اڱارو, 18 جون 2019

شبِ قدر ۽ لکئي جو ليک

  • انداز قلم

پوري سال ۾ جتي ٻيا مهينا، ڪيترائي بهترين ڏينهن ۽ ڪيتريون ئي بهترين راتيون انسان کي سندس سڌاري، تربيت ۽ سندس خطائن کي بخشائڻ لاءِ موقعا مهيا ڪن ٿا،

اتي رمضان جو ڀلارو مهينو پڻ سڀني کان اڳڀرو ٿيندي خدا جي سڏايل مهماني ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ بهترين ۽ بي مثال موقعا مهيا ڪري ٿو، ته جيئن انسان اهڙن ڀلارن موقعن مان فائدو وٺندي پنهنجي حقيقي راھ جو راهي ٿي. انهن بي مثال فرصتن مان هڪ فرصت جنهن ڏانهن قرآن مجيد پڻ اشارو ڪيو آهي، سا ”شب قدر“ آهي، جيڪا سڳوري ۽ برڪتن ڀري رات هوندي، ڪيترائي راز پنهنجي اندر لڪايو ويٺي آهي، هن رات جي باري ۾ ويچار ڪرڻ نهايت ئي ڏکيو آهي؛ ڇاڪاڻ ته عقل ان جي ادراڪ ۽ سمجهڻ کان لاچار آهي، هڪ اهڙي رات جيڪا هزار راتين کان بهتر آهي، جنهن رات ڪيترائي رحمت جا فرشتا هر طرف کان نازل ٿين ٿا، جنهن ۾ رحمتن، برڪتن ۽ سلام جو سلسلو صبح تائين جاري رهي ٿو ۽ جنهن ۾ ايندڙ رمضان مهيني جي شبِ قدر تائين  سڄي سال جي انساني تقدير ۽ لکيو لکجي ٿو.

جيتوڻيڪ قدر واري هن سڳوري رات بابت ڪيترائي سوال جهڙوڪ: رمضان جي ڪهڙي رات شبِ قدر آهي؟ شب قدر کي ڪجھ راتين اندر ڇو لڪايو ويو؟ هن رات جون ڪهڙيون برڪتون آهن؟ وغيره، انساني ذهن جي تختي تي اڀرن ٿا، پر هن لکڻي جي موضوع ۽ اختصار کي نظر ۾ رکندي اهو ضروري سمجھيو جو هن برڪت ڀري رات جي هڪ نهايت اهم مسئلي کي وائکو ڪجي ته هن رات جو انساني تقدير ۽ لکئي سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ 

البته هن سوال جي جواب  کي وائکي ڪرڻ کان پهرين ان ڳالھ کي پڻ وائکو ڪجي ته هن رات کي شبِ قدر ڇو چيو وڃي ٿو، ۽ قدر جي تفسير جي عالمن ڪهڙي معنا ڪئي آهي؟ ۽ اهڙي طرح ڪجھ مقدماتي گفتگو ته جيئن اصل مسئلو روشن ٿي سگھي.

قدر جي معنا

لغت ۾ ”قدر“ يعني اندازو، مقدار ۽ ”تقدير“ يعني اندازو ڪرڻ ۽ معين ڪرڻ.1

 ان اعتبار سان قدر ۽ تقدير جهڙا لفظ، هڪ شيءِ جي مقدار کي بيان ڪري ان کي معين ڪندڙ آهن.

اصطلاح ۾ ”قدر“ مان مراد، هن عالَم ۾ هر شيءِ جو خاص اندازو ۽ تعيّن آهي.2 يعني: خلقت جي هن نظام ۾ هر شيءِ پنهنجي وجود، زندگي، موت، رزق وغيره ۾ هڪ خاص اندازي ۽ مقدار سان معين ٿيل آهي. شهيد مطهري (رح) ”قدر“ جي تعريف ڪندي فرمائن ٿا:

قدر، اندازي ۽ معين ڪرڻ جي معنى ۾ آهي، هن جهان ۾ رونما (ظاهر) ٿيندڙ واقعا ان اعتبار سان جو زمان ۽ مڪان جي لحاظ سان انهن جي موقعيت، اندازو ۽ حد معين آهي، سو خدائي تقدير سان مقدر ٿيل آهن.3

ان اعتبار سان، قدر جو مطلب، خلقت جي هن عالم ۾ تمام شين کي طبيعي طور تي هڪ خاص اندازو، مقدار ۽ تعيّن حاصل آهي. اها ئي معنى حديثن مان پڻ واضح ٿئي ٿي، جيئن ته هڪ روايت ۾ امام رضا عليه السلام جن کان پڇيو ويو: قدر جي معنى ڇا آهي؟ پاڻ عليه السلام فرمايو: 

تَقْدِيرُ اَلشَّيْءِ مِنْ طُولِهِ وَ عَرْضِهِ. 4

هر شيءِ جو ان جي ڊيگھ ۽ ويڪر جي اعتبار سان اندازو ۽ تعيّن.

هڪ ٻي حديث ۾ پڻ امام رضا عليه السلام جن کان قدر جي معنى هن ريت نقل ٿي ته: 

هِيَ اَلْهنْدسَةُ وَ وَضْعُ اَلْحُدُودِ مِنَ اَلْبَقَاءِ وَ اَلْفَنَاءِ؛ 

تقدير يعني: اندازو ڪرڻ ۽ بقاء ۽ فنا جي لحاظ کان حد ۽ مقدار جو تعيّن ڪرڻ آهي.5

ان اعتبار سان، خدائي تقدير جو مطلب، مخلوقات پنهنجي وجود، آثار ۽ خاصيتن ۾ هڪ خاص اندازو ۽ تعين رکن ٿا.

شب قدر تي ان نالي پوڻ جو راز

جيتوڻيڪ شبِ قدر تي ان نالي پوڻ جا مختلف سبب بيان ڪيا ويا آهن، پر قدر جي ان مٿين معنى مطابق، شبِ قدر يعني: تقدير جي لکجڻ واري رات؛ يعني: جنهن رات ايندڙ شبِ قدر تائين پوري سال جي تمام امور ۽ ڪمن کي لکيو ويندو آهي. جيئن ته راغب اصفهاني چئي ٿو: 

ليلة قيّضها لأمور مخصوصة

 شبِ قدر يعني اهڙي رات جنهن رات کي رب پاڪ ڪجھ خاص ڪمن کي معين ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي.6

صاحب مجمع البحرين پڻ اهڙي معنى ڪندي چيو: 

سميت ليلة القَدْر لأنها الليلة التي يحكم الله فيها و يقضي بما يكون في السنة بأجمعها من كل أمر. 7

ان رات کي ليلة القدر ان ڪري چيو ويندو آهي ته الله سائين ان رات ۾ فيصلو ڪندو آهي ۽ سال ۾ واقع ٿيندڙ سڀني ڪمن کي معين ڪندو آهي.

اهڙي طرح قرآن مجيد ۾ پڻ ذڪر ٿيو: 

فِيهَا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ 8

ان (برڪت واريءَ رات) ۾ هر حڪمت وارو ڪم جدا (معين ۽ منظم) ڪيو ويندو آهي.

علامه طباطبائيؒ  پڻ ان معنا کي بيان ڪندي فرمائن ٿا: 

قدر جي معنيٰ تقدير ۽ هڪ شيءَ کي معين ڪرڻ آهي ۽ اها رات تقدير جي رات آهي جنهن ۾ الله سائين ايندڙ شب قدر تائين پوري سال ۾ پيش ايندڙ واقعن جهڙوڪ حياتي، موت، رزق، چڱائي ۽ بد بختيءَ وغيره کي مقدر ۽ معين ڪندو آهي.9

البته ان کان علاوه، هن شبِ قدر جون ٻيون به معنائون ذڪر ڪيون ويون آهن؛ جهڙوڪ: شبِ قدر يعني وڏي عظمت واري رات ۽ اهڙيون ٻيون معنائون جن کي اختصار جي ڪري بيان بيان نٿا ڪيون.

جيئن ته مرحوم طبرسيؒ ان بابت فرمائي ٿو:  

ان رات کي شب قدر ان ڪري چيو وڃي ٿو جو اها وڏي شان ۽ عظمت واري رات آهي. جيئن ته قرآن ۾ هڪ ٻئي هنڌ پڻ قدر جي اها معنيٰ ذڪر ٿي آهي: ”و ما قدرو الله حق تقديرا“10 خدا جي عظمت ۽ شان کي جيئن حق آهي تيئن قدر نه ڪيائون.11 

شب قدر ۽ انساني تقدير

قدر واري رات جو انسان جي تقدير سان نهايت ئي اونهو لاڳاپو آهي، جيتوڻيڪ هن رات جون ڪيتريون ئي برڪتون ۽ اثر آهن جهڙوڪ قرآن جو نازل ٿيڻ ۽ ان رات فرشتن جو اچڻ وغيره، پر انهن مان هڪ اهم اثر، انساني تقدير جو لکجڻ آهي. جنهن ڏانهن قرآن مجيد ۽ حديث اشارو ڪن ٿا: 

الف: قرآني آيات ۽ انساني تقدير

جيئن ته مٿي قدر جي ذڪر ٿيل هڪ معنى مان پڻ قدر جي رات جي هيءَ خاصيت ڪنهن حد تائين وائکي ٿئي ٿي، پر قرآن مجيد ۾ پڻ ان بابت ارشاد ٿيو ته:

فِيهَا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ 12

ان (برڪت واريءَ رات) ۾ هر حڪمت وارو ڪم جدا (معين) ڪيو ويندو آهي.

مفسرين لکيو ته اهو ”فرق“ جو لفظ ان ڳالھ ڏانهن اشارو ڪندڙ آهي ته ان رات تقدير لکي وڃي ٿي ۽ حکيم جو لفظ بيان ڪندڙ آهي ته اها تقدير حڪمت جي آڌار تي آهي.13

علامه طباطبائيؒ  هن آيت جي تفسير ۾ لکن ٿا ته:

خدا جي قضا جي لحاظ سان جيڪي لکيو انسان لاءِ مقدر ٿئي ٿو سو ٻن مرحلن ۾ آهي: هڪ مجمل (مختصر)، ٻيو تفصيلي. ۽ قدر واري رات جيئن ته هن آيت: فِيهَا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ‌14 مان پڻ سمجھ ۾اچي ٿو، هڪ اهڙي رات آهي جنهن رات ۾ انساني تقدير اجمال (اختصار) کان ٻاهر نڪرندي تفصيل ۽ تعيين واري مرحلي ۾ داخل ٿيندي آهي.

۽ اڳتي فرمائن ٿا: 

”فيها يفرق“ جي جملي مان استمرار ۽ جاري رهڻ سمجھ ۾ اچي ٿو ۽ ساده لفظن ۾ ائين چئجي ته ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هر سال جي تمام ڪمن کي جدا ڪري معين ڪيو وڃي ٿو.15

۽ سورت قدر جي تفسير ۾ پڻ ان مطلب کي واضح انداز ۾ لکن ٿا ته: 

قدر مان مراد تقدير ۽ مقدار معين ڪرڻ آهي، تنهنڪري شبِ قدر، تقدير جي لکجڻ جي رات آهي، الله تعالى ان رات کان ايندڙ سال جي رات تائين جي رونما ٿيندڙ واقعن ۽ ڪمن کي مقدّر ۽ معين ڪري ٿو، زندگي، موت، رزق، نيڪبختي، بدبختي ۽ اهڙين ٻين شين کي مقدّر ڪري ٿو، سورت دخان جي آيت: فِيها يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ أَمْراً مِنْ عِنْدِنا. جيڪا ان قدر واري رات جي وصف ۾ ذڪر ٿي، سا پڻ ان مطلب تي دلالت ڪري ٿي؛ ڇاڪاڻ ته لفظ ”فرق“ يعني ٻن شين کي هڪٻئي کان الڳ ۽ معين ڪرڻ ۽ هڪ حڪمت تي ٻڌل ڪم کي الڳ ڪرڻ جي معنى ئي اها آهي ته اهو ڪم ۽ واقعو جنهن کي رونما ٿيڻ گهرجي تنهن کي مقدر ۽ معين ڪرڻ.

ب:  احاديث ۽ انساني تقدير

قرآن مجيد جي آيتن جيان، حديثن ۾ پڻ قدر واري سڳوري رات ۾ انسان جي تقدير ۽ لکئي بابت پڻ ساڳيو ئي مطلب بيان ٿيو آهي؛ جهڙوڪ:

امام صادق عليه السلام جن کان بيان ٿيو آهي ته هن رات انسان جي تقدير لکي ويندي آهي جنهن کي فرشتا ان وقت جي امام وٽ کڻي ٿا اچن.16

امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا:

”.. يقَدَّرُ فيها ما يَكُونُ فی السَّنَةِ مِنْ خَيْرٍ اَوْ شَرٍّ اَوْ مَضَرَّةٍ اَوْ مَنْفَعَةٍ اَوْ رِزْقٍ اَوْ اَجَلٍ وَ لِذلِكَ سُمِّيَتْ لَيْلَةُ الْقَدْر “ 17

ان رات ۾ هر اها شي انسان جي تقدير ۾ لکي ويندي آهي جيڪا ان سال ۾ نيڪي، بدي، نفعو نقصان، رزق ۽ موت جي صورت ۾ انسان لاءِ واقع ٿيندي آهي. انهي ڪري ئي هن رات کي شب قدر چيو وڃي ٿو. 

امام محمد باقر عليه السلام جن هن آيت: ”فِيهٰا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ“ جي تفسير ۾ فرمايو:

يُقَدَّرُ فِي لَيْلَةِ اَلْقَدْرِ كُلُّ شَيْءٍ يَكُونُ فِي تِلْكَ اَلسَّنَةِ إِلَى مِثْلِهَا مِنْ قَابِلٍ، خَيْرٍ وَ شَرٍّ وَ طَاعَةٍ وَ مَعْصِيَةٍ وَ مَوْلُودٍ وَ أَجَلٍ وَ رِزْقٍ ...

شبِ قدر ۾ ايندڙ سال جي شب قدر تائين، ان سال واقع ٿيندڙ هر شيءِ کي لکيو وڃي ٿو جهڙوڪ: خير ۽ شر، اطاعت ۽ معصيت، زندگي ۽ موت ۽ رزق.18

اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ٻيون حديثون موجود آهن جيڪي ان رات ۾ انساني تقدير جي لکجڻ ۽ معين ٿيڻ کي بيان ڪندي نظر اچن ٿيو.

شب قدر جو لکيو، ۽ انسان جو اختيار

مٿئين بيان مان اها ڳالھ چڱيءَ ريت وائکي ٿي ته قدر واري رات انسان جي تقدير لکي وڃي ٿي ۽ فرشتا اها تقدير ان زماني جي امام عليه السلام وٽ کڻي اچن ٿا. پر هتي هڪ سوال اڃان باقي رهي ٿو ته انسان جي تقدير جو هن رات ۾ لکجڻ ۽ ايندڙ شبِ قدر تائين پوري سال ۾ جيڪو ڪجھ انسان مٿان اچڻو آهي ان جو معين ٿيڻ، ڇا انسان مٿان مڙهيل تقدير ليکي ويندي جنهن ۾ هو مجبور آهي ۽ کيس ڪنهن به لحاظ کان اختيار نٿو رکي يا نه، بلڪه اها تقدير به ڪن اسباب ۽ علتن جي آڌار تي آهي جن اسباب ۾ انسان جو اختيار به هڪ سبب جي طور تي شامل آهي؟ ٻين لفظن ۾ مڙهيل قسمت ناهي بلڪه انسان پاران پنهنجي ئي اختيار سان انتخاب ڪيل آهي؟

ان سوال جي جواب ۾ عرض ڪنداسين ته جيتوڻيڪ انسان جي تقدير هن رات لکي ويندي آهي، پر ان جو اهو هرگز مطلب نه آهي ته انسان مڪمل طور تي ان باري ۾ مجبور هجي ۽ اختيار نه رکندو هجي ۽ اهڙي طرح پوري سال ۾ ان تقدير کي تبديل نه ڪري سگھي، بلڪه اها تقدير به اسباب ۽ علتن جي آڌار تي آهي ۽ انسان اها صلاحيت ۽ سگھ رکي ٿو جو سندس تقدير کي جيڪا قدر واري رات لکي وئي آهي، دعا، توسل ۽ نيڪ ڪمن جي ذريعي تبديل ڪري ڇڏي. ان مطلب جي وضاحت لاءِ مقدمي طور ڪجھ مطلب بيان ڪري نتيجو وٺنداسين:

پهريون مقدمو: اسباب ۽ مسببات جو نظام 

الله سائين هن ڪائنات کي ائين خلق ڪيو آهي جو ان جو فيض هن نظام ۾ مختلف اسباب سان جاري ٿئي ٿو، جيئن ته امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا ته: 

أَبَى اَللَّهُ أَنْ يُجْرِيَ اَلْأَشْيَاءَ إِلاَّ بِأَسْبَابٍ فَجَعَلَ لِكُلِّ شَيْءٍ سَبَباً. 19

الله سائين تمام امور ۽ ڪم اسباب ذريعي جاري ڪندو آهي، سو هر شيءِ لاءِ سبب رکيو اٿائين.

ان اعتبار سان جهان ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جو هڪٻئي سان گهرو رابطو آهي، منجهائن ڪجھ علت ته ڪجھ معلول جي حيثيت رکن ٿا، جيتوڻيڪ اهي سڀ اسباب ۽ علتون هڪ هي حقيقي علت يعني خدا جي ذات تائين موٽن ٿيون جو ان اسباب ۽ علتن کي تاثير به ان ئي ذات عطا ڪئي آهي، يعني جهان ۾ رونما ٿيندر هر ڪم کي الله ان جي علت ۽ سبب هيٺ رکيو آهي، ساڙڻ جي عمل کي باھ ذريعي انجام ڏيندو آهي ۽ ان باھ ۾ اها تاثير به پاڻ رکي اٿائين، جيڪا ان جي ارادي جي طول ۽ تسلسل ۾ آهي.

سو هي پورو جهان جيڪو اسباب ۽ مسبباب جو نظام آهي سو سمورو خدا جي ذات سان وابسته آهي ۽ ان سان ئي قائم آهي ۽ ان جي ئي ارادي جي طول ۾ تاثير رکندڙ آهي، تنهنڪري هر ٻئي سبب جي تاثير ۽ سببيت پڻ خدا جي ارادي ۽ قدرت سان واڳيل آهي. جنهن کي علمي اصطلاح ۾ ”امر بين الامرين“ سان تعبير ڪيو ويندو آهي.

ٻيو مقدمو: خدائي تقدير مان مراد

قدر جي جيڪا معنى بيان ڪئي وئي ان ۾ اها ڳالھ واضح ٿي هئي ته خدائي تقدير جو مطلب اهو آهي ته هن مادي جهان ۾ تمام مخلوق کي هڪ خاص محدوديت ۽ معيّن اندازو ۽ مقدار حاصل آهي. ۽ مٿين پهرين مقدمي مان اها ڳالھ به وائکي ٿي ته هيءُ نظام، اسباب ۽ مسببات جو نظام آهي، جتي هر شيءِ هڪ علت ۽ سبب هيٺ آهي، ان اعتبار سان، خدائي تقدير يعني: هر شيءِ جو اهو اندازو ۽ خاص تعيّن ان شيءِ سان لاڳاپيل علتن ۽ سببن جي آڌار تي آهي؛ ان لحاظ کان، اسباب ۽ علتن جي تبديلي، مادي موجودات سان لاڳاپيل اثر ۽ خاصيتن کي پڻ تبديل ڪندي آهي، سو هر وجود پنهنجي اندر ۽ ٻاهر کان هڪ خاص فريم سان معيّن ٿيل آهي جيڪو فريم ان مادي موجود جي ڊيگھ، ويڪر، شڪل، رنگ، مڪاني ۽ زماني موقعيتون ۽ ڪيترين ئي ٻين اهڙن شين کي شامل آهي جيڪي ان مادي موجود مٿان عارض ٿيندڙ آهن.20 جنهن کي قدر سان تعبير ڪجي ٿو.

۽ ان موجود جو پنهنجي ان قالب (ڍانچي) ۽ اندازي سان وجود پائڻ پنهنجي هڪ خاص سبب جي آڌار تي آهي، پوءِ مادي موجودات ۾ هڪ شيءِ جي سبب ۽ علت جي حيثيت ۾ جتي هڪ فاعل (مؤثر)، مادي، شرائط جي مهيا هجڻ جي ضرورت هوندي آهي ته اتي مانع ۽ رڪاوٽ جو نه هجڻ به ضروري هوندو آهي، جنهن سان اهو سبب ڪامل ۽ تام ٿيندو آهي جنهن سان ان مقدر شيءِ (معلول ۽ مسبب) جو تحقق به يقيني بڻجي ويندو آهي، جنهن کي اصطلاح ۾ قضا سان تعبير ڪيو ويندو آهي. 

يعني: تقدير جو مطلب هڪ شيءِ جو اندازو ۽ تعين ڪرڻ ۽ قضا جو مطلب ان ئي مقدر ٿيل شيءِ جو پنهنجي علت ۽ سبب جي تحقق سان واقع ٿيڻ. ٻين لفظن ۾ هڪ شيءِ جي تقدير الله ائين قرار ڏني آهي جو اها پنهنجي اسباب جي هيٺ رهي ٿي، جيڪڏهن سندس سبب محقق ٿيو، ته اها مقدر ٿيل تقدير به وجود پائيندي. جيڪڏهن سبب مٽيو ته ان مقدر ٿيل شيءِ جي اندازي ۽ تعيّن ۾ پڻ تبديلي واقع ٿيندي. 

۽ ديني آئيڊيالوجي ۾ هن مادي جهان ۾ اهي اسباب ٻن قسمن جا آهن: مادي ۽ معنوي. مثال جي طور تي، انسان جي موت جا جيڪي اسباب آهن سي مادي ناهن بلڪه جتي مادي اسباب جهڙوڪ رزق ۽ روزي، بدن جو سالم هجڻ وغيره ڪردار رکن ٿا جو ان جي موت کي ويجهو يا پري ڪرڻ ۾ اثرانداز آهن، ته اتي معنوي اسباب جهڙوڪ: صدقو ڏيڻ، صله رحمي ڪرڻ وغيره به نهايت ئي اهم ڪردار رکن ٿا جو هڪ شخص جي ڄمار کي وڌائڻ يا گهٽائڻ جو سبب ٿين ٿا. جيئن بعض حديثن ۾ گناھ کي عمر جي گهٽجڻ جو ڪارڻ به ڄاتو ويو آهي.21 اهڙي ئي نموني سان دعا پڻ هڪ سبب جي حيثيت ۾ ڪنهن ڪم يا واقعي اندر مؤثر بڻجي ٿي ۽ ڪيترائي اهڙا ٻيا معنوي اثر.

مثال جي طور تي، ڪڻڪ جي هڪ داڻي جي الله اها تقدير رکي آهي ته اهو داڻو سنگ ۾ تبديل ٿئي، پر اها تقدير ان صورت ۾ تحقق پائيندي جڏهن ان جو تام ۽ ڪامل سبب وجود پائي، يعني: مٽي جي ڪيفيت، پاڻي، هوا، سج جي گرمايش ۽ روشني، پوک جو صحيح وقت، بهترين کاڌ ۽ ٻئي ڪنهن رڪاوٽ جو عمل ۾ نه اچڻ وغيره، جيڪي ان جي لاءِ هڪ مادي سبب جي حيثيت رکن ٿا، سي گڏجي ڪري داڻي جي ان تقدير کي تحقق بخشڻ لاءِ سبب بڻجن ٿا، جو ان کان سواءِ اهو داڻو پنهنجي معين تقدير مطابق، سنگ ۾ تبديل نه ٿي سگهندو.

يا مثال جي طور تي، جيڪڏهن انسان جي ڄمار کي معين ڪيو ويو آهي ته اهو تعين ان ان ڄمار جي اسباب سان لاڳاپيل آهي جن اسباب مان بدن کي ملندڙ غذا ۽ ان جي سالم هجڻ جهڙن مادي سببن کان وٺي صله رحمي ۽ صدقي ڏيڻ جهڙي معنوي سببن جو نهايت ئي اهم ڪردار آهي جن کي انسان پنهنجي اختيار سان انجام ڏي ٿو؛ ٻين لفظن ۾ ان تقدير ۽ لکئي ۾ انسان جي اختيار جو به نهايت اهم ڪردار آهي. اها ئي الله جي تقدير آهي جيڪا هن اسباب ۽ مسببات جي جهان مطابق آهي. جيئن ته تقدير جي معنى ۾ گذريو ته امام رضا عليه السلام جن فرمايو: 

هِيَ اَلْهنْدسَةُ وَ وَضْعُ اَلْحُدُودِ مِنَ اَلْبَقَاءِ وَ اَلْفَنَاءِ ... وَ اَلْقَضَاءُ هُوَ اَلْإِبْرَامُ وَ إِقَامَةُ اَلْعَيْنِ. 22

تقدير يعني: اندازو ڪرڻ ۽ بقاء ۽ فنا جي لحاظ کان حد ۽ مقدار جو تعيّن ڪرڻ آهي ... ۽ قضا يعني ان مقدّر ٿيل کي استحڪام بخشڻ ۽ کيس وجود ڏيڻ آهي. 23

۽ ڇو ته الله هن نظام کي اسباب تي رکيو آهي سو ان مقدر جو واقع ٿيڻ به هن نظام جي اسباب هيٺ آهي.

ان مقدمي مان معلوم ٿيو ته جيتوڻيوڪ الله سائين انسان جي تقدير معين ڪري ٿو پر اها تقدير پاڻ سان لاڳاپيل ڪن سببن سان وابسته آهي ۽ ان سببن ۾ انسان جو اختيار به سندس اختياري ڪمن ۾ هڪ سبب آهي.

ٽيون مقدمو: تقدير جو لکيو پائيدار ۽ ناپائيدار

جيتوڻيڪ قرآن مجيد جي ڪجھ آيتون مخلوق جي ان ابتدائي معين ٿيل تقدير کي هن ريت بيان ڪن ٿيون:

قَدْ جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيْءٍ قَدْرًا. 24

بيشڪ الله هر شيءِ جو اندازو ڪيو آھي.

۽ اهڙي ريت ٻي جاءِ تي ارشاد ٿيو:

وَإِن مِّن شَيْءٍ إِلاَّ عِندَنَا خَزَائِنُهُ وَمَا نُنَزِّلُهُ إِلاَّ بِقَدَرٍ مَّعْلُومٍ. 25

۽ اھڙي شيءِ ئي ناهي مگر اسان وٽ ان جا خزانا آهن، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون.

پر هر لکيو ۽ تقدير هڪجهڙي ناهي، ڪا تقدير اهڙي آهي جيڪا پائيدار آهي؛ يعني: تبديلي جي قابل ناهي، جهڙوڪ: انساني معاشري ۽ نظام ۾ خلقت بابت الله جا جوڙيل قانونَ ۽ سنتون، مثال جي طور تي، الله سائين اهو مقدّر ڪيو آهي ته زمين، ساھ وارن موجودات جي جاءِ آهي، جتي سج، چنڊ ۽ تارا هوندا، جنهن سان ڏينهن ۽ رات وجود پائيندو. 

پر ان جي مقابلي ۾ هڪ تقدير ناپائيدار آهي، يعني: هڪ اهڙي تقدير، جيڪا هر سال ۽ هر ڏينهن بلڪه هر گهڙي ۽ هر لحظو تبديل ٿيڻ جي قابل آهي، جيئن ته مرحوم فيض سوره دخان جي آيت نمبر 4 جي ذيل ۾ فرمائي ٿو: 

قدر جي رات الله سائين حق ۽ باطل مان ۽ جيڪو ڪجھ ان سال رونما ٿيندڙ ڪم آهي تنهن کي مقدر فرمائيندو آهي ۽ جنهن ۾ الله کي بداء ۽ مشيت آهي جو موت، رزق، مصيبتن، پيش ايندڙ واقعن ۽ بيمارين مان جنهن کي وڻيس تنهن کي اڳتي يا پوئتي ڪندو آهي ۽ جنهن کي چاهي وڌائي ۽ جنهن کان چاهي گهٽائي.26

۽ جيئن ته گذريل مقدمن ۾ به عرض ڪيوسين ته هي نظام اسباب جي آڌار تي آهي، تنهنڪري اسباب ۽ علتن جي تبديلي ان مقدّر ٿيل شيءِ مٿان به اثر رکندڙ آهي.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو تصور صحيح ناهي ته شبِ قدر ۾ جيڪو ڪجھ الله مقدر ڪيو آهي تنهن ۾ ڪابه تبديلي ممڪن ناهي.

نتيجو: 

مذڪوره ٽن مقدمن جي بيان کان پوءِ ذڪر ٿيل سوال جي جواب ۾ ٻه مطلب روشن ٿين ٿا:

هڪ مطلب: شبِ قدر جو لکيو، نظام اسباب تي ٻڌل

پهرين ۽ ٻئي مقدمي مان اهو روشن ٿيو ته هن جهان جو نظام اسباب ۽ علتن جي آڌار تي آهي ۽ خدائي لکيو ۽ تقدير به حقيقت ۾ ان مهل قضا ۽ حتمي ٿي سامهون ايندي، جڏهن ان جي علت پنهنجي ڪامل ۽ تام معنى ۾ وجود پائيندي. ۽ اهڙي ئي ريت، ان تقدير ۾ انسان جي اختيار جو ڪردار به واضح ٿئي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته قدر جو مطلب بيان ٿيو ته يعني: هر ڪم ۽ واقعي جو پنهنجي علت سان گهرو لاڳاپو ۽ قدر جي رات اهو رابطو معيّن ٿئي ٿو، تنهنڪري جيڪڏهن هڪ شخص جي عمر مقدر ٿئي ٿي ته اها به ائين ته ان ڄمار کي سندس ئي مادي سببن جهڙوڪ بدن سان مربوط غذا ۽ ان جي معنوي سببن جهڙوڪ: صدقو ڏيڻ يا صله رحم ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جهڙن معنوي سببن سان مقدّر ۽ معيّن ڪيو وڃي ٿو؛ يعني: جتي هڪ شخص لاءِ ڊگهي ڄمار جو خاص تعيّن ٿئي ٿو، ته اتي اهڙي ئي ريت سندس عمر جي گهٽجڻ جو پڻ تعيّن ٿئي ٿو، پر ٻنهي لاءِ اسباب کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو، جن اسباب ۽ رستي کي اپنائڻ ۾ انسان جي اختيار جو پڻ ڪردار آهي جو ڊگهي ڄمار کي جڏهن ان لاءِ لکيو ويو ته اتي ان جي ئي اختياري فعل مثال طور تي صله رحمي نه ڪرڻ يا ان کان علاوھ ٻين شين کي ان جي سبب طور ڄاتو ويو، سو حقيقت ۾ اهو ئي خدائي لکيو ۽ قدر جي رات واري تقدير آهي، جنهن تقدير ۽ لکئي ۾ انسان مجبور ناهي، بلڪه سندس ئي اختيار ان جي تقدير جي اسباب مان هڪ سبب آهي. ان اعتبار سان اختياري افعال ۾ ان فعل ۽ تقدير جي درميان هڪ سڌو سنئون رابطو آهي، تنهنڪري انسان جو پنهنجو اختياري فعل ان جي تقدير ۽ لکئي جي اسباب مان هڪ سبب ۽ علت آهي. 

ان اعتبار سان قدر جي رات جو لکيو ۽ تقدير، ڪا اهڙي شيءِ ناهي جنهن ۾ انسان جو پنهنجو ڪوبه ڪردار نه هجي ۽ ان مٿان مڙهي وئي هجي ۽ آخر تائين کيس ان تقدير مطابق زندگي گهارڻي آهي، بلڪه الله سائين جيڪو هن جهان جي مڙني اسباب ۽ علتن کان آگاھ آهي، ان ذات پنهنجي ئي جوڙيل هن اسباب ۽ مسببات جي نظام هيٺ هن جهان جي موجودات کي هڪ اندازي ۽ تعيّن سان رکيو آهي ۽ اختيار هن مادي جهان جي اسباب مان هڪ بنيادي سبب آهي.

ٻيو مطلب: شب قدر جي لکئي ۾ تبديلي جو امڪان

۽ مذڪوره مقدمن مان هڪ بيو مطلب پڻ وائکو ٿئي ٿو ته:

جيتوڻيڪ قدر جي رات الله سائين انسان لاءِ ان سال ۾ واقع ٿيندڙ ان جي تقدير کي معين ۽ مقدر ڪري ٿو، پر جيئن بيان ٿيو ته اها تقدير پنهنجي اسباب ۽ علتن سان لاڳاپيل آهي، انهن سببن جي تبديلي ان لکئي ۽ تقدير ۾ تبديلي جو ڪارڻ آهي، سو وري به انسان جي هٿ ۾ آهي ۽ سندس اختيار ۾ آهي ته ان لکئي کي مٽائي ۽ تبديل ڪري، جنهن بابت ڪجھ اشارو ڪيوسين ته جهڙوڪ مٽن مائٽن سان صله رحمي انسان جي عمر جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ ۾ ڪردار رکي ٿي ۽ اهو صله رحمي وارو ڪم به انسان جي اختيار سان لاڳاپيل آهي، جيئن ته پيغمبر اڪرم (ص) جن فرمايو: 

أَنَّ صِلَةَ اَلرَّحِمِ تَزِيدُ فِي اَلْعُمُرِ وَ أَنَّ قَطِيعَةَ اَلرَّحِمِ تَبُتُّ اَلْعُمُرَ . 27

مٽن سان صله رحمي (لاڳاپو) عمر کي وڌائي ٿو ۽ صله رحمي نه ڪرڻ (لاڳاپو ٽوڙڻ) عمر کي گهٽائي ٿو.

يا جيئن الله سائين انسان لاءِ جيڪڏهن رزق کي هڪ خاص اندازي ۾ معيّن ڪيو آهي ته اتي شڪر بجا آڻن کي رزق ۾ إضافي ۽ ناشڪري کي رزق ۾ ڪمي جو سبب به ڄاتو آهي، جيئن ته ارشاد ٿيو: 

لَئِن شَكَرْتُمْ لأَزِيدَنَّكُمْ وَلَئِن كَفَرْتُمْ إِنَّ عَذَابِي لَشَدِيدٌ 28

جيڪڏھن اوھين (منھنجو) شڪرانو ڪندؤ ته اوھان کي ضرور وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ منھنجو عذاب سخت آھي.

ان اعتبار سان، جيتوڻيڪ الله تعالى فرمايو: قَدْ جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيْءٍ قَدْرًا؛ بيشڪ الله هر شيءِ جو اندازو ڪيو آھي. پر وري به انسان پنهنجي اختيار سان ڪجھ اسباب مهيا ڪري ان ۾ وڌاء يا گهٽاء جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. 

ان ڪري اسان کي گھرجي ته هن رات جيڪا بيدار رهڻ وارن جي معراج ۽ الله سائين جي نعمتن سان ڀريل ۽ وسيع رحمت جو وڇايل دسترخوان آهي، پنهنجي قدر ۽ قيمت سڃاڻون ۽ رب پاڪ جي رحمت ۽ بخشش واري سحر ۾ پنهنجي رب سان نيهن جا ناتا جوڙي ۽ دل کي صاف ڪري پنهنجي اصلي فطرت ڏانهن واپس ٿيون ۽ توبه جي تسبيح، نيڻن جي ندامت سان پنهنجي لاءِ بهترين تقدير تحرير ڪرايون ۽ هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪريون.

 

حوالا:

1. قاموس قرآن، سيد علي اکبر قرشي، ج5، ص 246، 247.

2. الميزان، ج12، ص150_151

3. انسان و سرنوشت، شهيد مطهري،ص۵۲.

4. بحار الانوار الجامعة لدرر اخبار الائمة الاطهار عليهم السلام، ج 5 ، ص 122

5. الکافي، ج ، ص 157

6. المفردات في غريب القرآن، ص 395.

7. مجمع البحرين، ج‏3، ص: 448

8. سورت دخان،  آيت  4

9. الميزان في تفسير القرآن، ج‏20، ص: 331 

10. سورت حج آيت 74.

11. مجمع البيان، ج 10، ص 518.

12. سورت دخان،  آيت  4

13. تفسير نمونه، ج‏21، ص: 152

14. سورت دخان،  آيت  4

15. الميزان في تفسير القرآن، ج‏20، ص: 331

16. بحار الانوار، ج 97، ص 23.

17. بحار الانوار الجامعة لدرر أخبار الائمة الأطهار عليهم السلام ، جلد 93 ، صفحه 369

18. الکافي ، جلد 4 ، صفحه 157

19. الکافي ، جلد 1 ، صفحه 183

20. افتخار افضلي سيد حسين، مسائل اعتقادي و شبهه شناسي، رسالو: مڪاتبه و انديشه، نقل ڪندي ڪتاب:الميزان، ج19، ص 101_103 کان

21. ” من يموت بالذنوب اکثر ممن یموت بالاجال و من یعیش بالاحسان اکثر ممن یعیش بالاعمار“ بحارالانوار، ج ۵، ص ۱۴۰

22. الکافي ، ج 1 ، ص 157

23. الکافي ، جلد 1 ، صفحه 157

24. سورت طلاق آيت 3.

25. سورت حجر آيت 21.

26. ملا محسن فيض ڪاشاني، تفسير الصافي،ج4، ص 404

27. عوالي اللئالي العزيزية في الاحاديث الدينية ، جلد 1 ، صفحه 440

28. سورت ابراهيم، آيت 7.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید