سومر, 16 سيپٽمبر 2019

ختم نبوت ۽ امامت جو سلسلو

  • انداز قلم

ختم نبوت، اسلامي عقيدن منجھان هڪ بنيادي عقيدو آهي، جنهن جو مطلب پاڻ سڳورنصلي الله عليه وآله وسلم جي نبوت سان نبين (ع) جي سلسلي جي پڄاڻي آهي. ڪيترين ئي آيتن ۽ حديثن ۾ پيغمبر اڪرم (ص)

عقائد

جن کي خاتم الانبياء ۽ سندن شريعت کي آخري شريعت جي طور تي ياد ڪيو ويو آهي. پر هتي ڪجھ سوال اڀرندي نظر اچن ٿا ته : ڇا خاتميت جو راز انساني عقل جو پنهنجي ڪمال جي ان حد تي پهچڻ آهي جنهن کان پوءِ کيس خدائي هدايت جي ضرورت نه ٿي رهي،پوءِ اها هدايت، امامت جي صورت ۾ ئي ڇو نه هجي؟ يا نه عقل ترقي جون ڪيتريون به منزلون طئي ڪري وڃي پر پوءِ به هر گھڙي هر پل، معصوم امام عليه السلام جي هدايت جو محتاج آهي؟

۽ ڪڏهن ته خود خاتميت واري مسئلي کي ئي اعتراض جوڳو ٺاهيندي چيو وڃي ٿو ته هڪ طرف کان انسان جي زندگي لڳاتار تبديلين ۾ آهي جنهن کي هر روز ڪيترائي نوان مسئلا پيش اچن ٿا جنهن جو جواب شريعت ۽ دين کي ڏيڻ گھرجي ۽ ٻئي پاسي کان وري اهو نظر اچي ٿو ته دين جا سڀئي حڪم گذريل زماني ۾ بيان ٿيا جيڪي ان وقت جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ڏنا ويا ۽ ان کان پوءِ نبوت جوسلسلو ئي پڄاڻي تي پهتو، جڏهن ته هاڻوڪو زمانو ۽ ان جون تقاضائون پهرين کان ڪيتري قدر مَٽجي ويون آهن ۽ ائين ئي وقت جي گذرڻ سان تقاضائون ۽ ضرورتون به مٽجنديون رهن ٿيون ته پوءِ اهڙي صورت ۾ اهو چئي سگھجي ٿو ته خاتميت، دين ۽ شريعت جي هميشگي جو ثبوت آهي؟جڏهن نبوت جو سلسلو پڄاڻي تي پهچي ٿو ته پوءِ انساني معاشري ۾ هر دور جي نون مسئلن جو جواب ڪيئن ڏنو ويندو؟

حقيقت اها آهي ته هي سڀ سوال يا اعتراض خاتميت جي معنيٰ ۽ تفسير جي آڌار تي آهن جيڪڏهن خاتميت جي حقيقي تفسير صحيح طريقي سان ڪئي وڃي ته خاتميت کان پوءِ امامت جي صورت ۾ خدائي هدايت جو تصور نه رڳو صحيح نظر ايندو بلڪه ضروري هجڻ به ثابت ٿيندو ۽ پاڻ سڳورنصلي الله عليه وآله وسلم جي ٻڌايل دين ۽ شريعت جي هميشگي تي پڻ اعتراض غلط ثابت ٿيندو.جيتوڻيڪ خاتميت جي باري ۾ جيڪي تفسيرون ۽ جيڪي راز بيان ڪيا ويا آهن انهن سڀني کي بيان ڪرڻ لاءِ ته هڪ ڪتاب جي ضرورت آهي پر هن مختصر مقالي ۾ اها ڪوشش ڪئي ويندي ته خاتميت بابت حقيقي معنيٰ کي بيان ڪري سگھجي ته جيئن پيغمبر اڪرم (ص) جي خاتم الانبياء هجڻ ۽ امامت جي صورت ۾ ان سلسلي جي اڳتي وڌڻ کي بهتر طريقي سان پروڙي سگھجي.

 

خاتميت ۽ ان جي تفسير

اهاڳالھ ويچار جوڳي آهي ته ڇا سبب ۽ راز هو جومختلف شريعتن جي اچڻ ۽ گھڻن نبين جي بعثت کان پوءِ جڏهن پيغبر اڪرم (ص) نبوت ۽ رسالت جو عهدو سنڀاليو ته انهن کان پوءِ نبوت جو سلسلو ئي رڪجي ويو؟ ٻين لفظن ۾ ائين چئون ته خاتميت جي حقيقي تفسير ۽ ان جو فلسفو ڇا آهي؟ هن باري ۾ ڪيترائي نظريا بيان ٿيا ۽ ڪتاب به لکيا ويا پر اسان اختصار کي نظر ۾ رکندي خاتميت جي فقط صحيح تفسير بيان ڪريون ٿا .

خاتميت جي بهترين تفسير

خاتميت جي بهترين تفسير لاءِ اسان کي ٻه شيون ذهن ۾ رکڻ گھرجن:

 1_ تبليغي نبوت جو ختم ٿيڻ 2_ تشريعي نبوت جو ختم ٿيڻ

نبين(ع) منجهان ڪجھ اهڙا نبي آيا جيڪي پاڻ ڪا شريعت نه کڻي آيا پر صاحبِ شريعت نبي جي آيين جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ ڪجھ وري نبي هڪ نئين شريعت سان موڪليا ويندا هئا. جيڪڏهن تاريخ جي هن ڊگھي عرصي تي نگاھ ڪئي وڃي ته اهو نظر ايندو ته نبين ۾ صاحبِ شريعت نبي گھٽ هئا پر گھڻي تعداد ۾ نبي، تبليغي نبي نظر اچن ٿا جيڪي صاحبِ شريعت نبين جي آيين ۽ احڪام جي تبليغ ۽ ترويج ڪندا هئا ۽ پاڻ سڳورن (ص) جي نبوت کان پوءِ نه ڪا نئين شريعت اچڻي آهي ۽ نه ئي ڪو نبي ان شريعت جي تبليغ لاءِ اچڻو آهي. مطلب تشريعي نبوت به ختم ته تبليغي نبوت به ختم ٿي وئي. هر هڪ جي تفصيل هيٺ بيان ڪجي ٿي:

1_ تبليغي نبوت جو ختم ٿيڻ :

انسان، تبليغي نبوت جو ان وقت محتاج هو جڏهن هو پاڻ خدا جي آيين ۽ دين جي تبليغ ۽ ٻين کي دعوت ڏيڻ جي سگھ ۽ صلاحيت نه رکندو هو . جيئن ته شهيد مطهري چون ٿا: “علم ۽ عقل ٻين لفظن ۾ انسانيت جو ترقي ڪرڻ خود بخود سبب ٿيو جو تبليغي نبوت ختم ٿئي ۽ عالمَ، نبين(ع) جي تبليغ واري ڪم کي سنڀالن”(1) مطلب پاڻ سڳورنصلي الله عليه وآله وسلم جي نبوت کان بعد انساني معاشري جو عقل ۽ علم جي لحاظ کان آڳاٽي زماني کان گھڻو بهتر ٿيڻ ۽ خدا جي طرف کان امامت جهڙو عظيم ۽ معصوم منصب جو به ڪجھ خاص ٻانهن کي ملڻ، سبب هو جو تبليغي نبوت پڄاڻي تي پهچي.

2_ تشريعي نبوت جو ختم ٿيڻ:

پيغمبر اسلام (ص) جي ظهور کان پوءِ تشريعي نبوت جي ختم ٿيڻ (يعني ڪنهن به نئين شريعت جي نه اچڻ) جو راز،معرفت ۽ علم جا اهي وسيلا (قرآن، سنت، عقل وغيره ) آهن جن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خاتميت جو رڪن شمار ٿئي ٿو. جنهن جي تفصيل هيٺ بيان ڪجي ٿي:

الف) قرآن

خاتميت جو اصلي ۽ بنيادي رڪن قرآن ڪريم آهي. جيڪو ڪنهن به قسم جي تحريف کان پاڪ انسان جي هدايت جو بهترين ذريعو آهي. تحقيقي ميدان ۽ هر دور جي مسئلن جي حل ۾ قرآن تازو نظر اچي ٿو، جيئن جيئن انساني علم جي گِهرائي وسيع ۽ عميق ٿيندي ويندي ۽ جهالت جا پردا چيربا ويندا، قرآن جي تازگي ۽ نواڻ به روشن  ٿيندي ويندي.(2) ۽ قرآن جي اها تازگي ۽ نواڻ رڳو فقهي مسئلن ۾ نه بلڪه اعتقادي، اخلاقي ۽ ٻين مڙني مسئلن ۾ نظر اچي ٿي. جيئن ته پاڻ سڳورا (ص) فرمائن ٿا:

ظَاهِرُهُ أَنِيقٌ وَ بَاطِنُهُ عَمِيقٌ لَهُ نُجُومٌ وَ عَلَى نُجُومِهِ نُجُومٌ لَاتُحْصَى عَجَائِبُهُ وَلَاتُبْلَى غَرَائِبُهُ فِيهِ مَصَابِيحُ الْهُدَى وَمَنَارُ الْحِكْمَةِ وَدَلِيلٌ عَلَى الْمَعْرِفَةِ .(3)

ان (قرآن) جو ظاهر سهڻو ۽ باطن گِهرو آهي، جنهن جا ستارا آهن انهن ستارن مٿان وري ستارا آهن، جنهن جي عجائب کي ڳڻي نٿو سگھجي ۽ ان جا غرائب (احڪام، قصا وغيره) پراڻا نه ٿا ٿين، ان ۾ هدايت جا چراغ ، حڪمت جا منارا آهن، ۽ اهو قرآن معرفت جي دليل آهي.

امام صادق عليه السلام پڻ قرآن جي نواڻ جي بابت ٿيندڙ سوال جي جواب ۾ فرمائن ٿا:

لانه لم ينزل لزمان دون زمان و لا لناس دون ناس و لذلک ففي کل زمان جديد و عند کل ناس غص.(4)

ڇاڪاڻ ته قرآن ڪنهن خاص وقت ۽ زماني يا ڪن خاص ماڻهن لاءِ نازل نه ٿيو آهي (بلڪه هر زماني ۽ هر ماڻهو لاءِ آهي) انڪري هر دور ۾ ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ هي نئون ۽ تازو آهي.

ب) سنت پيغبمر اڪرم (ص)

قرآن جيڪو خاتميت جو بنيادي رڪن آهي خود نبي پاڪصلي الله عليه وآله وسلم جي سنت تي پڻ تاڪيد ڪندي نظر اچي ٿو. ارشاد ٿئي ٿو ” يَاأَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ أَطِيعُواْ اللّهَ وَأَطِيعُواْ الرَّسُولَ... .(5)

يعني حقيقت ۾ پاڻ سڳورنصلي الله عليه وآله وسلم جي خاتميت جو هڪ ٻيو رڪن قرآن سان گڏ سندن سنت جو معتبر هجڻ آهي جنهن کي معرفت جو هڪ ذريعو قرار ڏنو ويو آهي.

ج) امامت

خاتميت جو هڪ ٻيو رڪن امامت آهي. جيتوڻيڪ اهو صحيح آهي ته تبليغي نبوت جي ختم ٿيڻ جو راز علم ۽ عقلي دور جو شروع ٿيڻ آهي جو هاڻي انسان اها صلاحيت رکي ٿو جو شريعت ۽ خدائي آيين جي تبليغ ۽ ترويج ڪري سگھي پر ڇا اهو چوڻ صحيح آهي ته انساني عقل ايتري حد تائين ترقي ماڻي چڪو آهي جو کيس هدايت جي ضرورت ئي نه آهي؟ ڇا اهو به چوڻ صحيح آهي جو امامت جيڪو خدائي منصب آهي ان کان سواءِ هي عقل، دين جي مڙني حڪمن کي پرکڻ ۽ هر دور ۾ ان جي حفاظت ۽ نون نون مسئلن کي جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو؟ جڏهن اسان پنهنجي دنياوي مختلف علمن ۾ پوري طرح سان ڄاڻ پيدا نه ٿا ڪري سگھون وڌ ۾ وڌ هڪ يا ٻن علمن جي حد تائين منفرد ۽ ماهر ٿي سگھون ٿا ۽ باقي مسئلن ۾ اهڙي شخص ڏانهن رجوع ڪريون ٿا جيڪو ان علم ۾ مهارت رکي ٿو ۽ اسان کي پنهنجو عقل به اهو ئي چوي ٿو ته پوءِ انسان جو هي عقل اها دعوا ڪيئن ڪري سگھي ٿو ته ديني هدايت جي اعتبار سان کيس ڪنهن به اهڙي هدايت جي ضرورت نه آهي جيڪا عصمت جي درجي تي فائز هجي؟ خاتميت جي تفسير ڪندي جيڪو خاتميت ۽ امامت کي متضاد سمجھي ٿو حقيقت ۾ امامت نه رڳو خاتميت جي متضاد نه آهي بلڪه خاتميت جو فلسفو ۽ ان جو هڪ اساسي رڪن امامت به آهي. جيتوڻيڪ تشريعي ۽ تبليغي نبوت جي پڄاڻي سان نه ئي ڪو نبي اچڻو آهي ۽ نه ئي ڪا شريعت پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي جو الهام ۽ فرشتن جي نزول ذريعي خدا سان رابطي جو سلسلو ئي بند ٿي وڃي؛ ڇاڪاڻ ته خاتميت سان الهام ۽ فرشتن جي نزول جو ڪو به تضاد نه آهي، بلڪه اهو ته لازمي آهي جو نبوت کان پوءِ هر زماني ۾ خدا جي طرف کان هڪ اهڙو هدايت ڪندڙ هجي جيڪو شريعت جي حفاظت ڪري، شريعت ۽ الله جي آيين کي ڪنهن به تحريف کان محفوظ رکي ۽ قرآن جي ٻڌايل اصول ۽ قاعدن مان هر دور جي نون مسئلن جو جواب تيار ڪري. اهو ئي سبب آهي جو قرآن جيڪو خاتميت جو بنيادي رڪن آهي پيغبر اڪرم (ص) کان پوءِ معصوم امام عليه السلام جي ئي اطاعت کي واجب قرار ڏئي رهيو آهي. ارشاد ٿئي ٿو:

يَاأَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ أَطِيعُواْ اللّهَ وَأَطِيعُواْ الرَّسُولَ وَ أُوْلِي الأَمْرِ مِنكُمْ (6)

اي ايمان وارو! الله جي اطاعت ڪريو ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪريو ۽ انهن جي به جيڪي صاحب امر آهن. روايتن جي روشني ۾ اولي الامر (صاحب امر) مان مراد، ائمه اطهار(ع) آهن.

۽ پاڻ سڳورنصلي الله عليه وآله وسلم جي مشهور حديث جيڪا “حديث ثقلين” سان معروف آهي پڻ اسلام جي هميشگي ۽ بقا کي قرآن ۽ پيغمبر (ص) جي عترت جي گڏ هجڻ کي ئي ٻڌائي رهي آهي. پاڻ سڳوراصلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا:

آءُ توهان جي درميان ٻه وزني شيون ڇڏيو ٿو وڃان: الله جو ڪتاب ۽ پنهنجي عترت. جيستائين ان سان لاڳاپيل هوندؤ ڪڏهن به گمراھ نه ٿيندؤ، هي ٻئي ڪڏهن به هڪٻئي کان جدا نه ٿيندا ايتري تائين جو حوض (ڪوثر) تي مون وٽ ايندا.(7)

مٿين آيت ۽ حديث ۾ معصوم امام عليه السلام جي حاڪميت چڱي ريت سمجھ ۾ اچي ٿي ۽ امامت رڳو ديني مسئلن ۾ حاڪميت ۽ رهبري جو ڪردار نه ٿي رکي، بلڪه اجتماعي، سياسي ۽ حڪومتي مسئلن ۾ امامت انسانيت لاءِ رهنما ۽ هدايت ڪندڙ آهي، اسلامي معاشرو پاڻ سڳورن (ص) جي زندگي ۾ بيان ٿيل مڙني مسئلن ۾ انسانيت جي رهنمائي ڪري رهيو هو ۽ خاتميت جو ڪمال به ان ۾ آهي ته قيامت تائين اهو سلسلو ساڳي طرح، امامت جي صورت ۾ جيڪو هڪ خدائي منصب آهي جنهن جي رهنمائي ۾ ڪڏهن به ڪا خطا نٿي ٿي سگھي، هلندو رهي. آيت الله جوادي آملي چون ٿا:

“ خاتميت ۽ دين جو ڪمال ان ۾ آهي جو نبوت جو سلسلو پيغمبر اڪرم (ص) جي رحلت کان بعد ۾ به ساڳي طرح هلندو رهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن قرآن سان گڏ عترت (ع) به باقي رهي.”(8)

د) عقل

عقل کي قرآن ۽ سنت سان گڏ، معرفت جي وسيلن مان هڪ وسيلي طور متعارف ڪرائڻ ۽ اسلامي تعليمات ۾ اجتهاد ۽ دين ۾ غور ۽ فڪر جي دعوت ڏيڻ سان حقيقت ۾ خاتميت جي هڪ ٻئي رڪن کي وجود ملي ٿو. عقل کي جيڪا اهميت دين اسلام ۾ ملي آهي هوند ڪنهن ٻئي دين ۾ ايتري اهميت هجي، قرآن مجيد ۾ ٽي سؤ کان وڌيڪ آيتون انسانن کي خدا جي نشانين ۾ فڪر ۽ ويچار جي دعوت ڏين ٿيون.(9)  اسلام جي نظر ۾ عقل کي اعتبار ڏيڻ ان ڳالھ کي واضح ڪري ٿو ته اسلامي احڪام، انساني عقل ۽ فطرت سان پوري طرح مطابقت رکن ٿا؛ اهو ئي سبب آهي جو اسلام جو ڪو به حڪم، عقل ۽ پاڪ فطرت جي واضح حڪمن جي متضاد ۽ مخالف نظر نه ايندو.

دين جي ڪامل هجڻ جو مطلب اهو نه آهي جو پهرين کان هر علمي ۽ عملي مسئلي جو جواب تيار ڪيو ويو هجي، بلڪه دين جي ڪامل هجڻ جو مطلب اهو آهي ته: دين، معرفت جي ڪجھ اهڙن ذريعن ۽ وسيلن کي فراهم ڪري جن ذريعي خدا ۽ ان جي دين کي بهتر طريقي سان سمجھيو وڃي ۽ هر دور جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو امامت ۽ اجتهاد خاتميت جي رڪنن کي مڪمل ڪندي هر دور ۾ شريعت جي ڪامل هجڻ کي ثابت ڪري رهيا آهن. آيت الله جوادي آملي ان سلسلي ۾ چون ٿا:

“ اجتهاد، شريعت جي ڪليت ۽ مجموعيت جي صفت رکندڙ حڪمن کي نون موضوعن سميت ٻين مڙني موضوعن جي نسبت بيان ڪري ٿو ۽ نبوت ۽ ولايت جي سلسلي جو (امامت جي صورت ۾) وڌڻ حقيقت ۾ مسلمانن جي اجتماعي ۽ معاشرتي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو.” (10)

ھ) پيغمبر اڪرم (ص) جي شخصيت

خاتميت جي تحليل ۽ تفسير ۾ پاڻ سڳورن(ص) جي شخصيت پڻ نظر ۾ رکڻ تمام ضروري آهي؛ ڇاڪاڻ ته رسول اڪرم (ص) جي عظيم ۽ ڪامل شخصيت انسان لاءِ هڪ دائمي ۽ هميشه جي سعادت جو پيغام کڻي اچڻ ۾ اهم ترين ڪردار رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو عارفن جيڪا خاتميت جي تحليل ڪئي آهي تنهن ۾ اهي پيغمبر اڪرم (ص) جي شخصيت ۽ وجودي مرتبن ۾ سندن ڪمال تي پهچڻ جي تمام گھڻي تاڪيد ڪئي آهي. (11) آيت الله جوادي آملي، خاتم الانبياء جي مقام تي فائز ٿيندڙ هستي لاءِ چون ٿا:

“ مادي ۽ ناسوت کان گذري ملڪوت ۽ اتان جبروت پهچي، لوح محفوظ ۽ ڪتاب مبين جو مطالعو ڪندي خدا جي خزانن جي ڄاڻ حاصل ڪري وجود جي ٻن مرحلن نزول ۽ صعود کي طئي ڪندي “او ادنيٰ ” جي مقام تي خدا سان ملاقات ڪري، ڇاڪاڻ ته جيڪو به ڪنهن لاءِ آئڊيل ۽ نموني عمل ٿئي ٿو اهو جيتري قدر ڪامل هوندو پنهنجي پوئلڳن کي به اوتري قدر راھ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ خاتم الانبياء هڪ اهڙو نموني عمل آهي جيڪو مڙني وجودي جهانن ۽ مرتبن کي ڏسي چڪو هجي ۽ ان رستي سان ڪامل ترين قانون، خدا جي ٻانهن تائين پهچائي.” (12)

هن نظرئي جي مطابق،خاتم الانبياء اهو شخص ٿي سگھي ٿو جيڪو ڪمال جي مڙني مرحلن ۽ مرتبن کي طي ڪري چڪو هجي. ۽ وحي جي اعتبار سان کانئن ڪوبه نقطو باقي نه رهيو هجي.

مٿين بيان ٿيل خاتميت جي رڪنن مان اها ڳالھ چڱي ريت واضح ٿئي ٿي ته تبليغي نبوت جو ختم ٿيڻ جو سبب عقل ۽ علم جي ترقي سان گڏوگڏ امامت جو وجود آهي ۽ تشريعي نبوت جي ختم ٿيڻ جو سبب قرآن جي صورت ۾ زوال ناپذير قوانين جو مجموعو ۽ ان سان گڏ سنت ۽ عقل جو ديني معرفتن لاءِ حجت ۽ اعتبار جوڳو قرار ڏيڻ آهي.

خاتميت ۽ هر دور  جي تقاضائن ۽ ضرورتن جو تبديل ٿيڻ

خاتميت جي معنيٰ ۽ فلسفي جي معلوم ٿيڻ ۽ ان کان پوءِ امامت جي سلسلي جي ضروري هجڻ جي ثابت ٿيڻ کان پوءِ هت هڪ سوال باقي رهي ٿو، جنهن جي باري ۾ مقالي جي شروع ۾ به اشارو ٿي گذريو ته ممڪن آهي ڪير اهو چوي ته هاڻوڪو دور، خاتميت واري عرصي کان گھڻو تبديل ٿي چڪو آهي ۽ اڃان به تبديلي ڏانهن ئي آهي ۽ هر دور جون تقاضائون پڻ ان دور جي حساب سان تبديل ٿينديون رهن ٿيون جڏهن ته اسلامي قانون ۽ قاعدا گھڻو اڳ بيان ٿي ويا ان اعتبار سان خاتميت ۽ اسلام جي قانون ۽ قاعدن جو ڪيئن دفاع ڪري سگھجي ٿو؟

مٿين سوال جو صحيح ۽ بهترين جواب اهو آهي ته:

 جيتوڻيڪ اسلامي قانون ۽ شريعت، اڳ بيان ٿي آهي پر ائين هرگز نه آهي جو اهي قانون ۽ قاعدا جزوي ۽ ان وقت سان محدود هئا؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها شريعت ان زماني سان مخصوص هئي ته پوءِ ان جو نسخ ٿيڻ يا تبديل ٿيڻ به تصور جي قابل هو جڏهن ته خاتميت جو مطلب اهو آهي ته اها شريعت هميشه لاءِ آهي جنهن ۾ ڪا نسخ يا تبديلي ممڪن نه آهي ۽ اها ئي شريعت هر دور ۾ ان جي تقاضائن کي به پورو ڪري ٿي،جنهن جي ثابتي لاءِ جيڪڏهن هن آخري شريعت جي ڪجھ بنيادي رڪنن تي ويچار ڪيو وڃي ته اها ڳالھ چڱي ريت واضح ٿي ويندي ته هي شريعت هر زمان لاءِ جواب ڏيندڙ آهي. شريعت جي اهڙن بنيادي رڪنن کي مختصر طور تي هيٺ بيان ڪجي ٿو:

1_ اوّلي حڪم (پهرين طبقي جا حڪم) ۽

2_ ثانوي حڪم (ٻئي طبقي جا احڪام)

اسلام ۾ ٻن قسمن جا حڪم موجود آهن:

الف) پهرين طبقي جا احڪام: هن قسم جا قانون ۽ حڪم انسان جي معمول واري زندگي سان واسطو رکن ٿا جهڙوڪ هر انسان تي رمضان جي مهيني ۾ روزي جو واجب هجڻ.

ب) ٻئي طبقي جا احڪام: هن قسم جا قانون ۽ حڪم غير عادي حالتن ۽ اضطراري حالت سان واسطو رکن ٿا جهڙوڪ بيمار تي روزي جو واجب نه هجڻ ( انسان جو بيمار هجڻ ان جي معمول واري حالت نه بلڪه هڪ غير معمولي حالت آهي). يعني هي ٻئي قسم جا قانون

غير عادي ۽ مجبوري واري حالتن ۾ پهرين قسم جي قانون کي تبديل يا ختم ڪري سگھن ٿا جيئن مثال ۾ معلوم ٿيو ته عادي ۽ معمول واري حالت ۾ انسان تي رمضان جو روزو واجب آهي پر جيڪڏهن ساڳيو شخص عادي حالت کان نڪري وڃي ۽ مريض ٿي پئي جنهن لاءِ روزو نقصان جو سبب هجي ته ان لاءِ وري ٻئي قسم جي قانون مطابق روزو واجب نه آهي .

ته بس معلوم ٿيو ته هن شريعت ۾ جيڪي حڪم بيان ٿيا آهن تن ۾ عادي حالتن ۽ غير عادي حالتن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي ۽ اها هن شريعت جي وسعت ۽ اونهائي کي ٻڌائي رهي آهي.

2_ اسلام ۾ اجتهاد کي شرعي حيثيت ملڻ

اجتهاد جو مطلب، قرآن سنت ۽ عقلي واضح قاعدن ڏانهن رجوع ڪندي شرعي حڪمن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي. مجتهد به ان ئي طريقي سان شرعي حڪمن کي ان جي دليلن کي نظر ۾ رکندي بيان ڪندو آهي.

علمي ۽ عملي مسئلن ۾ ان جي ماهر جو هجڻ هر دور جي ضرورت رهي آهي، اهڙي ئي ريت شرعي حڪمن ۾ ڄاڻو ۽ ماهر ماڻهن جو هجڻ به اسلامي معاشري جي ضرورت آهي، ۽ اسلام ۾ اجتهاد کي شرعي حيثيت ڏيڻ جو سبب به اهڙي قسم جي ڄاڻو ۽ ماهر ماڻهن جي تربيت ڪرڻ آهي. (13)

شريعت جي هميشگي ۽ هر دور سان مطابق هجڻ ۾ اجتهاد جو اهم ڪردار آهي؛ ڇاڪاڻ ته اجتهاد جو مطلب قانون ۾ تبديلي نه آهي بلڪه هر دور جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي شريعت جي مجموعيت رکندڙ قانونن ۽ اصولن مان انهن نون مسئلن جو جواب پيداڪرڻ آهي. جيئن ته معصومن (ع) کان روايت آهي:

عَلَیْنَا اِلقاءُ الاُصولِ و علیكم التَّفْریعُ .(14)

اسان جو وظيفو، قاعدن ۽ اصولن کي بيان ڪرڻ آهي ۽ توهان جو وظيفو انهن قاعدن مان جزئي مسئلن کي بيان ڪرڻ آهي.

ائمه معصومين (ع) جي ان مطلب جو سبب اهو آهي ته: قاعدا ۽ اصول محدود آهن جنهن ۾ تبديلي  جو امڪان نه آهي پر جزئي مسئلا گھڻا ۽ ڳڻڻ جي قابل نه آهن انهن ۾ تبديلي جو به امڪان آهي. البته بعد ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن مان جيڪي مسئلا ، ائمه معصومين (ع) جي دور ۾ پڇا ويا تن جو جواب پاڻ بيان ڪيائون ۽ جيڪي مسئلا انهن جي زماني ۾ پيش نه آيا، يا انهن بابت ڪو سوال نه ڪيو ويو اهي مجتهدن جي ذمي ٿي ويا.

اتان کان معلوم ٿئي ٿو ته اجتهاد، اسلام جي تقويت ۾ ڪيتري قدر اهميت جو حامل آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف کان اسلام جا حڪم نسخ جي قابل نه آهن ۽ انهن ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي اچي ۽ ٻئي پاسي کان اجتهاد جي ذريعي نون مسئلن کي به جواب ڏئي سگھجي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته هر دور، ڪجھ نون مسئلن کي مجتهد اڳيان آڻي ٿو پر ان تبديلي سان اسلام جي اصول ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا تبديلي نه ٿي اچي. ۽ نون مسئلن جو حڪم به اجتهاد ذريعي بيان ٿئي ٿو، نتيجي ۾ آخري شريعت ۾ ايتري وسعت ۽ صلاحيت آهي جو اجتهاد ذريعي انسانيت جي هر دور ۾ نون مسئلن جو جواب ڏئي سگھي ٿي. (15)

3_ اسلامي حاڪم  ۽ والي کي مليل اختيارات

جيئن ته خاتميت جي رڪنن کي بيان ڪندي ان ڳالھ ڏانهن اشارو ڪيو ويو ته قرآن جيڪو خاتميت جو بنيادي رڪن آهي جتي نبوت جي پڄاڻي کي بيان ڪري ٿو  اتي ولايت کي پڻ دين اسلام لاءِ ڪمال ڄاڻائي ٿو. ارشاد ٿئي ٿو:

الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الإِسْلاَمَ دِينًا (16)

اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ اسلام کي دين جي طور تي پسند ڪيم.

هيءَ آيت متواتر حديثن جي روشنيءَ ۾ هڪ اهڙي واقعي سان تعلق رکي ٿي جيڪو غدير خم ۾ الله سائين جي حڪم سان پيغمبر اڪرم (ص) جي ذريعي واقع ٿيو. جنهن ۾ پيغمبرصلي الله عليه وآله وسلم حاجين جي هڪ عظيم اجتماع ۾ حضرت علي عليه السلام کي مسلمانن جي والي طور اعلان ڪيو، ۽فرمايائون :

مَنكُنتُمولاهفَهذاعَلیٌّمَوْلَاهُ.جنهن جو مان مولا آهيان ان جو هي علي مولا آهي.

علمِ عقائد ۽ ڪلام جي ڪتابن ۾ متڪلمن، عقلي ۽ لفظي قرينن کي نظر ۾ رکندي اهو ثابت ڪيو آهي ته هن ولايت مان مراد رهبري ۽ حڪومت آهي. ان اعتبار سان خاتميت جو هڪ اساسي رڪن حڪومت ۽ ولايت جو هجڻ آهي؛ ڇاڪاڻ ته اسلامي حاڪم ۽ والي، اسلامي احڪام ۽ معاشرتي ضرورتن جي نسبت جيڪا ڄاڻ رکي ٿو ان آڌار تي اها صلاحيت رکي ٿو جو معاشري جي نون مسئلن ۽ مشڪلات کي نظر ۾ رکي ڪو اقدام ڪري ۽ مختلف مسئلن کي اهم ۽ مهم جي فرق سان ترجيح ڏئي ڪو به فيصلو وٺي.

شريعت جي انهن سڀني رڪنن جو مطالعو ڪري جڏهن ويچار ڪبو ته اهو ئي نظر ايندو ته اسلام جا سڀ قانون ۽ قاعدا جيڪي پوري طرح انساني فطرت جي مطابق آهن اهي هر دور ۽ هر جاءِ تي ثابت آهن، جن ۾ تاريخ ۾ پيدا ٿيندڙ تبديليون ڪنهن به قسم جو ڪو اثر نه ٿيون رکن بلڪه انهن سڀني مسئلن جو جواب هن شريعت ۾ موجود آهي جيڪي هر نئين دور سان وجود ۾ اچن ٿا، جنهن ۾ خود شريعت جي حڪمن جي تنظيم ۽ طبقا بندي ، امامت جي صورت ۾ خدائي هدايت جو وجود ، اجتهاد ۽ اسلامي حاڪم ۽ والي کي مليل اختيارَ اهم ترين ڪردار ادا ڪن ٿا.

نتيجو

1_ خاتميت دين اسلام جي مسلّمات منجھان آهي جنهن تي آيتون ۽ حديثون گواھ آهن.


2_ خاتميت جي راز کي بهتر انداز ۾ سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته تبليغي ۽ تشريعي نبوت جي درميان فرق ڪري بحث ڪجي؛ ڇاڪاڻ ته انساني عقل ۽ علم جي ترقي ۽ ائمه معصومين (ع) جو خاتميت جي دور ۾ هجڻ تبليغي نبوت جي ختم ٿيڻ جو بنيادي راز آهي ۽ تشريعي نبوت جي پڄاڻي تي پهچڻ جو سبب قرآن جي صورت ۾ هميشه لاءِ انسان جي سعادت ۽ ڀلائي جو پيغام ، سنت ۽ پيغمبر اڪرم (ص) جي سيرت تي عمل کي واجب قرار ڏيڻ ، عقل کي معرفت جي سلسلي ۾ اعتبار جوڳو قرار ڏيڻ ۽ نبوت جي سلسلي جو امامت جي صورت ۾ اڳتي وڌڻ وارين خاتميت جي رڪنن ۾ ئي لڪل آهي.

 

حوالا

(1) ختم نبوت شهيد مطهري، ص 36.

(2) خاتميت، شهيد مطهري، ص 160_ 164

(3) الکافي . محمد بن يعقوب کليني، ج 2،  ڪتاب فضل القرآن، حديث 2

(4) عيون اخبار الرضا، شيخ صدوق، ص 239. (چاپ سنگي)

(5) نساء آيت 59

(6) نساء 59

 (7) حديث ڪهڙن ڪتابن ۾ ذڪر ٿي آهي ان لاءِ ڏسو: ڪتاب عصمت معصومان، حسن يوسفيان ۽ احمد حسين شريعتي، ص 322.

(8) شريعت در آئينه معرفت، عبد الله جوادي آملي، ص 214

 (9) الميزان، محمد حسين طباطبائي، ج5، ص 255.

(10) شريعت در آئينه معرفت، عبد الله جوادي آملي، ص 217

(11) مطلع خصوص الڪلم في معاني فصوص الحکم، داود بن محمود قيصري، ج2 ص455. ۽ گوهر مراد، عبد الرزاق لاهيجي، ص 370.

(12) شريعت در آئينه معرفت، عبد الله جوادي آملي، ص 209

(13) تفصيل لاءِ هنن ڪتابن کي ڏٺو وڃي: اصل الشيعه و اصولها، علامه ڪاشف الغطاء، ص 148_146، و تاريخ حصر الاجتهاد، علامه تهراني، ۽ ڪتاب اسلام و مقتضيات زمان، استاد مطهری، جلد 1.

(14) وسائل الشيعه، ج 18 ، ص 41

(15) وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ڪتاب اسلام و مقتضيات زمان، ج 1، ص 135_ 129، ۽ ڪتاب خاتميت، ص 140_133.

(16) مائده، 3.

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید