جمع, 29 مئي 2020

محافظه ڪربلا حضرت زينب ڪبرى عليها السلام جي زندگي تي هڪ نظر

  • انداز قلم

 

زينب عليها السلام امام علي عليه السلام جي وڏي نياڻي، هجرت جي پنجين سال مديني ۾ هن دنيا ۾ اک کولي. پيغمبر (ص)   سندس نالو زينب رکيو. (1) سائڻ پنجن سالن جي هئي ته رسول الله (ص)   جي رحلت ٿي ۽ ٿورڙو ئي پوءِ  سندس والده جي وڇوڙي جو صدمو رسيو، پوءِ پنهنجي چاچي ڄائي عبدالله بن جعفر سان شادي ڪئي، جنهن جو ثمر ڪجھ پٽ ۽ نياڻيون هيا.

 

محقق فاضل شيخ محمد جواد ان پاڪيزه بيبي جي وفات جي تاريخ 15 رجب المرجب 65 هجري بيان ڪئي آهي ۽ سندس دفن ٿيڻ جي جڳھ بابت لکي ٿو : سندس آخري آرامگاھ ۽ قبر بابت اختلاف بيان ٿيل آهي.

الف: چيو اٿن ته مديني ۾ سندس ناني وٽ دفن ٿيل آهي. مرحوم سيد محسن امين پنهنجي ڪتاب اعيان الشيعه ۾ ان قول کي ڀلو سمجھيو آهي. (2)

ب: اهو به بيان ٿيل آهي ته بيبي جي مزار دمشق ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ آهي، ۽ هن مهل اها جاءِ مشهور ۽ موجود زيارت گاھ آهي.

ج: اهو به لکيل آهي ته مصر ۾ مدفون آهي، اهو قول اهلسنت جي ڪجھ مؤرخن نقل ڪيو آهي. ليڪن اسان جي قابل اعتماد عالمن جهڙوڪ؛ ڪليني، صدوق، مفيد، طوسي، حلي سندس قبر بابت ڪا به ڳالھ بيان ناهي ڪئي. مرحوم فيض الاسلام اها ڳالھ نقل ڪرڻ کان پوءِ لکي ٿو ته سندس قبر شام ۾ هجڻ سڀني کان وڌيڪ مشهور آهي. (3)

الف: زندگي جو احوال

اشارو ڪيوسين ته حضرت بيبي زينب عليها السلام هجرت جي پنجين سال هن دنيا ۾ اک کولي ۽ پنهنجي والد ۽ امڙ جي تربيت ۾ رهي ۽ ڪمال جا رستا طئيِ ڪندي بلوغت جي عُمر تائين پهتي ته امام علي عليه السلام کيس سؤٽ عبدالله بن جعفر جي نڪاح ۾ ڏنو.

ب:  شوهر

جعفر طيار جو پٽ عبدالله انهن انسانن مان آهي جن رسول الله (ص)  کي ڏٺو ۽ امير المؤمنين، امام حسن ۽ امام حسين عليه السلام جي صحابين مان هيو. کيس گھڻي بخشش ۽ عطا جي ڪري “بخشش جي درياء” جو لقب مليل هيس. (4) 

سندس بخشش ۽ عطا بابت ڪيترائي قصا نقل ڪيا اٿن. (5) 

عبدالله آئمه عليهم السلام جي پسنديده شخصيت هيو، امام علي عليه السلام جنگ صفين ۾ عبدالله جي حفاظت لاءِ ڪوشان رهيو، ۽ کيس سڌو جنگ ڪرڻ کان منع ڪئي. جيئن امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام عبدالله بن عباس ۽ عباس بن ربيعه کي پڻ منع ڪئي. (6)

عبدالله، امام سجاد عليه السلام جي زماني تائين زنده هيو، ۽ آئمه عليهم السلام مٿان ڪامل عقيدو رکندو هيو. معاويه جي خلافت جي زماني ۾ هڪ ڏينهن عبدالله ان جي محفل ۾ ويو ته معاويه امام علي عليه السلام جي شخصيت جي شان ۾ بي ادبي ڪئي ته عبدالله مٿس ڏمرجي پيو ۽ ان مٿان اعتراض ڪيو ته معاويه معذرت ڪندي چيس تون (ذوالجناحين) ٻن پَرن واري (جعفر طيار جو لقب آهي جنهن بابت رسول الله (ص)    فرمايو: پالڻهار کيس بن بازوئن جي بدلي ٻه پَر عطا ڪيا آهن) جو پٽ ۽ بني هاشم جو سردار آهين، ته عبدالله جواب ۾ چيو: ته ائين ناهي، بلڪه بني هاشم جا سرادر امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام آهن ٻيو ڪو به ان مقام بابت دعويدار ناهي. (7)

معاويه هڪ ٻي محفل ۾ جتي امام حسن ۽ حسين عليهما السلام به شريڪ هئا، عبدالله کي چيو: ڇو امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام جو ايترو احترام ٿو ڪرين؟ اهي تو کان وڌيڪ آگاھ ۽ دانا ته ناهن،

 ته عبدالله کيس جواب ۾ چيو: مان رسول الله(ص)  کان ٻڌم ته فرمايائين:  مان مؤمنن مٿان سندن جانن کان به وڌيڪ آهيان ۽ مونکان پوءِ علي عليه السلام ۽ ان کان پوءِ حسن ۽ حسين ۽ بعد ۾ علي ابن الحسين ۽ پوءِ محمد بن علي عليهم السلام ۽ ائين ٻارنهن ئي امام بيان ڪيا جن مان نوَ امام حسين عليه السلام جا فرزند آهن. (8)

مٿيون سڀئي ڳالهيون عبدالله جي قدر، منزلت ۽ بزرگي تي دلالت ڪن ٿيون. 

تنقيح المقال جو ليکڪ چوي ٿو:  ته عبدالله ڪربلا جي واقعي ۾ حاضر ٿيڻ کان معذور هيو تنهن ڪري پنهنجي پٽن کي امام حسين عليه السلام جي قافلي ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ موڪليو. (9) 

جڏهن کيس پنهنجي پٽن محمد ۽ عون جي شهادت جي خبر ملي ته فرمايائين: انا لله و انا اليہ راجعون، ته عبدالله جي غلام چيو اها مصيبت حسين طرفان ملي آهي، ته عبدالله کيس دڙڪا ڏيندي چيو:  ڇا امام حسين عليه السلام جي پاڪيزه هستي بابت اهڙي جسارت ٿو ڪرين؟!  پالڻهار جوقسم!  اگر مان ان سان گڏ هجان هان ته اهو چاهيان ها ته ان کان جدا نه ٿيان، ۽ ان سان گڏ ماريو وڃان ها. ۽ خدا جو قسم انهن کي امام حسين عليه السلام مٿان قربان ڪيم، انڪري جو اهي ابا عبدالله مٿان ايندڙ مصيبتن کي برداشت ڪندي مٿس قربان ٿيا، انهن جي مصيبت منهنجي لاءِ آسان آهي.

 پوءِ حاضر ماڻهن سان مخاطب ٿي فرمايو: توڙي جو امام حسين عليه السلام جي مصيبت منهنجي لاءِ برداشت ڪرڻ مشڪل آهي ليڪن پالڻهار جو شڪر ! جو اگر مان پاڻ سندس مدد نه ڪري سگھيس ۽ ان سان گڏ نه هيس ته منهنجا ٻه پٽ سندس همراهي ۾ مددگار ۽ ثابت قدم رهيا. (10)

ج: ڪربلا

حضرت زينب عليها السلام جي زندگي جو اهم ترين حصو ڪربلا جو داستان ۽ ان کان بعد پيش ايندڙ واقعا آهن، هوءَ ڪربلا جي قصي کان پهريان پنهنجي والد ۽ ڀائرن جي حمايت ۾ رهندڙ هئي. جنهن مهل امام حسين عليه السلام پنهنجي قيام جي شروعات مديني مان ڪئي ته پنهنجي اهلبيت عليهم السلام (جن منجھان سائڻ زينب عليها السلام به هئي) کي پاڻ سان گڏ ورتو. 

بيان ٿيل آهي ته امير المؤمنين عليه السلام پنهنجي نياڻي جو نڪاح عبدالله سان پڙهيو هيو ته نڪاح مهل ئي شرط ڪيو هيو ته جڏهن امام حسين عليه السلام چاهي ته ڪنهن سفر تي وڃي ته عبدالله، سائڻ زينب عليها السلام کي گڏ وٺي وڃڻ لاءِ امام حسين عليه السلام کي نه روڪيندو، ان ئي سبب جي ڪري جڏهن امام عليه السلام مڪي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ عبدالله امام عليه السلام سان هلڻ کان مايوس هيو، ته محمد ۽ عون کي پنهنجي والده سان گڏ امام عليه السلام جي همراهي ۾ روانو ڪيو. قافلو مديني کان مڪي ۽ پوءِ ڪربلا آيو. عاشور جي ڏينهن جڏهن حق ۽ باطل جي جنگ عروج تي پهتي ۽ اڌ ڏينهن ۾ ئي حق جا ساٿاري خون ۽ خاڪ ۾ ملي ويا ته عصر عاشور سائڻ زينب عليها السلام جي اصل ذميواري شروع ٿي. 

جڏهن ابن زياد جي سپاهين خيمن کي باھ ڏني ته هن باعظمت بيبي پنهنجي زماني جي امام جي حڪم سان بي سهارا ۽ بي سرپرست ٻارڙن ۽ عورتن کي اڌ سڙيل خيمي ۾ گڏ ڪيو، حفاظت ڪندي شام غريبان گذاريندي صبح ڪئي. 

يارهين محرم جو سج اڀرندي ئي اسيرن جي قافلي جي روانگي جو وقت آيو ته سائڻ زينب عليها السلام اهو قبول نه ڪيو ته بي شرم ڪوفي رسول الله (ص)   جي اهلبيت کي اٺن تي سوار ڪن. انڪري انهن کان گھر ڪئي ته اهي پاسي ٿين، پوءِ اهلبيت هڪٻئي جي مدد سان بي پلاڻ اٺن تي سوار ٿيا، ۽ جن وٽ اٺ نه هيا اهي پيادل ئي روانا ٿيا. (11)

د: ڪوفه

ڪوفي ۾ داخل ٿيڻ جي گھڙي به اچي پهتي، ماڻهو تماشو ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيل هئا ته ڪوفين امام حسين عليه السلام جي  قافلي ۾ موجود ٻارن کي کجور ۽ اکروٽ ڏنا، ته بيبي ام ڪلثوم اهي ٻارن کان وٺي زمين تي اڇلايا، ۽ فرياد ڪئي اي ڪوفيو! صدقو اسان مٿان حرام آهي. (12) 

ڪوفي عورتن اهو منظر ڏسي روئڻ شروع ڪيو ، ته امام سجاد عليه السلام فرمايو:  اگر هي عورتون اسان جي حال تي روئن ٿيون ته بس ڪنهن اسان کي ڪٺو آهي، زينب عليها السلام جنهن هر زماني ۽ هر جاءِ تي ڪربلا جي شهيدن جو پيغام پهچائڻ لاءِ ڪوشش پئي ڪئي، ان ماڻهن ڏانهن اشارو ڪيو ته خاموش ٿيو، ته حاضرين جي ساهن جو سلسلو سيني ۾ قيد ٿي ويو ۽ آواز بند ٿي ويا، ان مهل بيبي زينب عليها السلام فرمايو: واکاڻ لائق آهي پروردگار جي ذات، ۽ پالڻهار جا درود رسول ۽ سندس اهلبيت مٿان، يعني هن جهان جي سڀني کان وڌيڪ پاڪيزه ۽ نيڪوڪار بندن مٿان، 

اي ڪوفيو! اي مڪارو! اي سازشون ڪندڙؤ! اي واعدا ٽوڙيندڙؤ، ڇا توهان روئو ٿا؟ بيشڪ توهان روئيندا ئي رهو ۽ توهان جون ڪوڪون ڪڏهن به بند نه ٿين. ۽ توهان جو مثال ان عورت وانگر آهي جيڪا پنهنجي هٿن سان اڻيل شيءِ کي ٻيهر کولي ڇڏيندي هجي ۽ توهان پنهنجي واعدي ۽ پيمان  کي ڌوڪي ۽ ڪوڙ جو وسيلو بڻايو، ڇا توهان وٽ بيهودگي، خودبيني، مڪاري، ڪوڙ، ڌوڪي، ڪنيزن واري چاپلوسي ۽ دشمنن جي متڪبرانه ڏسندڙ اکين کان سواءِ به ڪجھ آهي؟ 

توهان جو مثال (مزبله) گندگي مٿان ڦٽندڙ ساوڪ. (13) يا اهڙي سون ۽ چاندي وانگر آهي جيڪو قبر جي مٿان زينت لاءِ هنيو وڃي، افسوس جو پنهنجي لاءِ ڪيترو نه خطرناڪ ڪم ڪيو اٿوَ! پالڻهار توهان جي مٿان ڏمرجي پيو ۽ هميشه رهندڙ عذاب مقرر ڪيو، اسان جي مارجي ويلن تي روئو ٿا ۽ افسوس ٿا ڪريو بيشڪ پالڻهار جوقسم! روئيندا ئي رهو جو روئڻ جا مستحق ۽ حقدار آهيو!. تمام گھڻو روئو، ۽ بلڪل ٿورو کلو جو توهان وڏي خواري ۽ ذلت ۾ گرفتار ٿيا آهيو، جنهن مان ڪڏهن به پنهنجي جند آجي نه ٿا ڪري سگھو. نه وري ان داغ کي ڌوئي سگھندؤ، 

ڪيئن توهان الله جي آخري نبي جي فرزند ۽ رسالت جي کاڻ جي خون کي پاڻ کان پري ڪري سگھو ٿا، جيڪو جنتي جوانن جو سردار، ۽ توهان جي پناھ گاھ ۽ مرڪز هيو. هو توهان جي دردن جي دوا، اڻوڻندڙ واقعا پيش اچڻ جي صورت ۾ اوهان جو محافظ ۽ اختلاف جي صورت ۾ اوهان جي رجوع ڪرڻ جو محور هيو، قيامت جي ڏينهن لاءِ ڪيترو نه خراب وزن پنهنجي ڪلهن تي کنيو اٿوَ؟ توهان نابود ٿي وڃو، توهان جي ڪوشش بي نتيجا رهجي وئي ۽ ڪم توهان جي هٿن مان نڪري ويو، ان سودي ۾ پنهنجو سرمايو به وڃائي ويٺا آهيو، الله جو قهر توهان کي شامل ٿي چڪو آهي، ۽ خواري ۽ ذلت جي مهر توهان منهن تي لڳي چڪي آهي، 

توهان ڪوفين مٿان افسوس، ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪهڙي رسول الله(ص)   جي جگر کي قتل ڪيو اٿوَ؟! ڪهڙن پرديدارن کي بي پرده  بڻايو اٿوَ؟ ۽ ڪيئن انهن جي حرمت ۽ پردي کي پائمال ڪري ۽ انهن جو ناحق خون وهايو اٿوَ ۽ اهڙو ظلم ڪيو اٿوَ جو ممڪن آهي ته آسمان ان وڏي مصيبت سان ڪري پئي، يا زمين ريزه ريزه ٿي وڃي، ۽ جبل ذرا ذرا ٿي خاڪ بڻجي وڃن، توهان رنج، افسوس، برائي ۽ بڇڙائي ۽ بي شخصيتي کي زمين آسمانن ۾ وجود ڏنو آهي. ڇا توهان آسمان مان خون وهڻ تي تعجب ٿا ڪريو؟ بهرحال، هر صورت ۾ آخرت جو عذاب ۽ درد ئي وڌيڪ دردناڪ ۽ خوار ڪندڙ آهي، جتي توهان جو ڪو مددگار نه هوندو، الله طرفان مليل مهلت تي خوش نه ٿيو ، توهان جي جلدي ۽ تڪڙ کيس جلدي تي مجبور نه ٿي سگھي، ان کي موقعو هٿ مان وڃڻ جو ڪو به خوف ناهي. بيشڪ هو ظالمن جي تاڙ ۾ آهي. (14)

ابن زياد جي دربار

اهلبيت عليهم السلام کي دربار ۾ آندائون، ته سائڻ زينب عليها السلام پراڻي قميص پائي اڻڄاڻ بڻجي وقار عظمت سان حڪمرانن ۽ سندن ساٿين کان بي پرواھ بڻجي محفل جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺي، ته ابن زياد پڇيو ڪير آهين؟ ته ڪو جواب نه مليس، ابن زياد پنهنجو سوال ٽي مرتبه ورجايو، ليڪن سائڻ زينب عليها السلام کيس حقارت جي نظر سان ڏسندي ڪو به جواب نه ڏنو، ته ابن زياد جي حامين مان ڪنهن هڪ چيو: هي زينب، علي ابن ابي طالب عليه السلام جي نياڻي آهي، ته ابن زياد جيڪو بيبي جي بي پرواهي تي ڏمرجي چڪو هيو، چيو: پالڻهار جو شڪر جنهن توهان کي رسوا ڪيو، توهان جي خبرن کي ڪوڙو بڻايو، ته سائڻ زينب عليها السلام جواب ڏنو:  شڪر آهي ان پالڻهار جو جنهن پنهنجي رسول جي وسيلي اسان کي عزت عطا ڪئي ۽ هر قسم جي آلودگي ۽ نجاست کان پاڪ بڻايو، بيشڪ هو گنهگار کي رسوا ڪندو ۽ بدڪار ئي ڪوڙو آهي ۽ اسان بدڪار ۽ ڪوڙا ناهيون. 

ته ابن زياد چيو: پنهنجي پالڻهار طرفان پنهنجي خاندان سان پيش آيل واقعي کي ڪيئن ٿي ڏسين؟ 

ته سائڻ فرمايو:  پالڻهارجي جمال کان علاوه ڪجھ نه ڏٺم، پالڻهار انهن لاءِ شهادت کي مقدر بڻايو ، اهي شجاعت ۽ بهادري سان پنهنجي مقتل ڏانهن ڊوڙيا، ليڪن پالڻهار جلد ئي توکي ۽ انهن کي گڏ ڪندو ته جيئن کيس بارگاھ ۾ فيصلو ٿي سگھي، ان مهل ڏسندي ته ڪير سچار آهي، 

اي مرجانه جا پٽ!  تنهنجي ماءُ تنهنجي غم ۾ روئي!  ته ابن زياد ڏمرجي پيو ، ۽ ڄڻ ته بيبي کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيائين ليڪن عمر بن حديث جي وچ ۾ اچڻ جي ڪري پنهنجي ارادي کان مڙي ويو ۽ چيو الله سائين تنهنجي نافرمان ڀاءُ ۽ ٻين باغين ۽ مددگارن جي مارجڻ سان منهنجي دل کي سڪون عطا ڪيو آهي. 

ته سائڻ زينب عليها السلام فرمايو:  خدا قسم! اسان جي سرادر کي قتل ڪيو اٿئي ۽ اسان جي شاخن کي ٽوڙي ڇڏيو اٿئي ۽ اسان جي بنياد کي ختم ڪيو اٿئي، اگر اها تنهنجي دل جي شفاء آهي ته پوءِ تون شفا حاصل ڪئي آهي! 

ابن زياد چيو: ته هي به پنهنجي والد وانگر قافيه ايجاد ڪندڙ ترتيب سان ڳالهائيندڙ آهي، (هوءَ فصيحه ۽ بليغه آهي) ته سائڻ زينب اهو ٻڌو ته جواب ڏنو: عورتن جو قافيه ٺاهڻ سان ڪهڙو ڪم؟! (15)

سائڻ، پنهنجي ڪردار کي بهترين نموني سان انجام ڏنو، ۽ ان ئي محفل ۾ زياد جڏهن امام سجاد عليه السلام کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته هن بيبي جي وچ ۾ اچڻ ۽ جانبازي جي ڪري هو پنهنجي ارادي کان مڙي ويو.

مؤمنن جي امير جي نياڻي ان سڄي مدت ۽ شام ڏانهن سفر دؤران پنهنجي تبليغي ذميواري ۽ بي سرپرست بيواھ عورتن ۽ يتيم ٻارڙن جي حفاظت سان گڏ پنهنجي زماني جي امام جي جان حفاظت لاءِ پنهنجي مڪمل وجود سان ڪوشش ۾ مصروف رهي. (16)

و: يزيد جي دربار

اهلبيت عليهم السلام جي اسيرن کي ڪوفي کان شام آندو ويو، جڏهن اهي يزيد جي دربار ۾ آيا ته امام حسين عليه السلام جو مقدس سر هڪ طشت ۾ يزيد جي سامهون هيو ۽ نجس يزيد هڪ ڪاٺي مولا جي ڏندن مبارڪ تي هڻي، ڪفر آميز شعر پڙهيو، ته سائڻ زينب عليها السلام يزيد سان مخاطب ٿي فرمايو: حمد ۽ تعريف رڳو پالڻهار کي ٿي سونهين، پالڻهار جا درود ۽ سلام ان جي رسول ۽ سندس آل مٿان، ۽ پالڻهار ڪيترو نه سچار آهي جو هي فرمايو (۽ جن برائي ڪئي اها ڪيتري نه بري آهي، جن پالڻهار جي نشانين کي ڪوڙو سمجھي انهن جي مذاق اڏائي آهي.

اي يزيد! تون سمجھين ٿو ته هاڻي تون اسان مٿان زمين ۽ آسمان جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن؟

 ۽ اسان سان قيدين جهڙو رويو رکي اسان کي پالڻهار وٽ خوار بڻائي تون عزت واري بڻجي ويو آهين؟! تنهنجي ظاهري ڪاميابي انڪري آهي ته تون پالڻهار وٽ مقام ٿو رکين؟! 

نڪ اڪڙائي ۽ ٽيڏي اک سان ڏسي تون خوش ٿو ٿئين ته دنيا تو ڏانهن رخ ڪيو آهي؟ 

۽ تنهنجا ڪم منظم ٿي ويا آهن؟ 

۽ اسان جي حڪومت ۽ طاقت ختم ٿي وئي آهي؟ 

پر ٿڌو ٿي، ٿڌو ٿي ، ڇا پالڻهار جو ڪلام وساري ڇڏيو اٿئي، جنهن ۾ فرمايو : (جيڪي ڪافر ٿيا ۽ الله ۽ سندس رسول سان ناهن مليا انهن لاءِ اهو گمان نه ڪريو ته انهن کي جيڪا  مهلت ٿا ڏيون اها انهن لاءِ ڀلي آهي، بلڪه اسان کين انڪري مهلت ڏني آهي ته جيئن پنهنجي گناهن ۽ بڇڙاين ۾ واڌارو ڪري وٺن، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

اي آزاد ٿيلن جي اولاد! ( اهو لقب آهي جيڪو رسول الله(ص)  فتح مڪه وقت قريش کي ڏنو هيو) ڇا اهو عدل آهي ته پنهنجي ڪنيزن کي ته پردي ۾ ويهارين، ليڪن رسول الله(ص) جي نياڻين کي قيدي بڻائي گھمائيندو رهين، تون انهن جو حجاب ۽ پردو کسيو آهي ۽ سندن چهري کي غيرن آڏو ظاهر ڪيو، ۽ دشمنن جي مدد سان کين شهر شهر ۾ ڦيرايو ۽ تون سبب بڻين ته هر شهر ۽ منزل جا رهاڪو کين ڏسن ۽ تون پاڻ، اجنبي ۽ سڀ ماڻهو کيس ڏسڻ لاءِ تڪيندا رهن جڏهن ته انهن سان ڪو به مرد ساڻ نه هيو، جيڪو سندن مددگار بڻجي ، ليڪن اهڙي پٽ مان حفاظت ۽ حمايت جي ڪهڙي اميد جنهن جي ماءُ جي وات مان پاڪيزه انسان جو جگر ٻاهر آيو (جنهن کي چٻاڙي نه سگھي) (هند جي انهن ڪرتوتن ڏانهن اشارو آهي جنهن سيد الشهداء حضرت حمزه جو جگر چٻاڙڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن ائين نه ڪري سگھي) ۽ سندس گوشت شهيدن جي خون مان ٺهيو !!؟ اهو ڪيئن اسان اهلبيتE سان دشمني ڪرڻ ۾ سستي ڪري جيڪو دشمني، وڏائي، ڪيني ۽ ساڙ سان اسان کي ڏسي ٿو، ۽ تون پاڻ کي گنهگار سمجھڻ کان سواءِ پنهنجي ان ڪڌي ڪرتوت کي ظلم سمجھڻ کان بغير اهو ٿو چوين ته ڪاش منهنجا وڏا (جيڪي جنگ بدر ۾ مسلمانن هٿان مارجي ويا هئا) اهي هجن ها اهي اڄ خوش ٿين ها،

 ۽ تون اباعبدالله جي ڏندن مبارڪ تي لڪڻ ٿو هڻين، جيڪو جنت جي جوانن جو سرادر آهي. آخر ڇو ائين نه چوين جڏهن ته رسول الله (ص)   جي ذريت جو خون وهائي، عبدالمطلب جي ستارن کي قتل ڪري، سندس زخم رسائي انهن جي خاندان کي نابود ڪيئي ۽ تون پنهنجي وڏن کي ٿو ڏسين؟

 پالڻهار عنقريب توکي به جتي هو آهن گھرايندو ۽ ان وقت اها آرزو ڪندين ته ڪاش گونگو ۽ ٻوڙو هجين ها جيڪو هاڻي ڇيو اٿئي نه چوين ها ۽ اهو ظلم نه ڪرين ها.

پالڻهار اسان جي حق کي ظالمن کان وٺ، اسان لاءِ انتقام وٺندڙ بڻج، ۽ پنهنجو غضب اسان جو خون وهائيندڙن ۽ اسان جي قاتلن جي حمايت ڪندڙن مٿان ڪڙڪاءِ،

خدا جو قسم! اي يزيد تون پنهنجي کل لاهڻ کان سواءِ ڪجھ به نه ڪيو آهي، ۽ پنهنجو گوشت کائڻ کان علاوه ڪجھ به نه ڪيو اٿئي، رسول الله(ص)   جي خاندان جي خون جي سنگين وزن ۽ سندس عترت جي حرمت کي پائمال ڪرڻ جي وزنائتي جرم ۾ سندس بارگاھ ۾ حاضر ٿيندين، 

جتي پالڻهار جدا ٿيل ۽ پکڙيل قومن کي گڏ ڪندو، ۽ سندن ڪيل ظلمن جو انتقام وٺندو ۽ سندس حق واپس وٺندو ، 

گمان نه ڪيو ته جيڪي الله جي راھ ۾ مارجي ويا اهي مرده آهن بلڪه اهي زنده آهن ۽ پالڻهار وٽان رزق حاصل ڪن ٿا، ان وقت پالڻهار جي ذات ئي حڪومت ۽ فيصلو ڪندڙ هوندي، ۽ رسول الله4 سان تنهنجي دشمني تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، جنهن رسول جو محافظ جبرائيل هوندو، 

عنقريب اهو شخص جنهن توکي گمراھ ڪيو ۽ مسلمانن جي مٿان مسلط ڪيو، ڄاڻي وٺندو ته جابرن لاءِ ڪيتري نه دردناڪ مصيبت آهي ۽ تون کان وڌيڪ ڪنهن لاءِ خراب جڳھ هوندي ۽ ڪنهن جو لشڪر ڪمزور هوندو؟ توڙي جو اڻوڻندڙ واقعن جي پيش اچڻ مونکي توسان ڳالهائڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي ليڪن مان تو کي حقير سمجهڻ ۽ تنهنجي ملامت ڪرڻ کي وڏو ٿي سمجھان ۽ تنهنجي ملامت ۽ توتي ڦٽڪار کي ڪافي ٿي سمجھان.

ليڪن اکين ۾ لڙڪ ۽ سينه زخمي آهن. واقعا ڪيترو نه عجيب آهي ته الله جي منتخب ٿيلن جو لشڪر شيطاني ٽولي هٿان ماريو وڃي، اسان جو خون انهن هٿن مان ٽپڪي رهيو آهي  ۽ اسان جو گوشت سندن وات مان ڪري رهيو آهي، ۽ انهن پاڪيزه بدنن مٿان بگھڙ ٿا اچن  پوءِ کين مٽي ۾ ٿا ملائن، 

اي يزيد! اگر تون اسان کي غنيمت طور ورتو آهي ته جلد ئي اسان کي نقصان ڀرائيندڙ ۽ واپس وٺڻ وارو ڀائيندي، جڏهن ته ان مهل لاءِ ڪا به شيءِ تنهنجي هڙ ۾ ناهي جيڪا اتي موڪلي هجئي، پالڻهار پنهنجي بندن مٿان ظلم کي جائز ناهي سمجھندو، پالڻهار جي بارگاھ ۾ تنهنجي شڪايت ڪنديس ۽ ان مٿان ئي اعتماد ۽ ڀروسو ڪيان ٿي ۽ تون به جيڪو مڪر ڪرڻو اٿئي ڪري وٺ، ۽ پنهنجي ڪوشش ڪر ۽ دشمني ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏ 

پالڻهار جو قسم! ڪڏهن به اسان  جي نالي کي ختم ڪري نه سگھندي، آخر تائين اسان جي ڪمن کي سمجھي نه سگھندي، اسان جي وحي کي به نابود نه ڪري سگھندي، هن حادثي جي ننگ ۽ عار  کي ڪڏهن به ڌوئي نه سگھندي.

ڇا ان ڳالھ کان سواءِ ڪجھ ٻيو آهي ته تنهنجو نظريو غلط ۽ زمانو تنگ ۽ تنهنجو لشڪر نابود آهي، ان ڏينهن جڏهن منادي ندا ڏيندو ته ڄاڻي  وٺو جابرن ۽ ظالمن مٿان الله جي لعنت آهي.

پالڻهار لاءِ حمد ۽ ثنا آهي جيڪو ٻنهي جهانن جو پروردگار آهي، جنهن اسان جي ابتدا سعادت، نيڪ بختي ۽ مغفرت سان ۽ اسان جي انتها مهل شهادت ۽ رحمت عطا ڪئي. پالڻهار کان  دعا آهي ته سندن ثواب کي ڪامل ۽ وڌيڪ بڻائي، جو بيشڪ هو مهربان ۽ ٻاجھارو آهي، ۽ اسان جي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جيڪو بهترين وڪالت ڪندڙ آهي. (17)

سائڻ جو هي دردناڪ ۽ بيدار ڪندڙ خطبو،  ۽ بعد ۾ امام سجاد عليه السلام جو خطبو شام ۾ فڪري انقلاب جو سبب بڻيو. 

شامي سمجھي ويا ته ڪيڏو وڏو ظلم انجام ڏنو اٿن، يزيد جنهن اهڙي اثر کي سمجھي ورتو هيو جلد ئي پنهنجو چهرو مٽائي ان واقعي جو گناھ عبيدالله بن زياد جي گردن مٿان مڙهيو ۽ ان کان نفرت ۽ بيزاري جو اظهار ڪيو. (18)

قيدي ڪجھ مدت لاءِ دمشق ۾ رهيا. پوءِ يزيد حڪم ڏنو ته کين احترام سان مديني واپس موڪليو وڃي، نتيجي ۾ هي دردناڪ سفر مصيبتن ۽ پيڙاھ سان ختم ٿيو ۽ اهلبيت جو قافلو مديني واپس ٿيو ۽ ان وقت 61 هجري جا محرم ۽ صفر گذري چڪا هئا، سائڻ زينب عليها السلام جي ذميواري هڪ نئين طرز اختيار ڪئي ته جيئن ڪربلا جي خوني واقعي جي تفصيل ايندڙ نسلن لاءِ تاريخ ۾ ضبط ڪري ته جيئن ايندڙ ڏسي سگھن ته ظالمن ۽ ٻين جي حقن کي پائمال ڪندڙ ۽ عترت رسول (ص)   جي حرمت پائمال ڪندڙن جو حشر ذلت ۽ خواري کان علاوه ڪجھ به نه آهي.

ز: علم

سائڻ زينب عليها السلام پنهنجي نفس کي سڌارڻ وسيلي پالڻهار جي لطف ۾ شامل ٿي. بيبي پنهنجي ناني، بابي، امڙ ۽ پنهنجي ڀائرن وٽان الاهي عُلومن جي مرڪز سان متصل رهي، انهن منجھان فيض حاصل ڪيو ۽ عِلم جي ان مقام تي پهتي جنهن کيس ٻين کان ممتاز بڻايو. 

امام سجاد عليه السلام جي هڪ روايت موجب، سائڻ، پالڻهار جي مخصوص عِلم (علم لدني) ۽ عطا مان فيضياب ٿيل هئي. (19)

سائڻ زينب عليها السلام مختلف موقعن تي عورتن ۾ فقھ ۽ قرآن جي تفسير بيان ڪندي هئي، (20) 

مديني ۾ ڪجھ عرصو امام سجاد عليه السلام جي طرفان الاهي حڪم ۽ فتوائون بيان ڪرڻ ۾ سندن نائب هئي. (21) 

۽ ائين ئي سائڻ گھڻيون ئي روايتون (جن مان سائڻ زهرا عليها السلام جو خطبو پڻ آهي) نقل ڪيون آهن. (22)

ج: حجاب

اهلبيت عليهم السلام جي عصمت ۽ طهارت لاءِ  حجاب، چادر ۽ پرديداري لاءِ ڪو گواھ پيش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ڇو جو اهي ئي وحي جو ماڳ ۽ عفت ۽ پاڪيزگي جو نشان ۽ مظهر آهن.

مرحوم مامقاني، ان باعظمت بيبي جي زندگي جي وضاحت ڪندي لکي ٿو: زينب، ۽ ڪير آهي زينب؟ ۽ ڇا ڄاڻيو ته زينب ڪير آهي؟ هوءَ عقيله  بني هاشم آهي. (23). هوءَ پنهنجي پسنديده صفتن ۽ نيڪ اخلاق جي ان مرتبي تي جو پهتي سندس امڙ فاطمه زهرا عليها السلام کان علاوه ڪو به ان مرتبي تي نه پهتو ۽ بيشڪ کيس صديقه صغرى چئي سگھجي ٿو، هوءَ پرديداري ۽ عفت ۾ ائين هئي جو سندس والد ۽ ٻنهي ڀائرن جي زندگي ۾ عاشوره جي ڏينهن تائين کيس ڪنهن به مرد نه ڏٺو. (24)

د: ٻين جي خدمتن جو قدر ڪرڻ

ڀلين صفتن مان هڪ، نعمت جو شڪر ڪرڻ، ٻين جي خدمت جو قدر ڪرڻ آهي. جڏهن اهلبيت عليهم السلام کي شام کان مديني ڏانهن موٽايو ويو ته ان سفر جي ذميوارن ان سفر ۾ هر قسم جو احترام انجام ڏنو، ته ام ڪلثوم پنهنجي ڀيڻ جناب زينب عليها السلام کي فرمايو:  هن مرد (مامورين جي سربراھ) اسان سان نيڪي ڪئي آهي، سندس حق ادا ڪرڻ اسان مٿان فرض آهي، ڇا تو وٽ ڪا شيءِ آهي جو کيس عطا ڪريون، ته سائڻ جواب ڏنو: خدا جو قسم!  پنهنجي زيورن کان علاوه مون وٽ ڪجھ به ناهي، تنهنڪري منهنجا زيور ان جي حوالي ڪر ۽ اهي زيور پيش ڪيا، ليڪن ان قبول نه ڪيا. (25)

ي: مصيبت کي برداشت ڪرڻ ۽ حوصلو

سائڻ جي مٿان ايندڙ مصيبتون قلم جي بيان جي وسعت کان مٿانهيون آهن، ۽ سنگين مصيبتون مسلسل ائين آيس جو مضبوط جبل ۽ پهاڙ کي به ريزا ريزا ڪري ڇڏين ها، ليڪن هن باعظمت بيبي انهن سڀني مصيبتن کي برداشت ڪيو، امتحان جي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار بهترين نموني ادا ڪيو. سائڻ جي صبر ۽ حوصلي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جو پنهنجي ڪجھ ڀائرن، ڀائٽن ۽ اولاد جي شهادت تي به صبر ڪيو ۽ عصر عاشور جڏهن ڀاءُ جي مقتل ۾ ڀاءُ جي جنازي مٿان آئي ته آسمان ڏانهن مُنهن ڪري فرمايو:  پالڻهار اسان جي هي قليل قرباني فرماءِ. (26)

جڏهن اهلبيت کي ڪوفي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيائون ته کين قتل گاھ ڀرسان گذاريائون ته امام سجاد عليه السلام خون ۾ غرق پنهنجي بابي جو جنازو ۽ صحابين جي پاڪيزه جسمن کي جيڪي سندس ڀرسان  پيل هيا ڏٺو، ته ان منظر مولا جي روح مٿان گـــــــهرو اثر ڇڏيو، ايتري قدر جو مولا غم جي شدت سببان وڪوڙجي رهيو هو ته سائڻ زينب عليها السلام پنهنجي ڀائٽي جي غم درد جي شدت ڏِسي کيس فرمايو:   ناني، بابي ۽ منهنجي ڀائرن جي يادگار! ڇا ٿيو اٿئي جو ڏسان پئي ته غم ۽ درد جي شدت جي ڪري پنهنجي جان فدا پيو ڪرين! ته امام سجاد عليه السلام فرمايو: ڪيئن بي تاب نه ٿيان! بابو، ڀائر، چاچا ۽ سؤٽ خون ۾ غلطان ۽ بغير ڪفن جي عريان بيابان ۾ ڏسان پيو، نه ڪير مٿن سيراندي وٽ آهي ۽ نه ڪو انسان ڀرسان اٿن. سائڻ زينب فرمايو: جيڪو ڪجھ ڏسين ٿو توکي بيتاب نه بڻائي،  پالڻهار جو قسم! هي رسول الله (ص)  سان ڪيل عهد آهي، جيڪو تنهنجي ڏاڏي، بابي ۽ چاچن ڪيو هيو. (27)

ڪ: الله جي قضا تي راضي رهڻ 

بيبي رضا جي ان مقام تي پهتل هئي جو عاشوره جي عظيم مصيبتن ۽ قيد جي ڏکاين هوندي به جڏهن ابن زياد پڇيو: ته الله جي ڳالھ کي پنهنجي اهلبيت لاءِ ڪيئن ڏٺئي؟  ته فرمايو “مَا رَاَيتُ اِلا جَمِيلا” يعني نيڪي ۽ خوبصورتي کان علاوه ڪجھ به نه ڏٺم.

ائين ئي يزيد ملعون جي دربار ۾ خطبي ۾ هن ريت فرمايو:  تعريف ۽ واکاڻ ان رب لاءِ جيڪو ٻنهي جــهانن جو پروردگار آهي. جنهن اسان جو آغاز ۽ ابتدا سعادت نيڪوڪاري سان ۽ انجام شهادت ۽ رحمت تي ڪيو. (28)

ڪتاب خصائص حسينيه ۾ هن ريت بيان ٿيل آهي :  جڏهن خيمن کي باھ ڏنائون، سائڻ زينب عليها السلام پاڻ کي تيار ڪيو هيو ته اگر الله جي مشيت ان سڙڻ ۾ آهي جيئن امام حسين عليه السلام جي شهادت ۾ هئي، ته هوءَ خيمي ۾ رهندي ته جيئن الله جي مشيت جاري ٿئي. ان ئي سبب جي ڪري پنهنجي زماني جي امام کان پنهنجي ذميواري معلوم ڪندي سوال ڪيو ته ڀاءُ ڄاوا ڇا ڪريون؟ امام عليه السلام فرمايو: پاڻ کي نجات ڏيو. (29)

 

ل: شجاعت ۽ بهادري

سائڻ زينب عليها السلام جي بهادري به سندس ٻين فضيلتن وانگر نوراني ۽ روشن هئي، سائڻ ان حالت ۾ جو اڌ ڏينهن ۾ سندس سڀ عزيز شهيد ٿي ويس، ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏجي هر موڙ تي قيدي بڻي، تڏهن به بهادري ۽ بي پرواهي سان عبيدالله جي دربار ۾ داخل ٿي، ۽ ابن زياد کي خوار ڪندي کيس جواب نه ڏنو ۽ ڪا به اجازت وٺڻ کان بغير ويهي رهي، ۽ شجاعت سان اهڙو خطبو پيش ڪيو جو ڪو مرد به اهڙي حالت ۽ جڳھ تي ڪجھ جملا ڳالهائڻ جي صلاحيت نه پيو رکي. 

شام ۾ پڻ  يزيد جي دربار ۾ آئي ۽ ان جذباتي خطبي کي پيش ڪري يزيدي حڪومت جي حامين کي لرزائي ڇڏيو.

ان ئي محفل ۾ جڏهن هڪ شامي، يزيد ملعون کان گھر ڪئي ته امام حسين عليه السلام جي نياڻي کي ڪنيز طور بخشي، ته شامي مرد مٿان فرياد ڪندي فرمايو: پنهنجي ان ناجائز درخواست وسيلي پستي ۽ حقارت ظاهر ڪئي آهي

پالڻهار هن نياڻي کي نه تنهنجي لاءِ ۽ نه تنهنجي امير لاءِ بڻايو آهي، يزيد ان جملي سان ڪاوڙجي پيو ۽ چيو: خدا جوقسم! منهنجي لاءِ سولو آهي جو مان هن عورت کي ڪنيز بڻايان، ۽ اگر چاهيان ته اهو ڪم ڪندس، ته سائڻ زينب عليها السلام چيس:  خدا جو قسم توکي اهو ڪم ڪرڻ جو حق نه آهي، سواءِ ان جي جو اسان جي دين مان خارج ٿي ڪنهن ٻئي دين کي قبول ڪرين.!!

م: خطابت

سائڻ جي خطابت جانچڻ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته جو انهن ٻن خطبن تي نظر وجھون جيڪي ابن زياد ۽ يزيد لعنتي جي دربار ۾ پيش ڪيا،جيڪي سڀني کي اچرج ۽ حيرت ۾ وجھن ٿا.

حذلم بن ڪثير، جيڪو پاڻ عربن جي فصيح ۽ بلاغت جي ماهرن منجھان آهي، سائڻ جي فصاحت ۽ بلاغت کي ڏسي ائين اچرج ۽ تعجب ۾ ٿو اچي جو سائڻ لاءِ امام علي عليه السلام کان سواءِ ڪو به شبھ ۽ مَٽ نظر نه ٿو اچيس، چوي ٿو ڄڻ هي زبان امام علي عليه السلام جي هئي، جنهن خطبو پئي پڙهيو. (30)

ن: عبادت

سائڻ زينب عليها السلام عبادت ۾ پنهنجي امڙ زهرا عليها السلام وانگر هئي. هر رات تهجد پڙهندي هئي، ۽ قرآن جي تلاوت ڪندي هئي. سڄي زندگيڪڏهن به نماز تهجد نه ڇڏيائين. ايتري تائين جو 11 محرم الحرام جي رات لاءِ به امام زين العابدين عليه السلام کان روايت نقل ٿيل آهي: ته يارهين محرم جي رات به ڏٺم ته زينب عليها السلام ويهي تهجد جي نماز ادا ڪري رهي هئي.

ٻئي روايت ۾ فرمايو: پڦي زينب سڀ درد ۽ مصيبتون هوندي به شام ڏانهن ويندي رستي ۾ ڪڏهن به نماز تهجد کي ترڪ نه ڪيو. (31) 

امام حسين عليه السلام به وداع مهل سائڻ زينب عليها السلام سان مخاطب ٿي فرمايو: ڀيڻ مونکي نماز تهجد ۾ نه وسارجان. (32)

امام سجاد عليه السلام فرمايو:  شام ويندي رستي ۾ ڏٺم ته پڦي ويهي نماز ادا ڪري رهي هئي مان سبب پڇيم ته فرمايو: ٽن ڏينهن کان بکايل آهيان، جسم ڪمزور ٿي ويو آهي. امام عليه السلام فرمايو:  ته ان جو سبب کاڌي جو گھٽ هجڻ هيو، جنهن سان ٻارڙن جو ڍئو به نه ٿيندو هيو ته پڦي پنهنجو حصو به ٻارڙن ۾ تقسيم ڪندي هئي، هر ماڻهو جو حصو ڏينهن ۽ رات ۾ فقط هڪ ماني هئي. (33)

بهرحال، سائڻ زينب عليها السلام اهلبيت جي نظر ۾ لائق احترام شخصيت هئي جڏهن به پنهنجي ڀاءُ امام حسين عليه السلام وٽ ايندي هئي ته مولا پنهنجي جڳھ تان اٿي بيهندو هيو ۽ سائڻ کي پنهنجي جڳھ تي ويهاريندو هيو. (34)

 

حوالا

 

1ـ هڪ روايت موجب جڏهن رسول خدا (ص) کان گھر ڪيائون ته هن نو مولود جو نالو رکي ته پاڻ فرمايو ته مان خدا کان سبقت نه ڪندس پوءِ جبرئيل آيو ۽ ان ٻار جو نالو(زينب) رکيو۽ ٻڌايو ته پالڻهار سندس لاءِ اهو نالو چونديو آهي (زينب ڪبرى ، فيض الاسلام ، ص 136). 

2ـ اعـيـان الشيعه ، ج 7، ص 140. ان ڪيترن ئي سببن جي ڪري ان بيبي جي قبر مديني ۾ هجڻ جي تائيد ڪئي آهي ۽ سندس قبر کي شام يا مصر ۾ هجڻ کي رد ڪيو آهي. 

3ـ زينب ڪبرى، فيض الاسلام ، ص 248. 

4ـ رياحين الشريعه ، ذبيح الله محلاتي ، ج 3، ص 209، اسلاميه . 

5ـ معجم رجال الحديث ، مرحوم خويي ، (ره) ، ج 10، ص 138. 

6ـ تنقيح المقال ، ج 2، ص 173. 

7ـ تنقيح المقال ، ج 2، ص 173. 

8ـ خصال صدوق ، ترجمه کمره اي، ج 2، ص 246، تلخيص . 

9ـ تنقيح المقال ، ج 2، ص 173. 

10ـ زينب ڪبرى ، فيض الاسلام ، ص 112. 

11ـ زينب ، ص 34 ـ 35. 

12ـ ترجمه مقتل ابومخنف ، ص 151. 

13ـ مزبله : گند اڇلائڻ واري جڳھ کي چئبو آهي (فرهنگ معين) . 

14ـ زيـنـب ڪبرى، فـيـض الاسـلام ، ص 147 ٿورڙي تبديلي سان. ۽ نفس المهموم و نفثة المصدور، ترجمه کمره اي ص 184. 

15ـ زينب ڪبرى، فيض الاسلام ، ص 161 و نفس المهموم و نفثة المصدور، ترجمه کمره اي، ص 184. 

16ـ زينب ڪبرى، فيض الاسلام ، ص 161. 

17ـ نفس المهوم و نفثة المصدور، ترجمه کمره اي ، ص 212، زينب ڪبرى، فيض الاسلام ، ص 166. 

18ـ ترجمه مقتل ابو مخنَف، ص 198. 

19ـ اَنْتِ بحمْد اللّهِ عالِمَةٌ غَيْرَ مُعَلّمَةٍ وَ فَهِمَةٌ غَيْرُ مُفَهَّمَةٍ (زينب ڪبرى ، فيض الاسلام ، ص 143). 

20ـ زينب بنت الامام امير المؤ منين (ع)، ص 11 و 13. 

21ـ ساڳيو ، ص 45. 

22ـ شرح ابن ابي الحديد، ج 16، ص 211. 

23ـ عـقيله : اهڙي عورت جيڪا پنهنجي قبيلي ۽ خاندان ۾ وڏي احترام ۽ عظيم مقام جي مالڪياڻي هجي (زينب ، ص 11). 

24ـ تنقيح المقال ، ج 3 و فصل النسا، ص 79. 

25ـ زينب ، ص 18. 

26ـ اَللّهُمَّ تَقَبَّلْ مِنّا هذَا الْقَليلَ مِنَ الْقُرْبانِ (زينب ڪبرى، فيض الاسلام ، ص 184). 

27ـ زينب ، ص 36. 

28ـ زينب ڪبرى، فيض الاسلام ، ص 169، زينب ، ص 58. 

29ـ زينب ، ص 30. 

30ـ كانها تفرع من لسان امير المؤ منين (زينب ، فيض الاسلام ، ص 153). 

31ـ زينب ڪبرى ، فيض الاسلام ، 182. 

32ـ زينب ڪبرى ، ص 20. 

33ـ ساڳيو ، ص 183. 

34ـ ساڳيو ، ص 67.

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي