ڇنڇر, 25 مئي 2019

غيبت ڪبرى ۾ اسان شيعن جون ذميواريون

  • انداز قلم

مهاڳ : سن 260 ھ. ق ۾ جڏهن امام حسن عسڪري عليه السلام جن شهادت جي بي مثال رتبي کي ماڻيو، تنهن کان پوءِ امام حجة بن الحسن العسڪري (عجل الله تعالى فرجه الشريف) تائينسیه در گفتگوی تلفنی با معاون وزیر امور خارجه کشورمان نقش جمهوری اسلامی ایران را در تقویت روند سیاسی در منطقه بارز دانست.

عقائد

رسائي يا ته ڊائريڪٽ يا وري ڪجهه خاص ۽ قابل اطمينان نمائندن جي ذريعي ٿيندي هئي. ليڪن تنهن کان پوءِ ۽ هاڻي جڏهن ته غيبت امام عليه السلام جو دور هلي رهيو آهي هڪ سوال هر انسان جي ذهن ۾ اڀري ٿو ته هاڻي جڏهن امام پاڪ عليه السلام پرده غيب ۾ آهن ڇا مسلمانن جون خاص طور تي اسان شيعيان اهل بيت عليهم السلام جون ڪي ذميواريون آهن ؟ اگر جواب ها ۾ آهي ته اهي ڪهڙيون ذميواريون آهن ؟ ڇا اسان انهن کي ڀلي نموني سان انجام ڏيون پيا ؟ ڇا اسان ڪڏهن انهن جي طرف ڌيان ڏنو آهي ؟ اهڙي قسم جا کوڙ سارا ٻيا به سوال جن جي جوابن جي باري ۾ اسان جي علمائن مختلف ڪتاب تحرير ڪيا آهن مثال طور تي مرحوم دبير الدين ميرزا علي اڪبر صدر الاسلام همداني پنهنجي هڪ ڪتاب ۾31 ذميوارين کي وضاحت سان پيش ڪيو آهي .(1) 

۽ مرحوم آيت الله سيد محمد تقي موسوي اصفهاني (قدس سره) پڻ پنهنجي هڪ انتهائي اهم ڪتاب ۾ شيعيان اهل بيت عليهم السلام لاءِ کوڙ ساريون ذميواريون بيان ڪيون آهن (2)

۽ ٻيا کوڙ سارا ڪتاب پڻ لکيا ويا آهن جن کي اسان هتي بيان نٿا ڪري سگهون.

 هن مقالي ۾ ڪوشش هي ڪئي وئي آهي ته انهن ذميوارين منجهان ڪجهه اهم ذميوارين کي پيش ڪيو وڃي تاڪي هڪ محب اهل بيت عليهم السلام پنهنجي ذميوارين کي سڃاڻي ڪري انهن کي انجام ڏئي ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه جي زماني ۾ اگر ڏٺو وڃي ته چارئي طرف فتني  فساد ،قتل  و غارت ۽ براين جو عروج آهي جتي هر انسان پنهنجي دين جي حفاظت ۽ تبليغ ڪري رهيو آهي ان وڪوڙيل ماحولَ ۾ نهايت ئي سمجهداريءَ سان مذهب اهل بيت عليهم السلام جي حفاظت ۽ پرچار ڪرڻ جي ضرورت آهي تنهن لاءِ نهايت ئي ضروري آهي ته هڪ مسلمان خاص طور تي شيعه اميرالمومنين علي عليه السلام کي گهرجي ته پنهنجي ذميوارين کي سڃاڻي(3)

۽ ان کي سهڻي نموني سان انجام ڏئي تاڪي شيعيت محفوظ رهي سگهي.

1. حضرت امام زمان (عجل الله فرجه الشريف) جي معرفت

حضرت امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا :

) عَنْ أَحْمَدَ بْنِ إِدْرِيسَ عَنِ الْحُسَيْنِ بْنِ عُبَيْدِ اللَّهِ عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي عُثْمَانَ عَنْ عَبْدِ الْكَرِيمِ بْنِ عُبَيْدِ اللَّهِ عَنْ سَلَمَةَ بْنِ عَطَاءٍ عَنْ أَبِي عَبْدِ اللَّهِ ع قَالَ خَرَجَ الْحُسَيْنُ بْنُ عَلِيٍّ ع عَلَى أَصْحَابِهِ فَقَالَ أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّ اللَّهَ جَلَّ ذِكْرُهُ مَا خَلَقَ الْعِبَادَ إِلَّا لِيَعْرِفُوهُ فَإِذَا عَرَفُوهُ عَبَدُوهُ فَإِذَا عَبَدُوهُ اسْتَغْنَوْا بِعِبَادَتِهِ عَنْ عِبَادَةِ مَا سِوَاهُ فَقَالَ لَهُ رَجُلٌ يَا ابْنَ رَسُولِ اللَّهِ بِأَبِي أَنْتَ وَ أُمِّي فَمَا مَعْرِفَةُ اللَّهِ قَالَ مَعْرِفَةُ أَهْلِ كُلِّ زَمَانٍ إِمَامَهُمُ الَّذِي يَجِبُ عَلَيْهِمْ طَاعَتُهُ(  (4)

هڪ ڏينهن امام حسين عليه السلام پنهنجي اصحاب جي درميان اچن ٿا الله پاڪ جي واکاڻ ۽ نبي سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم تي درود شريف موڪلڻ بعد ارشاد فرمايائون : اي انسانو الله پاڪ  توهان کي پيدا ناهي ڪيو مگر ان ڪارڻ جو ان کي سُڃاڻو ۽ جڏهن ان کي سڃاتوَ ان جي عبادت ڪريو ۽ جڏهن ان جي عبادت  ڪيوَ ته ان معرفت ۽ عبادت جي ذريعي سان ٻين جي پوڄا ۽ عبادت کان بي نياز ٿيو. هڪ شخص عرض ڪيو : ته اي فرزند رسول صلي الله عليه وآله وسلم منهنجا ماءُ پيءُ توهان تي قربان وڃن اهو ٻڌايو ته الله پاڪ جي معرفت مان ڇا مراد آهي ؟ امام عليه السلام وراڻيو : ته هر شخص پنهنجي زماني جي امام جي معرفت ۽ سڃاڻپ حاصل ڪري ، اهو امام جنهن جي پيروي ڪرڻ انهن تي واجب آهي

حضرت نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا :

)  مَنْ مَاتَ وَ لَمْ يَعْرِفْ إِمَامَ زَمَانِهِ مَاتَ مِيتَةً جَاهِلِيَّةً(  (5)

جيڪو شخص مري وڃي ۽ پنهنجي وقت جي امام پاڪ جي معرفت ۽ ڄاڻ حاصل نه ڪري ان جو موت جاهليت وارو موت آهي

ان کان سواءِ غيبت ڪبرى جي زماني ۾ جن دعائن جو اسان کي چيو ويو آهي اگر انهن تي ٿورو غور فڪر ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته پنهنجي وقت جي امام پاڪ جي معرفت ۽ ڄاڻ ڪيتري قدر اهميت رکي ٿي انهن دعائن منجهان معروف ۽ مشهور دعا ۾ (جنهن کي اسان جي نامياري عالم شيخ صدوق قدس سره پنهنجي ڪتاب ڪمال الدين ۾ بيان ڪيو آهي) اسان پڙهندا آهيون :

) اللَّهُمَّ عَرِّفْنِي نَفْسَكَ فَإِنَّكَ إِنْ لَمْ تُعَرِّفْنِي نَفْسَكَ لَمْ أَعْرِفْ نَبِيَّكَ اللَّهُمَّ عَرِّفْنِي نَبِيّکَ فَإِنَّكَ إِنْ لَمْ تُعَرِّفْنِي نَبِيّکَ لَمْ أَعْرِفْ حُجَّتَكَ اللَّهُمَّ عَرِّفْنِي حُجَّتَكَ فَإِنَّكَ إِنْ لَمْ تُعَرِّفْنِي حُجَّتَكَ ضَلَلْتُ عَنْ دِيني ( (6)

اي منهنجا پاڪ پروردگار: مون کي پنهنجي معرفت ۽ ڄاڻ نصيب ڪر ، پوءِ بيشڪ اگر توهان مون کي پنهنجي معرفت نصيب نه ڪئي ته آئون تنهنجي نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي معرفت ۽ سڃاڻ حاصل نه ڪري سگهندس ، اي منهنجا پاڪ پروردگار : مون کي پنهنجي نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي معرفت نصيب ڪر ، پوءِ بيشڪ اگرتوهان مون کي پنهنجي نبي پاڪ جي معرفت نصيب نه ڪئي ته آئون پنهنجي حجت جي معرفت حاصل نه ڪري سگهندس ، اي منهنجا پاڪ پروردگار : مون کي پنهنجي حجت جي معرفت نصيب ڪر ، پوءِ بيشڪ اگر توهان مون کي پنهنجي حجت جي معرفت نصيب نه ڪئي ته آئون پنهنجي دين کان ڀٽڪي ويس

2 . شڪ کان بچڻ

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام غيبت واري دور ۽ زماني متعلق ارشاد فرمائن ٿا :

) فَإِيَّاكُمْ وَ الشَّكَّ وَ الِارْتِيَابَ انْفُوا عَنْ نُفُوسِكُمُ الشُّكُوكَ وَ قَدْ حُذِّرْتُمْ فَاحْذَرُوا وَ مِنَ اللهِ...( (7)

پوءِ توهان تي لازم آهي ته شڪ کان بچو، شڪ شبهي کي پنهنجي پاڻ کان پري ڪيو ۽ بيشڪ توهان کي ڊڄاريو ويو آهي پوءِ الله پاڪ کان ڊڄو (ان ڳالهه کان جو غيبت واري زماني ۾ شڪ شبهي واري بيماري ۾ وڪوڙجي وڃو ) .....

ان حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته غيبت واري زماني ۾ محب اهل بيت عليهم السلام جي ذميوارين منجهان هڪ ذميواري هي آهي ته پنهنجي يقين واري منزلت ۽ مقام کي بلند ۽ ثابت رکي ، پنهنجي عقائد حقه جي حفاظت ڪري ڇاڪاڻ جو حضرت امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف) جي غيبت جو طولاني ٿيڻ هن ڳالھ ڪارڻ بڻجندو آهي ته کوڙ سارا ماڻهون پنهنجن عقيدن ۾ شڪ ڪن ،جيئن ته ڪتاب ” الغيبه “ جو ليکڪ ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي لکن ٿا ته : اگر روايات جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته معلوم ٿئي ٿو ته غيبت وارو دور ۽ زمانو مڙني مسلمانن لاءِ هڪ قسم جو امتحان آهي جنهن ۾ شيعيان اهل بيت عليهم السلام  منجهان ديندار ۽ يقين جي منزلت تي فائز شيعن کي جدا ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته اهي چالاڪ ۽ متقي آهن انهن کي يقين آهي ته حجت خدا ۽ ان جو واعدو باطل نٿو ٿي سگهي ،اهيو ممڪن ئي ناهي جو الله پاڪ  انسانن کي پنهنجي حجت ۽ هادي جي بغير ڇڏي ڏئي اها ٻي ڳالهه آهي جو ڪن مصلحتن خاطر ان کي ڏسي نٿا سگهن بهرحال انهن کي ڪو به شڪ شبهو نه هوندو آهي بلڪي اهي الله پاڪ طرفان مقرر ٿيل فيصلن تي راضي ۽ خوش هوندا آهن . (8)

3.  ثابت قدم رهڻ

شيعيان اهل بيت عليهم السلام جي ذميوارين منجهان هڪ ذميواري هي آهي ته امر اول کان وٺي امر آخر تائين مضبوط ۽ ثابت قدم رهن . امر اول مان مراد بعثت نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم کان غيبت امام عليه السلام جي شروع وارو دور ۽ زمانو آهي يا وري آسان لفظن ۾ يارهن امامن عليهم السلام جو دور مراد آهي جيڪو اندازي مطابق 273 سال ٿئي ٿو جنهن ۾ اسان لاءِ انمول فرامين ورثي طور تي ڇڏي ويا جن کي اسان جي فقيهن ۽ عالمن مشڪلاتون برداشت ڪري اسان تائين پهچايو آهي . ۽ امر آخر مان مراد حضرت امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف ) جي ظهور وارو دور ۽ زمانو آهي . امر اول کان امر آخر تائين هر شيعي جي ذميواري آهي ته جيڪو ڪجهه ان کي اهل بيت عليهم السلام جي دروازي کان ورثي طور تي مليو آهي ان جي حفاظت ڪري ،ان تي مضبوط ۽ ثابت قدم رهي

انهيءَ باري ۾ امام جعفر صادق عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا :

) فَتَمَسّکُوا بِالأمرِ الأوّلِ حَتّى یُبّینَ لَکُم الآخَر ( (9)   

 ٻئي طريقي سان به اهيا حديث نقل ٿيل آهي ته:

) تَمَسّکُوا بِالأمرِ الأوّلِ الّذِى أنتُم عَلَیهِ حَتّى یُبّینَ لَکُم  ( (10)

امر اول جنهن تي توهان آهيو ان کي مضبوطي سان پڪڙيو ايسيتائين جو امر آخر ظاهر ٿئي انهي ءَ باري ۾ وري مولا فرمائن ٿا :

) کُونُوا عَلَى مَا أنتُم عَلَیهِ حَتّى یُطلعَ اللَّهُ لَکُم نَجمَکُم( (11)

جنهن مقام ۽ حالت تي توهان آهيو ان تي باقي رهو ايستائين جو الله پاڪ توهان جي ستاري کي نه اڀاري

انهيءَ باري ۾ امام پاڪ عليه السلام فرمائن ٿا :

) فَتمَسّکُوا بِمَا فِى أَیدِیکُم حَتّى یَصِحّ لَکُمُ الأمرُ(  (12)

پوءِ جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي ان کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ايستائين جو توهان لاءِ امر صحيح ٿئي(يعني ظهور امام زمانه عجل الله تعالى فرجه الشريف ٿئي)

هڪ ٻئي روايت ۾ به آيو آهي ته امام فرمايو :

) إلَى مَا أنتُم عَلَیهِ حَتّى یَأتِیکُمُ اللَّهُ بصَاحِبهَ ( (13)

جنهن تي توهان آهيو ان تي عمل ڪيو ايستائين جو الله پاڪ ان جي صاحب کي توهان لاءِ آڻي

انهن سڀني روايتن جو مقصد ۽ مطلب هڪ آهي ۽ اهو هي آهي ته قرآن ۽ اهل بيت عليهم السلام جي موجود ميراث (فرامين ۽ سيرت) جي حفاظت ۽ ان کي عملي رنگ ڏنو وڃي ته جيئن امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف) جو ظهور ٿئي ۽ ڪو شڪ شبهو باقي نه رهي.

4.  دوستي ،  دشمني،  پوئلڳي ۽ اڳواڻيءَ ۾ ائمه معصومين عليهم السلام جي معيارن کي اپنائڻ

دوستي، دشمني، پوئلڳي ۽ اڳواڻيءَ ۾ آئمه معصومين عليهم السلام جي معيارن کي اپنائڻ پنهنجي جگهه تي نهايت ئي هڪ اهم مسئلو آهي ڇاڪاڻ جو جيڪا ڳالهه اسان کي ائمه معصومين عليهم السلام يا وري انهن جي سچار اصحابن جي ويجهو ڪري ٿي ، جنهن جي ڪري اسان هڪ بهترين زندگي گذاري سگهون ٿا اها هي آهي ته اسان هنن جي ڏسيلَ معيارن مطابق زندگي گذاريون جيئن ته ڪجهه روايتون پڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري رهيون آهن ته اسان پنهنجي معنوي حالت جي وسيلي پنهنجي پاڻ کي نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي طرفان ڪيلَ جنگين ۾ ،سندن سچار اصحابن جي ٽولي ۾، امام علي عليه السلام جي طرفان ڪيلَ جنگين ۾ ، بلڪي ٻين امامن طرفان ڪيلَ جنگين ۾ شريڪ بڻائي سگهون ٿا. پنهنجي دل ۾ امام زمانه (عجل الله فرجه الشريف) جي مدد ڪرڻ جي آس ۽ اميد رکڻ جي وسيلي مولا جي مدد ڪرڻ واري جيترو ، ان جي لشڪر ۾ شامل ٿي ڪري جنگ ۽ شهادت ماڻڻ  واري جيترو اجر و ثواب حاصل ڪري سگهون ٿا  پوءِ ڀلي اسان مولا جي زماني کي نه ڏسي سگهون . حقيقت ۾ اها دوستي ۽ دشمني ئي ڪارڻ بڻجندي آهي ته هڪ زماني ۾ رهڻ وارو انسان ٻين مختلف زمانن ۾ رهڻ وارن انسانن سان پاڻ کي ملائي، اها انسانن جي هڪ ٻئي سان دوستي ۽ همدردي ڪارڻ بڻجندي آهي ته گذريل انسانن جي ميراث صحيح سلامت رهي ۽ پوءِ واري نسل لاءِ هڪ اميد جو ڏيئو روشن ٿئي . جيئن ته منصور صيقل واري حديث ۾ پڻ ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ امام صادق عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا ته :

 ) إِذَا أَصْبَحْتَ وَ أَمْسَيْتَ يَوْماً لَا تَرَى فِيهِ إِمَاماً مِنْ آلِ مُحَمَّدٍ فَأَحِبَّ مَنْ كُنْتَ تُحِبُّ وَ أَبْغِضْ مَنْ كُنْتَ تُبْغِضُ وَ وَالِ مَنْ كُنْتَ تُوَالِي وَ انْتَظِرِ الْفَرَجَ صَبَاحاً وَ مَسَاءً(  (14)

اگر تنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن اهڙو ڏينهن اچي جنهن ڏينهن تون آل محمد عليهم السلام منجهان ڪنهن به امام کي نه ڏسين ته تون محبت ڪر  هر ان شخص سان جنهن سان محبت ڪندو هئين، ۽ نفرت ڪر هر ان شخص سان جنهن سان نفرت ڪندو هئين ۽ ولايت قبول ڪر هر ان شخص جي جنهن جي ولايت ۾ هئين ۽ صبح شام،  امام زمانه (عجل الله فرجه الشريف) جي ظهور جو انتظار ڪر .

5_ تقوى اختيار ڪرڻ

اسان شيعن جي ذميوارين منجهان هڪ اهم ذميواري هي آهي ته اسان تقوى کي اپنايون ، يعني واجب ڪمن کي انجام ڏيون ۽ حرام ڪمن کان پاسو ڪريون ۽ جيترو ٿي سگهي مستحب ڪمن کي انجام ڏيون مڪروهه ڪمن کان پاسو ڪريون جيئن ته امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا :

) إِنَّ لِصَاحِبِ هَذَا الْأَمْرِ غَيْبَةً فَلْيَتَّقِ اللَّهَ عَبْدٌ عِنْدَ غَيْبَتِهِ وَ لْيَتَمَسَّكْ بِدِينِهِ ( (15)

بيشڪ امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف) جي لاءِ هڪ غيبت وارو زمانو رکيل آهي پوءِ ان غيبت واري زماني ۾ الله پاڪ جو ٻانهو ان کان ڊڄي ۽ پنهنجي دين کي مضبوطيءَ سان پڪڙي

  6_ نبي سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندس اهل بيت عليهم السلام جن جي سيرت طيبه ڏانهن رجوع ڪرڻ

اسان جي ذميوارين منجهان هڪ نهايت ئي اهم ذميواري هي آهي ته  زمان غيبت ۾ جيڪو هڪ سخت ترين دور آهي جنهن ۾ هڪ پاڪ زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي نبي پاڪ ۽ سندن اهل بيت جي سيرت طيبه کي سڃاڻي ڪري ان جي مطابق زندگي گذاريون ۽ مشڪلاتن ۾ انهن ڏانهن رجوع ڪريون ، جيئن ته اميه بن القيسي جي روايت ۾ بيان ٿيل آهي ته :

) قَالَ قُلْتُ لِأَبِي جَعْفَرٍ مُحَمَّدِ بْنِ عَلِيٍّ الرِّضَا ع مَنِ الْخَلَفُ بَعْدَكَ ؟ قَالَ ابْنِي عَلِيٌّ ابْنِي عَلِيٌّ ثُمَّ أَطْرَقَ مَلِيّاً ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ثُمَّ قَالَ إِنَّهَا سَتَكُونُ حَيْرَةٌ قُلْتُ فَإِذَا كَانَ ذَلِكَ فَإِلَى مَنْ ؟ فَسَكَتَ ثُمَّ قَالَ لَا أَيْنَ حَتَّى قَالَهَا ثَلَاثاً فَأَعَدْتُ فَقَالَ إِلَى الْمَدِينَةِ فَقُلْتُ أَيِّ الْمُدُنِ ؟ فَقَالَ مَدِينَتِنَا هَذِهِ وَ هَلْ مَدِينَةٌ غَيْرُهَا ( ؟ (16)

اميه بن القيسي چوي ٿو ته مون امام جواد عليه السلام کي چيو ته : توهان کان پوءِ توهان جو جانشين ڪير آهي ؟ امام وراڻيو : مهنجو فرزند علي (امام هادي عليه السلام ۽ ان جا ٻه فرزند (يعني امام حسن عسڪري ، ۽ امام زمانه عجل الله تعالى فرجه الشريف) تنهن کان پوءِ امام پنهنجي سر مبارڪ  کي چند گهڙين لاءِ جهڪايو ۽ پوءِ سر مبارڪ مٿي کڻي ارشاد فرمايو : بيشڪ نهايت ئي هڪ سختي ۽ حيرت (غيبت امام) وارو زمانو تمام ويجهو اچڻ وارو آهي ، مون عرض ڪيو : ته مولا جڏهن اهو زمانو ايندو ته اسان ڪهڙي طرف وڃون ؟ امام عليه السلام خاموشي اختيار ڪئي ۽ پوءِ ارشاد فرمايائون : ڪٿي به نه ، ايستائين جو ان ڳالهه کي ٽي مرتبه دُهريائون . پر مون وري پنهنجو سوال دُهرايو ، تنهن تي امام عليه السلام فرمايو : مديني ڏانهن رجوع ڪريو  ، عرض ڪيم : ڪهڙي شهر ڏانهن رجوع ڪريون ؟ امام عليه السلام فرمايو :انهيءَ اسان واري مديني طرف ۽ هن مديني کان سواءِ ٻيو به ڪو مدينو آهي ڇا ؟ 

ان حديث ۾ امام عليه السلام جي خاموشيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته غيبت واري زماني ۾ ڪو به امام عليه السلام جي ظاهري وجود جي ڪميءَ کي پورو نٿو ڪري سگهي ۽ امام وانگر يقيني طور تي ڪو به مشڪلاتن کي حل نٿو ڪري سگهي ، ليڪن ان حديث ۾ امام عليه السلام غيبت واري زماني ۾ مديني  کي مرڪز بڻايو آهي تاڪه ماڻهو گمراهه نه ٿين ۽ ثابت قدم رهن ، هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته امام مديني کي ڪهڙي عنوان تحت مرڪز بڻايو آهي ؟ امام عليه السلام جو ڇا مقصد آهي ؟ ان جو جواب هن نموني سان پيش ڪري سگهجي ٿو ته اسان مڙني کي خبر آهي ته مديني ۾ وحي الاهي جو نزول ٿيندو هو ۽ اهل بيت عليهم السلام جي سيرت پڻ مديني جي شهر ۾ وجود ۾ آئي ، بس امام عليه السلام جو مقصد ۽ هدف مديني شهر جون ڀتيون ۽ دروازا نه آهن ، مديني شهر جا ماڻهو نه آهن بلڪي شايد امام پاڪ جو مقصد ۽ هدف هي هجي ته هر دور ۾ رهڻ وارو انسان پنهنجي پاڻ کي زمان ۽ مکان جي قيد کان آزاد ڪري ۽ ٽي صديون جيڪي پهري گذريون آهن شهر مديني ۾ انهن ڏانهن ڌيان ڌري ۽ آئمه معصومين عليهم السلام جي سيرت طيبه کي پرکي ۽ ان کي عملي لباس پارائي پنهنجي ذميواري کي ڀلي نموني سان انجام ڏئي .

7_ غيبت جو انڪار نه ڪرڻ

اسان جي ذميوارين منجهان هڪ ذميواري هي آهي ته غيبت امام عليه السلام جو انڪار نه ڪريون ، ان تي ايمان آڻيون ڇو جو جيڪا به خبر اسان وٽ پهچي ٿي ان جو پهريون مرحلو هي آهي ته اسان ان جو انڪار نه ڪريون بلڪي جاچ پڙتال ڪيون تاڪه ان جي هجڻ يا وري نه هجڻ جي باري ۾ يقين حاصل ٿئي. جيئن ته امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا :

) إِنْ بَلَغَكُمْ عَنْ صَاحِبِكُمْ غَيْبَةٌ فَلَا تُنْكِرُوهَا(  (17)

اگر توهان جي صاحب (امام) جي غائب هجڻ جي خبر توهان وٽ پهچي ته ان جو انڪار نه ڪجو.

8_ فقهاء ۽ مراجع تقليد سان لاڳاپو رکڻ

امام جي هر حقيقي انتظار ڪرڻ واري لاءِ لازمي آهي ته غيبت واري دور ۾ پنهنجي پاڻ کي آزاد نه سمجهي ، پنهنجي پاڻ کي هر تڪليف کان آجو تصور نه ڪري بلڪي آئمه معصومين عليهم السلام اسان لاءِ معين ڪري ويا آهن ته غيبت واري زماني ۾ اسان جي جامع الشرائط فقيهن ڏانهن مراجعو ڪجو ، جيئن ته خود امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف) اسحاق بن يعقوب جي جواب ۾ هڪ خط (توقيع) لکن ٿا جنهن ۾ امام ارشاد فرمائن ٿا ته :

) أَمَّا الْحَوَادِثُ الْوَاقِعَةُ فَارْجِعُوا فِيهَا إِلَى رُوَاةِ حَدِيثِنَا فَإِنَّهُمْ حُجَّتِي عَلَيْكُمْ وَ أَنَا حُجَّةُ الله عليهم ( (18)

جيڪي واقعا حادثا (ايندڙ زماني ۾) پيش ايندا انهن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان جي حديثن کي روايت ڪرڻ وارن ڏانهن رجوع ڪيو ڇاڪاڻ ته اهي توهان لاءِ  منهنجي طرفان حجت آهن ۽ آئون هنن جي لاءِ حجت آهيان .

نتيجو :

 هي ته انهن کان سواءِ ٻيون پڻ کوڙ ساريون ذميواريون غيبت امام جي دور ۾ بيان ٿيل آهن ليڪن انهن سڀني کي بيان ڪرڻ هتي هدف ۽ مقصد ناهي فقط چند اهم ذميوارين کي ذڪر ڪيو ويو آهي ، هاڻي اسان تي لازم آهي ته انهن ذميوارين کي نڀائي ڪري  امام جي حقيقي انتظار ڪرڻ وارن ۾ شامل ٿيون ۽ پنهنجي اولاد جي صحيح تربيت ڪري ان کي مولا جو حقيقي ۽ سچو منتظر بڻايون ته جيئن امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف) جي ظهور لاءِ زمينه سازي ٿئي ۽ الله پاڪ جي چاهت سان امام جو ظهور ٿئي تاڪه پوري دنيا ۾ عدل ۽ انصاف واري حڪومت قائم ٿئي . آخر ۾ ڌڻيءَ در دعا ٿا گهرون ته اسان مڙني کي امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف) جي معرفت ۽ ان جو حقيقي منتظر ٿيڻ جي توفيق ڏئي

حوالا :

(1). تکاليف الانام في غيبة الامام،  ص

(2).مڪيال المکارم في فوائدِ الدعاء للقائم (در معرفت و ولايت امام زمان عليه‏السلام) ج 2 ص

(3)‏. وسائل‏الشيعة ج : 27 ص : 34.

(4). بحارالانوار : ج:  5 ، باب 15 ، ص: 312 .

(5).ساڳيو ، ج : ‏8، ص : ‏368 ، ۽ ينابيع المودة ، ج : ‏3 ، ص : ‏372 .

(6). ڪمال الدين، ج‏2، ص‏512 .

(7) .بحارالانوار  ، ج  : 51 ، باب  : 6  ، ص :  146  .

(8). )کتاب الغيبة، ص:107.

(9).ساڳيو ، ص : 104.

(10).ساڳيو ، ص : 105.

(11). ساڳيو .

(12). ساڳيو.

(13). ساڳيو .ص : 106

(14). بحارالانوار ، ج : 52 ، باب : 22 ،ص : 133  

(15). ساڳيو ، ص : 135 

(16). کامل سليمان، روزگار رهائي ج : 1، ص : 344.  

(17). ڪافي ، ج : 1 ، ص : 340 .

(18) . وسائل‏الشيعة ج 27باب  11ص : 140  

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید