آچر, 29 نومبر 2020

 

 

آيت الله عبد الله جوادي آمُلي دام ظله سال 1312 هه.ش ۾ آمُل شهر ۾ پيدا ٿيا. 1326 هه.ش تي پنهنجي والد ۽ ٻين جي مشوري سان حوزه علميه ۾ قدم رکيائون ۽ 1329 هه.ش تائين اتي تعليم حاصل ڪيائون

 


مرحوم آيت الله شيخ محمد تقي بهجت قدس سره 1334 هه.ش تي گيلان جي فومن شهر ۾ پيدا ٿيا. پنهنجي ابتدائي ديني ۽ دنيوي تعليم پنهنجي ئي شهر ۾ حاصل ڪيائون ۽ پوءِ 1348 هه.ش ۾ پهرين ڪربلا ۽ پوءِ نجف اشرف

 

مهاڳ :

رب ڪريم هن دنيا تي ڪيترائي اهڙا انسان موڪليا آهن جن الله سائين جي موڪليل دين کي زندهه رکڻ جي لاءِ پنهنجي ڏينهن رات هڪ ڪري تڪليفون برداشت ڪري، پنهنجو پاڻ کي جوکي ۾ وجهي ڪري، ڪوششون ڪندا رهيا، ڪجهه کي ته پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏڻو پيو ته وري ڪجهه پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندي به اوپرا لڳندا هئا ايترو ته انهن کي تنگ ڪيو ويندو هيو جو پنهنجي پاڻ کي لڪائي گهمندا هئا، پنهنجي سڃاڻپ به ڪنهن کي نه ٻڌائيندا هئا ، سولن لفظن ۾ کڻي چوان ته ڪجهه کي  هميشه تقيي جي صورت ۾ رهڻو پوندو هيو پر پوءِ به الله سائين جي موڪليل دين جي نگهباني تان هٿ ڪو نه کنيائون، الله سائين جي دين جي پاسبان رهيا، پنهنجون حياتيون مٽائي ڇڏيائون پر دين کي باقي رکيائون، دين جي اصلي شڪل ۽ صورت کي بچايائون، ڀلي کڻي دشمنن جي اها چال هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان دين جي اصلي بنيادن کي مٽائي ڇڏجي، جئين اصلي دين جي خبر نه پوي، جئين هٿ ٺوڪيو دين، مقبول ڪرائجي، انهن ڪوشش به ڪيون پر پوءِ به انهن ۾ ڪامياب نه ويا، الله سائين جو موڪليل دين پنهنجا اصلي بنياد اڃان به پاڻ سان گڏ کنيو اچي پيو، هن مختصر لکت ۾ اسان انهن بزرگ عالمن جو ذڪر ڪنداسين، جن مذهب اماميه کي پنهنجي اصلي شڪل ۽ صورت سان اسان تائين پهچايو، مذهب اماميه اهڙو مذهب آهي جنهن تي الله سائين جي طرفان رضايت جو ٺپو لڳل آهي، جنهن جي پيروڪارن کي جنت جي خوشخبري ڏني وئي آهي جنهن جي پيروڪارن جي شفاعت جي ضمانت سيده ڪونين فاطمه الزهراء I آهي، انهي پاڪدامن بيبي جو واعدو آهي ته سڀ کان پهريان منهنجي ٻچڙي حسين B تي روئڻ وارا جنت ۾ويندا .

هن مختصر لکڻي ۾ توهان جي سامهون مذهب اماميه جي انهن بزرگ متڪلمن جون ڪاوشون ۽ ڪوششون بيان ڪنداسين، جيڪي انهن مذهب اماميه کي اصلي شڪل ۾ اسان تائين پهچائڻ ۾ انجام ڏنيون آهن ، اهو اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته ننڍڙي لکڻي ۾ اسان ايڏي اهم موضوع کي ته بيان نه ٿا ڪري سگهون پر پنهنجي ڪوشش جي مطابق ڪيترو ٿي سگهيو بيان ڪيون ٿا.

سعد بن عبد الله اشعري قمي ( م 301ھ)

سائين جن جو شمار مڪتب قم جي بزرگن مان ٿئي ٿو، پاڻ شيعن جي بزرگ محدثن ۽ راوين منجهان آهن ، ابن قولويه انهن کان حديثون نقل ڪيون آهن، سعد ابن عبد لله شيعن ۽ اهل سنت جي راوين کان حديثون ٻڌيون آهن، سائين شيخ طوسي جي چوڻ موجب سعد ابن عبد الله جو شمار امام حسن عسڪري B جي اصحاب مان ٿئي ٿو بني اميه وارن جي حڪومت جي وقت اشعري خاندان يمن کان هجرت ڪري قم آيو هيو ۽ انهي خاندان جو پڳدار شيعو هيو انهي ڪري قم ۾ تقريبا اهو سڄو خاندان شيعه هجڻ سان مشهور هيو، انهي خاندان، قم اچي ڪري تشيع کي اڃان به هٿي ڏني، المقالات والفرق سعد ابن عبد الله جو لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ سائين جن شيعن جي فرقن بابت بهترين ڪتاب کليو آهي ، تقريبا اڄ جا جيڪي به فرقن جي ڄاڻ رکڻ وارا عالم آهن ، انهن سڀئي يقينا سائين جن جي انهي ڪتاب کي ضرور پڙهيو هوندو.

ابوسهل اسماعيل نوبختي (م 311ھ)

 سائين جن جو شمار به شيعن جي رهبرن مان ٿئي ٿو.

سائين جن غيبت صغري واري دور ۾ زندگي گذاريندا هئا بغداد جي شيعن جا سرواڻ سمجهيا ويندا هئا. انهن شيعن مان هئا جيڪي امام زمانه B جي ٽئين نائب جي وفات کان پهريائين انهن جي خدمت ۾ ويا هئا ته جئين انهن کان اهو پڇي ته انهن جي وفات کان پوءِ شيعن ۽ امام B جي وچ ۾ واسطو ڪير هوندو. ابوسهل ڪجهه واسطن سان شيخ طوسي جو استاد به آهي، ابوسهل ڪجهه ٻين شيعن سان ملي ڪري شيعن جي وچ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي جو رشتو مضبوط ڪيائين، جن سان شيعن جي دشمنن جو سازشون ختم ٿي ويون.

ابوسهل جي ڪوششن سان ڪلام شيعه کي چڱي نموني سان واضح ۽ روشن ڪيائين ، سائين جن ديني اعتقادن ۾ عقلي روش مان فائدو وٺندا هئا، انهن بهترين نموني سان شيعن تان اهو داڳ لاٿو جيڪو شيعن جا دشمن شيعه تي مليندا هئا، مثال طور انهي دور ۾ اهو مشهور هيو ته شيعه اماميه الله سائين جي جسمانيت، الله سائين کي ڏسڻ، الله سائين جي مخلوق سان شباهت، جا قائل آهن پر ابوسهل انهن تهمتن مان شيعن جي جان ڇڏائي ڇڏي هئي ۽ اهڙي نموني سان شيعه اماميه جي ٻين مهم عقيدن کي مثال طور، امامت جو وجوب ، امام جا اوصاف، امام جي عصمت جهڙن مهم عقيدن کي عقلي دليلن سان ثابت ڪيو هيائين.

ابو محمد حسن بن موسى نوبختي ( م 310ھ)

سائين جن جو شمار شيعن جي بزرگ فلسفين ۽ متڪلمن مان ٿئي ٿو، پاڻ علوم عقلي ۾ مهارت رکندا هئا. عقلي دليل سان ديني اعتقاد کي ثابت ڪرڻ جيڪو ابوسهل کان شروع ٿيو هيو، اهو ابومحمد سان جي ڪري اڃان گهڻو عقلي دليلن کان ڪم ورتو ويو، ابوسهل، ابومحمد جو مامو پڻ هيو.

ابومحمد متڪلم هجڻ سان گڏوگڏ فلسفي به هيو، نوبختين جي سڄي خاندان مان اهو انسان جنهن جو فلسفي ڏانهن گهڻو توجهه هيو اهو ابومحمد هيو، ان ڪيترائي فلسفي ڪتاب پڙهيا، انهن جو مطالعو ڪيائين، ڪجهه ڪتابن جا خلاصا پڻ لکيائون، چيو وڃي ٿو ته انهن ارسطو جي ڪجهه ڪتابن کي نقد جي نظر ساڻ پڻ ڏٺو هيو، ڪجهه فلسفي ڄاڻا ۽ فلسفي جي ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ وارا سائين جن جي گهر ايندا ويندا هئا جن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائين جن ڪيتري علمي منزلت جا ملڪ هئا، ابومحمد جي ڪتابن مان مهترين ڪتاب ” فرق الشيعه “ آهي .

ابن قبه رازي، ابو جعفر بن عبد الرحمن ابن قبه رازي ( م 319 ھ)

سائين جن جي زندگي جي باري ۾ گهڻي معلومات نه پئي ملي، پر جيتري قدر ملي آهي بيان ڪيون ٿا ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته پاڻ ” ري “ شهر ۾ رهندا هئا، مذهب اماميه جي متڪلمين مان هئا، عقلي استدالات ۽ علم ڪلام ۾ پڻ ماهر هئا. پهريان معتزله مذهب جي پيروڪار هئا ابوالقاسم بلخي( م 319) جي شاگردن مان هئا ۽ امامت واري عقيدي تي اعتراض ڪندا هئا پر جڏهن انهن جي ملاقات ابومحمد حسن بن موسى نوبختي سان ملاقات ٿي ۽ انهن کان امامت جي باري ۾ سوال ڪيائين ته ابومحمد جي جوابن هن تي تمام گهڻو اثر ڪيو، ان کان بعد ۾ امامت واري عقيدي جو تمام گهڻو دفاع ڪندا هئا پنهنجو گهڻو وقت انهي عقيدي کي بيان ڪرڻ ۾ گذاريندا هئا انهي ڪري انهن جو هڪ اهم ڪتاب امامت جي موضوع تي پڻ آهي ، شيخ طوسي، شيخ صدوق، سيد مرتضي پنهنجي ڪتابن ۾ سائين جي ڪتاب مان تمام گهڻا مطلب ذڪر ڪيا آهن، ابن قبه جي دور ۾ شيعن جو هڪ اهم مسئلو امامت واري عقيدي تي ڪيل اعتراضن جو جواب ڏيڻ مهم هيو، مختلف فرقن جا عالم، امامت واري عقيدي تي اعتراض ڪندا هئا پر ابن قبه انهن جواب ڏيندو هيو، سائين جي ڪتابن مان اهم ڪتاب” سه رساله “ جي نالي سان آهي جنهن مان شيخ صدوق پنهنجي ڪتاب ” کمال الدين و تمام النعمه “ ۾ تمام گهڻا مطالب انهي ڪتاب کان ذڪر ڪيا آهن.

شيخ صدوق، ابوجعفر، محمد بن علي بن حسين بن بابويه قمي ( م 381 ھ)

306 يا 307 هجري ۾ امام صاحب العصر و الزمان B جي دعائن سان قم ۾ اک کوليائون.

سائين جن جو بابو ابن بابويه سان مشهور هيو، ان جو پڻ بهترين عالمن، فقيهن مان شمار ٿيندو هيو.

عالمن شيخ صدوق کي بزرگ محدثين ۽ قم جي وڏن عالمن مان شمار ڪيو آهي، شيخ صدوق ” ري شهر “ وارن مومنين جي چوڻ موجب 347 هجري ۾ ” ري “ هليو ويو، ري شهر ۾ اتان هي بادشاهه رکن الدوله جي ڪري ڪيترن ئي مناظرن ۾ شرڪت ڪيائين، سائين جا  ڪجهه مناظره سائين جي ڪتاب کمال الدين و تمام النعمه ۾ ذڪر آهن، شيخ صدوق جن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي مختلفن شهرن ڏانهن سفر ڪيائين، سائين جن جي گهڻي شهرت علم حديث جي ڪري آهي، البته سائين جن ڪلامي موضوعات ۾ قدرت رکندا هئا، سائين جن جي اهم ڪتابن مان جن مان گهڻو فائدو ورتو ويندو آهي هي. الاعتقادات، التوحيد، کمال الدين و تمام النعمه آهن.

شيخ مفيد ، ابوعبد الله ، محمد بن محمد بن نعمان ( م 413ھ)

336 ۾ بغداد جي ويجهو عبڪري نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا، بغداد پنهنجي بابي سان گڏجي ويا اتي وڃي ڪري تعليم پرايائون، سڀ کان پهريائين ابوعبدالله  بصري وٽ تعيلم حاصل ڪيائون جيڪو معتزله جو وڏو عالم شمار ٿيندو هيو،ان کان پوءِ ڪجهه عرصو علي ابن رماني وٽ پڙهيا، جواني ۾ شيخ صدوق کان به فائدو ورتو هيائون جڏهن شيخ صدوق بغداد ويو هيو، شيخ مفيد جي شاگردن مان اسان سيد مرتضي ۽ ابوالفتوح ڪراجڪي جا نالا کڻي سگهون ٿا، پاڻ بحث ۽ مناظري ۾ ڪافي حد تائين قدرتمند هئا، علم ڪلام جي باري ۾ سائين جن جي ڪتابن مان هي اهم ڪتاب آهن  ”اوائل المقالات، العيون، المحاسن، تصحيح الاعتقاد، الافصاح في الامامه، الفصول العشره في الغيبه “

سائين جن ڪلامي مسائل ۾ عقلي دليلن کي نقل دليلن تي مقدم ڄاڻندا هئا، پر سائين جن جو ان ڳالهه ڏانهن به توجهه هوندو هيو ته جتي عقلي دليل ڪم نه ٿا اچن اتي نقلي ( راويات ) دليلن مان فائدو وٺندا هئا.

سيد مرتضى علم الهدي ( م 436 ھ)

سيد بزرگوار 355 هجري ۾ بغداد ۾ ڄاوا هئا، اتي ئي پليا وڏا ٿيا ، اتي ئي تعليم پرايائون، سيد بادشاهه مختلف علمن کان آگاهي رکندا هئا، سائين جن پنهنجي گهڻي محنت فقه، علم ڪلام، ادب ۾ ڪيائون.

سائين جن جو استاد جنهن کان تمام گهڻو فائدو ورتو شيخ مفيد هيو، سيد مرتضي جن ڀلي کڻي شيخ مفيد وٽ پڙهندا هيا پر پوءِ به استاد جي صرف تقليد نه ڪندا هئا  بلڪه ڪجهه جاين ۾ پنهنجي استاد سان اختلاف پڻ رکيائون، سيد مرتضي ڀلي کڻي ڪجهه وقت جي لاءِ ڪجهه ٻين مذهبن جي عالمن وٽ پڻ پڙهيا ، جيئن قاضي عبدالجبار، پر پوءِ به پنهنجي اصلي اماميه عقيدن تي باقي هئا، سائين جي شاگردن مان مهم ترين شاگرد هي هئا:  شيخ طوسي، ابوصلاح حلبي، ابوالفتوح ڪراجڪي.

سيد بزرگوار استدلالت عقلي تي تمام گهڻو زور ڏيندا هئا، انهي جي ڪري انهي روايتون جيڪي عقلي دليلن سان ٽڪراءُ رکنديون هيون انهن کي قبول نه ڪندا هئا پر اگر اها روايت ملي وڃي جنهن جي سد صحيح هجي ته انهي وقت روايت جي تاويل ڪندا هئا .

سيد بزگوار جا اهم ڪلامي ڪتاب هي هئا : جمل العلم والعمل، الذخيره في علم الکلام، الشافي في الامامه.

شيخ طوسي ابوجعفر محمدبن حسن بن علي بن حسن ( م 360ھ)

385 هجري ۾ طوس ۾ پيدا ٿيا 23 سالن جي عمر ۾ بغداد وڃي تعليم پرايائون، اتي وڃي ڪري شيخ مفيد ۽ سيد مرتضي جي شاگردي ۾ رهيا، ايترو پڙهيا جو استاد بڻجي ويا، سيد مرتضي جي وفات کان بعد ۾ بغداد جي استاديءَ واري منصب تي فائز ٿيا، جنهن وقت طغرل بيگ سلجوقي بغداد تي حملو ڪيو ته ناهي آل بويه جي حڪومت خمت ٿي وئي ۽ شيخ طوسي جي گهر ۽ ڪتاب خانه کي ساڙيو ويو، شيخ طوسي نجف اشرف ڏانهن هجرت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويو ابو صلاح حلبي ۽ محمد بن علي بن  عثمان ڪراجڪي شيخ طوسي جي معورف ترين شاگردن مان هئا.

شيخ طوسي جا جيڪي علم ڪلام تي لکيل ڪتاب هئا انهن مان ڪجهه هي: الاقتصاد الهدي الي سبيل الرشاد ، تمهيد الاصول في علم الڪلام، تلخيص الشافي ۽ الغيبه آهن.

ابو صلاح حلبي ( م 447 ھ)

ابو صلاح حلبي ( م 447 ) 374 ۾ حلب ۾ ڄائو، اتي ئي پنهنجي تعليمي سلسلي شروع ڪيائين، ڪجهه مدت گذرڻ کان بعد ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بغداد ويو اتي سيد مرتضي علم الهدي جو شاگرد ٿيو، انهن جي استادن مان شيخ طوسي به هيو، جن پنهنجي ڪتاب رجال ۾ ابوصلاح حلبي کي پنهنجي شاگردن مان شمار ڪيو آهي، علم فقه ۽ ٻيا علم حاصل ڪرڻ کان بعد ۾ سائين جن وري ٻيهر حلب موٽي ويا اتي وڃي تدريس جو عمل شروع ڪيائون، محمد بن علي بن عثمان ڪراجڪي ابوصلاح جي شاگردن مان هيو ابوصلاح پنهنجي استاد سيد مرتضي وانگر خبر واحد کي حجت نه سمجهندا هئا، سائين جن جي ڪلامي ڪتابن مان هڪڙو مهم ترين ڪتاب ” تقريب المعارف آهي.

محمد بن علي بن عثمان ڪراجڪي ( م 449 )

علم فقه ، ڪلام ۽ حديث جو عالم هيو ، سائين جا مهمترين استاد، شيخ مفيد ۽ سيد مرتضي، هئا.

ڪراجڪي جو نالو، ابوصلاح جي شاگردن ۾ به شمار ٿيو آهي پر هو سڀني کان وڌيڪ شيخ مفيد کان متاثر هيو ، مثال طور هن پنهنجي ڪتاب کنز الفوائد ۾ شيخ مفيد وانگر لکيو آهي ته آئمه عليهم السلام مان ڪجهه شهيد ٿي ويا آهن ته ڪجهه وري پنهنجي موت رحلت ڪري ويا آهن، ڪراجڪي عقلي استدلالت کي پسند ڪرڻ وارو متڪلم هيو اهو  عقل کي قرآن سنت اجماع جي مقابلي ۾ هڪ دليل شمار ڪندو هيو اهو چوندو هيو ته عقل هميشه نقل ( روايات ) جو محتاج آهي، سائين جي ڪتابن مان سڀني کان اهم کنز الفوائد جو ناکو اچي ٿو.

ابو اسحاق ابراهيم نوبختي ( پنجين صدي هجري جو عالم هيو )

سائين جن جي زندگي جي باري ۾ گهڻي اطلاع ڪتابن ۾ موجود ناهي پر جيڪي اطلاعات آهن انهن جي موجب ابواسحاق جن پنجين قرن ۾ زندگي ڪندا هئا، سائين جن جو اهم ترين ڪتاب الياقوت في علم الکلام آهي ، جنهن جي مطالعي ڪرڻ سان اسان کي اها خبر پوي ٿي ته سائين جن ڪيتري قدر آزاد سوچ جا مالڪ هئا هو اشاعره جو تمام گهڻو مخالف هيو پر پوءِ به ” عينيت وجود و ماهيت رب ڪريم “ واري نظريي ۾ انهن جي موافق هيو.