اڱارو, 14 جولاءِ 2020

حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام جي مختصر سوانح حيات

  • انداز قلم

 

نالو:   موسي

لقب:   ڪاظم

ڪنيت: امام عليه السلام جي مشهور ڪنيت ابوالحسن هئي ۽ امام عليه السلام کي ابو ابراهيم، ابو علي ۽ ابو اسماعيل به چوندا هئا.[1]

والد:   حضرت امام جعفر صادق عليه السلام 

والده: حميده بربريه (ڪجه اندلسيه به لکو آهي)[2]

تاريخ پيدئش: 7 صفر  128هجري

پيدا ٿيڻ جي جاءِ: ابواء (مدينه جي قريب )

امامت جي مدت:     35 سال

عمر : 55 سال

شهادت جي تاريخ: 25 رجب  183 هجري.

قاتل:          هارون رشيد (زهر سان شهيد ڪرايو)

مرقد مطهر:   ڪاظمين (عراق )

 

مقدمو:

امام موسي ڪاظم عليه السلام بني اميه جي آخري دور ۾ ابواء  ۾ پيدا ٿيا امام عليه السلام جو ننڍپڻ واري دور هي هيو ته بني اميه جا حڪمران پنهنجي سلطنت کي بچائڻ ۽ بني عباس وارا سلطنت کي حاصل ڪرڻ ۾ پورا هئا ۽ امام جعفر صادق عليه السلام کي علم دين ڦهلائڻ جو تمام بهترين موقعو ملي ويو امام جعفر صادق عليه السلام جي پٽن مان جناب اسماعيل موسي ڪاظم عليه السلام کان وڏو هيو ان ڪري اڪثر شيعن جو ذهن جناب اسماعيل طرف هيو ته امام جعفر صادق عليه السلام کان بعد ۾ شيعن جو ستون امام ٿيندو پر امام جعفر صادق عليه السلام امام موسي ڪاظم عليه السلام جو ننڍپڻ کان ڪئي پنهنجن شيعن اڳيان امام جي طور تي تعارف ڪرايو جڏهن ته جناب اسماعيل جي رحلت 138 هجري يا 145 هجري لکي وڃي ٿي يعني اسماعيل جي حال حيات ۾ ۽ امام موسي ڪاظم عليه السلام جي ولادت وقت به امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجي فرزند امام موسي ڪاظم عليه السلام کي امام طور تي معرفي ڪن ٿا، هن مختصر مقالي ۾ امام عليه السلام جي زندگي جي مختلف عنوانن تي روشني وڌي وئي آهي ته جئين پڙهندڙن کي امام عليه السلام جي سوانح عمري کان آگاهي حاصل ٿي سگهي .

 

 

ولادت

امام موسي ڪاظم عليه السلام 7 صفر 128 هجري، آچر جي ڏينهن ابواء (مڪه ۽ مدينه جي وچ ته هڪ جاء آهي) ۾ پيدا ٿيا.

امام عليه السلام جي والد بزرگروار  امام جعفر صادق ع  جڏهن مدينه موٽي ته هن مبارڪ نور تازه ڄاول فرزند (موسي ڪاظم) جي ڪري تمام گهڻا خوش هئا ۽ فرمايو:  الله سائين مون کي پٽ عطا ڪيو آهي جيڪو الله جي بهترين مخلوق آهي .

 

امام موسي ڪاظم عليه السلام جي ولادت تي امام جعفر صادق عليه السلام جي خوشي.

ابوبصير کان روايت آهي ته اسان امام جعفر صادق عليه السلام سان گڏ حج جي سفر تي هئاسين جڏهن اسان ابواء (هڪ علائقو آهي جيڪو مڪه ۽ مدينه جي وچ ۾ آهي جتي حضرت آمنه ۽ حضرت عبدالله  جون قبرون به آهن) پهتاسين ته پنهنجين سوارين کان لٿاسين ۽ اتي خيما نسب ڪياسين ڪجھ ئي وقت گذريو ته امام عليه السلام ڏانهن جناب حميده (سلام الله عليها) جو پيغام آيو،  امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو: حميده (سلام الله عليها) چوي ٿي ته مون تي ٻار ڄڻڻ جي ڪيفيت ظاهر ٿي آهن جنهن تي امام عليه السلام تمام گهڻا خوش ٿيا، ۽ امام عليه السلام خيمن جي طرف ويا ڪجھ ئي وقت کان بعد ۾ امام عليه السلام موٽي آيا ۽ منهن مبارڪ تي مسڪراهٽ هئي اسان عرض ڪيوسين : الله سائين اوهان کي خوشحال ڪري اوهان جون اکين کي روشن ڪري حميده کي ڇا ٿيو؟ امام عليه السلام فرمايو: الله سائين مونکي پٽ عنايت ڪيو آهي ۽ حميده ان جي ڪيفيت مونسان بيان ڪئي آهي جنهن کان مان پهريان آگاه هيس اسان عرض ڪيوسين: قربان وڃون حميده اوهان کي ڪهڙي ڳالھ کان آگاه ڪيو؟ امام عليه السلام فرمايو: حميده چيو منهنجو پٽ ڄمندي ئي پنهنجن هٿن زمين تي رکيو ۽ سر مبارڪ کي آسمان جي طرف بلند ڪيو، مون ان کي چيو هي نشاني آهي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي ۽ ان امامن جي هي مونکا بعد ۾ حجت خدا هوندو.[3] 

امام موسي ڪاظم عليه السلام جي ولادت کان پوءِ امام جعفر صادق عليه السلام ٽي ڏينهن ماڻهن کي لاڳيتو ڪاڌو کارائيندا رهيا، امام موسي ڪاظم عليه السلام قد ۾ وچولا، خوبصورت، کڻکائو رنگ ۽ نوراني هئا امام ع جا وار ڪارا ۽ منهن مبارڪ  روحاني ۽ معنوي نور سان سرشار هيو.

پينگهي ۾ امامت جون نشانيون

يعقوب سراج جو بيان آهي: مان امام جعفر صادق عليه السلام جي خدمت ۾ ويس ته مون ڏٺو ته امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجي پٽ امام موسي ڪاظم عليه السلام جي پينگهي جي ڀرسان بيٺا آهن ۽ پنهنجي فرزند سان ڳالهائي رهيا آهن، جڏهن امام عليه السلام جي گفتگو ختم ٿي ته مان امام عليه السلام جي ڀر سان ويس ۽ مونکي فرمايو: پنهنجي آقا جي پينگهي جي ڀر سان وڃي سلام ڪريو. مون پينگهي جي ڀر سان وڃي سلام ڪيو. موسي ڪاظم عليه السلام تمام مٺي لهجي ۾ مونکي سلام جو جواب ڏنو ۽ ان کان بعد مونکي فرمايو: پنهنجي ڌيءَ جو نالو تبديل ڪر ڇو جو الله سائين ان نالي کي پسند نٿو ڪري.

(راوي چيو ٿو ڪجه ڏينهن پهريان مونکي الله سائين نياڻي جي اولاد عنايت ڪئي هئي جنهن جو نالو مون حميرا رکيو هيو، ان وقت امام جعفر صادق عليه السلام مونکي فرمايو: ڏنل حڪم تي عملي ڪر پوءِ مون پنهنجي ڌيءَ جو نالو تبديل ڪيو.[4]

 

امام موسي ڪاظم عليه السلام جي امامت جو تعارف

عبدالرحمان بن حجاج چوي ٿو: اسان جڏهن امام عليه السلام جي ڪمري ۾ داخل ٿياسين ته امام عليه السلام نماز ۾ دعا گهري رهيو هيو امام عليه السلام جو پٽ موسي بن جعفر (عليه السلام) امام عليه السلام جي ساڄي پاسي کان آمين چئي رهيو هيو

مون عرض ڪيو: اومان مٿان پنهنجي جان نڇاور ڪريان: مونکي ٻڌايو ته اوهان کان بعد ۾ اوهان جو نانشين ڪير هوندو؟ امام عليه السلام پنهنجي پٽ جي طرف اشارو ڪري چيو اهيو ڏسين ٿو موسي (ڪاظم عليه السلام) کي جيڪو لباس پائي خوشحال ويٺو آهي مون عرض ڪيو : مان اوهان جي مطلب مان سمجهي ويس.[5]

فيض بن مختار چوي ٿو: مان هڪ ڏينهن امام جعفر صادق عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ امام عليه السلام جي خدمت ۾ عرض ڪيو اي رسول خدا جا فرزند اوهان کان بعد ۾ اوهان جي جانشين ۽ اسان جو امام ڪير هوندو؟

انهي وقت موسي بن جعفر (صادق عليه السلام) جيڪو جوان هيو انهي ڪمري ۾ داخل ٿيو امام جعفر صادق عليه السلام حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام جي طرف اشارو ڪري فرمايو هي آهي اوهان جو امام. [6]

 

ابو حنيفه ۽ امام موسي ڪاظم جي ننڊپڻ

امام موسي ڪاظم عبادت ۾ رفتار گفتار ۾، عفو ۽ درگزر ۾، ۽ سخاوت ۾ پنهنجي پيءَ امام جعفر صادق عليه السلام  جي رفتار، گفتار تي توجه رکندا هئا ۽ پاڻ کان ئي ادب سکهندا هئا، امام عليه السلام جي نظر ۾  بهترين جاءِ مسجد نبوي هئي، پاڻ اتي وڃي نماز پڙهندا هئا،  جڏهن ته پاڻ ان وقت ننڊڻا هئا ۽ امام جو جسم  مبارڪ به ڪمزور هيو  ان جي باوجود به تمام گهڻي وقت تائين نماز ۽ الله جي عبادت انجام ڏيندا هئا.

مدينه ۾ ابو حنيفه به رهندا هئا هو هڪ عالم ۽ فقيه هئا ۽ ان جا تمام گهڻا مريد ۽ پيروڪار به هئا، هڪ ڏينهن هن امام کي نماز پڙهندي ڏٺو ته هو تعجب ۾ پئجي ويو ته هي نوجوان ايتري خضوع ۽ خشوع ۾ نماز پڙهي رهيو آهي! ماڻهن کي به متوجه ڪيو ۽ انهن کان پڇڻ لڳو ته هي جوان ڪير آهي جيڪو ايتري خشوع ۽ خضوع سان نماز پڙهي رهيو آهي؟ ماڻهن جواب ۾ چيو ته هو امام جعفر صادق عليه السلام جو پٽ موسي ڪاظم (عليه السلام) آهي.

ابو حنيفه امام کي ڪجھ وقت تائين نماز پڙهندي ڏسي رهيو هيو، امام عليه السلام نماز ان طرح سان مشغول هئا جو پنهنجي اڳيان گذري وڃڻ وارن جو به احساس ڪونه ٿيندو هيس،  ٻي ڏينهن ته ابو حنيفه امام جعفر صادق عليه السلام جي گهر آيا ۽ چوڻ لڳا ته: ڪالھ مون  توهان جي پٽ کي نماز پڙهندي ڏٺو آهي، ماڻهو ان جي سامهون گذري وڃي پيو تڏهن به هو انهن جي طرف توجه نه پيو ڪري! ڇا هڪ نمازي لاءِ ضروري نه آهي ته هو پنهنجي سامهون گذرندڙ کي منع نه ڪري ؟

ان طرح سان ابو حنيفه چاهين پيا ته امام عليه السلام جي توهين ڪن ۽ امام عليه السلام جي نماز تي اعتراض ڪن.

هي ٻڌي ڪري امام صادق عليه السلام پنهنجي پٽ امام موسي ڪاظم عليه السلام کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ابو حنيفه جون ڳالهيون امام تائين پهچايون.

امام ڪاظم عليه السلام تمام وڏي اعتماد سان جواب ڏنا:  جيڪو ڪجھ ابو حنيفه ڏٺو اهو سڀ صحيح آهي پر نماز ۾ جنهن خدا جي طرف منهنجي توجھ هئي اهو ان قدر منهنجي نزديڪ هيو جو ماڻهن جي اچ ۽ وڃ جي باوجود به اسان ٻنهي جي درميان ڪو به فاصلو نه آيو. خدا قرآن مجيد ۾  ارشاد فرمائي ٿو:

ونحن اقرب اليه من حبل الوريد. اسان انسان جي شه رڳ کان به وڌيڪ  قريب آهيون.[7]

امام صادق عليه السلام پنهنجي جي پٽ جو جواب ٻڌي ڪري خوش ٿيا ۽ مسڪرائڻ لڳا،  ابو حنيفه به سمجهي ويو ته  جيڪو ڪجھ به امام ڪاظم عليه السلام چيو آهي اهو صحيح چيو آهي،  جيڪڏهن انسان جي توجه خدا جي طرف هجي ته  ماڻهن جي اچڻ ۽ وڃڻ سان نماز ۾ ڪوبه خلل نٿو پئجي سگهي.[8]

پنهنجي گهر ۾ رهندڙ ماڻهن سان امام جو رويو

امام موسي ڪاظم عليه السلام جي زندگي پنهنجي نانا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ڏاڏا حضرت علي عليه السلام ۽ پنهنجي والد وانگر هئي، پاڻ پنهنجي ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا ۽ انهن سان نرمي سان پيش ايندا هئا، اتي اسان امام عليه السلام جي ڪجھ حديثن کي بيان ڪريون ٿا جن ۾ پاڻ پنهنجي شيعن کي زندگي گذارڻ جو طريقو ٻڌايو آهي.

1.امام موسي ڪاظم  عليه السلام، حضرت علي عليه السلام  کان نقل ڪن ٿا ته: هڪ ڏينهن هڪ عرب پنهنجي ٻن پٽن سان گڏ پيغمبر اڪرم عليه السلام جي خدمت ۾ آيو، پيغمبر ص غور سان ڏسي رهيا هئا ته هي شخص پنهنجي ٻارن سان ڪيئن ٿو پيش اچي، پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم ڏٺو ته هو شخص پنهنجي هڪ پٽ سان پيار ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي پٽ جي طرف ڪا به توجه نٿو ڏئي، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ان شخص جي رويه کان  ناراض ٿيا ۽ فرمايو: ڇو پنهنجي ٻارن سان پيار ڪرڻ ۾ عدالت نٿا ڪريو.

2. امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا : هڪ شخص پنهنجي ٻارن کي پنهنجي هنج ۾ ويهاري ويٺو هيو ان پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم کان سوال ڪيو:  اولاد جو ڪهڙو حق آهي ؟  پاڻ ڪريم ص فرمايو : ان جو سٺو نالو رکو ۽ ان کي سٺي ۽ مناسب ڪم تي لڳايو.

3. هڪ شخص امام موسي ڪاظم عليه السلام جي خدمت ۾ آيو ۽ پنهنجي ٻار جي شڪايت ڪئي ته هو منهنجي ڪابه ڳالھ ناهي ٻڌنڌو ۽ عرض ڪيو ته اسان کي پنهنجي اولاد جي بهترين تربيت لاءِ رهنمائي ڪريو ، امام عليه السلام فرمايو : پنهنجي ٻارن کي ماريو نه پر انهن کي تنبيه ڪرڻ لاءِ انهن سان ناراضگي جو اظهار ڪريو پر توهان جي ناراضگي تمام گڻي وقت تائين نه هجي.

مختلف زبانن جو علم

 ابن ابي حمزه روايت ڪن ٿا ته  مان امام موسي ڪاظم عليه السلام جي خدمت ۾ هيس  ته ايتري ۾ زر خريد غلام جيڪو حبشه (آفريقا) جا هئا ۽ امام جي لاءِ آندا ويا هئا، انهن مان هڪ غلام تمام سٺي انداز سان گفتگو ڪري رهيو هيو  ۽ امام عليه السلام به ان سان انهيءَ جي زبان ۾  جواب ڏئي رهيو هيو ، هي ڏسي ڪري سڀ حيرت ۾  پئجي ويا،  انهن جو خيال هيو ته امام عليه السلام انهن جي زبان کان آگاه نه آهن.

امام عليه السلام ان غلام کي فرمايو: مان توهان کي ڪجھ پيسا ڏيان ٿو ۽ توهان انهن سڀني کي 30، 30 درهم ڏيو، اهي امام عليه السلام جي خدمت کان ٻاهر آيا ۽  پاڻ ۾ چوڻ لڳا هو (امام )  اسان جي زبان کي اسان کان به وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ هو اها نعمت آهي  جنهن کي خداوند عالم اسان کي عنايت ڪئي آهي .

راوي  چوي ٿو ته  جڏهن اهي غلام  اتان هليا ويا ته مون عرض ڪيو ته  اي رسو الله جا فرزند : مون توهان کي انهن جي زبان ۾ گفتگو ڪندي ڏٺو آهي. امام عليه السلام فرمايو : ها.

 راوي چوي ٿو توهان هڪ ئي غلام جي طرف توجه ڏني ۽ ان کي ڪم جي به ذمه داري به ڏني.

امام عليه السلام: ها مون ان کي ان جي باقي ساٿين جي سفارش ڪئي آهي ته هو انهن سان نيڪي ڪري  ۽ مهيني ۾ انهن کي 30 درهم ڏي، جڏهن ان غلام مون سان گفتگو ڪئي ته مان سمجهي ويس ته  انهن سڀني مان هي وڌيڪ عقلمند آهي ڇو جو هو وڏي گهراڻي جو هيو ان ڪر مون ان کي مسئول بڻايو  ۽ ان جي سفارش به ڪئي آهي  ۽ هي هڪ سچو جوان به آهي.

پوءِ امام عليه السلام مون کي فرمايو :  لڳي ٿو ته توهان منهنجي حبشي زبان ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا آهيو؟

راوي چيو ٿو: والله (الله جو قسم ) ايئن ئي آهي .

 امام عليه السلام فرمايو : حيرت ۾ نه پئجي وڃو، جيڪو ڪجھ توهان تي پوشيده آهي  اهو اڃان تائين  توهان مون ۾ ناهي ڏٺو، اهو ان کان وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ هوندو هي ته بس ايترو هيو جيئن دريا مان ڪو پرندو پنهنجي چهنب سان پاڻي جو قطرو کڻي، ان سان دريا ۾ ڪابه ڪمي نه ايندي آهي، امام ته ان سمنڊ واندر وانگر آهي جيڪو هر وقت ڇوليون هڙندو رهندو آهي ان جي اندر موجود حيرت انگيز ڳالهيون دريا ۾ موجود  حيرت انگيز  ڳالهين کان اڃان وڌيڪ هونديون آهن جو سمنڊ جون حيرت ۾ وجهندڙ شيون ختم ٿيڻ واريو ئي نه آهن ( يعني اتي امام عليه السلام  پنهنجي مثال سمنڊ سان ڏني آهي ۽ غلام سان ان جي زبان ۾ ڳالهائڻ سان دريا جي قطري سان تشبه ڏني آهي )[9]

امام عليه السلام جي سخاوت

 هڪ ڏينهن هڪ فقير امام عليه السلام جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪئي ته مان هڪ تنگ دست (فقير) آهيان جيڪڏهن سئو درهم هجن ها ته مان  ڪاروبار ڪريان ها ۽ ان سان منهنجي تنگ دستي ۽ غربت ختم ٿي وڃي ها، امام عليه السلام مسڪرائي ڪري چيو: مان توهان کان هڪ سوال ڪريان ٿو  جيڪڏهن توهان ان جو صحيح جواب ڏنو ته مان توهان کي  ان کان ڏھ حصا وڌيڪ عطا ڪندس.

 فقير : عرض ڪيو پڇو.

 امام : جيڪڏهن توهان دنيا ۾ ڪابه آرزو ڪيو ته اها توهان ڪهڙي ڪندو ؟

فقير؛ مان آرزو ڪندس ته الله سائين منهنجي مدد ڪري ته جيئن مان پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪيان ۽ دشمن کان انهن جي حفاظت ڪريان.

امام : ڇو توهان اسان اهل بيت عليهم السلام سان دوستي جي آرزو نه ٿا ڪريو ؟

فقير: خاندان اهلبيت سان محبت ۽ دوستي منهنجي وجود ۾ شامل آهي ۽ ان محبت ۽ دوستي لاءِ الله سائين جو شڪر گذار آهيان  پر جيڪا شي نه آهي ان جي تمنا ڪندو آهيان.

امام ع فرمايو: شاباس! تمام ڀلو جواب ڏنو اٿو. پوءِ امام ان کي ڏھ هزار درهم ڏنا ۽ فرمايو ته هي وٺو ۽ ان سان رنگ ڪرڻ لاءِ رنگ خريد ڪريو ڇو جو هي هڪ خش شيءَ آهي  جنهن ۾ توکي نقصان گهٽ ۽ فائدو گهڻو پهچندو، فقير به امام عليه السلام جي چوڻ مطابق واپار شروع ڪيو ۽ ان مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيائين.

محتاجن جي مدد

عيسي ابن محمد ابن مغيث جيڪو مدينه جي تجربه ڪار انسانن منجهان هيو ۽ تقريبا 90 سال جو هيو ۽  چوي ٿو ته: مون هڪ سال مدينه جي ٻاهريان سبذي ڪئي  پر جڏهن سبزي ڪٽڻ جو وقت آيو ماڪڙن اني جي سبزي واري زمين تي حملو ڪيو  ۽ سڄو فصل تباو ٿي ويو، جنهن سان 120 دينار ۽ ٻن اٺن جي برابر منهنجو نقصان ٿيو جنهن جو مونکي تمام گهڻو ڏک هيو.

هن واقعه کي مون پنهنجي آقا ۽  مولا امام ڪاظم عليه السلام  سان بيان ڪيو، امام عليه السلام پڇا ڪئي ته ڪيترو نقصان  ٿيو اٿو ؟

مون حساب ڪري امام عليه السلام کي ٻڌايو.

پوءِ امام پنهنجي غلام عرفه کي چيو ته پنجاه دينار ۽ ٻه اٺ عيسي ابن مغيث کي ڏيو .

عرفه امام عليه السلام جي حڪم جي تعميل ڪئي، پوءِ مون امام کان عرض ڪيو ته منهنجي هڪ توهان کان گذارش آهي ته ٿوري عرصي لاءِ بيهي منهنجي لاءِ دعا گهرو.

امام انهي جي ٻنيءَ ۾ داخل ٿيا  ۽ منهنجي لاءِ دعا ڪئي، ابن مغيث چوي ٿو : مون انهن ٻنهي اٺن کي وٺي ڪري انهي ساڳي ٻني ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ وقت تي پاڻي ڏنو  خدا جي برڪت سان ايتري سٺي فصل ٿي جو مون انکي هڪ هزار دينار ۾ وڪرو ڪيو.

امام موسي ڪاظم عليه السلام ۽ مسافر جي مدد

 علي ابن ابگ حمزه جو بيان آهي  ته هڪ ڏينهن  امام ڪاظم عليه السلام  منهنجي هٿ پڪڙي ۽ شهر کان ٻاهر وٺي ويو  ايسيتائين جو  اسان بيابان ۾ پهتاسين  رسته ۾ ڏٺو ته هڪ مغربي مرد روئي رهيو آهي ان جي سواري خچر به مري ويو آهي ۽ ان جو سڄو سامان زمين تي پيو آهي.

امام ع ان کان پڇيو ڇا ٿيو آهي ؟

ان مرد  چيو : پنهنجي دوست سان گڏ حج ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هيس ته منهنجو خچر مري ويو  ۽ مان اڪيلو آهيان مون نه سواري آهي جنهن سان سفر ڪريان ۽ نو ئي پنهنجي وسائل ۽ اسباب کڻي وڃڻ لاءِ ڪو انتظام ، ۽ منهنجا ساٿي مونکي ڇڏي هليا ويا آهن،

امام عليه السلام فرمايو: شايد توهان جو خچر مري نه ويو هجي!

مغربي مرد چيو ؛ توهان مون مٿان رحم کائڻ بغير منهنجو مذاق ڪري رهيا آهيو ؟

امام عليه السلام فرمايو: مان توهان جي حق ۾ سٺي دعا ڪرڻ چاهيان ٿو .

مغربي مرد: توهان جي دعا منهنجي درد جي دوا نه آهي ان ڪري توهان منهنجي مذاق نه ڪريو، امام عليه السلام ان خچر جي ويجهو ويا ۽  هڪ دعا پڙهي جنهن کي مون نه سمجهو پوءِ سامان مان هڪ لڪڙي کڻي ڪري خچر کي هنئي ۽ ان کي چيو: اٿ، هي ٻڌنڌي ئي خچر زنده ٿيو ويو، پوءِ امام عليه السلام ان مغربي جي طرف منهن ڪر فرمايو: ڇا هي به مذاق آهي ؟ اٿي ۽ پنهنجي دوستن کي وڃي پڄ، ان کان پوءِ اسان اتان جدا ٿي وياسين .

راوي چوي ٿو: هڪ ڏينهن مان مڪي ۾ آب زم زم جي کوه وٽ موجود هيس ته اچانڪ ان مرد مونکي ڏٺو ۽ ڀڃندو مون وٽ آيو ۽ تمام گهڻي خوشي سان منهنجو هٿ پڪڙي ۽ ان کي چميون ڏيڻ لڳو، مون ان کان پڇو ته ڏيو حال احوال اوهان جو خچر ڪيئن آهي ؟؟

مرد مغربي: اهو بلڪل ٺيڪ آهي پر مونکي خبر ناهي ته اهو جناب ڪٿان آيو ۽ منهنجي خچر کي تندرست ڪري هليو ويو ؟

راوي: مون چيو توهان پنهنجي مقصود تائين پهچي ويو ان ڪري جنهن شيءَ جي  سمجهڻ کان توهان عاجز هجو ان لاءِ سوال نه ڪريو.

 

امام عليه السلام جي ضعيف بيوه جي مدد

علي بن مغيره جو بيان آهي ته هڪ ڏينهن مان امام عليه السلام سان گڏ هيس هڪ جاءِ تي پهتاسين ته اتي ڪجھ ماڻهو گڏ ٿيا بيٺا هئا ڏٺوسين ته هڪ عورت مري ويل ڳئون جي مٿان روئي رهي آهي امام عليه السلام ان عورت کان سوال ڪيو ڇا جي ڪري روئي رهي آهين ان امام کي نه سڃاتو ۽ چيو هي منهنجو پورو سرمايو آهي جنهن سان مان پنهنجي يتيم ٻارن کي پاليندي هيس امام عليه السلام فرمايو مان اوهان جي ڳئون کي زنده ڪريان ان عورت چيو: ها زنده ڪريو

امام عليه السلام پاسي تي ٿي ڪري ٻه رڪعتون نماز پڙهي ان مئل ڳئون مٿان آيا ۽ پير جي ٺوڪر سان ان کي زنده ٿيڻ جي حڪم ڏنو اها مئل ڳئون زنده ٿي وئي ۽ پوڙهي عورت بلند آواز سان ماڻهن کي سڏي چوڻ لڳي مونکي قسم آهي ڪعبه جي رب جو هي عيسي بن مريم آهي!! ماڻهو جمع ٿيا ۽ ڳئون جي زنده ٿيڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا ۽ امام عليه السلام ماڻهن جي رش مان ٻاهر نڪري ويا.[10]

امام جي بخشش

خيرات ڪرڻ ۽ سخاوت ڪرڻ امام عليه السلام جي تمام بهترين صفت آهي سڀ ماڻهو امام جي بخشش ۽ سخاوت جا قائل آهن. امام ڪاظم ع پنهنجي زماني ۾ سڀني کان وڌيڪ خيرات ڪندڙ  هئا، امام عليه السلام پاڻ ٻني ۾ ڪم ڪري روزي ڪندا هئا ۽ ان کي محتاجن ۽ فقيرن ۾ تقسيم ڪندا هئا.

عام ماڻهن ۾ امام عليه السلام جي سخاوت جو ان طرح سان چرچو هيو جو ماڻهو هڪ ٻئي کي چوندا هئا، ان شخص تي تعجب آهي جنهن کي امام ڪاظم عليه السلام کان  مدد ۽ خيرات نصيب ٿيڻ جي باوجود به اهو فقير جو فقير بڻجي وڃي.

        امام موسي ڪاظم عليه السلام کي ” باب الحوائج“ چوندا آهن، يعني الله جي نزديڪ  امام عليه السلام جو مقام ۽ مرتبو ايترو ته بلند آهي جو الله سائين امام عليه السلام جي وسيلي سان  پنهنجي بندن تي لطف ۽ ڪرم ڪندو آهي ۽ ماڻهن جون دعائون ۽ حاجتون  امام عليه السلام جي ذريعي سان قبول ٿينديون آهن.

دشمنن جي دشمني جي علت

آئمه معصومين عليهم السلام سان ڪجھ ماڻهن جي دشمني جون ٻه وجهون آهن .

1.جهالت ۽ ناداني

ڇو جو ڪجھ ماڻهن کي امام عليه السلام جي معرفت نه هئي، ان ڪري هو امام سان دشمني ڪندا هئا، ان ڪري امام عليه السلام جا حقيقي دشمن جون به سازشن موثر هيون، اهي ماڻهو به امام ع جي معمولي هدايت ۽ رهنمائي يا امام عليه السلام جي نوراني چهره کي ڏسي ڪري امام عليه السلام جا سچا محب بڻجي ويندا هئا.

2. دشمني ۽ هٽ ڌهرمي ۽ قرآن جي ارشادات جي مطابق حسد ڪندا هئا ان ڪري هو تمام گهڻو تعصب ڪندا هئا.

اهڙا ماڻهو آئمه عليهم السلام جي بي مثال شخصيتن کي پنهنجي رستي جي رڪاوٽ سمجهندا هئا،  ان ڪري انهن سان دشمني ڪندا هئا ۽ غلط پروپيگنڊا  ڪري ماڻهن کي آئمه عليهم السلام جي خلاف ڀڙڪائيندا هئا، ۽ دشمني جو ٻج پوکيندا هئا، انهن مان ڪجھ اموي حڪمران جيئن معاويه پنهنجي ڪيني ۽ بغض جي ڪري  اهل بيت سان دشمني کي پنهنجو وطيرو قرار ڏنو هيو، خاص طور تي  علي عليه السلام  سڄي طاقت سان  جنگ وڙهي ۽ ان مٿان سب و شتم (لعن ۽ تعن ڪرايو) ڪئي ايسيتائين جو پنهنجي ٻارن کي به اهلبيت سان دشمني خاطر انهن سان نفرت جو درس ڏياريندا هئا، پر ان جي باوجود به امام عليه السلام انهن گروهن سان مقابلو ڪندا رهيا ۽ امان جو مقابلو  هر گروه سان مختلف هيو نادان ۽ نا آگاه ماڻهن سان تمام گهڻي بردباري ۽ خوش اخلاقي  سان برتاءُ ڪندا هئا،  بلڪه ڪجھ موقعن تي  انهن جي مالي امداد به ڪندا هئا ۽ وري ڪن سان تمام گهڻي شدت سان مقابلو به ڪندا هئا.

 

هڪ راز

هارون رشيد خليفو هيو ، جيڪو نهايت ئي ظالم ۽ بي رحم هيو ان جو هڪ وزير هيو جنهن جو نالو ” علي ابن يقطين “ هيو، جيڪو هڪ نيڪ سيرت ۽ سچو مسلمان هجڻ سان گڏ امام موسي ڪاظم عليه السلام جو به سچو شيعو به هيو.

هڪ ڏينهن علي ابن يقين کي امام  موسي ڪاظم عليه السلام سان هڪ تمام گهڻو ضروري ڪم پئجي ويو، علي ابن يقطين نه پيا چاهين ته امام عليه السلام سان هن جي رابطي جي خبر هارون رشيد کي خبر پئجي وڃي ان ڪري هن پنهنجي نزديڪ رهندڙ شيعن کي گهرايو ۽ انهن کي چيو ته ٻن تيز اٺن تي چڙهي  بغداد کان مدينه وڃو ۽ اتي وڃي امام موسي ابن جعفر عليه السلام ان خط جو جواب مون وٽ جلدي ۾ کڻي اچو.

پر توهان جي ڌيان رهي ته خليفه جا جاسوس توهان کي نه ڏسي سگهن ۽ انهن کي توهان جي وڃڻ جي به خبر نه پوي، ۽ نه رستي ۾ ڪنهن سان ڪا ڳالھ ڪجو ۽ نه ان سان ڪو راز بيان ڪجو.

هي ٻئي تيز اٺن تي سوار ٿي ڪري مدينه روانه ٿي ويا ۽ هي ٻئي رات جو سفر ڪندا هئا ۽ ڏينهن جو پهاڙن جي درميان آرام ڪندا هئا، اڃان ڪوفه کان ڪجھ اڳتي وڌيا هئا ته اچانڪ ٻه سوارن کي پنهنجي طرف ايندو ڏسي سمجهي ويا ته هي ٻئي  خليفه جا ماڻهو آهن ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آيا آهن ۽ هي اڃان فرار ٿيڻ جو سوچي رهيا هئا ته هو ٻئي سوار انهن جي قريب پهچي ويا  انهن مان هڪ جي سر تي سائي رنگ جو امامو هيو ۽ چهرو نور سان ڀريل هيو، لڳي رهيو هيو ته هي ڪا وڏي شخصيت آهي، سوارن سلام ڪيو ، علي ابن يقين جي دوستن ڊڄندي ڊڄندي جواب ڏنو، پوءِ اچڻ وارن مان نوراني چهري واري چيو، مان موسي ابن جعفر (عليه السلام) آهيان ، علي ابن يقطين جو خط مونکي ڏيو.

انهن ٻني خوشي سان امام عليه السلام کي خط ڏنو، پوءِ امام خط پنهنجي کيسي مان ڪجه خط ڪڍي انهن جي حوالي ڪيا ۽ فرمايو: هي علي ابن يقطين جي خطن جو جواب آهي، ان کي ڏجو، هي چئي ڪري امام واپس هليا ويا.

هي ٻئي حيرت سان  بغداد جي طرف موٽڻ لڳا هڪ ٻئي کي چيو : تو ڏٺو ! موسي ابن جعفر خط پڙهڻ کان بغير ئي  جواب ڏئي ڇڏيو، ٻئي چيو : ڇو هو ڪوفه تائين ڪيئن پهچي ويا؟ ان کي ڪيئن خبر پئي ته  اسان مدينه جي طرف وڃي رهيا آهيون؟ اسان ته ڪنهن سان ڪا به ڳالھ نه ڪئي هئي، پوءِ پهرين دوست چيو: خدا ئي بهتر ڄاڻيندو آهي ته امامت ۽ رهبري ڪنهن کي ڏي ۽ پنهنجو علم  ڪنهن کي عطا ڪري ته جيئن هو ماضي، حال ۽ مستقبل کان با خبر ٿي سگهي.

امام ڪاظم عليه السلام جو معجزو

شيخ صدوق نقل ڪن ٿا: هارون رشيد هڪ ساحر (جادوگر ) کي چيو جنهن مجلس ۾ موسي ڪاظم هجن اتي اهڙو جادو ڪجو جو هو لا جواب ٿي وڃي، جادوگر ڪجھ مانين تي جادو ڪري ڇڏيو ته جيئن امام عليه السلام جنهن به ماني کي هٿ هڻي اها امام عليه السلام کان پري ٿي وڃي، هارون هي ڏسي ڪري تمام گهڻو خوش ٿيو.

امام عليه السلام هڪ دفعو پنهنجو سر مٿي کنيون پردي تي هڪ شينهن جو عڪس ڇپيل هيو امام ان کي اشارو ڪيو : اي الله جا شينهن الله جي دشمن کي پڪڙي وٺ.

بس تصوير زنده شينهن ۾ تبديل ٿي وئي ۽ حقيقي شينهن جي شڪل ۾ گجگوڙ ڪندو آيو ۽ ان جادوگر کي  کائي ويو . هارون ۽ ان جا ساٿي ڊڄ کان بيهوش ٿي ويا، جڏهن انهن کي هوش آيو ته امام کي چوڻ لڳا ته هن کي ٻيهر زنده ڪيو .

امام عليه السلام جواب ۾ فرمايو: جيڪڏهن حضرت موسي عليه السلام جادوگرن جي رسين کي واپس ڪيو هجي ها ته مان به هن ماڻهو کي واپس ڪرايان ها.[11]

فدڪ واپس ڪرڻ جو قصو

 هڪ ڏينهن هارون رشيد امام موسي ڪاظم عليه السلام کي  چيو؛ مان توهان کي فدڪ ڏيڻ چاهيان ٿو توهان اها واپس وٺو.

امام عليه السلام هن جي ڳالھ کي ٽالي ڇڏيو، ان جو اصرار ۽ وڌيڪ ٿيو، جڏهن اصرار تمام گهڻو ٿي ويو ته  پوءِ امام عليه السلام فرمايو مان تو کي ان جي تمام حدود اربعه (چارئي  سرحدون ) سان ئي وٺي سگهان ٿو.

هارون : ان جي حدود اربعه ڪهڙيون آهن ؟

امام عليه السلام فرمايو: جيڪڏهن ان جون حدون بيان ڪندس ته تون واپس نه ڪندين،

هارون رشيد چيو : توهان جي جد جي قسم واپس ڪندس.

امام عليه السلام فرمايو : ان جي پهرين حد عدن (يمن جو حصو) آهي.

هي ٻڌندي ئي هارون جي چهري جو رنگ بدلجي ويو ۽ چيائين ڇا ؟

امام عليه السلام : ٻئين حد سمرقند آهي.

هي ٻڌندي ئي هارون پنهنجي جاءِ کان مٿي اٿي بيهي رهيو.

امام عليه السلام فرمايو: ٽئين حد آفريقا آهي.

هاڻي هارون جو منهن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو.

امام عليه السلام : چوٿين حد جزائر کان ملڪ روم تائين سمنڊ جا ڪنارا آهن.

هارون چيو: ان طرح ته مون وٽ ڪجھ به باقي نه رهندو، پوءِ ته توهان کي هي ڪرسي ئي ڏيڻي پوندي.

امام عليه السلام فرمايو: مون توهان کي چيو هيو ته جيڪڏهن مان توکي ان جون حدون بيان ڪندس ته تون مونکي هرگز نه ڏيندين. امام عليه السلام هن کي ٻڌائڻ پيا چاهين ته تون حڪومت ۽ خلافت جو اهل نه آهين ۽ تون حڪم الهي جي نفاذ جو به اهل نه آهين، بلڪه تو فريب ڏيئي ڪري طاقت جي بل بوتي تي حڪومت تي قبضو ڪيو آهي.

امام موسي ڪاظم ع جي سلطنت

صالح ابن واقدي طبري چون ٿا : امام ڪاظم عليه السلام جي خدمت ۾ پهتس امام عليه السلام مون کي فرمايو: اي صالح هي طاغوت( هارون رشيد) هڪ ڏينهن توکي گهرائيندو ۽ توکي قيد ڪري ڇڏيندو ۽ جڏهن توکي منهنجي باري ۾ پڇي ته ان کي ان طرح سان ٻڌائجان جو هو سمجهي ته تون مونکي ناهي سڃاڻيندو، ۽ جڏهن توکي قيد خانه ۾ وجهي ته پوءِ توکي جڏهن ڪو رها ڪرائڻ لاءِ اچي ته تون ان سان گڏ وڃجان ۽ ان کي چئجان ته مونکي حڪم خدا سان نجات ڏيو.

صالح چيو ٿو ته هڪ ڏينهن هارون رشيد مونکي منهنجي وطن طبرستان مان طلب ڪيو ۽ چيو ته موسي ابن جعفر ڇا ڪري رهيا هئا؟ مون ٻڌو آهي ته هو توهان وٽ آهي؟

مون چيو مونکي ڪهڙي خبر آهي ان جي باري ۾ اي اميرالمومنين . توهان ته مونکان وڌيڪ ان جي باري ۾ ڄاڻيو ٿا، هي ٻڌي ڪري هارون رشيد حڪم ڏنو ته مونکي قيد خاني ۾ وڌو وڃي، جڏهن مان قيد خانه ۾ هيس ته سڄي رات مان بيدار هيس ۽ ويٺو هيس ايتري ۾ مون ٻڌو ته ڪو مونکي سڏي رهيو آهي، مان به اٿيس ۽ ڏٺم ته منهنجو مولا ۽ آقا امام موسي ڪاظم عليه السلام آهن، فرمايو مون سان گڏ اچو مان به پويان پويان هلڻ لڳس، جڏهن زندان مان خارج ٿياسين ۽ هڪ جائي تي پهتاسين ته فرمايائون: اي صالح! حقيقي قدرت ۽ سلطنت مون وٽ آهي جيڪا الله سائين اسان کي عطا ڪئي آهي.

مون عرض ڪيو آقا هن طاغوت ( هارون رشيد ) جي شر مان ڪٿان پناه وٺون؟

فرمايو : پريشان نه ٿي هاڻي هو توکي ڪابه تڪليف نه پهچائي سگهندو.

صالح چوي ٿو : خدا جي قسم ! مان طبرستان پهتس ته ڪنهن مونکي پڇو به نه ته تون ايترو وقت ڪٿي هئين.[12]

امام ڪاظم ع جو قيد خاني ۾

ابو خالد زبالي نقل ڪن ٿا : امام موسي ڪاظم عليه السلام کي وقت جي خليفه مهدي عباسي جا سپاهي قيد خاني جي طرف وٺي وڃي رهيا هئا ۽ منزل زباله وٽ گهوڙي کان لٿا ۽ مان امام عليه السلام جي ڪري تمام گهڻو خوف زده هيس. ابو خالد چيو ٿو: امام ضروري شين جي بندوبست جو حڪم ڏنو ۽ منهنجي طرف نظر ڪئي جڏهن ته مان رنجيده هيس.

امام عليه السلام فرمايو : ابا خالد ڇا جي ڪري  پريشان آهين.

عرض ڪيم توهان ان طاغوت جي طرف وڃي رهيا آهيو جنهن جي شر کان مطمعن نه آهيان.

فرمايو: ڊڄ نه فلاڻي ڏينهن تي منهنجو انتظار ڪجان.

راوي چيو ٿو : ان ڏينهن کي ڳڻڻ شروع ڪيم ايستائين جو اهو ڏينهن ٿي ويو، جلدي ۾ انهي ٻڌايل جڳھ تي ويس  پر اتي مون ڪنهن کي به نه ڏٺو ايسيتائين جو سج لهڻ جو وقت اچي ويو مان شڪ ۾ پئجي ويس اچانڪ مون هڪ شخص کي پري کان ايندي ڏٺو، قريب آيو ته مان ڏٺو ته هو امام ڪاظم عليه السلام آهن.

امام عليه السلام جيئن ئي مونکي ڏٺو مونکي فرمايو :  شڪ نه ڪر، پوءِ فرمايو :  هڪ مرتبو وري هي مونکي وٺي ويندا ان وقت منهنجي رهائي نه ٿيندي.

راوي جو بيان آهي ته  امام عليه السلام جيڪا پيشن گوئي ڪئي اها سچي ثابت ٿي.[13]

امام ع جي شهادت

هارون رشيد جڏهن ڏٺو ته ڏينهون ڏينهن امام ڪاظم عليه السلام جي مڃڻ وارن ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو ته امام عليه السلام کي قيد ۾ بند ڪرائي ڇڏيو، ۽ هڪ قيد خانه مان ٻئي قيد خانه جي طرف موڪليندا رهيا ۽ امام تي تمام گهڻيون سختيون ڪيون.

جڏهن ته امام پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو قيد خانه ۾ گذاريو ان جي باوجود به پاڻ پنهنجي شيعن لاءِ قيد خانه کان خط لکندا رهيا، گهڻن ئي شاگردن جي تربيت ڪئي، جيڪي شاگرد دنياءِ اسلام ۾ مشهور ٿيا، جيئن ابن ابي عمير، صفوان بن بن يحيي، علي ابن يقطين، صفوان ابن مهران وغيره.

هارون جڏهن هي ڏٺو ته امام عليه السلام قيد ۾ هجڻ جي باوجود به هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نٿو ٿئي ته ان هڪ ڏينهن  زندان جي داروغي کي حڪم ڏنو ته امام کي زهر ڏنو وڃي ، ان طرح امام عليه السلام کي زهر ڏنو ويو ۽ امام 25 رجب 183 هجري ۾ بعداد جي قيد خانه ۾ 55 سالن جي عمر ۾[14] شهيد ٿي ويا ، امام عليه السلام جي جسم مطهر کي امام عليه السلام جي مڃڻ وارن ڪاظمين ۾ دفن ڪيو.[15]

امام موسي ڪاظم عليه السلام جون گهر واريون

امام موسي ڪاظم عليه السلام جي گهروارين بابت ڪا حتمي تعداد ڪتابن ۾ ذڪر ناهي ٿي جنهن تي اڪثر علماء جو اتفاق هجي تاريخ جي مختلف ڪتابن ۾ مختلف تعداد ۾ گهرواريون ذڪر ٿيون آهن آخري تعداد 9 گهروارين جي ذڪر ٿي آهي انهن مان ڪجه ام ولد به آهن.

امام عليه السلام جي اولاد

امام موسي ڪاظم عليه السلام جي اولاد جي  تعداد جي باري ۾ ڪا به حتمي تعداد تاريخ جي ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل نه آهي البته ڪجھ ڪتابن ۾ مختلف تعدادن ۾ بيان ڪيو ويو آهي .

ابن شهر آشوب امام موسي ڪاظم عليه السلام جي اولاد جي تعداد 37 ذڪر ڪئي آهي جنهن ۾ هن 18 پٽ ۽ 19 ڌيئرون آهن

مرحوم شيخ مفيد ڪتاب ارشاد ۾ امام عليه السلام جي اولاد جو تعداد 37 ذڪر ڪيو آهي 18 پٽ ۽ 19 ڌيئرون[16]

ڪتاب ڪشف الغمه في معرفة الئمه ۾ امام عليه السلام جي اولاد جو تعداد 38 ذڪر ٿيو آهي 18 پٽ ۽ 20 ڌيئرون.

ڪتاب ينابيع المودت ۾ امام عليه السلام جي اولاد جو تعداد 59 ذڪر ٿيل آهي

سبط ابن جوزي ڪتاب تذڪرة الخواص ۾ امام عليه السلام جي اولاد جو تعداد 40 ذڪر ڪيو آهي 20 پٽ ۽ 20 ڌيئرون.[17]

ملا محسن ڪاشفي پنهنجي ڪتاب روضة الشهداء ۾ امام عليه السلام جي اولاد جو تعداد 60 ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ 37 ڌيئرون ۽ 23 پٽ شامل آهن

 

نتيجو:

حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام جي زندگي جا تمام گهڻا پهلو آهن جن تي روشن وجهڻ هڪ مقالي ۾ ممڪن نه آهي ڇو جو امام عليه السلام جي زندگي جي مختلف عنوانن تي مختلف ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا ويا آهن هن مقالي ۾ امام عليه السلام جي زندگي جي مخلتف عنوانن کي مختصر شامل ڪيو ويو آهي جن کي ڏسڻ کان بعد ۾ هڪ علم جي پياسي کي ان جي گهرائين ۾ وڃڻ جو شوڪ پيدا ٿيندو ۽ هو ان متعلق علمي تحقيق ڪري سگهندو مختصرا هن مقالي ۾ امام عليه السلام جي جي ننڍپڻ ڪرامتون معجزا امام عليه السلام جو اخلاق سخاوت مخالفن جي سوالن جا جواب ولادت، شهادت اولاد ۽ گهرواين جي تعداد کي ذڪر ڪيو آهي. 

 

 

 

 

 

منابع

قرآن

الارشاد، شيخ مفيد متوفي 413 ناشر دار مفيد 1414 ق.

الڪافي، محمد بن يعقوب بن اسحاق متوفي 329 ناشر دار الحديث قم

بحار الانوار، محمد باقر مجلسي متوفي 1110 ق دار الکتب الاسلاميه

تذڪرة الخواص، سبط ابن جوزي متوفاي 654 ق ناشر مجمع جهاني اهل بيت 1446ق

جلاء العيون، محمد باقر مجلسي متوفي 1110 ق ناشر اجود قم 1390 ش

دلائل الامامة، محمد بن جرير طبري صغير، ناشر دار الذخائر

قرب الانساد، عبدالله بن جعفر حمرير، ناشر موسسه آل البيت (ع) لاحياء التراث 1413 ق

ڪمال الدين، شيخ صدوق متوفي 381 ناشر جامعه مدرسين .

ڪفاية الاثر، علي خزاز قمي متوفاي 400 ناشر بيدار 1401

ڪشف الغمه، علي بن عيسي اربلي متوفاي  692 ناشر دار الاضواء 1403

مستدرڪ الوسائل، ميرزا حسين نوري متوفاي 1320ق ناشر آل البيت .

مناقب آل ابي طالب، ابن شهر آشوب، المکتبة الحيدريه، 1376ق.

وسائل الشيعہ، شيخ حر عاملي متوفاي 1104 ناشر آل البيت 1414ق.

 



[1] . الارشاد ، ج 2 ص 215

[2] . جلاء العيون ص 721.

[3] . بحار الانوار، ج 48 ص 2 ؛ جلاء العيون ص 723.

[4] . الڪافي، ج 1 ص 310، وسائل الشيعه ج 15 ص 123، مستدرڪ الوسائل ج 15 ص 125. دلائل الامامه ص 327.

[5] . الڪافي ج 1 ص 308، ڪشف الغمه ج 3 ص 11.

[6] .ڪمال الدين ، ص 409، ڪفاية الاثر ص 296 وسائل الشيعه ج 11 ص 492، مناقب آل ابي طالب ج 1 ص 212.

[7] .سوره ق آية 16.

[8] . ڪافي، ج 3 ص 297

[9] . قرب الاسناد ص 336.

[10] بحار الانوار ج 48 ص 55

[11] . بحار الانوار ج 48 ص 41. امالي شيخ صدوق .

[12] بحار الانوار ج 48 ص 66

[13] بحار الانوار ج 48 ص 70

[14] . قلائد النحور ج رجب، ص 34.

[15] . بحار الانوار ج 48 ص 201

[16] . الاشاد ج2 ص 244.

[17] .تذڪرة الخواص س 315

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي