جنهن کانپوءِ تهران جي مروي مدرسي ۾ رسائل، مڪاسب ۽ ڪفايه پڙهيائون ۽ 5 سالن جي تعليم کانپوءِ آيت الله حاج محمد تقي آمُلي جي اجازت سان 1334هه.ش ۾ حوزه علميه قم ۾ آيا ۽ آيت الله بروجردي، امام خميني، علامه طباطبائي، محقق داماد ۽ مرزا هاشم آملي جهڙن بزرگن وٽان ڪسب فيض ڪيائون. هن وقت قم المقدسه جي مجتهدن ۽ عرفاء الاهي ۾ هڪ نالو آيت لله جوادي آمُلي جو به آهي. انقلاب اسلامي ۾ پاڻ تمام گھڻي ڪوشش ڪيائون. پاڻ ڪيترن ئي موضوعن جيئن عرفان، فقه، اصول، اخلاق، تفسير موضوعي ۽ فلسفي تي ڪتاب لکي چڪا آهن هن وقت تسنيم جي نالي سان قرآن پاڪ جي هڪ تفسير لکي رهيا آهن جنهن جا 27 جلد ڇپجي چڪا آهن ۽ اڃان هلندڙ آهي.
- بغير راءِ جي
مهمان طور راءِ ڏيو