سومر, 13 جولاءِ 2020

خاڪ تي سجدي ڪرڻ جي حقيقت

  • انداز قلم

خاڪ تي سجدي ڪرڻ جي حقيقت

ڪجهه ماڻهو اهيو سوچيندا آهن ته خاڪ يا وري شهيدن جي تربت تي سجدو ڪرڻ ان جي عبادت ڪرڻ آهي ۽ اهيو هڪ قسم جو شرڪ آهي . انهن جي خدمت ۾ عرض آهي ته دوستو ”السجود لله“۽ ”السجود علي الارض“۾ وڏو فرق آهي،

عقائد

انهن جي سوچ ويچار مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن ٻن جملن ۾ هنن کي فرق محسوس نه ٿو ٿئي جڏهن ته ”السجود لله“جي معنى آهي الله پاڪ لاءِ سجدو ڪرڻ ۽ ”السجود علي الارض“ جي معنى آهي زمين تي سجدو ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سجدو الله پاڪ لاءِ هوندو آهي پر اهيو سجدو زمين تي ڪيو ويندو آهي، قانوني طور تي سڀئي مسلمان ڪنهن نه ڪنهن شيءِ تي سجدو ڪندا آهن جڏهن ته اهو سجدو الله پاڪ لاءِ هوندو آهي جهڙوڪ مسجد الحرام ۾ به ماڻهو پٿر تي سجدو ڪندا آهن جڏهن ته انهن جو مقصد الله پاڪ لاءِ سجدو ڪرڻ هوندو آهي. بس مٿي بيان مان واضح ٿئي ٿو ته خاڪ يا پنن يا وري ڪنهن ٻئي شيءِ تي سجدو ڪرڻ انهن جي عبادت ڪرڻ ناهي بلڪي انهن جي وسيلي الله پاڪ جي دربار ۾ پنهنجي پاڻ کي خاڪ سمجهندي رب پاڪ لاءِ سجدو ڪرڻ مقصد هوندو آهي ۽ ساڳي نموني اهيو پڻ واضح ٿئي ٿو ته خاڪ شفا تي سجدي ڪرڻ جو مطلب اهيو ناهي ته خاڪ شفا کي سجدو ڪيو ويو آهي بلڪي سجدو الله پاڪ کي آهي. جهڙوڪ الله سائين قرآن شريف ۾ ارشاد فرمائي ٿو: وَ لِلَّهِ يَسْجُدُ مَنْ فِي السَّماواتِ وَ الْأَرْضِ (1) الله پاڪ کي ئي زمين ۽ آسمان ۾ رهڻ واريون سڀ مخلوقات سجدو ڪنديون آهن.

۽ نبي پاڪ  صلي الله عليه وآله وسلم  پڻ انهيءَ باري ۾ ارشاد فرمائن ٿا ته: جُعِلَتْ لِيَ الْأَرْضُ مَسْجِداً وَ طَهُوراً (2) زمين کي منهنجي لاءِ سجدي ڪرڻ جي جاءِ ۽ پاڪيزه بڻايو ويو آهي.

ان حديث ۽ قرآن شريف جي آيت جي روشنيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته الله پاڪ لاءِ سجدو ڪرڻ ۽ زمين يا وري خاڪ شفا تي سجدي ڪرڻ ۾ ڪو به ٽڪراءُ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته مٽيءَ يا وري پنن تي سجدو ڪرڻ الله پاڪ جي دربار ۾ پنهنجي پاڻ کي نهايت ئي گهٽ سمجهڻ جي نشاني آهي انهيءَ باري ۾ امام صادق  عليه السلام  فرمائن ٿا ته: قَالَ هِشَامُ بْنُ الْحَكَمِ لِأَبِي عَبْدِ اللَّهِ ع أَخْبِرْنِي عَمَّا يَجُوزُ السُّجُودُ عَلَيْهِ وَ عَمَّا لَا يَجُوزُ قَالَ السُّجُودُ لَا يَجُوزُ إِلَّا عَلَى الْأَرْضِ أَوْ عَلَى مَا أَنْبَتَتِ الْأَرْضُ إِلَّا مَا أُكِلَ أَوْ لُبِسَ فَقَالَ لَهُ جُعِلْتُ فِدَاكَ مَا الْعِلَّةُ فِي ذَلِكَ قَالَ لِأَنَّ السُّجُودَ خُضُوعٌ لِلَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ فَلَا يَنْبَغِي أَنْ يَكُونَ عَلَى مَا يُؤْكَلُ أَوْ يُلْبَسُ لِأَنَّ أَبْنَاءَ الدُّنْيَا عَبِيدُ مَا يَأْكُلُونَ وَ يَلْبَسُونَ وَ السَّاجِدُ فِي سُجُودِهِ فِي عِبَادَةِ اللَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ فَلَا يَنْبَغِي أَنْ يَضَعَ جَبْهَتَهُ فِي سُجُودِهِ عَلَى مَعْبُودِ أَبْنَاءِ الدُّنْيَا الَّذِينَ اغْتَرُّوا بِغُرُورِهَا وَ السُّجُودُ عَلَى الْأَرْضِ أَفْضَلُ لِأَنَّهُ أَبْلَغُ فِي التَّوَاضُعِ وَ الْخُضُوعِ لِلَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ (3) هشام ابن حڪم چوي ٿو ته مون امام صادق  عليه السلام  جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته مولا مون کي ٻڌايو ته ڪهڙين شين تي سجدو ڪرڻ صحيح آهي ۽ ڪهڙين تي صحيح ناهي ؟

امام  عليه السلام  وراڻيو ته سجدو فقط زمين ۽ انهي منجهان فٽندڙ شين تي ڪري سگهجي ٿو کائڻ پيئڻ وارين شين تي سجدو نه ٿو ڪري سگهجي. مون عرض ڪيو ته مولا منهنجا ماءِ پيءِ توهان تي قربان ٿين ان جو ڇا سبب آهي ؟ امام ( عليه السلام ) فرمايو: ته سجدو الله پاڪ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي گهٽ سمجهڻ جو نالو آهي پوءِ اهيو صحيح ناهي جو کائڻ پيئڻ وارين شين تي سجدو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو دنيا کي پوڄيندڙ ماڻهو کاڌي خوراڪ ۽ لباس جا ٻانها هوندا آهن جڏهن ته سجدي جي حالت ۾ انسان الله پاڪ جي عبادت ۾ مشغول هوندو آهي بس اهيو مناسب نه آهي ته انسان پنهنجي پيشاني کي انهن شيئين تي رکي جن کي دنيا پوڄيندڙ ماڻهو پنهنجو معبود سمجهن ٿا ۽ اهي ماڻهو دنيا جي چڪر ۾ اچي ويا آهن جڏهن ته زمين تي سجدو ڪرڻ افضل آهي، ڇا ڪاڻ ته انهيءَ وسيلي الله پاڪ جي دربار ۾ تمام ڀلي نموني سان انسان جي گهٽتائي ۽ عاجزيءَ جو اظهار ٿئي ٿو.

امام ( عليه السلام ) جي ان ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته مٽيءَ تي سجدو ڪرڻ افضل ۽ تمام ڀلو آهي ۽ سڀني کان سهڻو طريقو انسان جي گهٽتائي ۽ عاجزي جي اظهار لاءِ الله پاڪ جي دربار ۾ مٽيءَ تي سجدو ڪرڻ آهي.

خاڪ تي سجدو ڪرڻ اهل سنت جي حديثن جي نگاه ۾

اسان هتي اهل سنت جي ڪجه انهن حديثن طرف اشارو ڪنداسين جن ۾ خاڪ تي سجدي جي باري ۾ گفتگو ٿيل آهي:

انهن حديثن منجهان هڪ حديث هي آهي ته پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  جن ارشاد فرمايو: جعلت لي الارض مسجدا و طهورا (4) زمين کي منهنجي لاء سجدي جي جاء ۽ پاڪيزه قرار ڏنو ويو آهي، کوڙ سارن مسلمانن پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۾ انهيء حديث کي بيان ڪيو آهي جنهن ۾ پاڻ سڳورن زمين کي پنهنجي لاء سجدي جي جاء جو عنوان ڏنو آهي، ان حديث ۾ جعلت جو لفظ آيل آهي جنهن منجهان خبر پوي ٿي ته هڪ قانون ٻڌائڻ مقصد آهي ۽ دين اسلام جي پيروي ڪرڻ وارن لاء هڪ هڪ الاهي حڪم بيان ڪرڻ مقصد ۽ هدف آهي. ان حديث منجهان هي به خبر  پوي ٿي ته خاڪ, پٿر ۽ هر ان شيء تي سجدو ڪرڻ جائز آهي جنهن کي زمين سڏيو ٿو وڃي.

ڪجھ ٻيون روايتون آهن جنهن ۾ هي ملي ٿو ته نبي سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  مسلمانن کي حڪم ڏنو ته سجدي ڪرڻ وقت پنهنجن پيشانين کي خاڪ تي رکندا ڪيو. جيئن ته پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  جي گهر واري ام سلمه حضرت نبي پاڪ کان روايت ڪري ٿي ته نبي فرمايو: ترب وجهک لله الله پاڪ لاء پنهنجي چهري کي خاڪ تي رک.(5)

ان حديث ۾ لفظ ترب منجهان ٻه ڳالهيون سمجھ ۾ اچن ٿيون هڪ: هي ته انسان کي سجدي مهل پنهنجي پيشاني کي خاڪ تي رکڻ گهرجي .ٻئي : هي ته اهيو ترب امر جو صيغو آهي تنهن ڪري خاڪ تي سجدو ڪرڻ واجب آهي.

ڪجھ ٻين حديثن ۾ اگر اسان غور ۽ فڪر ڪريون ٿا ته معلوم ٿي ٿو ته خود پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  جو خاڪ تي سجدو ڪرڻ پڻ هڪ بهترين گواھ ۽ دليل آهي جيئن ته وائل بن حجر چوي ٿو ته: رايت النبي اذا سجد وضع جبهته و انفه علي الارض (6) مون ڏٺو ته جڏهن پاڻ نبي سجدو ڪندا هئا ته پنهنجي پيشاني ۽ نڪ کي زمين تي رکندا هئا.

انس ابن مالڪ، ابن عباس ۽ نبي پاڪ جون ڪجھ گهر واريون مثال طور تي عائشه ۽ ام سلمه ۽ کوڙ سارن ٻين محدثن پڻ روايت ڪئي آهي ته کان يصلي علي الخمره (7) پاڻ سڳورن تڏي تي نماز پڙهندا هئا (خمره اهو تڏو آهي جيڪو کجي جي پنن منجهان تيار ڪيو ويندو هو).

 نتيجو:

ان مختصر بحث مان هي نتيجو ملي ٿو ته مڙني مسلمانن جو سجدو ان رب پاڪ کي هوندو آهي جيڪو ڪائنات جو مالڪ  ۽ خلقيدڙ آهي اها ٻئي ڳالھ آهي جو ڪي پٿر تي سجدو ڪن ٿا ته وري ڪي خاڪ تي ، ڪي مصلي جي ڪپڙي تي ، پر جيئن مٿي پڻ بيان ڪيو ويو ته سجدي جي حقيقت کي ڏسندي اهيو چئي سگهجي ٿو ته فضيلت ۽ درجي وارو سجدو اهو آهي جيڪو خاڪ تي ڪيو وڃي، مٽيءَ تي ڪيو وڃي ۽ مڙني زمينن منجهان مان شان واري زمين ڪربلاي معلا جي آهي جتي پالڻهار جي توحيد کي محفوظ رکڻ خاطر پنهنجي خون جون قربانيون ڏنيون ويون، بس خاڪ ڪربلا تي سجدو ڪرڻ سجدي جي حقيقت کي سمجهڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي.

آخر ۾ پالڻهار جي دربار ۾ دعا آهي ته مڙني مسلمانن کي سچائي سان سجدي ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري.

حوالا:

(1) سوره رعد، آيت 15.

(2) صحيح بخاري، ڪتاب الصلوه، ص 91.

(3) بحار الانوار، ج 85، ص 147، بنقل علل الشرائع

(4) سنن بيهقي، ج 1، ص 212، باب التيمم بالصعيد الطيب، صحيح بخاري ج 1، ڪتاب صلاه، ص 91،

اقتضاء الصراط المستقيم ابن تيميه ص، 332.

(5) کنز العمال ج 7، ص 465 حديث 19809، ڪتاب الصلاه السجود وما يتعلق به

(6) احڪام القرآن، جصاص حنفي، ج3 ص 209، باب السجود علي الوجه.

(7) سنن بيهقي، ج 2، ص 421، ڪتاب الصلاه علي الخمره.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي