اربع, 23 سيپٽمبر 2020

آمريڪا جي ڪاري نسل (سياہ فامن) جي روشن تاريخ

  • انداز قلم

 

آمريڪا جي رياست ۾ ڪاري نسل جي ماڻھن (غلامن) جي اچڻ جي شروعات 1619 ۾ ٿي. جڏھن 20 آگسٽ 1619 تي اتر آمريڪا جي سامونڊي ڪناري تي پاڻيءَ جي جهاز ذريعي 20 ڪاري رنگ جي غلامن کي آندو ويو. جنهن کان پوءِ مسلسل آفريڪا

مان غلامن کي خريد ڪري انتهائي ڏکين حالتن ، تڪليفن ۽ تشدد ذريعي کين آمريڪا آندو ويو. ليڪن تاريخ جي پروڙ ڪرڻ سان ھڪ ٻئي روايت پڻ ملي ٿي. تاريخ جي بعض مورخين جو چوڻ آھي، تہ ڪاري نسل جي غلامن جو آمريڪا ۾ اچڻ جو سلسلو 1555 ۾ شروع ٿيو. انھي ڳالھ جي ڪارڻ ھي بيڪار ڪم (Atlantic salave trade) ڪوٺجڻ لڳو.

 

آفريڪا مان غلامن (ڪاري نسل) جو ڀريل جھاز، جيڪو آمريڪا طرف وڃڻو ھو، سڀ کان پھريان 1619 ۾ ورجينيا (Virginia) ۾ لنگر انداز ٿيو (يعني لٿو). ان کان بعد ۾ آفريڪن ڪاري نسل جي غلامن جو شڪار ھڪ قومي راند بڻجي ويو. غلامن جي تجارت ڪرڻ، انھن کي مارڻ، انھن کان لٽ ڦڙ ڪرڻ، وڪرو ڪيل آبادين کي غلام بنائڻ جون کوڙ ساريون مثالون موجود آھن.

 

پر ھتي واردات (ڏتار) جو طريقو بلڪل انوکو ھو. جھاز سمندر جي ڪنارن تي بھيندا ھئا، ۽ رات جي اندري ۾ ڳوٺن تي ڇاپا ھڻي، رات جي پھر ۾ عورتن، مردن، ۽ انھن جي ننڍڙن ٻارڙن کي قيدي بڻائي جھاز جي طرف کڻي ايندا ھئا. سفر جي دوران مردن، ۽ عورتن، کي اڪيلي ۾ (يعني جدا جدا) رکيو ويندو ھو. ھي ظالم ننڍڙين چوڪرين کي پنھنجو پاڻ ۾ تقسيم ڪندا ھئا، پوء وري انھن جي درميان ڪثير (يعني گھڻي) اولاد ڄڻڻ جو مقابلو ٿيندو ھو. تاڪي غلامن جي نئي کھيپ حاصل ڪئي وڃي.

 

1898  تائين ھڪ ڪروڙ آفريڪن رھاڪن جي ڪاري نسل جي ماڻھن کي، غلام بڻائي آمريڪا آندو ويو. سفر ڪرڻ جي دوران. تشدد ڪرڻ، ۽ دم گھٽجڻ، جي ڪري 20 لک کان مٿي غلام ھلاڪ (يعني مري) ويا. جڏھن تہ گڙ ٻڙ (يعني ٻائيتال مچائڻ) وارن غلامن جي پيرن ۾ ڪا وزني شيء ٻڌي انھن کي سمندر ۾ اڇلايو ويندو ھو.

 

اڪثر غلام يعني (ڪاري نسل جي ماڻھن) کي بحر احمر، آفريڪا جي مغربي، ۽ وسطي ساحلن، منھجا پڪڙيو ويو. انھن غلامن جي نصف (اڌ) تعداد نائیجيريا (Nigeria) جي علائقي بيافو، (Biafo) گبون، (Gabon)  ۽ سير اليون، (Sierra Leone) جي باشدن (يعني رھاڪن) مشتمل ھئي. انھن کا علاوہ سينگال، (Senegal) لائيبيريا، (Liberia) ڪانگو (Congo)،  ۽ گھانا (Ghana) جا رھاڪو پڻ پڪڙيا ويا ھئا. بحر احمر مان اچڻ وارن قزاقون انھن سوڊانين، ۽ حبشين، (يعني شيدين) جو شڪار ڪيو.

 

آفريڪا جي غلامن جي پڪڙيل ماڻھن جي ھڪ ٿائي تعداد مسلمانن تي مشتمل ھئي. جڏھن تہ شمالي آمريڪا ۾ اسلام ڪولمبس جي اچڻ کان پھريان ئي پھچي چڪو ھو. ۽ قديم 'انڊين' جي قبيلن ۾ بہ اسلام موجود ھو.

 

انھن غلامن کي وڪڻڻ لاء ورجينيا، (Virginia) شمالي ڪيرولينا، (North Carolina) جنوبي ڪيرولينا، (South Carolina) ۽ جارجيا، (Georgia) ۾ غلامن جو با قائدگي سا منڊيون (پڙيون) قائم ڪيون ويون.

 

ان وقت آمريڪا بحر اوقيانوس جي ڪنارن تي واقع 13 ڪالونين تي مشتمل ھو. جنھنن برطانيہ کان آزادي جو اعلان ڪيو ھو. 1776 ۾ انھن 13 ڪالونين رياستن جي شڪل اختيار ڪري ورتي، رياست ھائي متحدہ آمريڪا يا USA جي شڪل اختيار ڪري ورتي. آمريڪا جي پرچم (flag) تي، 13 سرخ (ڳاڙھي) ء سفيد (اڇي) پٽيون جيڪي انھي ابتدائي رياستن کي ظاھر ڪن ٿيون.  1625 ۾ انھن ڪالونين جي گڏيل (مجموعي) آبادي 1980 افرادن تي مشتمل ھئي. جڏھن تہ 1660 تائین غلامن جي تعدا ٻن ھزارن کان بہ وڌي وئي. (يعني عددي حساب غلام مالڪن کان بہ گھڻا ھئا.) 

 

غلامن جي وڌنڌڙ انگن کي گھٽائڻ لاء، ڪاري نسل جي ماڻھن تي بدترين ظلم ڪيا ويا. سرڪشي (يعني گرٻڙ) جي فوري سزا ڦاسي ھوندي ھئي، ۽ اھيا سز ايتري شدت، ۽ ڪثرت، سان ڏني ويندي ھئي. تہ ڦاسي واري رسي جو ڪاروبار ھڪ فائد مند ڪاروبار بڻجي ويو. جلاد (يعني ڦاسي ڏيڻ وارو) واري ڪم مجرم (ڏوھاري) جي ڪنھن خوني رشتيدار کان ڪرايو ويندو ھو. يعني ڀاء پنھنجي ڀاء کي، ۽ پيء پنھنجي پٽ کي ڦاسي ڏيندو ھو.

 

ڦاسي کان علاوہ ٻيون بہ سزائون ھونديو ھيون. جھڙوڪ: ٻوري ۾ بند ڪري ڏنڊن سان مارڻ، خنجر (چاقو) سان مارڻ، گرم ٿيل تيل ۾ وجھڻ، ۽ پيرن ۾ وزن ٻڌي دريا جي سپرد (حوالي) ڪرڻ ،بہ ان دور جون عام، ۽ خاص سزائون ھونديون ھيون.

 

پڪڙيل غلامن منجھان مسلمان غلامن آمريڪا ۾ ايندي ئي تبليغ ڪرڻ جو آغاز ڪري ڏنو. غلامن منجھا اڪثر غلام پڙھيا، ۽ لکيا، ھئا. چناچہ 1898 ۾ 'ڪوڪب آمريڪا' جي نالي سان ھڪ عربي اخبار جو اجراء ٿيو. ڪوڪب آمريڪا اخبار کي ھڪ قديمي اخبار ھئڻ جو اعزاز آھي. جڏھن تہ آمريڪا جي قديم (پراڻي) اخبار "نيويارڪ ٽائمز" (New (york times آھي. ھن اخبار جي اشاعت جي شروعات 1851 ۾ ٿي.

 

 1907 ۾ پولينڊ، (Poland)  روس، (Russia) ۽ مشرقي يورپ، (Eastern Europe) کان تاتارن جو اچڻ شروع ٿيو. انھن جي اچڻ سان ڪاري نسل جي ماڻھن کي پٺڀرائي (پذيرائي) ملي. ۽ آمريڪي محمڊن سوسائٽي جو قيام عمل ۾ آيو. جيڪا آمريڪن مسلمانن جي پھرين انجمن (سنسٿا) ھئي. آمريڪا جي ڪاري نسل جي ماڻھن بغير ڪنھن فرق جي، مذھب جي طرف اچڻ وارن ماڻھن جو کليل ھٿن سان ڀليڪار ڪيو. تارڪين وطن جي اڪثريت انجينئرن (Engineer) ۽ ڪاريگرن (Workers) تي مشتمل ھئي. چناچہ مقامي مسلمانن جي مشوري تي انھن ماڻھن جي اڪثر تعداد مشگين (Michigan) جي شھر ڊيٽرائٽ (Detroit) جي طرف رخ (منھن) ڪيو. جتي ان وقت ڪار جو ڪاروبار وڏي عروج تي ھو. ڊيٽرائيٽ جي آبادڪاري ۾ مسلم تارڪين جو ھڪ وڏو حصو ھو.

 

1939 ۾ ھڪ ڪاري نسل جي شخص والس فرد محمد، Lost foundnation of islam جو بنياد رکيو. جيڪا بعد ۾ نيشن آف اسلام(Nation of Islam)  بڻجي وئي. ٻئي وڏي جنگ (World War II) جي شروعات ۾ لام بندي جو حڪم جاري ٿيو. جنھن جي نيشن آف اسلام ڪٺن مخالفت ڪئي ھئي. نيشن آف اسلام جو موقف ھو تہ اسلام نسل، قوميت، ۽ رنگ جي آڌار تي جنگ کي ھڪ قسم جو فساد سمجھي ٿو. انھي فيصلي سان ڪشيدگي جو آغار ٿيو، ۽ نيشن آف اسلام جي سربراہ محمد کي ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو.

 

1950 ۾ مالڪم ايگس (الحاج شھباز) جي نيشن آف اسلام ۾ شموليت، ۽ ان سان گڏوگڏ شھري شھزادي کي ملڪ گير تحريڪن، آمريڪي تاريخ جو ھڪ انقلابي موڙ ثابت ٿيو. نيشن آف اسلام، ۽ سائوٿ ڪرسچين، جي ليڊر شپ جو ڪانفرس Sclc جي گڏيل محاظ سڄي آمريڪہ جي جھموريت پسند ماڻھن کي ھڪ پليٽ فارم تي جمع ڪيو. مالڪم ايڪس (Malcolm X) ۽ ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ Martin Luther) King). شھرين جي آزادي، ۽ برابري جي حقوق، ۽ انصاف، ۽ آزادي، جي علامت بڻجي ويا. ۽ تڪڙ م ئي ڪاري نسل جي ماڻھن ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائیندڙن ۽ ثقافتي اقليتن کي ووٽ (Vote) جو حق ملي ويو. اسڪولن، (School) ڪاليجن ،(College) پارڪن، (Park) ۽ تفريح ڪرڻ جي جڳھن جي سياہ فام (ڪاري نسل) ۽ سفيد (اڇي نسل) جي بنياد تي تقسيم ٿيل جڳھن جي تقسيم بندي ختم ٿي وئي.

 

آمريڪا کي حقيقي معني One nation uneder) god) قرار ڏنو ويو. ڪاري نسل آمريڪن جي جھدو جھد 1965 ۾ اميگريگشن ۽ قوميت ايڪٽ   Immigrtion and Nationality act منظور ٿيو.  جنھن جي ما تحت يورپي ممالڪن سان گڏوگڏ سڄي دنيا جي ماڻھن لاء آمريڪا جا دروزا کوليا ويا. ان پھريان اميگريشن (Immigration) جي لاء فقط يوري باشدن (رھاڪن) کي ترجي ڏني ويندي ھئي.

 

ڪاري نسل جي تاريخ در اصل آمريڪا جو فخر، ۽ افتخار، آھي. ڪجھ محققن جي نظر ۾ در اصل اھيا تاريخ آمريڪا جي اسلامي تاريخ آھي. جنھن جو ھر پھلو باوقار ۽ بي مثال آھي.

 

نوبل ڊريو علي، والس فرد محمد، (Wallace Fard Muhammad) مالڪم ايڪس، (Malcolm X) ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ، (Martin Luther King, Jr) محمد علي، (mummad ali)  عاليجاہ محمد (Louis Farrakhan) اھيي سڀ ان قافلي (ڪاروان) جا اھي انسان آھن. جن جي ياد سان شاھراہ آزادي اڄ تائين معطر (خوشبودار) آھي. آمريڪا جا انصاف پسند سفيد فام ان ڳالھ کي تسليم ڪن ٿا، تہ آمريڪہ جي ثروت، (تونگري) طاقت، جاہ و جلال، ترقي و خوشحالي، اھيي سڀ جون سڀ غلامن، آفريڪي نزاد آمريڪن، ۽ تارڪين، جي اڻ کٽ محنتن ۽ قربانين جو ڦل آھن.

 

ليڪن آمريڪا جي تاريخ م جيڪو سياہ فام (ڪاري نسل) جي ماڻھن سان جيڪو ظلم ٿيو. ان جو سڀ کان ڏکوئيندڙ پھلو اھيو آھي، تہ انھن ظلمن کي تاريخ جي پنن ۾ جڳھ نہ ڏني وئي. ۽ اسڪولي نصاب ۾ بہ ڪو تذڪر نہ ڏنل آھي.

 

1889 ۾ ھڪ آمريڪن رڪن ڪانگريس جان ڪانيرز (John Conyers) آفريڪي آمريڪن لاء تلافي ڪميشن ايڪٽ يا ( Commission to study reparation proposals for afrcion amricans act) جي عنوان سان ھڪ مسودو قانون ايوان زيرين کان پيش ڪيو ھو. بل جي شروعاٿ ۾ ان جو مقصد بيان ڪندي ٻڌايو ويو تہ 1619 کان 1865 جي درميان 13 آمريڪي رياستن ۾. ڪاري نسل جي ماڻھن کي غلام بڻائي رکيو ويو. انھن تي ظلم ۽ جبر جا پاڙ ڪيرايا ويا. ۽ ھي پوري نسل بدترين ظلم ۽ نا انصافي جو شڪار ٿي. انھن جرائمن جي تحقيق ڪرڻ لاء ھڪ اعلي اختيارتي ڪميشن جوڙي وڃي. جيڪي سياہ فام ماڻھون غلام بڻائي آمريڪا آندا ويا. انھن جي ٿيل نقصان جو اندازو لڳائي سگھي.

 

۽ اھيو بہ ڏسجي سگھجي، تہ آزاد انسان جي نفسيات تي غلامي جي خواري ڪيترو منفي اثر چڏيو آھي. غلام ٿيڻ کان بعد ۾ بہ ڪاري نسل جا ماڻھون بدترين نسلي ساڙ، ۽ حقارت جو نشانو بڻايا ويا. جنھن جو اثر اڄ تائين اسان ڏسي سگھون ٿا. اھيا ڪميشن نا انصافين ۽ ڪاري نسل جي ماڻھن سان جاري رکيو ويندڙ غير انساني سلوڪ جو غير جانبدرانہ جائزو وٺن ۽ ان جي تلافي لاء اقدام تجويز ڪن.

 

بل ۾ اھيو بہ چيو ويو، تہ آفريڪن کي غلام بنائڻ جا ذميدار فقط اھي قذاق نہ آھن. جن آفريڪن کي انھن جي گھران پڪڙيو. بلڪ ملڪ ۾ قائم منڊين (پھڙين) کي آمريڪي حڪومت جو تحفظ حاصل ھو. ۽ غلامن جي خريد، ۽ فروخت، کان بعد ۾ انھن جو انتقال ملڪيت سرڪاري دستاويز تي ھوندو ھو. چناچہ ھن بدترين ظلم جي ذميواري سھون سھندو (برائی راست) آمريڪي ڪانگريس ۽ حڪومت تي عائد ٿئي ٿي.

 

مسٽر ڪانئرز جي قراداد کي اسپيڪر منظور ڪري. ان بل جي شڪل ۾ Hr -40 جي حيثيت سان درج (شمار) ڪيو. ھن وقت (ماضي) کان اھيو بل مجلس قائمہ برائي انصاف جي سماجي انصاف ذيلي ڪميٽي وٽ موجود آھي. ليڪن ان بل کي سماعت (ٻڌڻي) لاء پيش نہ ڪيو ويو.

 

بحث ۽ رائي شماري تي پري جي ڳالھ آھي. پر ھر ٻن سالن کان بعد ۾ ھي قراداد ڪانگريس جي مدت ختم ٿيڻ کان بعد ۾ غير موثر ٿيو وڃي. مسٽر ڪانئرز بہ ڏاڍي مستقبل مزاجي سان گڏ، ھر نئي ڪانگريس ۾ پيش ڪندو رھندو آھي. ان جو اھيو عزم (سعيو) آھي. تہ ھي قراداد ان وقت تائين پيش ڪئي ويندي، جيستڪ ان کي منظور نٿو ڪيو وڃي. 31 سال گذرڻ جي باوجود بہ ھي قرادا ذيلي ڪميٽي وٽ موجود آھي. پر ان کي بحث لاء پيش نہ ڪيو ويو آھي.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي