جمع, 29 مئي 2020

منافق اميرالمومنين عليه السلام جي ڪلام نهج البلاغه جي روشني ۾

  • انداز قلم

 

مهاڳ:

حضرت امام علي  عليه السلامجن پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ ئي نفاق ۽ منافقن جي مسئلي سان مُنهن پئي ڏيندا آيا آهن ۽ پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  جن جي حمايت لاءِ هميشه دشمنن ۽ منافقن کي نظر هيٺيان رکيائون. جنگ احد ۾ منافقن جي سنگين خيانت ۽ پوئتي ڀڄي وڃن کي پنهنجي زخمي جسم سان برداشت ڪيائون ۽ جنگ تبوڪ ۾ پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  جن جي جانشين جي صورت ۾ مديني ۾ رهي ڪري مديني جي منافقن ۽ انهن جي پيروي ڪرڻ وارن کي نااميد ۽ انهن جي نقشن تي پاڻي ڦيري ڇڏيائون. امام  عليه السلام جن منافقن بابت هن  قرآني پيغام يا أَيُّهَا النَّبِيُّ جاهِدِ الْكُفَّارَ وَ الْمُنافِقينَ وَ اغْلُظْ عَلَيْهِمْ وَ مَأْواهُمْ جَهَنَّمُ وَ بِئْسَ الْمَصير اي رسول! ڪافرن سان (تلوار سان) ۽ منافقن سان (زبان جي ذريعي) جهاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر. ۽ سندن ٺڪاڻو ته دوزخ ئي آهي. ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي. (1) کي ڪئي ڀيرا ٻڌو هو ۽ پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  جن جي سيرت ۾ انهيءَ جو مشاهدو پڻ ڪري چڪو هو، پنهنجي خلافت جي دوران پڻ انهي روش تي عمل ڪيائون ۽ انهن سان سختي سان پيش آيا ۽ انهن جي منافقانه عمل کي دنيا اڳيان پيش ڪيو ۽ انهن سان جنگ پڻ ڪئي ۽ مسلمانن کي اهيو ٻڌايو ته هي ڀلي کڻي پنهنجي پاڻ کي مسلمان جي روپ ۾ لڪائن ليڪن پوءِ به اهي لڪي نه سگهندا.

امام  عليه السلامجن پنهنجي حڪومت دوران سياست کي سچائي سان ملائي ڇڏيو جيڪا خلفاءَ جي زماني ۾ باطل سان ملي وئي هئي ۽ صحيح خدمت نه ڪندڙ ۽ غير صالح ماڻهن کي هڪ لحظي لاءِ به عهدي تي باقي نه رکيو ۽ انهن سان دوستي نه ڪئي ايتري قدر جو خوارجن سان پڻ ٻَههَ رُوپي نه ڪئي. اگرچه ڪري پئي سگهيو  ته ظاهرا ۽ فقط زبان سان انهن جي مطلوبه توبه کي زبان تي آڻي ۽ پاڻ کي انهن جي شرارتن کان  محفوظ رکي ليڪن ولايت جي عصمت ۽ علوي حڪومت جي عزت خاطر نه ڪيل گناھ کان معذرت نه ڪئي ۽ انهن جي توهين ۽ سختي کي سهيائين.

امام  عليه السلامجن پنهنجي خلافت دوران منافقن کي دنيا اڳيان ظاهر ڪيو ۽ ماڻهن مان اهيا اميد رکيائون ته اهي به انهن کي سڃاڻين! ۽ جهڙي نموني قرآن ڪريم  مسلمانن کان چاهيو آهي تهڙي نموني عمل ڪن ۽ انهن سان دوستي نه ڪن؛ انهن کي  پنهنجو کلم کهلا دشمن سمجھن. هميشه انهن مان نجس شيءِ وانگر پرهيز ۽ دوري ڪن. نيڪين جو حڪم ڪندي ۽ براين کان روڪيندي منافقن جي چالن کي ناڪام بڻائين.

امام  عليه السلامجن جو ن منافقن بابت تمام گهڻيون روايتون مختلف ڪتابن ۾ ملن ٿيون ليڪن اسان پنهنجي هن لکڻي ۾ امير المومنين  عليه السلامجي ڪلام نهج البلاغه مان منافقن تي نظر وجھنداسين.

مُنافق:

اسلامي ڪلچر ۾ هڪ اهڙو انسان آهي جيڪو پنهنجي دل ۾ خدا ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان نٿو رکي ليڪن ظاهر ۾ پاڻ کي مسلمانن اڳيان ايماندار ظاهر ڪري ٿو. قرآن ڪريم ان ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي ٿو: وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ يَقُولُ آمَنَّا بِاللَّهِ وَ بِالْيَوْمِ الْآخِرِ وَ ما هُمْ بِمُؤْمِنين۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جي (زبان سان ته) چون ٿا ته اسان خدا تي ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان آندو آهي هوڏانهن اهي ايمان وارا نه آهن. (2) قرآن ڪريم ۾ سورت منافقون، منافقن جي صفتن کي بيان ڪرڻ ۽ انهن کي ملامت ڪرڻ لاءِ نازل ٿي آهي ۽ ٻين مختلف سورتن ۾ پڻ انهن کي بيان ڪيو ويو آهي. تاريخ جي ورقن ۾ ملي ٿو ته مسجد ضرار جيڪا ڪجھ منافقن جو ٺڪاڻو سمجھي ويندي هئي پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  جن جي حڪم سان ڊاهي وئي تاڪه اتي ويهي ڪري اسلام خلاف سازشون نه ڪن.

منافق هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو نِفاق رکندڙ، ظاهر ۽ باتن ۾ تفاوت رکندڙ. دل ۾ دغا رکندڙ، رياڪار، مَڪار، ٻَههَ رُوپي، دغاباز، دغا خور، دلبي، فريبي. بي ويساهو، اڻ ويساهو، مُلحد، ڪافر ۽ بي دين آهي. قرآن ڪريم انهن جي رويي کي بيان ڪندي فرمائي ٿو: وَ إِذا لَقُوا الَّذينَ آمَنُوا قالُوا آمَنَّا وَ إِذا خَلَوْا إِلى‏ شَياطينِهِمْ قالُوا إِنَّا مَعَكُمْ إِنَّما نَحْنُ مُسْتَهْزِؤُنَ  ۽ جڏهن (اهي منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته کين چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) پنهنجي شيطانن (سردارن) سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته بيشڪ اسين اوهان ساڻ آهيون. اسين رڳو (مسلمانن سان) کل مسخري ڪندا آهيون. (3)

منافقن جون علامتون

1. اهي پاڻ به گمراھ آهن ۽ ٻين کي به گمراھي ڏانهن ڇڪي وڃڻ وارا آهن:

هڪ صفت جيڪا مولاءِ متقيان حضرت علي  عليه السلاماهل نفاق لاءِ بيان ڪئي آهي گمراهي آهي. أُوصِيكُمْ عِبَادَ اللَّهِ بِتَقْوَى اللَّهِ، وَ أُحَذِّرُكُمْ أَهْلَ النِّفَاقِ فَإِنَّهُمُ الضَّالُّونَ الْمُضِلُّونَ اي الله تعالى جا بندؤ! آءُ توهان کي الله کان ڊڄڻ جي وصيت ڪريان ٿو ۽ منافقن کان به خبردار ڪريان ٿو، ڇو جو اهي گمراه ۽ گمراه ڪرڻ وارا آهن.

2. اهي پاڻ به رستي کان ڀٽڪيل گمراهه هوندا آهن ۽ ٻين کي به ڀٽڪائيندا آهن.

منافقن جي هڪ ٻي علامت هي آهي ته اهي سچائي ۽ سڌي رستي کان پري، ڀٽڪيل ۽ گمراھ هوندا آهن فقط ايترو نه بلڪ ٻين ماڻهن کي به پنهنجي رستي تي هلائيندي ڀٽڪائي ڇڏيندا آهن. وَ الزَّالُّونَ الْمُزِلُّونَ، اهي بي راه ۽ بي راهروي تي آماده ڪرڻ وارا آهن.

”ضالون“ ۽ ”زالون“ ۾ فرق

ضالون مان مراد اهي منافق جيڪي ڄاڻي ٻجھي گمراهين ۽ اونداهين ۾ قدم وڌائڻ ٿا ۽ زالون مان مراد اهي آهن جيڪي تمام گهڻيون خطائون ۽ اشتباھ ڪرڻ وارا آهن. ڇو جو منافق علم ۽ ايمان جي نور کان بي بهرو هوندو آهي تنهن ڪري سندس خطائون ۽ اشتباھ به گهڻائي هوندا اٿس. (4)

3. لمحي لمحي ۾ رنگ بدلڻ وارا هوندا آهن

منافق پنهنجي زندگي ۽ اعتقادن ۾ شڪ ۽ ترديد جو شڪار هوندو آهي. ڪڏهن به ثابت قدمي نه اٿس ۽ ڪنهن به مذهب ۽ عقيدي جو پابند ناهي هوندو انهي لحاظ کان لمحي لمحي ۾ پنهنجو رنگ بدليندو آهي اميرالمومنين عليه السلام انهن جي هن طرح وصف ڪن ٿا يَتَلَوَّنُونَ أَلْوَاناً وَ يَفْتَنُّونَ افْتِنَاناً اهي مختلف رنگ ۾ ظاهر ٿين ٿا ۽ هر ڳالھ ۾ جداگانه ڪشتي جو داءُ بدلائن ٿا.

هڪ عهد نامي ۾ جيڪو مولا عليه السلام محمد ابن ابي بڪر ڏانهن لکيو آهي تنهن ۾ امام عليه السلام جن پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  جو قول نقل ڪندي فرمائن ٿا: مون کي رسول الله ( صلي الله عليه وآله وسلم ) جن فرمايو هو، ته کين پنهنجي امت جي باري ۾ نه مومن کان ڪو کٽڪو آهي، ۽ نه وري مشرڪ کان، ڇو جو مومن جي، الله تعالي ان جي ايمان جي سببان (گمراھ ٿيڻ کان) حفاظت ڪندو، ۽ مشرڪ کي ان  جي شرڪ جي سببان ذليل ۽ خوار ڪندو (جو ڪو به ان جي ڳالھ تي ڪن نه ڏيندو)، پر مون کي تنهنجي لاءِ هر ان شخص کان انديشو آهي، جيڪو دل سان منافق ۽ زبان سان عالم آهي. ڳالهائي اهو ٿو، جنهن کي تون نيڪ ٿو سمجهين، ۽ ڪري اهو ٿو، جنهن کي تون برو ٿو سمجهين. (5)

4. فريب ڏيڻ لاءِ سُجاڳ ۽ ماڻهن جي بيٺڪ وارين جاين تي تاڪ ۾ هوندا آهن:

وَ يَعْمِدُونَكُمْ بِكُلِّ عِمَادٍ وَ يَرْصُدُونَكُمْ بِكُلِّ مِرْصَادٍ؛ ۽ (توهان کي هم خيال بنائڻ لاءِ) هر قسم جي مڪر و فريب ۾ اڙائڻ جو سهارو ڏين ٿا ۽ هر داءُ فريب واري هنڌ تي توهان جي (تاڪ) موقعي جي تلاش ۾ رهن ٿا.

5. انهن جا دل بيمار ۽ ظاهر سينگاريل ۽ سنواريل هوندا آهن:

قُلُوبُهُمْ دَوِيَّةٌ وَ صِفَاحُهُمْ نَقِيَّةٌ، هنن جون دليون (نفاق جي) روڳ ۾ مبتلا ۽ چهرا (بظاهري ڪدورتن کان) پاڪ ۽ صاف آهن.

6. لڪ ۾ چال چلائڻ  وارا هوندا آهن.

منافقن جي هڪ نشاني هي آهي ته اهي لڪ ۽ پوشيده حالت ۽ ماڻهن جي نظرن کان پري پنهنجون چالون چلائيندا آهن.

يَمْشُونَ الْخَفَاءَ وَ يَدِبُّونَ الضَّرَاءَ، اهي اندر ئي اندر پنهنجون چالون چلائن ٿا ۽ (گمراه ڪرڻ لاءِ) اهڙي طرح رڙهندا وڌن ٿا جهڙي طرح مرض آهستي اثر ڪري ٿو.

7. انهن جو برتاءُ دوا مثل ، ڳالهيون شفا مثل ۽ ڪرتوت، لا علاج درد آهن

وَصْفُهُمْ دَوَاءٌ وَ قَوْلُهُمْ شِفَاءٌ وَ فِعْلُهُمُ الدَّاءُ الْعَيَاءُ  انهن جا طور طريقا دوا مثل ، ڳالهيون شفا مثل ۽ ڪرتوت، لا علاج درد آهن.

8. تنگ نظري ۽ نااميدي پيدا ڪندڙ آهن.

مومنن جي امير، منافقن جي هڪ نشاني هي بيان ڪئي آهي ته اهي مومنن جي خوش ٿيڻ سان ناخوش ۽ مومنن جي ناراحت ٿيڻ سان خوش ٿيندا آهن. ۽ ڪوشش ڪندا آهن ته ڪيئن به ڪري مومنن جي ارادن کي ضعيف ڪري انهن ۾ نااميدي جو ٻج ڇٽن ته جيئن انهن ۾ جهاد ۽ مقاومت ڪرڻ جي سگھ کي ٽوڙي سگهن.

حَسَدَةُ الرَّخَاءِ وَ مُؤَكِّدُو الْبَلَاءِ وَ مُقْنِطُو الرَّجَاءِ؛ (ٻين جي) خوشحالي تي جلڻ وارا، انهن کي مصيبت ۾ ڦاسائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارا ۽ انهن کي اميدن کان نا اميد ڪرڻ وارا آهن.

9. مڪاري، فريبي، دغا بازي انهن جو هٿيار آهي

لَهُمْ بِكُلِّ طَرِيقٍ صَرِيعٌ وَ إِلَى كُلِّ قَلْبٍ شَفِيعٌ وَ لِكُلِّ شَجْوٍ دُمُوعٌ  هر رستي (طريقي) تي انهن جو هڪ ستايل ۽ هر دل ۾ گهر ڪرڻ جو انهن وٽ وسيلو آهي ۽ هر غم جي لاءِ انهن جي (اکين ۾ مانگر مڇ جا) ڳوڙها آهن.

10. قرض طور هڪ ٻئي  جي تعريف ۽ ساراھ ڪندا آهن.

منافقن جي هڪ نشاني هي آهي ته تعريف ۽ ساراھ قرض ۾ ڏيندا آهن يعني منافقن جو هي گروھ منافقن جي هڪ ٻئي گروھ جي تعريف ۽ ساراھ ڪندو آهي ۽ بدلي ۾ ٻئي گروھ کان تعريف ۽ ساراھ وٺندو آهي.

يَتَقَارَضُونَ الثَّنَاءَ وَ يَتَرَاقَبُونَ الْجَزَاءَ.  هڪ ٻئي جي قرض جي طور تي تعريف ۽ ساراه ڪندا آهن ۽ ان جي بدلي ملڻ جي آس رکن ٿا.

11. گهرڻ ۾ اصرار ڪندا آهن:

إِنْ سَأَلُوا أَلْحَفُوا  جيڪڏهن ڪنهن شي کي گهرن ٿا ته انهي تي وڙهن ٿا.

12. الزام مڙهڻ ۽ بدنام ڪرڻ سندن پيشو اٿن:

منافق پنهنجا عيب لڪائڻ لاءِ ٻين تي الزام هڻندو آهي ۽ ماڻهن اڳيان کين عيب بيان ڪري بدنام ڪندو آهي. وَ إِنْ عَذَلُوا كَشَفُوا ۽ بري ڀلي ڳالهائڻ تي آماده ٿين ٿا. ۽ پوءِ رسوا ڪري ڇڏين ٿا.

13. فيصلي ڪرڻ ۾ حد کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا.

منافقن جي هڪ علامت هي آهي ته فيصلو پنهنجي چاهت مطابق ڪندا آهن  وَ إِنْ حَكَمُوا أَسْرَفُوا. جيڪڏهن ڪو فيصلو ڪن ٿا ته بي راھ روي ۾ حد کان وڌي وڃن ٿا.

14. باطل اهداف کي پوري ڪرڻ لاءِ دقيق برنامو ٺاهڻ.

منافق ڇو جو هڪ عقيدو نٿو رکي ۽ ثابت قدم ناهي تنهن لاءِ مجبور آهي ته پنهنجي اهداف کي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پيش ايندڙ مشڪلن اڳيان دقيق برنامو ٺاهي امام  عليه السلامجن انهن جي برنامن ڏانهن اشارو ڪندي فرمائن ٿا: قَدْ أَعَدُّوا لِكُلِّ حَقٍّ بَاطِلًا وَ لِكُلِّ قَائِمٍ مَائِلًا وَ لِكُلِّ حَيٍّ قَاتِلًا وَ لِكُلِّ بَابٍ مِفْتَاحاً وَ لِكُلِّ لَيْلٍ مِصْبَاحاً. انهن هر حق جي مقابلي ۾ باطل ۽ هر سچ جي مقابلي ۾ ڪوڙ ۽ ڦڏو، هر جيئري جي لاءِ قاتل زهر، هر دروازي جي لاءِ ڪنجي ۽ هر رات جي لاءِ چراغ مهيا ڪري رکيا آهن.

15. دنياوي لالچ ڏانهن مائل نه هجڻ جو ڍونگ ڪندا آهن.

منافقن جي هڪ علامت هي آهي ته ماڻهن جي دلن ۾ گهر ڪرڻ لاءِ مڪر، فريب، دغابازي ذريعي دنيا ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ آهي جي طرف مائل هجڻ کان بي رغبتي جو اظهار ڪن ٿا ۽ انهي وسيلي پنهنجا مقصد پورا ڪن ٿا.

يَتَوَصَّلُونَ إِلَى الطَّمَعِ بِالْيَأْسِ لِيُقِيمُوا بِهِ أَسْوَاقَهُمْ وَ يُنْفِقُوا بِهِ أَعْلَاقَهُمْ. اهي نا اميدي ۾ اميد پيدا ڪن ٿا جنهن کان پنهنجي بازار ڄمائن ٿا يعني پنهنجا مقصد پورا ڪن ۽ پنهنجي مال کي جاري ڪن ٿا.

16. حق ۽ باطل کي پاڻ ۾ ملائيندا آهن

منافقن جي هڪ علامت هي آهي ته ڪفر، باطل ۽ گمراهي کي حق سان ملائين ٿا ۽ انهن کي حق جي لباس ۾ جلوو ڏيارن ٿا ۽ انهي ذريعي ساده لوح ماڻهن کي هڪ اهڙي رستي ۾ ڦاسائن ٿا جتان واپس موٽڻ جو ڪوبه امڪان ناهي.

يَقُولُونَ فَيُشَبِّهُونَ وَ يَصِفُونَ فَيُمَوِّهُونَ قَدْ هَوَّنُوا الطَّرِيقَ وَ أَضْلَعُوا الْمَضِيقَ،  غلط ڳالھ کي صحيح ڳالھ جي انداز ۾ پيش ڪن ٿا ۽ باطل کي حق جو رنگ ڏئي پيش ڪن ٿا. انهن ( پنهنجي لاءِ) ته رستا آسان بنائي ڇڏيا آهن ۽ ٻين جي لاءِ پيچيدگيون وڌيون اٿن. (6)

17. بغير سوچڻ سمجھڻ جي گفتگو ڪندا آهن

منافقن جي هڪ علامت هي آهي ته جيڪو ڪجھ انهن جي زبان تي ايندو آهي چئي ڏيندا آهن هي به ناهن ڏسندا ته ڪهڙي گفتگو سندن فائديمند آهي ۽ ڪهڙي نقصانڪار.

إِنَّ لِسَانَ الْمُؤْمِنِ مِنْ وَرَاءِ قَلْبِهِ وَ إِنَّ قَلْبَ الْمُنَافِقِ مِنْ وَرَاءِ لِسَانِهِ، لِأَنَّ الْمُؤْمِنَ إِذَا أَرَادَ أَنْ يَتَكَلَّمَ بِكَلَامٍ تَدَبَّرَهُ فِي نَفْسِهِ فَإِنْ كَانَ خَيْراً أَبْدَاهُ وَ إِنْ كَانَ شَرّاً وَارَاهُ، وَ إِنَّ الْمُنَافِقَ يَتَكَلَّمُ بِمَا أَتَى عَلَى لِسَانِهِ لَا يَدْرِي مَا ذَا لَهُ وَ مَا ذَا عَلَيْهِ.

بيشڪ، مومن جي زبان سندس دل جي پٺيان آهي ۽ منافق جي دل ان جي زبان جي پٺيان آهي، ڇو جو مومن جڏهن به ڳالهائڻ چاهي ٿو، ته پهرين ان کي دل ۾ سوچيندو آهي، پوءِ جيڪڏهن اها ڳالھ چڱي هوندي آهي، ته ان کي ظاهر ڪندو آهي، پر جيڪڏهن بري هوندي آهي، ته ان کي لڪل ئي رهڻ ڏيندو آهي، ۽ منافق جي زبان تي جيڪي ايندو اٿس، سو چئي ڏي ٿو. کيس اها خبر نه پوندي آهي، ته ڪهڙي ڳالھ سندس حق ۾ مفيد آهي، ۽ ڪهڙي نقصانڪار. (7)

18. گناھ ڪرڻ وقت خوف ، حراس ۽ انجام جي فڪر نه ڪندا آهن

وَ إِنَّمَا أَتَاكَ بِالْحَدِيثِ أَرْبَعَةُ رِجَالٍ لَيْسَ لَهُمْ خَامِسٌ. رَجُلٌ مُنَافِقٌ مُظْهِرٌ لِلْإِيمَانِ، مُتَصَنِّعٌ بِالْإِسْلَامِ، لَا يَتَأَثَّمُ وَ لَا يَتَحَرَّجُ، توهان وٽ چئن قسمن جا ماڻهو حديث آڻڻ وارا آهن ( انهن کان سواءِ ) ٻيو پنجون نه آهي. هڪ ته اهو جنهن جو ظاهر هڪڙو ۽ باطن ٻيو. هو ايمان جي نمائش ڪري ٿو ۽ مسلمانن وانگر وضع قطع بڻائي ٿو. هو نه گناه ڪرڻ کان ڊڄي ٿو ۽ نه وري ڪنهن مصيبت ۾ پوڻ کان ڇرڪي ٿو. (8)

19. اهي ڪوڙا ۽ جعلي حديثون ٺاهڻ وارا هوندا آهن.

يَكْذِبُ عَلَى رَسُولِ اللَّهِ (صلی الله علیه وآله) مُتَعَمِّداً؛ فَلَوْ عَلِمَ النَّاسُ أَنَّهُ مُنَافِقٌ كَاذِبٌ لَمْ يَقْبَلُوا مِنْهُ وَ لَمْ يُصَدِّقُوا قَوْلَهُ وَ لَكِنَّهُمْ قَالُوا صَاحِبُ رَسُولِ اللَّهِ (صلی الله علیه وآله) رَآهُ وَ سَمِعَ مِنْهُ وَ لَقِفَ عَنْهُ فَيَأْخُذُونَ بِقَوْلِهِ، وَ قَدْ أَخْبَرَكَ اللَّهُ عَنِ الْمُنَافِقِينَ بِمَا أَخْبَرَكَ وَ وَصَفَهُمْ بِمَا وَصَفَهُمْ بِهِ لَكَ، ثُمَّ بَقُوا بَعْدَهُ فَتَقَرَّبُوا إِلَى أَئِمَّةِ الضَّلَالَةِ وَ الدُّعَاةِ إِلَى النَّارِ بِالزُّورِ وَ الْبُهْتَانِ هو ڄاڻي ٻجهي رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جن تي ڪوڙ هڻي ٿو. جيڪڏهن ماڻهن کي پتو پئجي وڃي ته اهو منافق ۽ ڪوڙو آهي ته ان کان نڪا حديث قبول ڪن ۽ نه ان جي ڳالھ جي تصديق ڪن، ليڪن اهي ته ائين چون ٿا ته هي رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جن جو صحابي آهي، هن آنحضرت جن کي ڏٺو به آهي؟ ۽ انهن کان حديثون به ٻڌيون آهن؟ ۽ حضور جن کان علم به پرايو اٿس؟ تنهن ڪري اهي ماڻهو ( سواءِ سوچڻ سمجهڻ جي ) ان ڳالھ کي قبول ڪن ٿا. حالانڪ الله تعالى توهان کي منافقن جي متعلق خبر به ڏئي ڇڏي آهي ۽ انهن جي رنگ ڍنگ کان به توهان کي آگاھ ڪيو اٿس. پوءِ اُهي رسول  صلي الله عليه وآله وسلم  جن کان بعد به باقي ۽ برقرار رهيا، ۽ ڪوڙ ۽ بهتان جي ذريعي گمراهي جي پيشوائن ۽ جهنم ڏانهن دعوت ڏيندڙن وٽ اثر رسوخ پيدا ڪيو. (9)

20. حضرت امام علي  عليه السلامجن جا کلم کهلا دشمن هوندا آهن

لَوْ ضَرَبْتُ خَيْشُومَ الْمُؤْمِنِ بِسَيْفِي هَذَا عَلَى أَنْ يُبْغِضَنِي مَا أَبْغَضَنِي، وَ لَوْ صَبَبْتُ الدُّنْيَا بِجَمَّاتِهَا عَلَى الْمُنَافِقِ عَلَى أَنْ يُحِبَّنِي مَا أَحَبَّنِي؛ وَ ذَلِكَ أَنَّهُ قُضِيَ، فَانْقَضَى عَلَى لِسَانِ النَّبِيِّ الْأُمِّيِّ (صلی الله علیه وآله) أَنَّهُ قَالَ: "يَا عَلِيُّ لَا يُبْغِضُكَ مُؤْمِنٌ وَ لَا يُحِبُّكَ مُنَافِقٌ. جيڪڏهن آءُ مومن جي نڪ تي تلوارون هڻان ته هو مون کي دشمن سمجهي، پر تڏهن به هو مون سان دشمني نه رکندو، مگر جيڪڏهن دنيا جو سمورو مال متاع ڪافر جي اڳيان ڍير ڪري رکان، ته هو مون کي دوست ڪري سمجهي، پر تڏهن به هو مون کي پنهنجو دوست ڪري نه سمجهندو، ڇاڪاڻ ته هي اهو فيصلو آهي، جيڪو پيغمبر امي  صلي الله عليه وآله وسلم  جن جي زبان مبارڪ مان ٿي ويو آهي، ته ”اي علي! ڪو به مومن تو سان دشمني نه رکندو، ۽ ڪو به منافق تو سان محبت نه ڪندو“. (10)

منافقن جي حالت جو منظر

اميرالمومنين عليه السلام منافقن کي شيطان جو گروھ سمجھن ٿا ۽ فرمائن ٿا: فَهُمْ لُمَةُ الشَّيْطَانِ وَ حُمَةُ النِّيرَانِ «أُولئِكَ حِزْبُ الشَّيْطانِ أَلا إِنَّ حِزْبَ الشَّيْطانِ هُمُ الْخاسِرُون اهي (منافق) شيطان جو گروه آهن ۽ سمجهي ڇڏيو ته شيطان جو گروه ئي گهاٽي خساري ۾ پوڻ وارو آهي. (11)

وري ٻي مقام تي انهن جي حالت جو منظر بيان ڪندي فرمائن ٿا: اتَّخَذُوا الشَّيْطَانَ لِأَمْرِهِمْ مِلَاكاً وَ اتَّخَذَهُمْ لَهُ أَشْرَاكاً فَبَاضَ وَ فَرَّخَ فِي صُدُورِهِمْ وَ دَبَّ وَ دَرَجَ فِي حُجُورِهِمْ فَنَظَرَ بِأَعْيُنِهِمْ وَ نَطَقَ بِأَلْسِنَتِهِمْ فَرَكِبَ بِهِمُ الزَّلَلَ وَ زَيَّنَ لَهُمُ الْخَطَلَ، فِعْلَ مَنْ قَدْ شَرِكَهُ الشَّيْطَانُ فِي سُلْطَانِهِ وَ نَطَقَ بِالْبَاطِلِ عَلَى لِسَانِه انهن پنهنجي سمورن ڪمن جو عام مختارـ شيطان کي بڻائي رکيو آهي ۽ شيطان وري کين پنهنجي ڪم ڪرڻ جو ذريعو بڻايو آهي.

شيطان انهن جي سينن ۾ آنا لاهي ڦوڙيا، جن مان ٻچا نڪري انهن جي ئي هنجن ۾ اهي ٻچا پيٽ ڀر رڙهي ڪڏي ٺينگ ٽپا پيا ڏين. هو انهن جي ئي اکين سان ڏسي ٿو ۽ انهن جي ئي زبانن سان ڳالهائي ٿو. هو کين گناهن جي راهن تي هلائي پيو ۽ بڇڙيون ڳالهيون ٺاهي جوڙي سينگاري، انهن جي سامهون رکيون اٿس؛ ڄڻ ته هن کين پنهنجي قبضي ۾ شريڪ بڻائي ڇڏيو هجي ۽ انهن جي ئي زبانن سان پنهنجو ڪوڙو ڪلام پيو بڪي. (12)

منافقن سان مُنهن ڏيڻ ۽ انهن کي افشاء ڪرڻ جي ضرورت

منافق جڏهن حق کي باطل جو روپ ڏيڻ چاهي ۽ مڪاري ۽ فريبي ذريعي ماڻهن کي گمراھ ڪرڻ چاهي ته لازم ٿي وڃي ٿو ته سختي ۽ تند زبان سان ان کي مُنهن ڏجي انهي کي افشاء ڪجي تاڪ ماڻهو انهي جي اصلي چهري کان آگاهي حاصل ڪن اميرالمومين عليه السلام سهڻي نموني سان انهن کي مُنهن ڏيڻ ۽ دنيا اڳيان پڌري ڪرڻ جي راھ بيان ڪئي آهي.

جناب امير عليه السلام جڏهن پاڻ ڪوفي جي مسجد ۾ منبر تي ارشاد فرمائي رهيو هو تڏهن اشعث بن قيس چيو، ته يا امير المومنين! اها ڳالھ ته توهان جي حق ۾ نه آهي بلڪ توهان جي خلاف آهي، تڏهن پاڻ ان کي غضبناڪ نظر سان ڏسي فرمايو: مَا يُدْرِيكَ مَا عَلَيَّ مِمَّا لِي، عَلَيْكَ لَعْنَةُ اللَّهِ وَ لَعْنَةُ اللَّاعِنِينَ، حَائِكٌ ابْنُ حَائِكٍ، مُنَافِقٌ ابْنُ كَافِرٍ. وَ اللَّهِ لَقَدْ أَسَرَكَ الْكُفْرُ مَرَّةً وَ الْإِسْلَامُ‏ أُخْرَى، فَمَا فَدَاكَ مِنْ وَاحِدَةٍ مِنْهُمَا مَالُكَ وَ لَا حَسَبُكَ وَ إِنَّ امْرَأً دَلَّ عَلَى قَوْمِهِ السَّيْفَ وَ سَاقَ إِلَيْهِمُ الْحَتْفَ لَحَرِيٌّ أَنْ يَمْقُتَهُ الْأَقْرَبُ وَ لَا يَأْمَنَهُ الْأَبْعَدُ ” توکي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي ڳالھ منهنجي حق ۾ آهي ۽ ڪهڙي ڳالھ منهنجي خلاف ٿئي ٿي. تو تي الله جي لعنت ۽ ڦٽڪار هُجي، تون ڪوريءَ جو پُٽ، ڪوري ۽ ڪافر جي هنج ۾ پليل منافق آهين. تون هڪ دفعو ڪافرن وٽ ۽ ٻيو دفعو مسلمانن وٽ قيد ٿئين، ليڪن توکي تنهنجو مال ۽ حسب اُن ڦڪائي کان بچائي نه سگهيو، ۽ جيڪو شخص پنهنجي قوم تي تلوار هلائي ۽ اُنهن جي طرف موت کي دعوت ڏي، تباهي ۽ بربادي کي سڏي، سو انهي جي لائق آهي ته، ويجها اُن کان نفرت ڪن ۽ پري وارا به اُن تي ڀروسو نه ڪن. (13)

هڪ ٻي جاءِ تي جڏهن برج ابن مسهر طائي جيڪو خارجين مان هو، تنهن ( مشهور نعرو) لاحکم الا لله ( حڪم جو اختيار  فقط الله کي آهي ) (هن حق ڪلمي مان باطل جي مراد وٺندي) اهڙي طرح بلند ڪيو ته جيئن حضرت امير عليه السلام ٻڌي بهر نوع پاڻ ٻڌي ارشاد فرمايائين ته : اُسْكُتْ، قَبَحَكَ اللَّهُ يَا أَثْرَمُ! فَوَاللَّهِ لَقَدْ ظَهَرَ الْحَقُّ فَكُنْتَ فِيهِ ضَئِيلًا شَخْصُكَ خَفِيّاً صَوْتُكَ، حَتَّى إِذَا نَعَرَ الْبَاطِلُ نَجَمْتَ نُجُومَ قَرْنِ الْمَاعِزِ خاموش! خدا تو کي بڇڙو ڪري. اي ڀڳل ڏندن وارا! خدا جو قسم، جڏهن حق ظاهر ٿيو، تڏهن ان وقت تنهنجي شخصيت ذليل ۽ تنهنجو آواز دٻيل ۽ جهڪو هو، ۽ جڏهن باطل زور سان دانهون ۽ ڪوڪون ٿو ڪري تڏهن به ٻڪري جي سنڱن وانگر اڀريو آهين. (14)

هڪ جاءِ تي جڏهن جناب امير عليه السلام ۽ عثمان بن عفان ۾ ڪجھ بحث ٿيو، تڏهن مغيره ابن اخنس، عثمان کي چيو ته آءُ تنهنجي طرفان ٿو نبيريان، جنهن تي پاڻ مغيره کي فرمايائين ته: يَا ابْنَ اللَّعِينِ الْأَبْتَرِ وَ الشَّجَرَةِ الَّتِي لَا أَصْلَ لَهَا وَ لَا فَرْعَ، أَنْتَ تَكْفِينِي!؟ فَوَاللَّهِ مَا أَعَزَّ اللَّهُ مَنْ أَنْتَ نَاصِرُهُ وَ لَا قَامَ مَنْ أَنْتَ مُنْهِضُهُ؛ اخْرُجْ عَنَّا، أَبْعَدَ اللَّهُ نَوَاكَ، ثُمَّ ابْلُغْ جَهْدَكَ، فَلَا أَبْقَى اللَّهُ عَلَيْكَ إِنْ أَبْقَيْتَ اي بي اولاد لعين جا پٽ! ۽ اهڙي وڻ جا ڦر جنهن جو نه ڪو بڻ آهي نه ڪا شاخ! تون ڀلا مون سان ڇا نبيريندي.

خدا جو قسم! جنهن جو تو جهڙو مددگار هجي، تنهن کي الله تعالى فتح ۽ سرفرازي نٿو ڏي ۽ جنهن جو تو جهڙو اڀارڻ وارو هجي، سو (پنهنجي پيرن تي) نٿو بيهي سگهي. اسان کان پري ٿي. الله تنهنجي منزل کي ڪوهن جا ڪوھ پري ڪري. ان کان پوءِ جيڪي وڻئي سو ڪر ۽ جيڪڏهن ٿورو به مون تي ترس اچئي، ته (شل) خدا تو تي رحم نه ڪري. (15)

يهودي منافق کي ظاهر ڪرڻ

جنگ جمل جي موقعي تي جڏهن مروان بن حڪم قيد ڪيو ويو، تڏهن هن امام حسن ۽ امام حسين H جن کي عرض ڪيو، ته توهين اميرالمومنين عليه السلام کي چئي مون کي ڇڏايو، ته توهان جي مهرباني ٿيندي. نيٺ ٻنهي شهزادن جناب امير عليه السلام جي خدمت ۾ سفارش ڪري کيس ڇڏايو. تنهن کان پوءِ ٻنهي کيس عرض ڪيو ته يا امير المومنين! هي توهان جي بيعت به ڪرڻ ٿو چاهي. تنهن تي پاڻ فرمايائين ته: أَوَ لَمْ يُبَايِعْنِي بَعْدَ قَتْلِ عُثْمَانَ؟ لَا حَاجَةَ لِي فِي بَيْعَتِهِ، إِنَّهَا كَفٌّ يَهُودِيَّةٌ لَوْ بَايَعَنِي بِكَفِّهِ لَغَدَرَ بِسَبَّتِهِ. أَمَا إِنَّ لَهُ إِمْرَةً كَلَعْقَةِ الْكَلْبِ أَنْفَهُ وَ هُوَ أَبُو الْأَكْبُشِ الْأَرْبَعَةِ وَ سَتَلْقَى الْأُمَّةُ مِنْهُ وَ مِنْ وَلَدِهِ يَوْماً أَحْمَرَ ڇا، هن شخص عثمان جي قتل ٿيڻ کان پوءِ منهنجي بيعت نه ڪئي هئي؟ هاڻي  مون کي هن جي بيعت جي ڪا به ضرورت نه آهي، هي يهودي قسم جو هٿ آهي، جيڪڏهن هٿ سان بيعت ڪندو، ته ذليل طريقي سان ٽوڙي به ڇڏيندو.

توهان کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته هي به ايتري دير، جو ڪتو پنهنجي نڪ چٽڻ کان فارغ ٿئي. حڪومت ڪندو، ۽ هن جا چار پٽ به حڪمران ٿيندا ۽ امت هن جي ۽ سندس پٽن جي عهد ۾ نهايت سختين وارا ڏينهن ڏسندي. (16)

نفاق ۽ منافقت جو علاج

حضرت اميرالمومنين عليه السلام جتي منافقن جون علامتون، انهن سان مُنهن ڏيڻ جا طور طريقا، انهن کي دنيا اڳيان پڌري ڪرڻ جي ضرورت کي بيان ڪيو آهي اتي نفاق ۽ منافقت کان بچڻ جو علاج پڻ ٻڌايو آهي جنهن مان هڪ علاج قرآن ڪريم سان قربت ۽ ان جي پيغامن تي عمل ڪرڻ آهي

قرآن ڪريم سان هم نشيني

امير المومنين عليه السلام پنهنجن اصحابن کي خطاب ڪندي فرمائن ٿا: ياد رکو، ته هي قرآن اهڙو نصيحت ڪرڻ وارو آهي، جيڪو فريب نٿو ڏي، ۽ اهڙي هدايت ڪرڻ وارو آهي، جيڪو گمراھ نٿو ڪري ۽ اهڙو بيان ڪرڻ وارو آهي، جيڪو ڪوڙ نٿو ڳالهائي. جيڪو به هن قرآن جو هم نشين ٿيو، سو هدايت کي وڌائي ۽ ضلالت ۽ گمراهي کي گهٽائي، ان کان الڳ ٿيو، سمجهي ڇڏيو، ته ڪنهن کي به قرآن (جي تعليمات) کانپوءِ (ڪنهن) ٻئي لائحه عمل جو احتياج نٿو رهي، ۽ نه وري قرآن مان (ڪجھ سکڻ) کان پهرين ان کان بي نياز ٿي سگهي ٿو. هن کان پنهنجن بيمارين جي شفا گهرو ۽ پنهنجي مصيبتن تي هن کان مدد گهرو. هن ۾ ڪفر ۽ نفاق، هلاڪت ۽ گمراهي جهڙن وڏن وڏن مرضن جي شفا ملي ٿي. (17)

آخر ۾ الله سائين جي بارگاھ ۾ دعا آهي ته اسان کي هن نفاق ۽ منافقت جي مرض کان بچائي.

حوالا

1. سورت توبه آيت 73

2. سورت بقره آيت 8

3. سورت بقره آيت 14.

4. پيام امام امير المومنين عليه السلام، ج7،  ص 606

5. مڪتوب 27

6. منافقن جي پهرين علامت کان سورهين تائين جو حوالو نهج البلاغه خطبو 194

7. نهج البلاغه خطبو 176

8. نهج البلاغه خطبو 210

9. نهج البلاغه خطبو 210

10. حڪمت 45

11. نهج البلاغه خطبو 194

12. نهج البلاغه خطبو 7.

13. نهج البلاغه خُطبو 19

14. نهج البلاغه خطبو 184

15. نهج البلاغه خطبو 135

16. نهج البلاغه خطبو 73

17. نهج البلاغه خطبو 176.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي