اڱارو, 14 جولاءِ 2020

ڪعبة الله جي تاريخي حيثيت

  • انداز قلم

 

ڪعبة الله تمام قديمي عبادت گاه آهي جنهن جي بنياد حضرت آدم عليه السلام ۽ ان جون ديوارون حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام تعمير ڪيو هيون، جيتوڻيڪ هي گهر بناوٽ جي لحاظ سان هيءَ گهر تمام سادو آهي

۽ ظاهري آرائش ۽ خوبصورتي کان خالي آهي ۽ پٿرن جي هڪ سدهي ۽ سادي عمارت آهي پر ان جو هڪ پٿر برڪت ۽ سعادت جي سرچشمي سان گڏ عزت ۽ حرمت جو مرڪز ۽ محور به آهي.[1]

الله سائين جو فرمان آهي: ”جَعَلَ الله الکعبة البیت الحرام[2]

الله تعالي بيت الله کي تعظيم وارو گهر قرار ڏنو آهي

بيت الله جي عزت ۽ حرمت هميشه آهي ۽ هميشه رهڻ واري آهي، ايئين نه آهي ته هن گهر جي عزت ۽ حرمت پهريان هئي ۽ هاڻي نه آهي ، بلڪه جنهن وقت هن جي بنياد رکي وئي هئي اُن وقت کان ئي ان کي قيمتي، با عظمت ۽ غير معمولي مرڪزي حيثيت حاصل آهي ۽ اڄ به ان جي مرڪزيت ۽ اهميت اهڙي طرح قائم ۽ دائم آهي.

خدا جي حڪم سان حضرت ابراهيم عليه السلام حجاز جي هڪ ويران علائقي ۾ خانه ڪعبه جي تعمير شروع ڪئي، حضرت اسماعيل عليه السلام به پنهنجي والد سان ان ڀلي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو، اهڙي ريت پيءَ پٽ ملي ڪري خانه ڪعبه کي مڪمل ڪيو، هي پاڪيزه نيت ۽ پرخلوص عمل جو نتيجو  هيو جو خانه ڪعبه کي عرب جي تمام جزيرن تي مرڪزي عبادتگاه جي حيثيت حاصل ٿي وئي ۽ هر ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو اتي پهچڻ لڳا.

اِنَّ اَوَّلَ بَیتٍ وُضِعَ لِلنَّاسِ لَلَّذِی بِبَکة مُبَارَکاً وَ هدیً لِلعالَمِینَ [3]

(عبادت جو) پهريون گهر جنهن کي ماڻهن لاءِ بڻايو ويو سو اهو ئي آهي جيڪو برڪت وارو آهي ۽ عالمين لاءِ هدايت آهي.

اسان کي هاڻي معلوم ٿيو ته ڪعبة الله اُها پاڪيزه ۽ مقدس عبادت گاه آهي جنهن جو انتخاب خداوند عالم ڪيو ۽ اُن جي تعمير به الله جي مقدس ۽ پاڪيزه بندن(حضرت نوح، حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل  ڪئي، اُن سان گڏ وگڏ الله پنهنجي بندن جي ٻاجھ ڪندي ان ئي مقدس جڳھ کي عالمين لاءِ هدايت جو مرڪز ۽ امن، امان ۽ سڪون واري جڳھ قرار ڏنو.

ڪعبه ۾ ڪير پيدا ٿيو؟

ڪعبة الله هي اهو محترم، پاڪ، پاڪيزه ۽ با غظمت گهر آهي جنهن ۾ مولاء متقيان حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام پيدا ٿيو، تمام مڪاتب جي علماء ۽ مورخين ،( اهل سنت ۽ اهل تشيع ) اتفاق سان لکيو آهي ته حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيا، حاڪم نيشاپوري جيڪو اهل سنت جو بزرگ عالم دين آهي هو پنهنجي ڪتاب مستدرڪ ، ج 3 ص 483 تي ان حديث کي سند ۽ تواتر سان لکيو آهي: ” وَقَد تَوَاتِرَتِ الاَخبارُ اَنَّ فَاطِمة بِنتِ اَسَد (ع) وَلَدَت اَمِیرَ المُومِنِینَ عَلِی ابنُ اَبِی طَالِبٍ کَرَّمَ الله وَجهه فِی جَو فِ الکَعبة“ اميرالمومنين علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجه ، فاطمه بنت اسد جي بطن اطهر مان خانه ڪعبه جي وچ ۾ پيدا ٿيا،

عربي ٻولي ۾ ”جوف“ ڪنهن شيء جي وچ، مرڪز ۽ سينٽر کي چئبو آهي، جوف ڪعبة الله، جو لفظ استعمال ڪري حاڪم نيشاپوري علي عليه السلام جي ان فضيلت جي منڪرن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته حضرت علي عليه السلام ڪعبة الله جي ڪنهن ڪنڊ ۽ پاسي پيدا ناهي ٿيو پر علي عليه السلام جي اُها ذات آهي جنهن جي ولادت ڪعبة الله ۾ جيڪو عالمين لاءِ مرڪز آهي اُن مقدس مرڪز جي به مرڪز ۽ سينٽر ۾ ٿي آهي.

شاه ولي الله محدث دهلوي پنهنجي ڪتاب ”ازالة الخفاي“ جي صفحه 251 تي هن حديث کي اڃا واضح طور تي تحرير ڪيو آهي ته حضرت علي عليه السلام کان پهريان ۽ نه وري بعد هي شرف ڪنهن کي به نصيب ناهي ٿيو ، لکن ٿا: ” تواتر الاخبار ان فاطمة بنت اسد ولدت امیر المومنین علیاً فی جوف الکعبة فانه ولد فی یوم الجمعة ثالث عشر من شهر رجب بعد عام الفیل بثلاثین سنة فی الکعبة و لم یولد فيها احد سواه قبله ولا بعده“ متواتر روايت سان ثابت آهي ته حضرت علي (عليه السلام) جمعي جي ڏينهن 13 رجب سن 30 عام الفيل(هاٿين واري سال) فاطمه بنت اسد جي پيٽ مان پيدا ٿيا ۽ پاڻ (عليه السلام) کان علاوه علي (عليه السلام ) جي ولادت کان نه پهريان نه پوءِ ڪو به خانه ڪعبه ۾ پيدا ناهي ٿيو“

حافظ گنجي شافعي پنهنجي ڪتاب ”ڪفايت الطالب“ جي صفحه 260 تي حاڪم کان نقل ڪندي لکن ٿا: ” اميرالمنين علي ابن ابي طالب (عليه السلام ) مڪي معظمه ۾ خانه ڪعبه جي اندر جمعي جي رات 13 رجب  30 عام الفيل تي پيدا ٿيا، ان کان علاه ٻيو ڪير به بيت الله ۾ پيدا ناهي ٿيو  نه ان کان پهريان ۽ نه ان کان پوءِ، هي مقام ۽ منزلت فقط حضرت علي (عليه السلام) کي حاصل آهي“

لم یولد قبله و لا بعده مولود فی بیت الحرام “حضرت علي (عليه السلام) کان پهريان ۽ نه پاڻ (عليه السلام) کان بعد ڪوبه خانه ڪعبه ۾ پيدا ناهي ٿيو.

علامه ابراهيم اميني پنهنجي ڪتاب ” الغدير“ جلد 6 ص 21 تي حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلامجي ولادت خانه ڪعبه ۾ ٿي ان کي اهل سنت جي 20 ڪتابن کان وڌيڪ ۽ شيعن جي 50 ڪتابن مان نقل ڪيو آهي.

بهر حال اصل واقعه کان ٿوري گهڻي اختلاف سان اهل سنت جي علماء ۽ مورخين ان طرح بيان ڪيو آهي: فاطمه بنت اسد تي وضح حمل جا آثار ظاهر ٿيا ته هن جناب ابو طالب (عليه السلام) کي ٻڌايو، جناب ابو طالب (عليه السلام) ان جو هٿ پڪڙي خانه ڪعبه جي اندر وٺي ويا ۽ چيائين” اجلسی على اسم الله  خدا جو نالو وٺي ڪري اتي ويهي رھ.

ان کان پوءِ هڪ تمام خوبصورت ٻار پيدا ٿيو جنهن جو نالو جناب ابو طالب (عليه السلام) ”علي“ (عليه السلام) رکيو، هن حديث کي ابن مغازلي پنهنجي ڪتاب مناقب ۽ ابن صباغ ”فصول المهمه“ ۾ نقل ڪيو آهي، ۽ ٻين ڪافي مورخن ان حديث کي نقل ڪيو آهي.

تبصرو:

هن حديث مان به علي عليه السلام ۽ ان جي بابي جي عظمت ثابت ٿئي ٿي ، اها هن ريت ته حضرت ابو طالب عليه السلام پنهنجي زوجہ کي ان مشڪل وقت ۾ ڪنهن ڪوڙي خدا جي گهر نه وٺي ويو؟ ڪنهن ڪافر کان صلاح نه ورتائين، بلڪه پنهنجي زوجہ کي ڪعبة الله ڏانهن وٺي اچي ڪري اهو ٻڌايو ته ابو طالب عليه السلام پهريان به مومن ۽ موحد هيو ۽ هاڻي به مومن ۽ خدا پرست آهي ۽ رهندو..

ان سان ملندڙ جلندڙ واقعو ڪجھ شيعه مورخن به لکيو آهي، پر علماء شيعه رضوان الله عليهم ڪجھ هن طرح لکيو آهي.

جنهن وقت جناب فاطمه بنت اسد تي وضح حمل جا آثار ظاهر ٿيا ته هو پاڻ خانه ڪعبه جي قريب آئي ۽ خدا تعالي کان دعا گهريائين ته: يا الله منهنجي هن مشڪل کي آسان فرماء، اڃا دعا ختم ئي نه ٿي هئي ته خانه ڪعبه جي ديوار ڦاٽي ۽ پاڻ( سلام الله عليها) خانه ڪعبه جي اندر هلي وئي ۽ خانه ڪعبه جي اندر حضرت علي عليه السلام جي ولادت ٿي.

بريده بن قعنب کان روايت آهي:

بريده چوي ٿو ته مان عباس ۽ بني هاشم جي هڪ جماعت سان گڏ مسجد الحرام ۾ خانه ڪعبه جي طرف منهن ڪري ويٺا هئاسين ته اچانڪ فاطمه(عليها السلام) بنت اسد آئي ۽ خانه ڪعبه جي طواف ۾ مشغول ٿي وئي طواف دوران ان تي حمل جا آثار ظاهر ٿيا ته خانه ڪعبه جي قريب اچي فرمايائين: ”رب انی مومنة بک و بما جاءمن عندک من رسل و کتب ،انی مصدقة بکلام جدی ابراهیم الخلیل ، و انه بنی البیت العتیق، فبحق الذی بني هذا البیت ، و بحق المولود الذی فی بطنی لما یسرت علی ّ ولادتی خداوند! مان تو تي ۽ تنهنجي تمام پيغمبرن تي ۽ تنهنجي ڪتابن تي ايمان  رکان ٿي جيڪي تنهنجي طرف کان آيا آهن ۽ پنهنجي ڏاڏي جناب ابراهيم خليل جي تصديق ڪيان ٿي جنهن هن پاڪ گهر کي ٺاهيو ، خداوند! ان شخص جو واسطو جنهن ان گهر جي بنياد رکي ۽ ان ٻار جي واسطي جيڪو منهنجي پيٽ ۾ آهي ان جي ولادت منهنجي لاءِ آسان فرما.

بريده بن قعنب چوي ٿو:

اسان ڏٺو ته اچانڪ خانه ڪعبه جي پُٺ واري ديوار جدا ٿي ۽ فاطمه(عليها السلام) بنت اسد ڪعبه جي اندر داخل ٿي ڪري اسان جي نظرن کان اوجهل ٿي ويون، پوءِ ڪعبہ جي ديوارون پاڻ ۾ ملي وئي، اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته خانه ڪعبه جي دروازي جو تالو کولي اندر داخل ٿيون پر تالو اسان کان نه کليو ، تالي جي نه کلڻ مان اسان تي هي ڳالهه واضح ٿي وئي ته هي الله تعالي جو معجزو آهي ان کان علاوه ڪجھ به ناهي، جناب فاطمه بنت اسد(عليها السلام) چوٿين ڏينهن حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي هٿن تي کڻي خانه ڪعبه کان ٻاهر نڪتيون.

روايت ۾ آهي : فاطمه بنت اسد( عليها السلام) فرمايو : علي (عليه السلام) جي ولادت کان پوءِ جڏهن مان خانه ڪعبه کان ٻاهر نڪرڻ لڳس ته هاتف غيبي جي آواز آئي: یا فاطمة سميه علیا فهو علی والله العلی الاعلي یقول : انی شققت اسمه من اسمی و ادبته بادبی ، و وقفته علی غامض علمی۔۔۔۔ اي فاطمه (عليها السلام) هن ٻار جو نالو علي(عليه السلام) رکجان ڇو جو هي علي ۽ بلند آهي ۽ خدا علي اعلي آهي : مون هن ٻار جو نالو پنهنجي نالي کان مشتق ڪيو آهي ۽ پنهنجي ادب سان ان کي مودب ڪيو آهي ۽ ان کي پنهنجي علم جي باريڪين کان آگاه ڪيو آهي.[4]

ولادت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي بابت مختلف علماء ۽ مورخين جا بيان.

اهل سنت جي موخين ۽ محدثين جو نظريو:

1: حاڪم نيشاپوري

اميرالمومنين علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجه خانه ڪعبه ۾ فاطمه بنت اسد جي بطن اطهر مان پيدا ٿيو، هي روايت تواتر جي حد تائين آهي.[5]

2: حافظ گنجي شافعي

اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام مڪي معظمه، خانه ڪعبہ جي اندر جمعي جي رات 13 رجب، 30 عام الفيل تي پيدا ٿيو، ان کان پهريان ۽ نه بعد ۾ ڪو به فرد بيت الله ۾ پيدا نه ٿيو آهي، هي مقام منزلت ۽ شرف فقط علي عليه السلام جي ذات کي حاصل آهي.[6]

3: علامه ابن صباغ مالڪي

علي ابن ابي طالب عليه السلام جمعه جي رات 13 رجب، سن 30 عام الفيل . 23 سال هجرت کان پهريان مڪي معظمه ۾ خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيو ، حضرت علي عليه السلام جي جلالت ، بزرگي ۽ ڪرامت جي ڪري خداوند عالم ان فضيلت کي فقط مولاءِ ڪائنات لاءِ مخصوص ڪيو آهي .[7]

4: احمد بن عبدالرحيم دهلوي :

شاه ولي الله احمد بن عبدالرحيم، معروف محدث دهلوي نقل ڪن ٿا:

بغير ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي هي روايت متواتر آهي ته علي ابن ابي طالب عليه السلام جمع جي رات 13 رجب، 30 عالم الفيل، هجرت کان 23 سال پهريان مڪي معظمه ۾ خانه ڪعبه جي اندر فاطمہ بنت اسد جي پيٽ مان پيدا ٿيو ، ان کان پهريان ۽ نه وري بعد ۾ ڪو به شخص خانه ڪعبه ۾ پيدا نه ٿيو آهي ، حضرت علي (عليه السلام) جي جلالت، بزرگي ۽ ڪرامت جي ڪري الله جل جلاله ان فضليت کي فقط علي عليه السلام لاءِ مخصوص ڪيو آهي.[8]

4: علامه سڪتواري بسنوي:

اسلام ۾ اِهو سڀ کان پهريون ٻار هيو جنهن جو تمام صحابه جي درميان نالو ” حيدر“ يعني شينهن جو نالو رکيو ويو، هو اسان جو مولا ، سيد ۽ سردار حضرت علي ابن ابي طالب (عليه السلام) آهن، جنهن وقت حضرت علي (عليه السلام) پيدا ٿيو ان وقت حضرت ابوطالب (عليه السلام) سفر تي ويل هئا، حضرت علي (عليه السلام) جي ماءُ هن جو نالو ”اسد“ رکيو ڇو جو ”اسد“ ان جي والد جو نالو هيو.[9]

5: علامه محمد مبين انصاري حنفي لکهنوي (فرنگي محلي):

حضرت علي (عليه السلام) خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيا، حضرت علي ( عليه السلام) کان علاوه ٻيو ڪير به هن پاڪ، پاڪيزه ۽ مقدس جاءِ تي پيدا نه ٿيو، خداوند عالم هن فضيلت کي فقط علي (عليه السلام ) لاءِ مخصوص ڪيو آهي ۽ خانه ڪعبه کي به هن شرف سان مشرف ڪيو.[10]

6: آلوسي بغدادي:

هي واقعو پنهنجي جاءِ تي صحيح ۽ بهتر آهي ته خداوند عالم ارادو ڪيو ته اسان جي امام ۽ پيشوا کي اهڙي جاءِ تي پيدا ڪري جيڪو تمام عالم اسلام جي مومنن جو قبلو هجي، پاڪ ۽ پاڪيزه آهي پروردگار جيڪو هر شئي کي پنهنجي بهتر جاءِ تي رکندو آهي ۽ هو بهترين حاڪم آهي.[11]

هو اڳتي لکي ٿو:

جيئن ته ڪجھ ماڻهن جو چوڻ آهي ته حضر ت علي (عليه السلام) به چوندا هئا ته جنهن خانه ڪعبه ۾ مان پيدا ٿيو آهيان انهي جي خدمت کي پنهنجي لاءِ باعث افتخار سمجهان ٿو، اها ئي وجھ آهي جو ان بتن کي بلندي کان هيٺ ڪرايو، حديث جي هڪ حصي ۾ آيو آهي ته خانه ڪعبه خداوند عالم جي بارگاه ۾ شڪايت ڪندي چيو، يا الله ڪيستائين ماڻهو منهنجي چارن طرفن کان بتن جي پوڃا ڪندا رهندا؟ خداوند عالم ان سان وعدو ڪيو ته توکي انهن بتن کي پاڪ ڪندس.[12]

7: عباس محمود عقاد:

عقاد چوي ٿو ته حضرت علي( عليه السلام) خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيا، خداوند عالم حضرت علي( عليه السلام) جي چهري کي پاڪ ، پاڪيزه، ۽ بلند قرار ڏنو ته جيئن بتن کي سجدو نه ڪري، ان ڪري الله جو هي ارادو هيو ته هو ڪنهن نئي جڳھ تي هڪ نئي انداز سان ان جي ولادت ڪرائي، پوءِ الله خانه ڪعبه کي حضرت علي (عليه السلام) جي جاءِ ولادت لاءِ منتخب ڪيو، هي حقيقت آهي ته حضرت علي( عليه السلام) مسلمان ئي پيدا ٿيا، جڏهن اسان ان جي ولادت تي غور ۽ فڪر ڪنداسين ته اسان کي معلوم ٿي ويندو ته علي(عليه السلام) فطرت اسلام تي پيدا ٿيا ڇو جو هو بتن جي عبادت کان بلڪل نا واقف هئا ۽ نه وري هن ڪڏهن بتن جي عبادت ڪئي، هو مبارڪ  ترين جاءِ تي پيدا ٿيا جتان کان اسلام جي ابتدا ٿي.[13]

8: علامه صفوري:

علامه صفوري چوي ٿو ته حضرت علي (عليه السلام) پنهنجي والده جي بطن مبارڪ مان خانه ڪعبه جي اندر پيدا ٿيا، حضرت علي (عليه السلام) جو هن مقدس جاءِ تي پيدا ٿيڻ تمام وڏي فضيلت ۽ شرف آهي جيڪو خداوند علام فقط مولاءِ ڪائنات سان ئي مخصوص ڪيو .[14]

نتيجو:

خانه ڪعبه اسان مسلمانن جي ٻئين ۽ سڀ کان وڏي عبادت گاه آهي جتي هر سال مسلمان ذي الحج مهيني ۾ حج ڪرڻ جي لاءِ جمع ٿيندا آهن هي عبادت گاه الله جي حڪم سان تيار ٿي هئي پر هن عبادت گاه ۾ مشرڪن زبردستي سان بت رکيا هئا رسول الله فتح مڪه جي وقت خانه ڪعبه کي بتن کان پاڪ ڪيو.

هي اهو گهر آهي جنهن ۾ اسان شيعن جو پهريون امام پيدا ٿيو تاريخ گواه آهي ته حضرت امام علي عليه السلام کان پهريان ۽ نه بعد ۾ ڪوبه هن هن گهر ۾ پيدا ناهي ٿيو، هي فضيلت فقط ئي فقط اسان جي پهرين امام حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام کي ئي حاصل آهن.

هن مختصر گفتگو ۾ اسان اهل سنت جي مشهور عالم دينن جي نظرين کي  بيان ڪيوسين جن حضرت علي عليه السلام جي ولادت جي لاءِ خانه ڪعبه کان سواءِ ڪنهن ٻي جڳه جو ذڪر نه ڪيو. 

ان تمام گفتگو ما معلوم ٿئي ٿو ته علي عليه السلام اُها ذات آهي جنهن کي بيشمار فضيلتون ۽ عظمتون عطا ٿيل آهن، جنهن جو اعتراف تمام مڪاتب جي علماء ، مورخين ۽ محدثين ڪيو آهي.

[1] . سيره اميرالمومنين، 114، تاليف علامه مفتي جعفر حسين صاحب (ناشر اماميه ڪتب خانه لاهور)

[2] . سورہ مائدہ 97

[3] . سورہ آل عمران 96

[4] .  زندگاني اميرالمومنين(ع) ،ص 72، مصنف سيد هاشم رسولي محلاتي ( ناشر دفتر فرهنگ اسلامي قم)

[5] .  مستدر حاڪم نيشاپوري، ج 3 ص483، 550( حڪيم ابن حزام جي شرح ۾ ) ۽ ڪفاية الطالب، ص 260.

[6] . کفاية الطالب ، ص407.                     

[7] . الفصول المہمة ،ص30.

[8] . ازالة الخلفاء،ج2, ص251.

[9] . حاضرة الاوائل ،ص79

[10] .وسلية النجاة، محمد مبين حنفي، ص 60، (چاپ گلشن فيض لکهنو)

[11] . غالية المواعظ، ج 2 ص 89، ۽ الغدير ،ج 6 ص 22.

[12] . ازاحة الخلفاء عن خلافة الخلفاء، ص 215.

[13] . عبقرية الامام علي(ع) ،ص43

[14] . نزهة المجالس ،ج2،ص454

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي