ امام ڪاظم عليهما السلام جي اصحابن منجھان شمار ٿئي ٿو.

امام جعفرصادق عليه السلام کين فرمائيندا هئا ته مديني وارن سان مناظرو ڪندو ڪر مون کي پنهنجن اصحابن منجھان تو جهڙن اصحابين جي ضرورت آهي.

(3) عبدالله بن جندب بجلي ڪوفي

هي امام ڪاظم ۽ امام رضا عليهما السلام  جي اصحابن منجھان ثقه ۽ جليل القدر هئا.

امام رضا عليه السلام کين الله سائين ۽ سندس رسول جي راضي ٿيڻ جي ضمانت ۽ جنت جي خوشخبري به ڏني هئي.

هڪ دفعي امام رضا عليه السلام جن کي خط لکيائون ته آءُ پوڙهو ٿي ويو آهيان اهڙي ڪا دعا ٻڌايو تاڪ منهنجي علم ۽ سمجھ ۾ واڌارو ٿئي ۽ منهنجي لاءِ قربِ الهي جو سبب بڻجي ته امام عليه السلام جن فرمايو: گھڻائي سان هي ورد پڙهندو ڪر بسم الله الرحمن الرحيم، و لا حول و لا قوة الا بالله العلي العظيم.(8)

(4) ابو محمد عبدالله بن المغيره بجلي ڪوفي

هي امام ڪاظم عليه السلام جي اصحابن ۾ فقيه ۽ ثقه هئا، دين جي ڄاڻ رکڻ ۾ سندس ڪوبه اهل ڪونه هو. تقريبن 30 ڪتابن جو مصنف هئو سندس چوڻ آهي ته مان واقفيه فرقي سان وابسته هيس اتفاق سان حج جي لاءِ وڃڻ ٿيو ڪعبي جي ڀت سان چمبڙي ڪري روئي ڪري دعا گھري خدايا مون کي صحيح دين جي هدايت فرماءِ ته اوچتو هي خيال پيدا ٿيو ته امام ڪاظم  عليه السلام سان ملاقات ڪيان!

حج کان بعد مديني ويس ۽ امام عليه السلام جي بارگاه اقدس ۾ حاضر ٿي پيغام موڪليو ته هڪ شخص عراق کان ملڻ جي لاءِ آيو آهي اندريان آواز آيو ته عبدالله بن مغيره هليو اچ مان حيرت ۾ پئجي ويس ۽ مان فورا امام عليه السلام جي امامت جو ڪلمو پڙهي ورتو. امام عليه السلام جن فرمايو ته وڃ تنهنجي دعا قبول ٿي وئي ته مونکي امام عليه السلام جي امامت جو وڌيڪ يقين ٿي ويو ۽ الحمدالله اڄ به مان انهيءَ عقيدي تي باقي آهيان.

(5) عبدالله بن يحيي الڪاهلي الڪوفي

هي ۽ سندس ڀاءُ اسحاق امام صادق ۽ امام ڪاظم عليهما السلام جي راوين (حديث نقل ڪرڻ وارن) ۾ شمار ٿيندا آهن.

امام ڪاظم عليه السلام جن جي ان تي خصوصي عنايت هئي ايتري قدر جو علي بن يقطين کي نصيحت ڪئي ته ڪاهلي جو خاص خيال رکجانءِ ۽ انهيءَ سبب علي بن يقطين سندس ۽  پوري خاندان جو  خرچو ڏيندا هئا.

هي بزرگ هڪ دفعي حج ادا ڪرڻ کان بعد امام ڪاظم عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته امام عليه السلام فرمايو: اي عبدالله هاڻي ڀلائي جا ڪم وڌيڪ ڪر ڇو جو جو تنهجي موت جو وقت قريب اچي ويو آهي عبدالله روئڻ شروع ڪيو ته امام عليه السلام فرمايو: رو نه تنهجو شمار منهنجي شيعن ۾ آهي ۽ تنهنجي آخرت خيريت سان ٿيندي هي ٻڌي ڪري عبدالله خوش ٿي ويو ۽ ڪجھ ڏينهن کان بعد دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو(9)

(6) علي بن يقطين

اصل ۾  ڪوفي شهر جو رهڻ وارو آهي ليڪن عارضي رهائش بغداد شهر ۾ هئي.

امام ڪاظم عليه السلام جي وڏن بزرگ اصحابن منجھان هئا ۽ امام عليه السلام جي خصوصي عنايت جو مرڪز پڻ هئا.

سن 124 هجري ۾ ڪوفي ۾ پيدا ٿيا، هميشه امام عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر رهيا ايسيتائين جو امام عليه السلام جهنم کان نجات جي ضمانت عطا فرمائي ۽ امام عليه السلام جي حڪم سان بادشاه جو وزير پڻ بڻيو.

پاڻ ايتري ته اعلى درجي جا سخي هئا جو هڪ سال ۾ 150 ماڻهن کي پنهنجي طرفان حج ڪرڻ لاءِ موڪليندا هئا.

 علي بن يقطين سن 180 هجري ۾ ان وقت دائي اجل کي لبيڪ چيو جنهن وقت امام ڪاظم عليه السلام جن  قيد خاني ۾ هئا.(10)

(7) مفضل بن عمر ڪوفي جعفي

هي امام صادق ۽ امام ڪاظم عليهما السلام جي اصحابن منجھان هئا.

محمد بن سنان جي روايت آهي ته امام ڪاظم عليه السلام جن فرمايو ته : جيئن مفضل منهنجي لاءِ محبت ۽ راحت جو باعث آهي ائين ئي تون امام رضا ۽ امام جواد عليهما السلام جي لاءِ محبت ۽ راحت جو باعث هوندين.

عبدالله بن فضل روايت ٿو ڪري ته آءُ امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ هيس ته مفضل بن عمر داخل ٿيو امامعليه السلام مسڪرائيندي سندس استقبال ڪيو ۽ فرمايائون ته خدا جو قسم آءُ توکي دوست رکان ٿو ۽ ڪاش منهنجا سڀئي اصحاب ائين ئي صاحب معرفت هجن ها جيئن تون آهين. مفضل عرض ڪيو مولا مونکي ايترو بلند نه ڪيو امام عليه السلام فرمايو مون توکي تنهنجو مقام ٻڌايو آهي.

(8) ابو محمد هشام بن الحڪم

هي امام صادق ۽ امام ڪاظم عليهما السلام جي اصحابن ۾ شمار ٿيندا آهن ۽ تمام وڌيڪ هوشيار ۽ عقلمند هئا.

ڪوفي شهر ۾ پيدا ٿيا ۽ عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ بغداد شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين.

علم ڪلام ۽ مناظري ۾ ان جو مقابلي ڪرڻ وارو ڪوبه نه هو.

سن 179 هجري ۾ ڪوفي ۾ انتقال ڪيائين امام رضا عليه السلام سندس حق ۾ رحمت جي دعا فرمائي ۽ امام محمد تقي  عليه السلام جي اڳيان سندس ذڪر ڪيو ويو ته فرمايائون: الله سائين ان تي رحمت نازل فرمائي هو اسان اهلبيت عليهم السلام جي حق ۾ بهترين دفاع ڪرڻ وارو هو.

(9) يونس بن عبدالرحمان

امام ڪاظم عليه السلام جي هن صحابي امام باقر ۽ امام صادق عليهما السلام جي زيارت به پڻ ڪئي آهي ليڪن حديثون نقل ڪرڻ جو شرف امام ڪاظم عليه السلام کان مليو اٿس ۽ امام رضا عليه السلام جن ماڻهن کي مسئلن ۾ سندس طرف رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏيندا هئا.

هن بزرگوار هڪ ”يوم وليله“ نالي ڪتاب به لکيو آهي جنهن کي امام حسن عسڪري عليه السلام جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو امام  عليه السلام اول کان آخر تائين ان کي پڙهيو ۽ فرمايائين هي ئي منهنجو ۽ منهنجي ابن ڏاڏن عليهم السلام جو دين آهي. سن 208 هجري ۾ هن دنيا تان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ امام رضا عليه السلام ان کي 3 مرتبه جنت جي خوشخبري ڏني هئي ۽ فرمايو هئائين ته هي سلمان فارسي وانگر آهي.

(10) يونس بن يعقوب البجلي الدهني

هي شروع ۾ عبدالله افطح جي امامت کي مڃڻ وارو هو ان کي ڇڏي امام ڪاظم عليه السلام جي امامت کي تسليم ڪيائين ۽ امام عليه السلام جي بهترين اصحابن ۾ شامل ٿي ويو.

امام رضا عليه السلام جي زماني ۾ مديني ۾ انتقال ڪيائين امام عليه السلام سندس غسل ۽ ڪفن جو پورو انتظام ڪيو ۽  ماڻهن کي جنازي ۾ شرڪت جو حڪم فرمايائين ۽ جنت البقيع ۾ قبر جو انتظام ڪيائين جنهن تي ڪجھ ماڻهن اعتراض ڪيو ته هي عراقي آهي (هتي ڇو دفن ٿئي) ته امام عليه السلام فرمايو هي اسان جي مڃڻ وارو آهي اگر ان کي جنت البقيع ۾ جاءِ نه ڏني وئي ته اسان به پنهنجا جنازه اتي دفن نه ڪنداسين جنهن بعد ان کي قبر جي جاءِ ڏني وئي ۽ امام عليه السلام قبرستان جي متولي کي  40 ڏينهن تائين ان جي قبر تي پاڻي جي ڇڙڪاءُ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته يونس الله سائين جي نظر ۾ ايتري قدر عزيزآهي جو الله سائين ان کي عراق مان جوار پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم تائين پهچائي ڇڏيو آهي(11).

آخر ۾ الله سائين جي بارگاه ۾ دعا آهي ته اسان کي اهڙن ڪمن ڪرڻ جي توفيق عنايت فرمائي جنهن ۾ سندس ذات ۽ اهل بيت عليهم السلام راضي هجن.

حوالا:

1. سورت آل عمران آيت 134.

2. سورت اعراف آيت 150.

3. سوره بقره آيت 124

4. نقوش عصمت ص471

5. سورت آل عمران آيت 134

6. جلوه نور ص 235_236

7. نقوش عصمت ص504

8. نقوش عصمت ص505

9. نقوش عصمت ص506

10. نقوش عصمت ص507

11. نقوش عصمت ص509

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي