سومر, 13 جولاءِ 2020

قرآن مجيد، حضرت امام سجاد عليه السلام جي ڪلام ۾

  • انداز قلم

 

مهاڳ:

قرآن هڪ اهڙو ناياب ڪتاب آهي جيڪو سڀني انسانن لاءِ نموني عمل آهي، جنهن تي عمل ڪيو وڃي ته هدايت جي ضمانت مليل آهي، قرآن هڪ اهڙو معجزو آهي جيڪو پنهنجي مثال پاڻ آهي، ڏينهن جي  قيامت تائين ان جهڙو ڪتاب نه ٿو اچي سگھي.

سڀني دانشورن جون حڪمتون هن عظيم ڪتاب جي سامهون خم (جهڪي) ٿي وڃن ٿيون .  جيترو انسان جو ظاهري ۽ باطني جسم پاڪ هوندو جيتري ۽ فطرت پاڪ هوندي اوترو هن نوراني ڪتاب کان فائدو وٺي سگھندو ۽ فيضياب ٿي سگھندو. ۽ هن ڪتاب جي جمال کي پنهنجي بصيرت جي ذريعي مشاهدو ڪري سگھندو جيئن قرآن مجيد فرمائي ٿو: لا يَمَسُّهُ إِلاَّ الْمُطَهَّرُونَ (1) ان کي رڳو پاڪ ماڻهو ئي ڇهن ٿا.

جيستائين اسان جي رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  ۽ سندن اهل بيت  عليهم السلام  جو تعلق آهي ته اهي الله سائين جا منتخب ٿيل آهن ۽ آيت تطهير جي بنياد تي اهي هر پليدي کان پري آهن، اهي ئي قرآن جا حقيقي مفسر آهن ۽ انهن جي عصمت ڪنهن کان لڪل نه آهي . انهن نوراني شخصيت منجھان امام سيد الساجدين زين العابدين علي ابن الحسين عليه السلام آهن . هن لکڻي ۾ امام  عليه السلام  جي نظر ۾ قرآن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

قرآن جي عظمت

امام زين العابدين  عليه السلام  رسول خدا  صلي الله عليه وآله وسلم  کان نقل ڪن ٿا ته: من اعطاه اللَّهُ القرآن فَرَأى‏ انّ احداً اُعطى افضل ممّا اُعطى فقد صغّر عظيما و عظّم صغيراً؛(2) جنهن کي الله سائين قرآن جو علم عطا ڪري ۽ هو هي تصور ڪري ته الله سائين ٻئي کي هن کان بهترين هديو ڏنو آهي ته حقيقت ۾ هن عظيم کي پست ۽ پست کي عظيم سمجھيو آهي.

قرآن جون خصوصيتون

قرآن جي توصيف امام  عليه السلام  پنهنجي دعائن ۾ هن ريت ڪن ٿا:

هدايت جو نور

قرآن مجيد پنهنجي صفت نور ڪلمي جي ذريعي بيان ڪئي آهي جيئن هن آيت ۾ آهي:  وَ أَنْزَلْنا إِلَيْكُمْ نُوراً مُبِيناً (3)  ۽ اسان اوهان ڏي هڪ چمڪندڙ نور نازل ڪري چڪا آهيون

پر اها نورانيت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ امام  عليه السلام  ان جي جواب ۾ فرمائن ٿا: و جَعَلْتَهُ نوراً نَهتَدِى مِن ظُلَمِ الضَّلالَة والجَهالة باتّباعه (4) الله سائين تو قرآن کي نور قرار ڏنو جنهن جي پيروي سان اسان ظلمت ۽ انڌيري کان نجات حاصل ڪري سگھون.

قرآن جي نه اجھامڻ واري نور جي تشريح هن طرح بيان ڪن ٿا: و نور هُدىً لايُطْفَأ عَنِ الشّاهِدين برهانه (5) ۽ هن کي هدايت جو نور قرار ڏني جيڪو  مشاهدو ڪرڻ وارن لاءِ ڪڏهن نه اجھامڻ وارو دليل آهي.

مرضن جي دوا

الله سائين قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو: وَنُنَزِّلُ مِنَ ٱلْقُرْءَانِ مَا هُوَ شِفَاءٌ وَرَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِينَ (6) ۽ اسين قرآن ۾ اها ئي ڳالھ نازل ڪندا آهيون جا مومنن جي لاءِ سراسر شفا ۽ رحمت آهي.

پر سوال هي آهي ته ڪڏهن ۽ ڪنهن جي لاءِ شفا ۽ رحمت آهي؟ امام  عليه السلام  هن سوال جو جواب پنهنجي برڪت ڀريل جملن سان هن ريت ڏين ٿا.  وَ شِفَاءً لِمَنْ أَنْصَتَ بِفَهَمِ التَّصْدِیقِ إِلَى اسْتِمَاعِهِ (7) قرآن ان لاءِ شفا آهي جيڪو هن کي صحيحي نموني سمجھڻ چاهي ٿو ۽ هن کي ٻڌڻ لاءِ خاموش رهندو آهي.

ميزان عدالت

قرآن مجيد جو ارشاد آهي ته: يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُونُوا قَوَّامِينَ لِلَّهِ شُهَدَاءَ بِالْقِسْطِ وَلَا يَجْرِمَنَّكُمْ شَنَآنُ قَوْمٍ عَلَى أَلَّا تَعْدِلُوا اعْدِلُوا هُوَ أَقْرَبُ لِلتَّقْوَى وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ (8) اي ايمان وارو! خدا جي خوشنودي جي لاءِ انصاف سان شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي ڪنهن قبيلي جي دشمني ان ڏوھ ۾ نه ڦاسائي جو اوهين ناانصافي ڪرڻ لڳو. بلڪه اوهين (هر حال ۾) انصاف ڪريو. اها ئي (ڳالھ) پرهيزگاري جي گهڻو ويجهو آهي. ۽ خدا (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄو. ڇو ته اوهين جو ڪجھ ڪيو ٿا (چڱو يا برو ڪم) خدا تنهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

قرآن مجيد  عدالت کي خاندان تشڪيل ڏيڻ جو بنياد قرار ڏيندي فرمائي ٿو: فَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تَعْدِلُوا فَوَاحِدَة (9) جيڪڏهن اوهان کي هي انديشو هجي ته (ان صورت ۾ به) اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ سان (شادي ڪريو)

۽ اهڙي نموني اقتصادي رابطن جي به بنياد آهي ووَأَوْفُوا الْكَيْلَ وَالْمِيزَانَ بِالْقِسْطِ (10) ۽ انصاف سان ماپ تور پوري ڪندا ڪريو

۽ اهڙي نموني اختلافن جو حل به عدالت جي مطابق ٿيندو آهي فَأَصْلِحُواْ بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَأَقْسِطُواْ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ‏ (11) ۽ جيڪڏهن مومنن مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهي مان هڪڙي (ڌر) ٻيءَ تي زيادتي ڪري ته جيڪا ڌر زيادتي ڪري ٿي تنهن سان اوهين (به) وڙهو جيستائين (اها ڌر) خدا جي حڪم ڏي موٽي اچي. پوءِ جڏهن موٽي اچي ته انهن ۾ برابري سان صلح ڪرايو ۽ انصاف کان ڪم وٺو. بيشڪ خدا انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو.

پر عدالت کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪن ضوابطن ۽ قانون جي ضرورت آهي؟ امام  عليه السلام  فرمائن ٿا: و میزان عدلٍ لایَحیفُ عن الحقّ لسانه (12) قرآن عدالت جو ترازو آهي هن جي زبان حق کانسواءِ نه ٿي کلي سگھي.

سهڻي تلاوت

رسول خدا  صلي الله عليه وآله وسلم  جن جو ارشاد مبارڪ آهي ته: لكلّ شى‏ء حِلیة و حِیلة القرآن الصّوتُ الحسن (13) هر شيءِ جي هڪ خوبصورتي آهي ۽ قرآن جي خوبصورتي سهڻو آواز آهي.

امام جعفر صادق  عليه السلام  ترتيل بابت هن طرح تفسير ڪن ٿا ته:  ترتيل هي آهي ته قرآن ۾ جتي رڪڻو آهي اتي رڪ ۽  سريلي آواز سان تلاوت ڪر (14)

امام صادق  عليه السلام  فرمائن ٿا ته: كان علىّ ابن الحسین صلوات الله علیه احسن الناس صوتاً بالقرآن و كان السّقّاؤون یمرّون فیقفون ببابه یسمعون قرائتَه و كان ابو جعفرعلیه السلام احسن الناس صوتاً  (15)

امام زين العابدين  عليه السلام  تمام سريلي آواز سان تلاوت ڪندا هئا ايستائين جو پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃڻ وارا آواز ٻڌي سندن دروازي تي بيهي رهندا هئا ۽ اهڙي نموني امام محمد باقر  عليه السلام  به نهايت سريلي آواز ۾ تلاوت ڪندا هئا.

قرآن سان الفت

زهري چئي ٿو امام سجاد  عليه السلام  جن مون کي فرمايو: لو مات مَنْ بین المشرق و المغرب لما استوحشتُ بعد اَنْ یكون القرآن معى (16) جيڪڏهن سڀ ماڻهون مغرب کان مشرق تائين جا مري وڃن ڇو جو قرآن مون سان گڏ آهي مون کي وحشت نه ٿيندي.

قرآن ۽ آخري زماني جا ماڻهو

امام سجاد  عليه السلام  کان توحيد بابت سوال ڪيو ويو ته امام  عليه السلام  فرمايو: الله سائين ڄاڻي پيو ته آخري زماني جا ماڻهو گھڻي فڪر ڪرڻ وارا هوندا ان ڪري الله سائين سوره توحيد ۽ سوره حديد (عليم بذات الصدور تائين) نازل فرمايو.

قرآن ۾ تفڪر

زهري چئي ٿو مون امام  عليه السلام  کان ٻڌو آهي ته: آیات القرآن خزائن فكلما فتحت خزانةٌ ینبغى لك ان تنظر ما فیها (17) قرآن جون آيتون خزانو آهن جڏهن به ان خزاني کي کوليو وڃي ته جيڪو ڪجھ هن ۾ آهي ان تي نظر وجھ.

حروف مقطعه جي تفسير

قرآن مجيد جا اڻٽيھ سوره حروف مقطعه سان شروع ٿين ٿا، مفسرن انهن جون مختلف معانائون ذڪر ڪيون آهن، اهم تفسيرن منجھان هڪ تفسير اها آهي قرآن ڪريم انهن حروفن جو نمونو آهي جيڪي انسانن جي اختيار ۾ آهن جيڪڏهن توانائي رکن ٿا ته ان جھڙو ٺاهي ڏيکارن.

امام زين العابدين  عليه السلام  فرمائن ٿا ته: قريش ۽ يهودي قرآن کي سحر چوندا هئا ۽ چوندا هئا هن قرآن کي پيغمبر  پاڻ ايجاد ڪيو آهي ۽ خدا ڏانهن منسوب ٿو ڪري، الله سائين پان انهن کي اعلان ڪيو (الم....)  يعني اي محمد! هي ڪتاب جيڪا اسان توهان تي نال ڪئي آهي انهي (الف لام ميم) حروف مقطعات منجھان آهي جيڪا توهان جي زبان ۽ توهان جو حروف آهن  (انهن کي چئو) جيڪڏهن پنهنجن ڳالهين ۾ سچا آهن ته هن جھڙي آڻي ڏيکان.

الله سائين جي خاص ٻانهن جون خصوصيتون

قرآن مجيد جو ارشاد پاڪ آهي ته: اَلا انّ اولیاء الله لاخوف علیهم ولا هم یحزنون (18) الله جي ولين کي نه خوف ٿيندو آهي ۽ نه هو غمگين ۽ پريشان ٿيندا آهن ڇو جو واجبات الهي کي انجام ڏيندا آهن ۽ رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جي سنت تي هلندا آهن، جنهن کي الله سائين حرام ڪيو آهي ان کان پرهيز ڪندا آهن ۽  دنيا جي فاني ٿيندڙ زندگيءَ جي زينت کان زهد اختيار ڪندا آهن، ۽ جيڪو ڪجھ خدا وٽ آهي ان ڏانهن رغبت رکندا آهن ۽ پاڪ حلال رزق جي تلاش ۾ رهندا آهن، فخر  ۽ تڪبر جو ارادو به ناهن رکندا، ۽ پنهنجا واجبات انجام ڏئي انفاق ڪندا آهن، هي اهي آهن جن جي آمني ۾ الله سائين برڪت عطا ڪئي آهي ۽ جيڪو ڪجھ آخرت ڏانهن موڪليندا  آهن انهن جو ثواب انهن کي ڏنو ويندو آهي.

حقيقي سپاهي

مڪي جي رستي ۾ عبادي بصري امام زين العابدين  عليه السلام  سان ملاقات ڪري ٿو ۽ اعتراض ٿو ڪري ته: جهاد ۽ ان جي سختي کي ڇڏي حج جي آسائش ڏانهن آيو آهين؟ ان کان پوءِ قرآن جي هن آيت جي تلاوت ڪيائين: اِنّ الله اشترى من المؤمنین انفسهم و اموالهم بأنّ لهم الجنّة (19)

امام  عليه السلام  فرمايو: آيت جو پهريون حصو به پڙھ. عباد بصري ٻئي آيت جي تلاوت ڪئي: التّائبون العابدون السّائحون الرّاكعون السّاجدون الآمرون بالمعروف و النّاهون عن المنكر و الحافظون لحدود الله و بشّر المؤمنین (19) ان وقت امام فرمايو: جڏهن به اهڙا انسان جن ۾ هي صفتون موجود هجن ڏسين ته انهن سان حج جو سفر ڪرڻ جھاد کان افضل آهي.

زهد جي معنى

ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته زهد يعني اجتماع کان دوري ۽ زندگي جي خوبصورتين کان هٿ کڻي ڇڏڻ آهي، جڏهن ته قرآن مجيد جو فرمان آهي ته:  مَنْ حَرَّمَ زینة الله الّتى اخرج لعباده و الطّیّبات من الرّزق (20) اهڙي نموني دعا جي صورت ۾ انسانن کي سمجھايائين ته الله سائين کان دنيا ۽ آخرت جي نيڪي طلب ڪن،

ربّنا آتنا فى الدّنیا حسنة و فى الاخرة حسنة (21) اي اسان جا پالڻهار! اسان کي دنيا ۾ نعمت ڏي ۽ آخرت ۾ ثواب ڏي ۽ اسان کي دوزخ جي باھ کان بچاءِ!

انهي باري ۾ امام سجاد  عليه السلام  فرمائن ٿا : اَلا و انّ الزهد فى آیة من كتاب الله لكیلا تأسوا على ما فاتكم ولاتفرحوا بما آتیكم (22) خبردار! جيڪو زهد قرآن جي هن آيت ۾ بيان ٿيو آهي ، جيڪو ڪجھ توهان جي هٿن کان نڪري وڃي ان تي افسوس نه ڪيو ۽ جيڪو ڪجھ توهان وٽ آهي ان تي خوش نه ٿيو..

اهڙي نموني نهج البلاغه ۾ پڙهندا آهيون ته امام علي  عليه السلام  فرمائن ٿا: زهد قرآن جي ٻن ڪلمن ۾ آهي جيئن الله سائين فرمائي ٿو جيڪو به پنهنجي گذريل تي ڏکي نه ٿئي ۽ پنهنجي مستقبل تي مغرور نه ٿئي  ان زهد کي ٻنهي طرفان حاصل ڪيو.

عالم برزخ

امام سجاد  عليه السلام  هن آيت ڪريمه وَ مِنْ وَرائهم بَرْزَخٌ الى یوم یُبْعَثُون (23) جي تلاوت کان پوءِ فرمايو: هو القبر و انّ لهم فیها معیشةً ضنكا و الله اِنّ القبر لروضةٌ من ریاض الجنة او حُفْرَةٌ مِن حُفَرِ النّار (24) برزخ قبر آهي جنهن ۾ انهن جي لاءِ زندگي ڪرڻ سخت آهي، خدا جو قسم جنت جي باغن مان هڪ باغ يا جهنم جي کڏن مان هڪ کڏو آهي.

حوالا

1. سوره واقعه79

2. اصول ڪافي، ج 2، ص 605

3. سوره نساءَ 174

4. صحيفه سجاديه دعا 42

5. صحيفه سجاديه دعا 42

6. سوره اسراءَ 82

7. صحيفه سجاديه دعا 42

8. سوره مائده 8

9. سوره نساءَ 3

10. سوره انعام 152

11. سوره حجرات 9

12. صحيفه سجاديه دعا 42

13. اصول ڪافي ج 2 ص 615

14. تفسير صافي ج1 ص45

15. اصول ڪافي ج2 ص165 ح4

16. ساڳيو ح 7

17. اصول ڪافي ج 2 ص 609

18. سوره يونس 62

19. سوره توبه 111 ۽ 112

20. سوره اعراب آيت 32

21. سوره بقره آيت 28

22. تفسير صافي ج2 ص 665 ذيل سوره حديد

23. سوره مومنون آيت 100

24. تفسير صافي ج2 ص 149

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي