خميس, 09 اپريل 2020

عوام جا سوال رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جا جواب

  • انداز قلم

 

مهاڳ: الله سائين جڏهن حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن کي انسانن جي هدايت جي لاءِ عرب قوم ۾ مبعوث فرمايو ۽ اسلام آهسته آهسته پکڙجڻ لڳو ته مختلف قبيلن مان ماڻهو اچي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم

جن جي بارگاھ ۾ مختلف سوال ڪندا هئا ۽ سوالن جا جواب پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زباني ٻڌندا هئا. انهن سوالن مان ڪجھ سوال اسان هت ذڪر ڪري رهيا آهيون.

سوال پهريون:

حضرت امام حسن مجتبى عليه السلام کان روايت آهي ته ڪجھ يهودي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ انهن منجھان جيڪو وڌيڪ علم ۽ ڄاڻ رکڻ وارو هو حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان سوالات ڪيا جن سوالن مان هڪ سوال هي هيو ته توهان کي محمد، احمد، ابوالقاسم، بشير و نذير ۽ دائي ڇو چيو ويندو آهي؟

حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايو ته:

”محمد“ ان لاءِ ته زمين تي منهنجي تعريف ڪئي ويندي آهي

”احمد “ ان لاءِ ته آسمان تي منهنجي تعريف ڪئي ويندي آهي

”ابو القاسم“ ان لاءِ ته الله سائين قيامت جي ڏينهن  جهنم (۽ جنت) منهنجي ذريعي تقسيم ڪندو پهرِيَن ۽ بعد ۾ اچڻ وارن منجھان جنهن به منهنجي نبوت جو انڪار ڪيو انکي جهنم موڪليندو ۽ جنهن مون تي ايمان آندو ۽ منهنجي نبوت جو اقرار ڪيو کيس جنت ۾ داخل ڪيو ويندو

”دائي“ ان لاءِ ته مان ماڻهن کي پنهنجي پروردگار جي دين جي طرف دعوت ڏيندو آهيان

”نذير“ ان لاءِ ته مان پنهنجي نافرماني ڪرڻ وارن کي جهنم جي باھ کان ڊيڄاريندو آهيان

”بشير“ ان لاءِ ته مان پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ وارن کي جنت جي خوشخبري ڏيندو آهيان(1)

سوال ٻيون:

حضرت امام علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته: مان جناب ام سلمه جي حجري ۾ حضوراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ ويٺو هيس ۽ ڪجھ اصحابي آيا انهن مان جناب سلمان، ابوذر، مقداد ۽ عبدالرحمان بن عوف به هيا سلمان حضوراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو يا رسول الله هر نبي جي لاءِ وصي ۽ ٻه پوٽا هوندا آهن (پوءِ) توهان جا وصي ۽ ٻه پوٽا ڪهڙا آهن؟

حضوراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جن ٿوري دير تائين خاموشي اختيار ڪئي ۽ پوءِ ارشاد فرمايائين:

اي سلمان پالڻهار چارهزار نبي موڪليا آهن انهن جا چار هزار وصي ۽ اٺ هزار پوٽا آهن ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي قدرت ۾ منهنجي جان آهي مان تمام انبياءَ کان افضل ۽ برتر آهيان ۽ منهنجو وصي تمام وصين کان افضل ۽ برتر آهي ۽ منهنجا پوٽا تمام نبين جي پوٽن کان افضل ۽ برتر آهن.

 انکان پوءِ حضوراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: اي سلمان ڇا حضرت آدم جي وصي کي سڃاڻي ٿو؟ سلمان عرض ڪيو خدا ۽ سندس رسول بهتر ڄاڻن ٿا حضوراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو تون اسان اهلبيت عليهم السلام  منجھان آهين مان توکي ٻڌايان ٿو:

حضرت آدم پنهنجي فرزند حضرت شيث کي وصي بڻايو

۽ حضرت شيث پنهنجي فرزند حضرت شبان کي وصي بڻايو

۽ حضرت شبان پنهنجي فرزند حضرت مخلث کي وصي بڻايو

۽ حضرت مخلث پنهنجي فرزند حضرت محوق کي وصي بڻايو

۽ حضرت محوق پنهنجي فرزند حضرت غثميث کي وصي بڻايو

۽ حضرت غثميث حضرت اخنوخ کي وصي بڻايو جيڪو حضرت ادريس جي نالي سان مشهور آهي

۽ حضرت ادريس حضرت ناخور کي وصي بڻايو

۽ حضرت ناخور حضرت نوح کي وصي بڻايو

۽ حضرت نوح پنهنجي فرزند سام کي وصي بڻايو

۽ حضرت سام حضرت عثامر کي وصي بڻايو

۽ حضرت عثامر حضرت برعشاثا کي وصي بڻايو

۽ حضرت برعشاثا پنهنجي فرزند يافث کي وصي بڻايو ۽ حضرت يافث حضرت بره کي وصي بڻايو

۽ حضرت بره حضرت حفسيه کي وصي بڻايو

۽ حضرت حفسيه حضرت عمران کي وصي بڻايو ۽ حضرت عمران حضرت ابراهيم خليل کي وصي بڻايو

۽ حضرت ابراهيم پنهنجي فرزند اسماعيل کي وصي بڻايو

۽ حضرت اسماعيل حضرت اسحاق کي وصي بڻايو

۽ حضرت اسحاق حضرت يعقوب کي وصي بڻايو

۽ حضرت يعقوب حضرت يوسف کي وصي بڻايو

۽ حضرت يوسف حضرت برثيا کي وصي بڻايو

۽ حضرت برثيا حضرت شعيب کي وصي بڻايو

۽ حضرت شعيب حضرت موسى بن عمران کي وصي بڻايو

۽ حضرت موسي بن عمران حضرت يوشع بن نون کي وصي بڻايو

۽ حضرت يوشع بن نون حضرت دائود کي وصي بڻايو

۽ حضرت دائود حضرت سليمان کي وصي بڻايو

۽ حضرت سليمان آصف بن برخيا کي وصي بڻايو

۽ آصف بن برخيا حضرت زڪريا کي وصي بڻايو

۽ حضرت زڪريا حضرت عيسي بن مريم کي وصي بڻايو

۽ حضرت عيسي بن مريم حضرت شمعون بن حمون صفا کي وصي بڻايو

۽ حضرت شمعون حضرت يحيي بن زڪريا کي وصي بڻايو

۽ حضرت يحيي حضرت منذر کي وصي بڻايو

۽ حضرت منذر حضرت سلمه کي وصي بڻايو

۽ حضرت سلمه حضرت برده کي وصي بڻايو

۽ حضرت برده مون کي وصي بڻايو

۽ آئون هن عهدي کي علي بن ابوطالب (عليه السلام) جي حوالي ٿو ڪيان.

حضرت علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته مان چيو يا رسول الله (صلي الله عليه وآله وسلم)  ڇا انهن کان علاوه ٻيا به انبياءَ ۽ وصي (الله سائين موڪليا) آهن؟

حضوراڪرم جن فرمايو جي هان ان کان وڌيڪ آهن جو انهن کي شمار ڪيو وڃي پوءِ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو اي علي  مان هن عهدي کي تنهنجي حوالي ٿوڪريان

۽ تون هن کي پنهنجي فرزند حضرت حسن  جي حوالي ڪندؤ

۽ حضرت حسن  هن کي پنهنجي ڀاءُ حضرت حسين  جي حوالي ڪندا

۽ حضرت حسين  هن کي پنهنجي فرزند حضرت علي (زين العابدين) جي حوالي ڪندا

۽ حضرت علي (زين العابدين)  هن کي پنهنجي فرزند حضرت محمد (باقر) جي حوالي ڪندا

۽ حضرت محمد (باقر)  هن کي پنهنجي فرزند حضرت جعفر جي حوالي ڪندا ۽ حضرت جعفر هن کي پنهنجي فرزند حضرت موسي  جي حوالي ڪندا

۽ حضرت موسي هن کي پنهنجي فرزند حضرت علي (رضا)  جي حوالي ڪندا

۽ حضرت علي (رضا)  هن کي پنهنجي فرزند حضرت محمد (تقي) جي حوالي ڪندا

۽ حضرت محمد (تقي)  هن کي پنهنجي فرزند حضرت علي (نقي)  جي حوالي ڪندا

۽ حضرت علي (نقي)  هن کي پنهنجي فرزند حضرت حسن (عسڪري) جي حوالي ڪندا

۽ حضرت حسن (عسڪري)  هن کي پنهنجي فرزند حضرت قائم  جي حوالي ڪندا

پوءِ ماڻهن کان انهن جو امام(قائم) ايتري مدت جي لاءِ پرده غيب ۾ هليا ويندا جيتريءَ مدت الله سائين چاهيندو ۽ ان امام جي لاءِ ٻه غَيبتون ٿينديون جن مان هڪ غَيبت ٻي غَيبت کان وڏي هوندي.

 پوءِ حضوراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اسان ڏانهن متوجھ ٿيا ۽ بلند آواز ۾ فرمايائين جڏهن منهنجي ذريت منجھان ستي فرزند جو پنجون فرزند غائب ٿيندو ته پرهيز ڪجو پرهيزڪجو.

حضرت علي عليه السلام  فرمائن ٿا ته مان چيو يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ان غيبت ۾ ان جو ڇا حال هوندو؟

حضوراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو صبر ڪيو ويندو ايسيتائين جو پروردگار ان امام  کي خروج (يعني ظاهر ٿيڻ ) جي اجازت ڏيندو هو (امام) يمن جي هڪ ڳوٺ کان ظاهر ٿيندو جنهن ڳوٺ جو نالو”ڪرعه“ هوندو ان جي سر تي عمامو هوندو، منهنجي زره ۽ منهنجي تلوار ذوالفقار ان جي ڪمر تي ٻڌل هوندي ، هڪ پڪارڻ وارو پڪاريندو هي مهدي الله سائين جا خليفه آهن ان جي اتباع ۽ پيروي ڪريو.

هو (امام) زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جهڙي طرح ظلم ۽ جور سان ڀريل هوندي ۽ هي ان وقت ٿيندو جڏهن دنيا ۾ افرا تفري جو عالَم هوندو ۽ ماڻهون هڪ ٻئي کي ڌوڪو ڏيندا ۽ باطل ڏانهن شوق ڏياريندا ان وقت وڏو ننڍي تي رحم ڪونه ڪندو ۽ نه ئي طاقتور ڪمزور تي رحم ڪندو بس انهي زماني ۾ پروردگار ان کي خروج (ظاهر ٿيڻ) جي اجازت ڏيندو.(2)

سوال ٽيون:

حضرت امام علي رضا عليه السلام پنهنجي آباءَ و اجداد کان روايت نقل ڪن ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام  کي فرمايائين اي علي! توهان کي ٽي شيون عطا ڪيون ويون آهن جيڪي مون کي نه مليون آهن.

حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا مان چيو يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم مون کي ڇا عطا ڪيو ويو آهي؟

حضوراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو:

 (1) توهان کي مون جهڙو سهرو نصيب ٿيو آهي جيڪو مونکي نصيب نه ٿيو.

(2) توهان کي فاطمه عليها السلام  جهڙي همسفر ملي مون کي ان جهڙي (با عظمت) همسفر نه ملي.

(3) توهان کي حسن حسين (جهڙا فرزند) مليا انهن جهڙا مونکي نه آهن مليا. (3)

سوال چوٿون:

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام کان روايت آهي ته ڪجھ رسول جي صحابين رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان عرض ڪيو يا رسول الله ڇا سبب آهي جو جهڙي طرح اسان کي اولاد سان محبت آهي انهن کي اسان سان ڪونه آهي؟

حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ڇو جو اهي توهان منجھان آهن ۽ توهان انهن منجھان نه آهيو.(4)

سوال پنجون:

حضرت امام حسين عليه السلام جن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان سوال ڪيو ته بابا جان جيڪو شخص اسان جي زيارت ڪري ان جو ڪيترو ثواب آهي؟

حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته: اي منهنجي (اکين جا ٺار) منهنجا لال جيڪو شخص منهنجي زيارت منهنجي زندگيءَ ۾ ڪري ۽ وفات کان پوءِ ۽ ائين ئي جيڪو شخص تنهنجي بابا جي زيارت ان جي زندگيءَ ۾ ڪري ۽ وفات کان پوءِ ۽ جيڪو شخص تنهنجي ڀاءُ (حسن) جي زيارت ان جي زندگيءَ ۾ ڪري ۽ ان جي وفات کان پوءِ ۽ جيڪو شخص تنهنجي زيارت تنهنجي زندگيءَ ۾ ڪري ۽ وفات کان پوءِ ته مون تي حق آهي ته مان قيامت ۾ ان سان ملاقات ڪيان ۽ ان کي سندس گناهن کان ڇوٽڪارو ڏياري ڪري جنت ۾ داخل ڪيان. (5)

حوالا

1. بحارالانوار ج16 ص94

2. بحارالانوار ج 36 ص333

3. بحارالانوار ج39 ص89

4. بحارالانوار ج82 ص72

5. بحارالانوار ج100 ص 241

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي