جمع, 29 مئي 2020

غايب امام جي وجود جا فايدا

  • انداز قلم

 

 

 

سڀ تعريفون ان پروردگار جي لاء جيڪو سڄي عالم جو خالق ۽ مالڪ آهي درود ۽ صلوات هجن سندن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم تي جيڪو سڀني نبين جو سردار آهي ۽ سندن پاڪ  آل تي، خصوصا حضرت مهدي عجل الله تعالي فرجه الشريف جي پاڪ ذات تي جنهن جي وجود سان ئي دنيا باقي آهي ڇو ته حجت خدا کان زمين خالي نٿي رهي سگهي

لولاالحجة لساخت الارض باهلها اگر حجت خدا نه هجي ته زمين پنهنجي تمام رهندڙن سان گڏ نابود ۽ برباد ٿي ويندي. ۽ اهو حجت خدا يا زمين تي ظاهر هوندو آهي يا وري باطن ۽ غايب اسان جي هن زماني ۾ جنهن ۾ اسان زندگي بسر پيا ڪريون انهي زماني ۾ اسان جو امام ۽ رهبر (عليه السلام) اسان جي نظرن کان اوجهل آهن، اگرچه امام زمان عج جي غيبت سڀني جي لاء انهي ذات جي پاڪ وجود کان محرومي جو سبب آهي پر ان سان گڏ و گڏ سندن وجود غيبي سندن محبن ۽ شيعن لاء فايده مند آهي، ڇو جو سندن غيبت جي معنا هرگز اها ناهي ته امام عليه السلام جو رابطو اسان کان مڪمل طور ڪٽجي ۽ قطع ٿي ويو آهي، بلڪه رڳو نظرن کان اوجهل هجڻ سان گڏوگڏ هن دنيا ۽ موجودات لاء فايده مند آهي غيبت ۾ هجڻ جي باوجود سندن رهبري، اڳواڻي اسان کان جدا نه ٿي آهي ۽ غيبت جي زماني ۾ به سندس عنايتون سڌوسنئون يا اڻ سڌو اسان جي مٿان جاري و ساري آهن، خود امام  عليه السلام سندن توقيع ۾ شيخ مفيد (ره) کي لکن ٿا ته : اگرچه اسان پنهنجي رهڻ جي جاء دشمنن کان پري قرار ڏني آهي، ۽ انهي ڳالھ ۾ به خداوند متعال جي مصلحت آهي جيڪا خود اسان جي ذات ۽ اسان جي شيعن جي فايدي ۾ آهي ۽ اها غيبت ايستائين رهندي جيستائين هن دنيا تي فاسقن جي حڪومت آهي، تنهن هوندي به اسان توهان جي هر حالت کان آگاه ۽ واقف آهيون ۽ توهان جي ڪابه شيئ اسان کان ڳُجھي ناهي، اسان ڪڏهن به توهان (شيعن) کي ناهي وساريو ۽ نه ئي وري توهان کان اڻ ڄاڻ آهيون ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها  يعني اسان توهان کان غافل هجون ها ۽ وساري ڇڏيون ها ته مصيبتون ۽ مشڪلاتون ۽ توهان جا دشمن توهان کي لتاڙي ۽ برباد ڪري ڇڏين ها.[1]

شيعن جي عقيدي جي مطابق امام چاهي ظاهر هجي يا وري غيبت جي پردي ۾ هجي خدا جي طرفان حجت هجڻ سان گڏوگڏ خدا ۽ مخلوق جي درميان رابطي جو سبب آهي، انهي امام جي وجود(ظاهري يا باطني) جي ذريعي ئي هي دنيا باقي آهي ۽ هي برڪتون، نعمتون جيڪي سڀني تي نازل ٿين ٿيون تن جو سبب به حجت خدا جو وجود آهي.

امام عليه السلام جي وجود مبارڪ کي سج سان ڀيٽ ڏني وئي آهي ته جهڙي نموني سج ڪڪرن جي پٺيان هوندي به انسانن جي لاء روشنائي جو سبب بڻجي ٿو اهڙي نموني امام عليه السلام جو وجود به غيبت جي پردي ۾ هجڻ جي باوجود اسان جي لاء فايده مند آهي. انهي مطلب جي وضاحت لاء هتي ڪجھ روايتون پيش ڪجن ٿيون.

1.       امام صادق عليه السلام کان ڪنهن سوال ڪيو ته انسان امام غايب جي وجود کان ڪئين فائدو حاصل ڪري سگهندا؟ امام عليه السلام سندس جواب ۾ فرمايائون جهڙي نموني سج جي روشني مان فايدو ٿا وٺن جڏهن سج ڪڪرن جي پويان هوندو آهي .[2]

2.       امام زمان عج پنهنجي توقيع ۾ حضرت اسحاق بن قمي جي جواب ۾ لکن ٿا ته اما وجه الانتفاع بي في غيبتي فکالانتفاع بالشمس اذا غيبتها عن الابصار السحاب و اني لامان لاهل الارض کما ان النجوم امان لاهل السماء [3] ۽ منهجي وجود جو منهنجي غيبت ۾ اهوفايدو آهي جيڪو فايدو سج جو ڪڪرن جي پويان آهي ۽ يقينا آئون زمين تي رهندڙن جي امن جو سبب آهيان جهڙي نموني ستارا آسمان وارن لاء امن جو سبب آهن.

امام عليه السلام جي ڪڪرن جي پٺيان سج جي شباهت ڏيڻ  ۾ ڪجھ نڪتا ۽ اشارا آهن جهڙي نموني سج پنهنجي منظومه شمسي ۾ هڪ اهم ۽ خاص جڳھ رکي ٿو ۽ سج جي گرمي انسانن ۽ حيوانن لاء زندگي جي سبب هجڻ سان گڏوگڏ هن دنيا کي روشن رکڻ جو ذريعو ئي سج آهي، بلڪل اهڙي نموني امام زمان (عج) جن جو وجود مبارڪ اگرچه غايب آهن ليڪن تنهن هوندي به هن دنيا ۽ جهان جي باقي رهڻ جو سبب آهن ، انهي امام (ع) جي وجود سان ئي هن دينا تي خداوند متعال جون نعمتون ۽ برڪتون نازل ٿي رهيون آهن، ۽ جهڙي نموني سان جنهن محل ڪڪرن جي پويان هوندو آهي ته سڀ انسان ان جي ڪڪرن مان ٻاهر اچڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن ته جيئن ان جي روشني مان وڌيڪ فايدو حاصل ڪري سگهجي،  امام زمانه (عج) جي غيبت جي دوران شيعا به سندن ظهور جي انتظار ۾ آهن ته جيئن سندن وجود کان وڌيڪ استفادو ڪري سگهجي، ۽ جهڙي نموني سج جي وجود جو انڪار نٿو ڪري سگهجي اهڙي نموني امام عليه السلام جي وجود جو نٿو ڪري سگهجي ڇو ته سندن وجود جا ڪافي اثرات ۽ ڪافي دليلون موجود آهن جن کي ٺڪرائڻ عقلا محال ۽ ممنوع آهي[4].

دنيا جي باقي رهڻ جو سبب

شيعن جي عقيدي ۾ اها ڳالھ شامل آهي ته خالق ۽ مخلوق جي درميان رحمتن ۽ فيوضات الاهي جي نزول جو واسطو حضرت رسول خدا(ص) ۽ ائمه عليهم السلام آهن. امام صادق(ع) فرمائن ٿا ته نحن السبب بينکم و بين الله عز و جل[5] اسان اهل بيت توهان مخلوقات ۽ خدا جي درميان واسطو ۽ وسيلو آهيون. ۽ هن زماني ۾ اهو واسطو ۽ وسيلو امام زمان (عج) جن جي ذات مبارڪ آهن ڇو ته برڪتن ۽ الاهي فيض جي نازل ٿيڻ جي لاء هميشه هڪ حجت خدا جي ضرورت هوندي آهي جنهن حجت خدا جي وجود کان زمين ڪڏهن به خالي نٿي رهي سگهي لولا الحجه لساخت الارض باهلها[6] جيڪڏهن حجت خدا نه هجي ته زمين پنهنجي موجودات سان گڏ نابود ٿي وڃي،  ان حديث شريف ۾ حجت منجهان مراد زنده امام ۽ حجت آهي[7]. ان کان علاوه ٻيون کوڙ ساريون روايتون به ان ڳالھ تي دلالت ڪن ٿيون ته هر زماني ۾ امام جو هجڻ ضروري آهي. ڪجھ روايتون بيان ڪجن ٿيون.

1.       امام عسڪري(ع)  ان الارض لا تخلوا من حجةلله علي خلقه الي يوم القيامه، زمين قيامت تائين حجت خدا کان خالي  باقي نٿي رهي سگهي[8].

2.       ابو حمزه ثمالي امام صادق(ع) کان سوال ڪندي پڇا ٿا ڪن: اتبقي الارض بغير امام قال: لو بقيت الارض بغير امام ساعة لساخت [9]ڇا زمين بغير امام جي باقي رهي سگهي ٿي؟ امام سندن جواب ۾ فرمائن ٿا جيڪڏهن زمين هڪ لحظو به بغير امام جي وجود جي رهي ته تمام مخلوقات کي هضم ڪري ڇڏيندي، يعني امام ۽ حجت خدا جي وجود کان بغير زمين جو هڪ لحظو به باقي رهڻ ممڪن ناهي.

3.       امام ر ضا (ع) فرمائن ٿا نحن حجج الله في خلقه و خلفائه في عباده ..ولا تخلوا الارض من قائم منا ظاهر او خاف و لو خلت يوما بغير حجة لماجت باهلها کما يموج البحر باهله، اسان اهل بيت خدا جي طرفان حجت ۽ زمين تي سندن خليفا آهيون . زمين ڪڏهن به اسان جي وجود کان خالي نٿي رهي سگهي چاهي اهو اسان جو وجود ظاهر جي صورت ۾ هجي يا وري غايب جي صورت ۾ جيڪڏهن ڪنهن وقت به زمين حجت خدا کان خالي ٿي وڃي ته زمين پنهنجي تمام مخلوقات کي نابود ڪري ڇڏيندي جهڙي نموني سان سامونڊي ڇوليون(طوفان) انسان کي نابود ڪري ڇڏيندي آهي.[10]

انهي روايتن جي روشني ۾ اها ڳالھ واضح آهي ته زمين ۽ سندن مخلوقات جو باقي رهڻ بغير امام جي ممڪن ناهي ۽ زمين جو باقي رهڻ سندن وجود تي واضح دليل آهي ۽ هنن نعمتن ۽ برڪتن جو نازل ٿيڻ جو سبب به امام (عج) آهن.بس پوء ثابت ٿيو  جهڙي نموني سان ظاهر امام جو وجود انسانن لاء فايده مند آهي اهڙي نموني سان امام غايب جو وجود مبارڪ به انسانن لاء فايده مند آهي ۽ زمين جي باقي رهڻ جو سبب آهي. ڇو ته اهي روايتون عام آهن امام غايب ۽ امام ظاهر ٻنهي کي شامل آهن ۽ امام رضا(ع) جي روايت ۾ لفظ (خاف)آيو آهي جنهن مان مراد امام غايب آهن .

نعمتن جي نازل ٿيڻ جو سبب

        سڀ نعمتون توڙي مادي هجن يا معنوي امام ۽ حجت خدا جي ذريعي ٻين مخلوقاتن تائين پهچنديون آهن جڏهن زمين جو وجود ئي امام جي وجود سان باقي آهي ته نعمتن جو نزول جو سبب به امام (ع) جي ذات آهن خواه امام ظاهر هجي يا غايب جنهن کي مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته روايتن ۾ لفظ عام استعمال ٿيل آهي، نه رڳو نعمتن جو نازل ٿيڻ، زمين ۽ آسمان جو باقي رهڻ ۽ خدا جي طرفان سڀني مخلوقات کي روزي ملڻ به سندن وجود جي فايدن مان هڪ فايدو آهي جهڙي نموني سان دعاي عديله ۾ هي جملا ملن ٿا ته : بيمنه رزق الوري و بوجوده ثبتت الارض والسماء و به يملاءُ الله الارض قسطا و عدلا بعد ما ملئت ظلما و جورا، سندن وجود جي برڪتن جي سبب سڀني کي رزق ملي رهيو آهي، ۽ زمين و آسمان ثابت آهن، ۽ سندن وجود جي برڪت سان خداوند متعال زمين کي عدل ۽ انصاف سان پر ڪري ڇڏيندو  جهڙي نموني سان ظلم ۽ بربريت سان ڀريل هوندو.[11]

امام هادي(ع) پڻ مشهور زيارت جامعه ڪبيره ۾ ائمه عليهم السلام جي مقام ۽ منزلت کي بيان ڪندي فرمائن ٿا ته بکم فتح الله و بکم يختم و بکم ينزل الغيث و بکم  يمسک السماء ان تقع علي الارض الا باذنه،[12] الله تعالي توهان(اهل بيت) جي وجود سان ئي آغاز ۽ ابتدا ڪري ٿو، ۽ توهان جي وجود سان ئي ختم ڪري ٿو يعني خداوند متعال جي نزديڪ هر شئ جي ابتدا ۽ انتها اهل بيت(ع) آهي ، توهان جي برڪت سان ئي برسات وسي ٿي، توهان جي وجود جي سبب آسمان بيٺل آهي ته جيئن زمين جي مٿان نه ڊهي سواء خدا جي اجازت سان. اهو ئي سبب آهي جو امام باقر(ع) پنهنجن شيعن کي دستور ڏيندي فرمائن ٿا ته پنهنجون حاجتون اهل بيت(ع) جو واسطو ڏيئي حاصل ڪريو، من دعا بنا افلح و من دعاه بغيرنا هلک و استهلک،[13] جيڪو خداوند متعال کان اسان جو واسطو ڏيئي سڏي ٿو ۽ دعا گهري ٿو اهو ڪامياب آهي ۽ سندس دعا به قبول آهي ۽ اسان جي واسطي ۽ وسيلي جي بغير دعا ٿو گهري اهو هميشه هلاڪ ۽ محروم رهندو ان جي دعا قبول نه ٿيندي.

مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو ختم ٿيڻ

        خدا جي عبادت ۽ سندن معرفت به اهل بيت (ع) جي ذريعي ۽ سندن ٻڌايل طريقن سان ئي حاصل ٿئي ٿو ڇو جو خدا تائين پهچڻ جو رستو اهل بيت (ع) ئي آهن جيڪو انهن جي ذريعي خدا  کي سڃاڻي اهو ئي صحيح نموني سان عبادت ۽ بندگي ڪري سگهي ٿو، جيڪو اهل بيت جي واسطي کان بغير خدا کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو اهو گمراه ٿي ويندو جيئن ته امام باقر(ع) فرمائن ٿا ته بنا عبد الله و بنا عرف الله و بنا وحد الله ، اسان جي واسطي سان خدا جي بندگي ڪئي وئي ۽ اسان جي وسيلي سان خداوند متعال سڃاتو ويو ۽ سندس وحدانيت جي گواهي ڏني وئي،  ۽ اهڙي نموني وري انسان به خدا تائين ايستائين نه پهچندو ۽ کيس نه سڃاڻيندو جيستائين اهل بيت (ع) جي معرفت حاصل نه ڪندو. ڇو ته امام ۽ اهل بيت ئي اهي هستيون آهن جن جي ذريعي خدا کي سڃاتو وڃي ٿو ۽ انهن جي وجود جي برڪت سان ئي مصيبتون ۽ مشڪلاتون ختم ٿيون ٿين ڇو ته امام (ع) جو وجود ئي اسان جي لاء امنيت جو سبب آهي امام زمان(عج) فرمائن ٿا اني امان لاهل الارض[14] مان مهدي زمين وارن لاء امنيت جو سبب آهيان ۽ ٻي جاء تي فرمائن ٿا انا خاتم الاوصياء و بي يدفع الله البلاء عن اهلي و شيعتي [15] ، مان آخري وصي ۽ امام آهيان منهنجي وجود جي برڪت سان  خداوند متعال مصيبت کي شيعن کان دور ٿو ڪري.

امام زمان(عج) جيڪا توقيع شيخ مفيد کي لک ٿا انهي ۾ به انهي جو ذڪر ٿا ڪن ته امام جي وجود سان ئي مصيبتون ۽ مشڪلون دور ٿيون ٿين ۽ انهي ڳالھ جي به تاڪيد ٿا ڪن اسان (اهل بيت) توهان جي شيعن جي ياد کان هرگز غافل ناهيون ۽ جيڪڏهن اسان کي توهان ياد نه هجو ها ۽ اسان توهان کان غافل هجون ها توهان شيعا دشمنن جي چنگل مان نڪري نه سگهو ها ۽ هميشه ظالمن جي عتاب هيٺ دٻيل هجو ها ۽ اها توقيع هن ريت ذڪر ٿيل آهي انا نحيط علما بانبائکم ولا يعزب  عنا شي من اخبارکم انا غير مهملين لمراعاتکم ولا ناسين لذکرکم ولولا ذلک لنزل بکم اللاواه و اصطلمکم الاعداء [16] اسان توهان جي سرپرستي ۾ ڪوتاهي ناهي ڪئي، ۽ توهان جي ياد کان غافل ناهيون، ۽ جيڪڏهن اسان غافل هجون ها ته مشڪلاتون، مصيبتون، توهان تي نازل ٿين ها ۽ دشمن توهان کي نابود ڪري ڇڏين ها . يعني ٻين لفظن ۾ امام(ع) انهني بيان سان شيخ مفيد کي دلاسو ڏيندي کيس يقين ٿا ڏيارين اسان توهان کان  غافل ناهيون ۽ توهان جي ڪمن ڪارن تي اسان جي نظر آهي ۽ اسان هر مصيبت ۾ توهان جا حامي ۽ مددگار آهيون.اهو ئي مهم ۽ اساسي فرق آهي شيعن ۽ ٻين فرقن ۾ شيعن وٽ مهدي موعود(عج) زنده صورت ۾ موجود آهي فقط سندس ظهور جي انتظار ۾ آهن جڏهن ته ٻين فرقن ۾ مهدي موعود جو تصور ٻي طريقي سان آهي انهن وٽ اڃا مهدي موعود جي تلاش ۽ ڳولا ۾ مصروف آهن ،۽ ٻيو فرق شيعن ۽ ٻين فرقن ۾ اهو آهي ته ٻيا فرقا انهي اميد ۾ آهن امام مهدي (عج) جي حڪومت هن دنيا کي عدل ۽ انصاف سان پر ڪري ڇڏيندو بس ليڪن شيعا انهي حڪومت جي انتظار ۾ رهڻ سان گڏ و گڏ پنهنجو پاڻ کي انهي خدائي حڪومت جي تياري ۾ به مصروف آهن.

انهي روايتن جي روشني ۾ اهو ثابت ٿو ٿئي ته جيڪي فايدا ظاهر امام جي وجود جا فايدا آهن اهي ئي فايدا غايب امام جي وجود جا به فايدا آهن. ڇو ته روايتن ۾ عموميت آهي ڪابه قيد ناهي ته امام ظاهر هوندو ته هي نعمتون نازل ٿينديون يا مصيبتون پري ٿينديون بلڪه روايتن جو عموم هجڻ سان گڏ و گڏ امام زمان(عج) جو فرمان ته مان زمين وارن لاء امن جو سبب ۽ منهجي وجود جي برڪت سان زمين تا مصيبتون ۽ مشڪلون دور ٿيون ٿين خود واضح دليل آهي ته غايب امام جي وجود جا فايدا به امام ظاهر جي وجود جي فايدن جي برابر آهن.

آخر ۾ هڪ روايت وري اسان شيعن جي لاء ته اسان ڪهڙا ڪم ڪريون ۽ ڪيئن امام زمان (عج) جي انتظار ۾ مصروف رهون ته جيئن امام زمان جي سپاهين ۾ شامل ٿي سگهون  انهي لاء امام صادق (ع) جي روايت سٺي نموني بيان ٿي ڪري پاڻ فرمائن ٿا ته امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا  مَنْ سَرَّهُ أَنْ يَكونَ مِنْ أَصْحابِ الْقائِمِ فَلْيَنْتَظِرْ وَلْيَعْمَلُ بِالْوَرَعِ وَمَحاسِنِ الْأَخْلاقِ وَهُوَ مَنْتَظِرٌ فَاِنْ ماتَ وَقامَ الْقائِمُ بَعْدَهُ كانَ لَهُ مِنَ الْأَجْرِ مِثْلُ أَجْرِ مَنْ أَدْرَكهُ.[17]

جيڪو چاهي ٿو ته امام زمانه (عج) جي دوستن ۽ اصحابن منجهان ٿئي ان کي گهرجي ته انتظار سان گڏوگڏ ورع (تقوا ۽ پرهيزگاري) کي اختيار ڪري ۽ پنهنجي اخلاق کي سڌاري ته اهو ئي حقيقي انتظار ڪرڻ وارو آهي، جيڪڏهن اهو شخص انهي حالت ۾ هن دنيا منجهان هليو وڃي ۽ ان کان بعد امام زمانه عليه السلام جو ظهور (قيام) ٿي وڃي ته ان شخص جو رتبو به ان شخص جي برابر آهي جيڪو امام زمان عليه السلام سان گڏ آهي.



حوالا

[1] الاحتجاج،طبرسي،جلد2ص497.

[2] ڪمال الدين،ج2ص207.

[3] ساڳيو،ص485.

[4] ادب فناي مقربان(جوادي آملي) ج10ص68.

[5] امالي طبرسي،ص157.

[6] منهاج البراعه،خويي،ج16،ص69

[7] ادب فناي مقربان،ج10ص69

[8] کمال الدين،ج2ص409

[9] ساڳيو

[10] ڪمال الدين،ج1، ص202.

[11] مفاتيح الجنان،دعاي عديله

[12] من لا يحضره الفقيه،ج2،ص615

[13] امالي،طوسي،ص172.

[14] ڪمال الدين،ج2،ص485

[15] الغيبه طوسي،ص246

[16] احتجاج،ج2،ص497.

[17] مستدرڪ سفينه البحار،ج6 ص184

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي