اڱارو, 23 جولاءِ 2019

ٻه اکر جامعه روحانيت سنڌ جي باري ۾

  • انداز قلم

 1986 عيسوي ۾ جڏهن ايران جي شهر قم المقدس ۾ سٻاجهڙي سنڌ جا لڳ ڀڳ 30 طالب علم، آل محمد (ع) جي تعليمات جي زيور سان آراسته ٿي رهيا هئا

اسان بابت

پاڪستان ۾ ملت جعفريه جي محترم سرواڻ، علم ۽ عمل جي مجسمي، فقيد اڳواڻ ، قائد محترم علامه سيد عارف حسين الحسيني ملت جي مفادن کي سامهون رکندي قم المقدسه ۾ موجود پاڪستان جي چئني صوبن سان تعلق رکندڙ عالمن ۽ فاضلن کان گهر ڪئي ته هر صوبي جا اهل علم گڏ ٿي صوبائي سطح تي هڪ تنظيم جوڙن ته جيئن پنهنجي پنهنجي علائقي جي مومنن جي مدد ڪري انهن کي حقيقي اسلامي نظرئي جو حامي بڻائي سگهن ۽ هر هنڌ پنهنجي علم جي جوت جلائي اهڙو ماحول جوڙين جيڪو هر حق جي طالب جو خواب رهيو آهي. پاڪستان جي مڙني صوبن سان تعلق رکندڙ عالمن ۽ فاضلن شهيد جي خواب کي تعبير جو روپ ڏنو ۽ انهن صوبائي ڪاميٽيون جوڙي ورتيون. ان اسلامي فڪر جي ڦهلائڻ ۾ سنڌي سڀن کان اڳڀرا هئا. جيتوڻيڪ جامعه روحانيت سنڌ 1986 ۾ ان نالي سان پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون

پر تاريخي شاهديون ملن ٿيون ته ان فڪر جو آغاز پنج سال پهريان 1981ع ۾ عين ان وقت شروع ٿي چڪو هئو جڏهن قم المقدس ۾ سنڌي عالمن جو تعداد فقط چار هئو جن ۾ حجة الاسلام والمسلمين محسن علي مهدوي، حجة الاسلام والمسلمين غلام قمبر ڪريمي، حجة الاسلام والمسلمين سيد ارشاد حسين نقوي ۽ حجة الاسلام والمسلمين محمد علي شامل هئا.

 1986 عيسوي ۾ جامعه روحانيت سنڌ ان ڏينهن جنم ورتو جنهن ڏينهن آسمان ولايت ۽ امامت جي ستين ستاري نور افشاني ڪئي هئي. ها دوستو اسلامي مهيني صفر المظفر جي ستين تاريخ اسان جي مولا امام موسى ڪاظم عليه السلام جي ولادت واري ڏينهن جامعه روحانيت سنڌ منظم نموني سان پنهنجي سرگرمين جو آغاز ڪيو. ماشاءَ الله جامعه روحانيت سنڌ سعادتن ۽ ڪاميابن جا 25 پنجويه سال پار ڪري چڪي آهي. انهن 25 سالن ۾ جن بزرگن سرواڻي جو تاج پنهنجي سر تي سجائي ڀرپور خدمت ڪئي آهي.

انهن ۾ حجة الاسلام والمسلمين غلام اڪبر حيدري، حجة الاسلام والمسلمين ڪفايت حسين ڪريمي، حجة الاسلام والمسلمين خادم حسين سومرو، حجة الاسلام والمسلمين دوست علي سعيدي، حجة الاسلام والمسلمين نبي بخش دانش، حجة الاسلام والمسلمين روشن علي طاهري، حجة الاسلام والمسلمين رضا محمد سعيدي، حجة الاسلام والمسلمين ديدار علي جعفري، حجة الاسلام والمسلمين غلام قاسم (غازي خان)، حجة الاسلام والمسلمين صدرالدين هادي، حجة الاسلام والمسلمين اسلم پرويز جمالي، حجة الاسلام والمسلمين غلام علي جعفري، حجة الاسلام والمسلمين الله بخش عرف محمد حسن شريفي، حجة الاسلام والمسلمين منير احمد دادوي، حجة الاسلام والمسلمين اختر حسين شريعتي، حجة الاسلام والمسلمين اعتقاد علي رجائي، حجة الاسلام والمسلمين نائب علي ڪميلي ۽ حجة الاسلام والمسلمين سيد نياز حسين نقوي شامل آهن  ۽ انهن پنجويهن سالن ۾ جامعه جي ڪيل ڪارنامن لکڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب درڪار آهن. پر ٿلهي ليکي اسان هتي پهريان جامعه روحانيت جي نصب العين ۽ هدفن و اغراض کي نقل ڪندي موجوده ڪابينه ۽ سندس نون رٿيل منصوبن ڏانهن اشارو ڪنداسين.

نصب العين

قرآن حڪيم ۽ سيرت محمد و آل محمد جي روشنيءَ تحت ۽ ولي فقيه جي دستور مطابق، پنهجي قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن ۾ اسلامي ۽ انقلابي  شعور پيدا ڪرڻ.

اغراض ومقاصد

1_ طالبعلمن ۾ اسلامي تعليمات مطابق علمي ، ادبي ، سياسي شعور ۽ روحانيت  پيدا ڪرڻ.

2_ طالب علمن جي فڪري ۽ اخلاقي تربيت ڪرڻ

3_ اسلامي انقلاب جي تقاضا مطابق اتحاد بين المسلمين لاءِ وس آهر ڪوشش ڪرڻ .

4_ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ذريعي سڀني سامراجي براين خلاف جدوجهد ڪرڻ

5_ طالب علمن ۾ تقريري، تحريري ۽ علمي مباحثن جو اهتمام ڪرڻ ۽ انهن جي اصلاح لاءِ ڪوشش ڪرڻ

6_ مستحق طالب علمن لاءِ اجتهادي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وس آهر وسائل فراهم ڪرڻ  .

7_ وقت جي تقاضا مطابق مختلف پروگرامن جواهتمام ڪرڻ .

8_ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۾ اسلامي شعور پيدا ڪرڻ .

9_ پنهنجي ملڪي حالات کي نظر ۾ رکندي اسلامي دشمن قوتن خلاف علمي ۽ عملي جدوجهد ڪرڻ.

موجوده ڪابينه ۽ سندس رٿيل نوان پروگرام

25 ذي القعد 1431 ھ تي اليڪشن ڪميشن جي زير نگراني جامعه جي اليڪشن ٿي جنهن ۾ سٻاجهڙي سنڌ جي 17 ضلعن جي 17 نمائندن پنهنجي حق جو فائدو وٺندي ووٽ ڏنا، جنهن ۾ سائين وسيم رضا سبحاني کي نئون صدر چونڊيو ويو. سائين جن پنهنجي نئين ڪابينه جي، مجلس عامله جي تائيد سان چونڊ ڪئي جيڪا هن ريت آهي.

1_ شيخ ڪاظم حسين معصومي، نائب صدر.

2_ ذيشان مهدي حڪمتي، جنرل سيڪريٽري.

3_ سرفراز مهدي چانڊيو، ماليات سيڪريٽري.

4_ مداح حسين مخلصي، جوائنٽ سيڪريٽري.

5_ علي گوهر ايماني، اطلاعات سيڪريٽري.

6_ قادر بخش ڪريمي، نشر و اشاعت سيڪريٽري.

7_ نظير احمد بهشتي، پاليسي سيڪريٽري.

عظيم الشان سيمينار جو انعقاد

نئين ڪابينه نئين ولولي سان پنهنجي سرگرمين جو آغاز ڪيو.دوستن جي اڻ ٿڪ محنتن سبب نئين ڪابينه   مهيني اندر هڪ عظيم الشان سيمينار منعقد ڪيو. اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جي ولايتعهدي جي موقعي تي “ تجلي ولايت الاهي در غدير خم” جي عنوان سان منعقد ڪرايل سيمينار کي حڪيم الاهي حجة الاسلام والمسلمين حسن رمضاني خطاب ڪيو. جنهن ۾ 300 ٽي سو جي لڳ ڀڳ دوستن شرڪت ڪئي. غدير جي عنوان سان هڪ ننڍڙو ڪتاب ڇپرائي شريڪ ٿيندڙن ۾ تقسيم ڪيو ويو.

عشره مجالس جو انعقاد

هر سال   وانگر هن سال محرم 1432 ه. ق جي موقعي تي جامعه روحانيت سنڌ طرفان ”حسينيه ابوالفضل العباس قم نو“ ۾” امام حسين عليه السلام جي صحابين جا شعار“ جي عنوان سان عشره مجالس جو اهتمام ڪيو ويو. حجة الاسلام والمسلمين غلام قاسم تسنيمي عشري جا خطيب هئا. روزانو مغرب کان پهريان مجلس عزا ٿيندي هئي مجلس کان بعد عزاداري ٿيندي هئي. مغربين جي نماز باجماعت ادا ڪئي ويندي هئي ۽ آخر ۾ نياز تقسيم ڪيو ويندو هئو. عشري ۾ دوستن زحمت ڪئي ۽ روزانو امام حسينA جي هڪ صحابيءَ جي زندگي تي مشتمل ڪجھ ورق تقسيم ڪندا هئا.

12 محرم تي امام حسين عليه السلام جو ٽيجهو، 25 محرم تي امام علي بن حسين زين العابدين جي شهادت سميت هر مناسبت تي مجلس يا ميلاد جو پروگرام منعقد ڪيو ويو.

آئنده لاءِ رٿابندي

ربيع الاول 1432 ه.ق ۾ آئندي لاءِ رٿابندي جي عنوان سان سائين وسيم رضا سبحاني جي صدارت هيٺ مجلس عامله جو اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ بهتر نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ  چار ڪاميٽيون جوڙيون ويون، جيڪي هيٺ ڏنل عنوانن سان ڪم ڪنديون.

رسالو شايع ڪرائڻ

   ابتدا کان وٺي دوستن جو اهو خواب هو ته جامعه روحانيت سنڌ پاران هڪ رسالو شايع ٿيڻ گھرجي. اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان رسالو شايع ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. سائين غلام قاسم تسنيمي کي ان جو سربراه بڻايو ويو.

علمي گڏجاڻي ڪوٺائڻ

اتفاق راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته هر مهيني دوستن جي علمي ترقي لاءِ هڪ علمي ڱڏجاڻي ڪوٺائي وڃي جنهن ۾ ان مهيني جي مناسبت سان موضوعات تي برک عالمن جي علم کان فيض پرايو وڃي. ان ڪاميٽي جو سربراه محترم قادربخش دايو(ڪريمي) کي قرار ڏنو ويو.

ويب سائيٽ کي فعال بڻائڻ

جامعه روحانيت سنڌ جي سابقه صدر سيد نياز حسين نقوي حالات جي مطابقت سان جامعه جي ثفافتي ۽ تبليغي سرگرمين جي ڦهلاءُ لاءِ www.shiafiker.com جي نالي سان ويب سائيٽ کولي هڪ بيمثال باب جو اضافو ڪيو. پر ان سائيٽ کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لاءِ اڃا ڊگهو سفر ڪرڻو آهي. هن مهل مختلف موضوعن تي مشتمل  تقريبا 65 مقالا سائيٽ تي موجود آهن سائيٽ جي وڌيڪ بهتري لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. جنهن جو سربراه محترم مداح حسين مخلصي کي قرار ڏنو ويو.

مالي مسائل حل ڪرڻ

ڪا به تنظيم ڪو به ادارو ان وقت بهتر نتيجا ڏئي سگهندو آهي جڏهن مالي پٺڀرائي رکندو هجي. تنظيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا مالي مشڪلات جي حل لاءِ پنهنجيون صلاحتيون استعمال ڪندي . ان ڪاميٽي جو سربراه ماليات سيڪريٽري محترم سرفراز مهدي کي قرار ڏنو ويو. الله تعالى کان دعا آهي ته اسان سڀني کي پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ معاشري ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید