۾ ديني علوم حاصل ڪرڻ شروع ڪيا ۽ آيت الله سيد ابو الحسن اصفهاني، آيت الله ضياء عراقي، مرزا نائيني، آيت الله سيد علي قاضي طباطبائي ۽ ٻين وٽ ڪسب علم ڪيو. 1363 هه.ش تي ايران واپس اچڻ کانپوءِ آيت الله حجت ڪوهه ڪمري ۽ آيت الله بروجردي جي محضر ۾ حاضر ٿيا. آيت الله شيخ محمد تقي بهجت پنهنجي دور جا وڏا عارف هئا سير ۽ سلوڪ جي اعلى منازل کي درڪ ڪيائون. پاڻ هڪ مرتبو فريائون ته ” الله سائين جي ڏنل نعمتن منجهان هڪ نعمت اها آهي ته آءُ جيئن سامهون ظاهري اکين سان ڏسان ٿو ائين پٺئين پاسي به ڏسي سگهان ٿو”. انهن جو هڪ وڏو معنادار قول آهي ته “جيتري قدر علم رکو ٿا اوترو عمل ڪيو.“
پاڻ 27 ارديبهشت 1388 هه.ش تي هن دار فاني کي الوداع چيائون. سندن قبر قم ۾ حضرت معصومه سلام الله عليها جي روضي ۾ بالاي سر نالي جڳهه تي آهي.
- بغير راءِ جي
مهمان طور راءِ ڏيو