اربع, 23 سيپٽمبر 2020

اهل بيت عليهم السلام سان محبت ۽ ولايت جا آثر

  • انداز قلم

مقدمو

پيغمبر اڪرم\ جي خاندان سان مودت ۽ محبت هميشه انسان لاءِ سعادت ۽ ڪاميابي جو باعث بڻي آهي، جيڪو شخص چاهي ٿو ته آئون ڪاميابي ماڻيان ان کي گهرجي ته اهو پاڻ ڪريم\ جي خاندان  سان محبت ڪري، سندن اهلبيت عليهم السلام

عقائد

 جو دامن مضبوطي سان جهلي، انهن جي اڳواڻي ۾ پنهنجي زندگي گذاري، شيعن جو امامت جي باري ۾ اهو عقيدو آهي، اهو اڳواڻي جو رشتو نبي اڪرم\ کان پوءِ امامت جي شڪل ۾ هميشه قائم ۽ دائم رهڻ وارو آهي.

 بس انسان لاءِ محبت اهل بيت عليهم السلام  کان سواء ٻئي ڪابه شي ڪارائتي نه آهي ان محبت سان گڏ و گڏ سندن ولايت کي به قبول ڪرڻ ضروري آهي، جنهن جي ذريعي انسان هدايت جا رستا طي ڪري ڪمال تائين پهچي ٿو.

 خدا جي مخلوق جي لاءِ ضروري آهي ته اها هدايت جا رستا محبت ۽ ولايت اهل بيت عليهم السلام  جي ذريعي طي ڪري، جيڪڏهن اهل بيت عليهم السلام  جي ولايت جي بغير انسان خدائي رستا طي ڪندو ته ان جو ڪو به طرف معين نه هوندو ته ڪهڙي طرف پنهنجا اعمال انجام ڏئي رهيو آهي جهڙي طرح انسان ولايت اهل بيت عليهم السلام  جي بغير جيڪي به عبادتون انجام ڏي ٿو، اهي عبادتون رياضت ته ٿي سگهن ٿيون پر انهن جو طرف مشخص نه هوندو آهي عبادتون سندن روح کي ته طاقت ڏئي سگهن ٿيون پر روح جي طاقت کان پوءِ وارا مرحلا  گذارڻ لاءِ ولايت اهل بيت عليهم السلام  جي ضرورت پوندي جيڪو انسان چاهي ٿو ته خدا جي عبادت ڪري، مالڪ حقيقي تائين پهچي ان لاءِ ضروري آهي ته اهو انسان ولايت اهل بيت عليهم السلام  اختيار ڪري، جڏهن اهو انسان پنهنجي عبادتن کي انجام ڏيندو ته پوءِ آهسته آهسته اها ولايت ۽ محبت انسان کي ڪمال جي درجن تائين پهچائيندي جڏهن ولايت جا آثار انسان جي زندگي ۾ جاري ٿين ٿا، پوءِ اهو انسان اعمال انجام ڏيندو ته ان جا عضوا سڀ ڪجهه خدا جي ڪنٽرول ۾ اچي ڪم ڪندا ان جي وضاحت هن مقاله ۾ بيان ڪئي وئي آهي انشاء الله پڙهندڙ حضرات جي لاءِ مفيد ثابت ٿيندي ۽ اسان سڀني کي خدا اهل بيت عليهم السلام  جي محبت ۽ ولايت جي واٽ تي رهڻ جي توفيق عطا فرمائي، سڀني کي حقيقي محبت ۽ ولايت جو جام پياري حوض ڪوثر تان سيراب ڪري جٿي اهل بيت عليهم السلام  پنهنجي حقيقي ولايت ۽ محبت رکڻ وارن کي سيراب ڪري رهيا هوندا.

(آمين يا ربّ العالمين)

                                             

محبت ۾ اخلاص

مَنْ أَحَبَّكُمْ فَقَدْ أَحَبَّ اللَّهَ وَ مَنْ أَبْغَضَكُمْ فَقَدْ أَبْغَضَ اللَّهَ وَ مَنِ اعْتَصَمَ بِكُمْ فَقَدِ اعْتَصَمَ بِاللَّه؛  ائمه معصومين عليهم السلام کي اهو مقام خدا جي طرفان مليل آهي ته انهن جي محبت ڄڻ خدا جي  محبت آهي، انهن سان بغض ڪرڻ خدا سان بغض ڪرڻ آهي، بشر بلندي کي طلب ڪري ٿو ته جيئن ڪمال تائين پهچي، ان لاءِ ضروري آهي ته اهو خدا سان محبت ڪري، سندن محبت وڏو خزانو آهي؛ خدا جنهن کي چاهي عطا ڪري ايمان جو ڪامل ٿيڻ صرف خالص محبت ۾ آهي.

سڀ کان وڌيڪ اخلاص خدا جي محبت ۾ آهي، انسان اخلاص جي ذريعي مخلص ٿئي ٿو ۽ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان محبت نٿو ڪري.

عالم الدين پنهنجي ڪتابن ۾ لکن ٿا ته انسان جو وڏي مان وڏو معنوي درجو اخلاص آهي، اهو اخلاص  جو اثر خدا جي ولين سان محبت ڪرڻ ۾ رکيو ويو آهي، اهو ٿي نٿو سگهي ته ڪو شخص خدا سان محبت ڪندو هجي پر معصومين عليهم السلام  سان محبت نه ڪندو هجي خدا جي محبت اهلبيت عليهم السلام  سان محبت ڪرڻ ۾ آهي. جيڪو شخص چاهي ٿو ته آئون محبت جي ذريعي سان مخلص ٿي وڃان ته ان لاءِ ضروري آهي ته اهو اهلبيت عليهم السلام  سان محبت ڪري ۽ اخلاص ڪڏهن به ايمان جي بغير مڪمل نٿو ٿي سگهي. جهڙي ريت مرحوم مجلسي‰ ڪتاب بحارالانور ۾ رسول اڪرم\ کان نقل ڪري ٿو: لَا يُؤْمِنُ عَبْدٌ حَتَّى أَكُونَ أَحَبَّ إِلَيْهِ مِنْ نَفْسِهِ؛ ڪو به بندو ان وقت تائين مومن نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان وٽ منهنجي محبت سندن نفس کان وڌيڪ نه هجي، وَ يَكُونَ أَهْلِي أَحَبَّ إِلَيْهِ مِنْ أَهْلِهِ؛ منهنجو خاندان ان وٽ پنهنجي خاندان کان وڌيڪ محبوب هجي. وَ يَكُونَ عِتْرَتِي أَحَبَّ إِلَيْهِ مِنْ عِتْرَتِهِ؛ منهنجي عترت سان پنهنجي عترت کان وڌيڪ محبت رکندو هجي، وَ يَكُونَ ذَاتِي أَحَبَّ إِلَيْهِ مِنْ ذَاتِهِ؛ منهنجي حقيقت ان وٽ پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ روشن ۽ واضح هجي. [1]

ان جي معنى اها آهي ته ايستائين بندو ايمان جي منزل تائين نٿو پهچي سگهي جيستائين خدا ان وٽ وڌيڪ محبوب نه هجي ان شرط سان ته اهو خدا کي وڌيڪ دوست رکندو هجي ان محبت جو اثر خدا جي رسول ۽ اهلبيت عليهم السلام  سان محبت ۾ رکيو ويو آهي.

محبت اهلبيت عليهم السلام  جا آثار

محبت اهلبيت عليهم السلام  جا آثار جي باري ۾ تمام گهڻيون روايتون بيان ٿيون آهن ته محبت جا آثار خدا جي نزديڪ گهڻا آهن اسان هتي رڳو هڪ روايت توهان جي سامهون بيان ڪريون ٿا: مرحوم شيخ صدوق ابي سعيد خدري کان روايت نقل ڪري ٿو: نبي اڪرم\ فرمائن ٿا: :  مَنْ رَزَقَهُ اللَّهُ حُبَّ الْأَئِمَّةِ مِنْ أَهْلِ بَيْتِي فَقَدْ أَصَابَ خَيْرَ الدُّنْيَا وَ الْآخِرَةِ...؛ جيڪڏهن ڪنهن کي اهلبيت عليهم السلام  جي محبت جو رزق ملي وڃي ته دنيا ۽ آخرت جو خير ان کي ملي وڃي ٿو. (يعني: ٻين لفظن ۾ کڻي چوان ته اهو دنيا ۽ آخرت جي خير کي خريد ڪري ٿو).[2] 

...فَلَا يَشُكَّنَّ أَحَدٌ أَنَّهُ فِي الْجَنَّةِ....؛ ان ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي ته اهڙو انسان يقين سان بهشت ۾ هوندو.[3]

فَإِنَّ فِي حُبِّ أَهْلِ بَيْتِي عِشْرِينَ خَصْلَةً؛ اهلبيت عليهم السلام  جي محبت ۾ ويهه (20) خصوصيتون موجود آهن

عَشْرٌ مِنْهَا فِي الدُّنْيَا وَ عَشْرٌ فِي الْآخِرَةِ؛ ڏهه (10) خصوصيتون اهڙيون آهن جيڪي دنيا ۾ انسان کي ملنديون ۽ ڏهه(10) خصوصيتون اهڙيون آهن جن جو اجر ۽ ثواب ان کي آخرت ۾ ڏنو ويندو. اهي خدا جي محبت جا آثار آهن جن کي روايات ۾ بيان ڪيو ويو آهي. 

دنياوي اجر ۽ ثواب

1: أَمَّا فِي الدُّنْيَا فَالزُّهْدُ وَ الْحِرْصُ عَلَى الْعَمَلِ؛ سڀ کان پهريان جيڪو اجر دنيا ۾ ملندو اهو زهد آهي جيڪو انسان کي عطا ڪيو ويندو. زاهد ان شخص کي چوندا آهن جنهن کان دنيا جو ڏک ۽ غم ختم ٿي ويو هجي.

مولا ڪائنات حضرت علي عليه السلام  فرمائن ٿا: النَّاسَ ثَلَاثَةٌ زَاهِدٌ وَ صَابِرٌ وَ رَاغِبٌ؛ انسانن جا ٽي قسم آهن.

1: ڪجهه ماڻهو زُهد واري مقام تي پهچي ويا آهن.

2: ڪجهه ماڻهو دنيا جي نسبت سان زُهد نٿا رکن، بلڪه صبر ڪرڻ وارا آهن.

3: ڪجهه ماڻهو رڳو دنيا سان محبت ڪن ٿا.[4]

حضرت علي عليه السلام  دنيا جي تصور کي هن طرح بيان فرمائن ٿا:

وَ مِنْ خَبَرِ ضِرَارِ بْنِ ضَمْرَةَ الضَّبَابِيِّ عِنْدَ دُخُولِهِ عَلَى مُعَاوِيَةَ وَ مَسْأَلَتِهِ لَهُ عَنْ أَمِيرِ الْمُؤْمِنِينَ عليه السلام قَالَ فَأَشْهَدُ لَقَدْ رَأَيْتُهُ فِي بَعْضِ مَوَاقِفِهِ وَ قَدْ أَرْخَى اللَّيْلُ سُدُولَهُ وَ هُوَ قَائِمٌ فِي مِحْرَابِهِ قَابِضٌ عَلَى لِحْيَتِهِ يَتَمَلْمَلُ تَمَلْمُلَ السَّلِيمِ وَ يَبْكيَ بُكَاءَ الْحَزِينِ وَ يَقُولُ يَا دُنْيَا يَا دُنْيَا إِلَيْكِ عَنِّي أَ بِي تَعَرَّضْتِ أَمْ إِلَيَّ تَشَوَّقْتِ لَا حَانَ حِينُكِ هَيْهَاتَ غُرِّي غَيْرِي لَا حَاجَةَ لِي فِيكَ قَدْ طَلَّقْتُكِ ثَلَاثاً لَا رَجْعَةَ فِيهَا فَعَيْشُكِ قَصِيرٌ وَ خَطَرُكِ يَسِيرٌ وَ أَمَلُكِ حَقِيرٌ آهِ مِنْ قِلَّةِ الزَّادِ وَ طُولِ الطَّرِيقِ وَ بُعْدِ السَّفَرِ وَ عَظِيمِ الْمَوْرِدِ؛ ضرار بن حمزه الضبائي معاويه جي دربار ۾ حاضر ٿيو ته معاويه علي عليه السلام  جي باري ۾ سوال ڪيو؟ ضرار چوي ٿو: مون پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي ته علي عليه السلام  رات جو محراب عبادت ۾ پنهنجي ڏاڙهي هٿ ۾ جهلي ڪري اهڙي طرح تڙپندو هو جهڙي طرح ناگ جو ڏنگيل انسان ڏنگ سان تڙپندو آهي ۽ ان طرح گريو ڪندو هو جهڙي طرح ڪو غمگين انسان غم ۾ روئيندو آهي، پاڻ عليه السلام  فرمائيندا هئا اي دنيا! اي دنيا مون کان پري ٿي وڃ تون منهنجي سامهون پاڻ کي سينگاري ۽ پاڻ کي منهنجو مشتاق ٺاهي اچين ٿي؟ خدا مون کي اهو وقت نه ڏيکاري جو تون مون کي دوکو ڏئي سگهين، وڃ مون کان سواءِ ٻي ڪنهن کي دوکو ڏي مون کي تنهنجي ضرورت نه آهي، آئون توکي ٽي دفعا طلاق ڏئي چڪو آهيان جنهن کان پوءِ رجوع ڪرڻ جو ڪو به امڪان نه آهي تنهنجي زندگي گهٽ آهي، تنهنجي حيثيت معمولي آهي، تنهنجي اميد حقير آهي، زاد سفر ڪيتري قدر گهٽ آهي رستو ۽ منزل ڪيتري قدر پري آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ جي جڳهه ڪيتري قدر خطرناڪ آهي. [5]

ان ڳالهه جي وضاحت

ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي ته جڏهن ڪو شخص ڪنهن عورت کي طلاق ڏي ٿو ته اها عورت به ان تي ناراض ٿئي ٿي ۽ ان جي خاندان وار به ان شخص تي ناراض ٿين ٿا، حضرت امير المومنين علي عليه السلام  سان دنيا وارن جي اختلاف ۽ دشمني جو راز به اهوئي آهي، مولا علي عليه السلام  ان دنيا کي ٽي دفعا طلاق ڏئي ڇڏي هئي ته اهو ممڪن نه هو جو دنيا وارا جيڪي مال ۽ دنيا جي پٺيان هئا اهي علي عليه السلام  کان راضي ٿين، اهوئي سبب آهي ته پهريان ٽن خليفن جي حڪومت جي موقعي تي ماڻهن حضرت علي عليه السلام  کان بيزاري جو اظهار ڪيائون، ان کان پوءِ ٽي جنگيون لڳيون جنهن ۾ دشمنن مولا علي عليه السلام  کان ناراضگي جو اظهار ڪيو مولا علي عليه السلام  ڪڏهن به صلح ڪرڻ تي آماده نه ٿيا ۽ هر وقت خدا جي دين ۽ ان جي تعليمات کي پنهنجي سيني سان لڳائيندا رهيا. ان لاءِ مولا علي عليه السلام  فرمايو: والله ما دنياکم عندي الا کسفر على منهل حلوا اذ صاح بهم سالقهم فر تحلوا ولا لذا ذاتها في عيني الا کحميم اشربه غساقا، و علهم اتجرع به زعافا و سم افعاة دگاقا و فلادة  نار؛[6]

1: توهان جي دنيا مون وٽ ان مسافرن وانگر آهي جيڪي ڪنهن چشمي وٽ پهتا هجن، انهن کي شدت سان اڃ لڳل هجي ته اهي ان چشمي کان پاڻي پئي پنهنجو سفر ادامون ڏين ۽ ان چشمي کان هليا وڃن هي دنيا مون لاءِ به ان مسافرن وانگر آهي ته آئون به هن کان گذري ويندس.

 2: دنيا جون لذتون منهنجي نگاهه ۾ ان گرم ۽ گندي پاڻي وانگر آهي، جڏهن انسان کي اڃ هجي ان کي ان گندي پاڻي کان سواء ٻيو ڪو پاڻي نه ملي ته مجبوري ۾ ان کي اهوئي پاڻي پيئڻو پوي ٿو،

دنيا جون لذتون منهنجي نزديڪ ان گندي پاڻ وانگر آهن ته انسان ضرورت کان وڌيڪ ان کان فائدو نٿو وٺي.

3: دنيا جون لذتون هڪ ڪڙي شيءِ وانگر آهن، جنهن جي مثال اها آهي ته مرڻ وقت انسان جي منهن ۾ اها ڪڙي شيءِ زوري گلي ۾ لاٿي وڃي، جيئن انسان مرڻ کان بچي وڃي، هي دنيا به مون وٽ ان ڪڙي شيءِ وانگر آهي ايترو ان کان فائدو حاصل ڪريان ٿو ته جيئن هن دنيا ۾ رهي سگهان.

4: دنيا جون لذتون ان نانگ جي مثل آهن، جنهن ۾ زهر آهي، عقلمند انسان ان کان ڍڄي ٿو ۽ ٻار ان کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ جهڪي ٿو. هن دنيا جو رخ اهڙو آهي، ان جي ڪري انسان هن دنيا ۾ وڌيڪ اميد نه رکي ڇاڪاڻ ته ان جي لالچ انسان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي ٿي.  

مولا علي عليه السلام  فرمائن ٿا: ”سفر علي منهل حلوا“؛ دنيا جو اهوئي ظاهري رخ آهي جنهن جي ڪري انسان هڪ ٻي کي مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته مولا علي عليه السلام  ان کي جلدي ختم ٿيڻ وارو قرار ڏنو آهي، دنيا جو واقعي چهري کي مولا علي عليه السلام  هن طرح بيان فرمائن ٿا: ”صالح لهم سالهم فارحلوا“ توهان دنيا کي سڏيو ته اها توهان جي پويان لڳي پوندي. دنيا جون لذتون، انسان کي هڪ ٻي کان جدا ڪن ٿيون ۽ هميشه انسان هڪ ٻي کان اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندو آهي اها دنيا آهي جيڪا انسان کي ان ڳالهه تي اڪسائي ٿي، پر مولا علي عليه السلام  جي نظر ۾ اها دنيا گرم بدبو دار پاڻي، ڪڙي شيءِ ۽ نانگ جي زهر جي مثل آهي.

ان کان پوءِ مولا انهن ٽنهي جي وضاحت فرمائي: فَأَمَّاالزَّاهِدُ فَقَدْخَرَجَتِ الْأَحْزَانُ وَالْأَفْرَاحُ مِنْ قَلْبِهِ فَلَا يَفْرَحُ بِشَيْ ءٍ مِنَ الدُّنْيَا وَلَا يَأْسَى عَلَى شَيْ ءٍ مِنْهَافَاتَهُ؛ زاهد اهو شخص آهي جيڪو دنيا جي خوشين ۽ ڏکن کي دل مان ڪڍي ڇڏي  جيڪڏهن ان وٽ مال اچي ٿو ته ان جي اچڻ تي خوش نٿو ٿئي ۽ جيڪڏهن ان کان مال لٽيو وڃي ٿو تڏهن به ان تي ڪو به اثر نٿو ٿئي ان کان پوءِ مولا فرمايو: فَهُوَ مُسْتَرِيحٌ“؛ اهو شخص سڪون ۽ آرام واري زندگي گذاري ٿو، زهد جي ڪري انسان سڪون ۽ آرام ۾ هوندو آهي.

انسان جا سڀئي ڏک تڪليفون ۽ مصيبتون دنيا جي ڪري آهن. جهڙي طرح مولا علي عليه السلام  فرمائن ٿا: فَقَدْ خَرَجَتِ الْأَحْزَانُ وَ الْأَفْرَاحُ مِنْ قَلْبِ؛ زاهد اهو آهي جنهن جي دل ۾ دنيا جا سڀئي ڏک ۽ خوشيون  ختم ٿي وڃن ان جي ڪري ”فهو مستريح“ اهو سڪون ۽ آرام ۾ زندگي گذارڻ لڳي ٿو، ان کي هاڻ دنيا ۾ ڪنهن به قسم جو ڏک ۽ غم نه آهي. هاڻ دنيا ۾ ڪو مال هن کي ملي وڃي ته ان مال جي ملڻ تي خوشي نٿو ڪري جيڪڏهن اهوئي مال لٽجي وڃي ته ان جي لٽجڻ تي ڏک ۽ غم نٿو ڪري، اهو سڀ ان جي ڪري انسان جي زندگي ۾ واقع ٿئي ٿو ڇو جو انسان دنيا جي لذتن کي پنهنجي لاءِ گذرگاهه ٺاهي ٿو ان کان ضرورت مطابق فائدو حاصل ڪري پنهنجي ابدي زندگي کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

 ان ڳالهه جي روشن ۽ واضح ٿيڻ لاءِ مختلف روايتون بيان ڪيون ويون آهن جن ۾ مختلف تعبيرون بيان ٿيون آهن هن دنيا جي لذتن ۽ مٺاس کان انسان کي روڪيو ويو آهي ۽ آخرت جي لذت ۽ مٺاس کي ايمان ۾ رکيو ويو آهي، ان شرط سان ته دنيا جي لذتن ۽ مٺاس کان ضرورت مطابق فائدو وٺي ته ان صورت ۾ اهو انسان ڪمال تائين پهچي ٿو. جيڪڏهن انسان دنيا سان محبت ڪندو ته دنيا جون لذتون ان جي دل ۾ اچي وينديون هاڻ ان جي نظر دنيا تي آهي دنيا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي پرواهه نٿو ڪري هاڻ دنيا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي جان جو سودو ڪرڻو پوي ته ڪري ڇڏيندو ته اهڙي انسان جي دنيا ۽ آخرت برباد ٿي وڃي ٿي.[7]

1: ولايت الاهي جي آثارن مان هڪ اثر هي آهي ته فطرتن انسان محبت رکندڙ آهي: أَمَّا فِي الدُّنْيَا فَالزُّهْدُ وَ الْحِرْصُ عَلَى الْعَمَلِ؛ اهڙو انسان جنهن جي دل ۾ اهلبيت عليهم السلام  جي محبت اچي وڃي، اها محبت عمل جو سرچشمون ٿئي ٿي انسان جڏهن ان محبت تائين پهچي ٿو ته اها محبت انسان جي عمل صالح کي بلندي تائين پهچائي سگهي ٿي. 

2:  وَ الْوَرَعُ فِي الدِّينِ؛ اهو روشن آهي ته ان محبت جي ڪري انسان جو دين محفوظ ٿئي ٿو.   

3: وَ الرَّغْبَةُ فِي الْعِبَادَةِ؛ اها محبت انسان کي خداوند متعال جي عبادت جي طرف، شوق، اشتياق ۽ رغبت پيدا ڪرائي ٿي.

4: وَ التَّوْبَةُ قَبْلَ الْمَوْتِ؛ اها محبت خدا جي طرف پلٽائي ٿي، ان کان پهريان جو اها فرصت اسان جي هٿن کان هلي وڃي ته اهڙي انسان کي يقين سان مرڻ کان پهريان پنهنجي گناهن جي توبه ڪرڻ جي توفق عطا ٿئي ٿي. 

5: وَ النَّشَاطُ فِي قِيَامِ اللَّيْلِ؛ محبت اهلبيت عليهم السلام  جي آثارن مان هڪ اثر اهو آهي ته شب بيداري ڪرڻ  ۾ خشوع ۽ خَضوع پيدا ٿئي ٿو.

6: وَ الْيَأْسُ مِمَّا فِي أَيْدِي النَّاسِ؛ اهلبيت عليهم السلام  جي محبت جو نتيجو اهو آهي ته انسان ٻين کان اميد کي قطع ڪري ٿو ۽ ان جي اميد فقط خدا جي طرف ٿئي ٿي.[8]

7 ۽ 8: وَ الْحِفْظُ لِأَمْرِ اللَّهِ وَ نَهْيِهِ؛ جيڪو شخص محبت جي مقام تائين پهچي ٿو اهو انسان خدا جي امر تي عمل ڪري ٿو، جن ڪمن کان خدا روڪيو آهي اهي ڪم انجام نٿو ڏئي، اهو انسان امر ۽ نهي جي حفاظت ڪرڻ وارو بڻجي وڃي ٿو، اها محافظت ان جي شان ۽ منزلت جي ڪري ان کي ملي آهي. جيڪو محبت ۽ معرفت جي مقام تائين پهچي ٿو. ته ان وٽ خدا جو مقام اعلى ٿئي ٿو حرمت الاهي کان محفوظ رهي ٿو اهو مقام جنهن جي وڏي اهميت آهي اسان ان کي بغير محبت ۽ ولايت اهل بيت عليهم السلام  جي حاصل نٿا ڪري سگهون.

9 : وَ التَّاسِعَةُ بُغْضُ الدُّنْيَا وَ الْعَاشِرَةُ السَّخَاءُ؛ نائون اثر اهل بيت عليهم السلام  جي محبت جو دنيا ۾ هي آهي جيڪو به انسان اهل بيت عليهم السلام  سان محبت ۽ دنيا کان نفرت ڪري ٿو ته پوءِ ڪڏهن به ان جي دل ۾ دنيا جي محبت نٿي اچي سگهي بلڪه ان جي ابتڙ دنيا ان جي نظر ۾ گهٽ ٿي وڃي ٿي؛ دنيا انسان جي مقصد تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي، ا هل بيت عليهم السلام  جي محبت راهه کي هموار ڪري ٿي ۽ جيڪو اهل بيت عليهم السلام سان بغض ڪري ٿو ته ان جي راهن ۾ هميشه رڪاوٽون پش اچن ٿيون.

10: العاشر السّخاء؛ اهل بيت عليهم السلام  جي محبت انسان کي سخاوت ۽ بخشش واري مقام تي پهچائي ٿي. اهل بيت عليهم السلام  جي محبت خدا جي خشنودي جو سبب بڻجي ٿي پوءِ انسان خدا جي راهه ۾ پنهنجي مال جي پرواهه نٿو ڪري ۽ آساني سان پنهنجي مال کي خدا جي واٽ ۾ خرچ ڪري ٿو اهي ڏهه (10) صفتون هيون جيڪو اهل بيت عليهم السلام  سان محبت جا آثار دنيا ۾ ڏسندو.

 

 

محبت  اهل بيت عليهم السلام  جا آخروي آثار

1: فَلَا يُنْشَرُ لَهُ دِيوَانٌ؛ آخرت ۾ ان جي لاءِ ڪوبه حساب ۽ ڪتاب جو اعمال نامو نه کوليو ويندو، اهو اعمال ناموانهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي اهل بيت عليهم السلام  سان محبت نٿا ڪن، جيڪي محبت جي مقام تي پهتل آهن ”فلا يُنشر له ديوانه“[9]

2: وَ لَا يُنْصَبُ لَهُ مِيزَانٌ؛ انهي لاءِ ڪوئي ترازو وغيره قرار نه ڏنو ويندو جو ان جي اعمالن جو وزن ڪيو وڃي ته ان جو اعمال نامون ڳورو آهي يا هلڪو.

محبت اهل بيت عليهم السلام  ان جو ديوان ۽ ميزان آهي، ان جي ڪري روايت ۾ نقل ٿيو آهي ”عُنْوَانُ صَحِيفَةِ الْمُؤْمِنِ حُبُّ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ“ مومن جي صحيفي جو عنوان علي عليهم السلام  جي محبت آهي، مومن جي اعمال نامي تي جيڪا مُهر لڳائي ويندي اها اهل بيت عليهم السلام  جي محبت آهي، وري ان اعمال نامي کي کوليو نه ويندو، اها ڳالهه يقيني آهي ته ان جي سڄي هٿ ۾ اعمال نامون ڏنو ويندو، ان ڳالهه جي شاهدي قرآن ۾ ڏني وئي آهي اصحاب يمين، وارن جي سڄي هٿ ۾ انهن جو اعمال نامو ڏنو ويندو، کاٻي پاسي واري اصحابن کي کاٻي هٿ ۾ اعمال نامو ڏنو ويندو ان جي لاءِ ضروري آهي ته ان جي معنى اها ڪئي وڃي ته ساڄي پاسي وارن صحابين جو رابطو خدا جي ولي سان آهي ۽ کاٻي پاسي واري انسانن جو رابطو شيطان سان آهي.

3: وَ يُكْتَبُ لَهُ بَرَاءَةٌ مِنَ النَّارِ؛  جيڪو شخص اهل بيت عليهم السلام  سان محبت ڪري ٿو ان لاءِ جهنم جي باهه کان نجات لکي وئي آهي .[10]

4: وَ يَبْيَضُّ وَجْهُهُ؛ قيامت جي ڏينهن ان جو چهرو نوراني هوندو اهو نور علي عليه السلام  ۽ سندن اهل بيت عليهم السلام  جي محبت جو هوندو.

5: وَ يُكْسَى مِنْ حُلَلِ الْجَنَّةِ؛ بهشتي لباس ان کي پارايو ويندو.

6: وَ يُشَفَّعُ فِي مِائَةٍ مِنْ أَهْلِ بَيْتِهِ؛ قيامت جي ڏينهن الله سائين جي مخلوق جي درميان انهن کي شفاعت جو حق حاصل هوندو جهڙي طرح روايتن ۾ نقل ٿيو آهي: هڪ سو(100) ماڻهن جي شفاعت ڪندو. هڪ ٻئي روايت ۾ نقل ٿيو آهي ته ان کان به وڌيڪ ماڻهن جي شفاعت ڪندو.

7: وَ يَنْظُرُ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ إِلَيْهِ بِالرَّحْمَةِ؛ قيامت جي ڏينهن خدا انهن تي رحمت جي نطر ڪندو، اولياء خدا ان مقام تائين پهچي ويندا، اهو مرتبو انهن سان مخصوص آهي جيڪي رڳو خدا سان محبت ڪن ٿا.

 وَ يَنْظُرُ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ إِلَيْهِ بِالرَّحْمَةِ؛ ڪتاب منهاج المحبين ۾ اهي جملا ملن ٿا: خدا محبين اهل بيت عليهم السلام  جي طرف رحمت جي نگاهه ڪري ٿو، ان محبت جي خصوصيت اها آهي ته جيڪو شخص اهل بيت عليهم السلام  جي محبت واري مقام تي پهچي وڃي ٿو ته اهو چاهي ٿو ان محبوب جي توجه ۽ عنايت جو مرڪز بڻجي قيامت جي ڏينهن جيڪو مولا ڪائتات ۽ اهل بيت عليهم السلام   سان محبت ڪندو اهوئي خدائي محبت جو مرڪز ٿيندو.

 8:وينظرالله عزوجل إليه بالرّحمه؛ خدا ان جي طرف رحمت جي نگاهه ڪندو.

9: وَ يُتَوَّجُ مِنْ تِيجَانِ الْجَنَّةِ؛ بهشتي تاج ان جي سر تي رکيو ويندو.  

 10: وَ الْعَاشِرَةُ يَدْخُلُ الْجَنَّةَ بِغَيْرِ حِسَابٍ؛  اهو اثر سڀني کان مهم آهي جيڪو به شخص ان مقام کي حاصل ڪندو يدخل الجنّه بغير حساب؛ اهڙو انسان بغير حساب ۽ ڪتاب جي جنت ۾ داخل ٿيندو.

فَطُوبَى لِمُحِبِّي أَهْلِ بَيْتِي؛ فطرتن اهو مقام اهل بيت عليهم السلام  جي محبن جو آهي، ان جي باري ۾ گهڻيون روايتون موجود آهن جيڪي خدا ۽ اهلبيت عليهم السلام  جي محبت ۾ آيون آهن. جهڙي طرح ڪتاب عيون اخبار رضا عليه السلام  ۾ آيو آهي ته رسول خدا\ فرمائن ٿا: مَنْ أَحَبَّنَا أَهْلَ الْبَيْتِ حَشَرَهُ اللَّهُ آمِناً يَوْمَ الْقِيَامَةِ؛ جيڪو به اهل بيت عليهم السلام  جي محبت جي مقام تائين پهچندو اهو سڀني خطرات کان امان ۾ هوندو، ان جي ڪري قيامت ۾ ماڻهو گهڻين سختين ۾ هوندا پر اهي انسان جيڪي اهل بيت عليهم السلام  سان محبت ڪندا اهي امن واري وادي ۾ هوندا.

جهڙي طرح سان نبي اڪرم\ فرمائن ٿا: مَنْ أَحَبَّكَ كَانَ مَعَ اَلنَّبِيِّينَ فِي دَرَجَتِهِمْ يَوْمَ اَلْقِيَامَةِ وَ مَنْ مَاتَ وَ هُوَ يُبْغِضُكَ فَلاَ يُبَالِي مَاتَ يَهُودِيّاً أَوْ نَصْرَانِيّاً؛ جيڪو توهان سان محبت ڪندو اهو قيامت جي ڏينهن انبيائن عليهم السلام  جي درجه تي فائز ٿيندو ۽ انهن سان گڏ هوندو، ان جي ابتڙ جيڪو اهل بيت عليهم السلام  سان دشمني رکي مرندو ته اهو يهودي يا نصراني ٿي مرندو.[11] اهل بيت عليهم السلام  سان محبت ڪرڻ ڄڻ خدا سان محبت ڪرڻ آهي.

 

 

قيامت ۾ سڀ کان پهريون سوال

رسول خدا\ فرمائن ٿا: أَوَّلُ مَا يُسْأَلُ عَنْهُ الْعَبْدُ حُبُّنَا أَهْلَ الْبَيْتِ؛[12] قيامت ۾ سڀ کان پهريون اهل بيت عليهم السلام  جي محبت جو سوال ٿيندو. ڇا تون اهل بيت عليهم السلام  سان محبت ڪرين ٿو يا نه؟ جيڪڏهن ان جو جواب ۾ چيو: اهل بيت عليهم السلام  سان محبت ڪريان ٿو، ته پوءِ ان کان شايد ٻين امورن جا سوال ۽ جواب ٿين، جيڪڏهن ان وادي ۾ وارد نه ٿيو، اصلا ٻيو ڪوبه سوال ۽ جواب ان کان نه ڪيو ويندو ان کي جهنم ۾ موڪليو ويندو.

  باب صلوات ۾ آيو آهي سڀ کان وڏي محبت، محبت اهل بيت عليهم السلام  آهي هڪ نوراني حديث جنهن حديث جي ڪجهه جملن جو ترجمو ڪريان ٿو: حُبُّ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ حَسَنَةٌ لَا تَضُرُّ مَعَهَا سَيِّئَةٌ؛ جيڪڏهن اها محبت اچي وئي اهائي محبت خدا آهي، اها اهڙي نيڪي آهي جنهن کي ڪابه برائي نقصان نٿي ڏئي سگهي.[13] ان جو مطلب ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪو شخص ان جو حقدار ٿي ويو ۽ ان کي حاصل ڪري ورتو ان وقت انهن کي ڪا به برائي نقصان نٿي پهچائي سگهي. مَنْ جاءَ بِالْحَسَنَةِ فَلَهُ عَشْرُ أَمْثالِها،  وَ هُمْ مِنْ فَزَعٍ يَوْمَئِذٍ آمِنُونَ؛[14] اهي ماڻهو جيڪي نيڪ ڪم انجام ڏين ٿا ان کي سٺو بدلو ڏنو ويندو؛ اهي ان ڏينهن خوف کان امان ۾ آهن، ان آيت جي تفسير ان طرح ڪريون ته ان جون مختلف معنائون آهن ۽ اهو جملو قابل بيان آهي ته جيڪو شخص محبت علي عليه السلام  ۽ محبت اهلبيت عليهم السلام  رکي ٿو، اهائي خدائي محبت آهي، جيتوڻيڪ ان انسان جو وجود آلودگين  کان پاڪ نه هجي تڏهن به اهي آلودگيون ان کي ڪوبه نقصان نٿيون ڏين.

جيڪڏهن انسان پاڻ باطل تي هجي پر ان جي دل ۽ چپن تي اولياء خدا ۽ ائمه معصومين عليهم السلام  ۽ مولا ڪائنات حضرت علي عليه السلام  جي محبت هجي، جيڪڏهن هاڻ اهو گناهه به ڪري اهو گناهن کان پاڪ  ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ان طرح نه آهي اهي گناهه ان جي حقيقي وجود کي آلودهه ۽ نجس ڪري ڇڏين.

 جيئن مٿي بيان ٿيو آهي ته جيڪو محبت اهل بيت عليهم السلام  ۽ مقام ولايت اهل بيت عليهم السلام  تائين پهچي ويو، پوءِ ڪڏهن به پنهنجي وجود کي گناهن سان آلودهه نٿو ڪري مگر اهو انسان خدا جي ولايت ۽ اولياء معصومين عليهم السلام  جي ولايت کي ڇڏي ڪري، طاغوت ۽ شيطاني ولايت ۾ اچي وڃي ٿو جيڪو به اهل بيت عليهم السلام  جي محبت تائين پهچي ٿو ته پوءِ اهو ڪڏهن به انهن جي ولايت کان خارج نٿو ٿئي ۽ شياطني ولايت کي قبول نٿو ڪري ان جي ڪري جيڪڏهن انسان ظاهرن گناهه ڪري ٿو اهي گناهه حقيقي وجود کي ڪوبه نقصان نٿا ڏين ان کي مثال سان واضح ڪندو هلان ته هڪ هيرو ڪنهن نجاست ۾ ڪري اهو ڌوڻ سان پاڪ ٿي وڃي ٿو، ان جي اندر ڪڏهن به نجاست داخل نٿي ٿئي اهڙي طريقي سان جيڪو اهل بيت سان حقيقي محبت ڪري ٿو ان جو باطن ڪڏهن به نجس نٿو ٿئي جيتوڻيڪ ان جو ظاهر گناهه سان آلودهه ٿي ويو هجي ، اهو انسان گناهن جي توبه ڪرڻ سان پاڪ ٿي وڃي ٿو اها اهل بيت عليهم السلام  جي محبت جو اثر آهي جو انسان گناهن کان پاڪ ٿي وڃي ٿو.

اهل بيت عليهم السلام  جي محبت گناهنن جو ڪفارو

حضرت امام رضا عليه السلام  کان سوال ڪيو ويو مولا ڪجهه توهان جا شيعا گناهه ڪن ٿا جن جو نالو کڻڻ تمام خراب آهي، ڇا اسان انهن کان جدا ٿي سگهون ٿا؟ امام فرمايو: نه. جيڪڏهن اهو اسان جو محب آهي ته ان کان جدائي اختيار نه ڪيو پر انهن جي اعمالن کان پرهيز ڪيو ڇاڪاڻ ته ان جا اعمال اسان وانگر نه آهن پر هو پاڻ اسان مان آهي مون مولا جي خدمت ۾ عرض ڪيو: ڇا ان کي فاسق چئي سگهون ٿا؟ مولا فرمايو: نه. بلڪه ان کي اهو چئي سگهجي ٿو ته ان جا عمل فاسق ۽ ان جو روح پاڪ آهي، ان جي درميان ۽ ان جي عملن جي درميان ۾ فرق ڪريو، ان جو عمل فاسق آهي اهي عمل جيڪي اسان جي ولايت کان خارج ٿي انجام ڏنا آهن، پر اهو شخص پاڻ فاسق نه آهي بلڪه اهو محب اهل بيت عليهم السلام  آهي اها محبت ۽ ولايت انسانن جي گناهن جو ڪفارو آهي.

اسان زيارت جامعه ڪبيره ۾ پڙهون ٿا ته وجعل صلاتنا عليكم؟ و لنا من ولايتكم؛[15] اسان اهل بيت عليهم السلام  جي ولايت ۾ چار خاصيتون آهن انهن مان هڪ الكفّاره للذّنوب؛[16] اسان جي محبت گناهن جو ڪفارو آهي جيڪي انسان جي طهارت جو سبب ٿئي ٿي جيڪڏهن حقيقي ولايت طهارت جو سبب آهي ته انسان ان سرچشمي سان متصل آهي جيڪو ظاهري آهي ۽ انسان جي طهارت انهي حقيقت سان ايترو ته ربط رکي ٿي ايتري قدر جو اها حقيقت انسان جي اندر جاري ٿئي ٿي اها اسان اهلبيت عليهم السلام  جي ولايت ۽ محبت ۾ آهي.

جيڪڏهن حقيقي ولايت ڪنهن کي ملي وڃي ته اها محبت اهل بيت عليهم السلام  جي نشاني آهي، جيستائين انسان ان حقيقت تائين نٿو پهچي تستائين پاڪ نٿو ٿئي، جڏهن ان حقيقت تي پهچي وڃي ته اهو انسان پاڪ ۽ پاڪيزه ٿي وڃي ٿو ان جي گناهن جو ڪفارو محبت اهل بيت عليهم السلام  ۾ رکيو ويوآهي.

 اهو اسان پهريان عرض ڪري آياسين ته مرحوم ملا حسين قلي همداني جي هڪ شاگرد زيارت جامعه ڪبيره جي شرح لکي آهي جنهن ان جملي جي معنى هن طرح سان بيان ڪئي آهي: ولايت اهل بيت عليهم السلام  انسانن جي گناهن جو ڪفارو آهي ان جي علت اها آهي ته جيڪو اهل بيت عليهم السلام  جي محبت پنهنجي دل ۾ رکي ٿو ۽ ان حالت ۾ گناهه ڪري ٿو پنهنجي گناهن ۾ گرفتار آهي پر اهو پنهنجي اندر ۾ توبه ڪري ٿو ۽ پشيمان آهي اها پشيماني ۽ ندامت ان جي گناهن جي توبه جو ڪفارو آهي.

 جيڪڏهن حقيقت ۾ خدا ان کي ايمان، محبت ۽ ولايت اهل بيت عليهم السلام  عطا ڪئي آهي گناهه ان کي ڪوبه نقصان نٿا پهچائي سگهن ان جي معنى اها نه آهي ته مومن مغرور آهي. ان ڳالهه کي بار بار تڪرار ڪيوسين ايمان جي علامت اها آهي انسان لا ابال نه آهي بلڪه ايمان جي علامت اها اهي ته انسان خيرات ڪرڻ وارن سان محبت ڪري ٿو ۽ سٺن اعمالن کي چاهي ٿو اگر ڪنهن مومن وٽ وڃي ٿو ته ان سان ملي خوش ٿئي ٿو، خرابين کان نفرت ڪري ٿو اگرچه اهي خرابيون پاڻ ۾ هجنس يا ٻئي ڪنهن کان ڇو نه ڏسي.

 روايتن ۾ نقل ٿيو آهي مومن جي علامت اها آهي ته جيڪڏهن اهو ڪو سٺو ڪم انجام ڏئي ٿو ته اهو ان تي خوش ٿئي ٿو جيڪڏهن ان کان ڪو خراب ڪم ٿئي ٿو ته ان تي پشيمان ۽ ڏک جو اظهار ڪري ٿو. ان جي ڪري اهو ڪڏهن به لاغرض نه آهي جيڪڏهن محب بي پرواهه ٿي وڃي ته ان جي معنى اها آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص محبت جي مقام تي پهچي ويو آهي پوءِ ان کي جيڪڏهن ڪو مشڪل اچي ٿي ته اها مشڪل  ان کي ڪو به نقصان نٿي پهچائي.

ان کان به واضح ۽ روشن معنى اها آهي ته جتي به مولا ڪائنات عليه السلام  جو محب هجي اهو گناهه نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته اها محبت ڪڏهن به گنهگار سان جمع نٿي ٿي سگهي:  ِانْ ذُكِرَ الْخَيْرُ كُنْتُمْ أَوَّلَهُ وَ أَصْلَهُ وَ فَرْعَهُ وَ مَعْدِنَهُ وَ مَأْوَاهُ وَ مُنْتَهَاهُ؛  ته سڀئي سٺايون معصومين عليهم السلام  جي طرف پلٽايون وڃن ٿيون ۽  معصومين عليهم السلام  تمام سٺاين جي ابتدا ۽ انتهاء آهن ڪوبه خرابي ۽ شر انهن کان نه آهي ۽ انهن جي طرف پلٽايو به نه ويندو.[17]

هر اها دل جنهن ۾ امام موجود آهي ان جي دل ۾ امام جي حقيقي ولايت عطا ڪئي وئي آهي ۽ خدا جي توجهه جو مرڪز آهي اها دل محبت جي مقام تائين پهچي وڃي ٿي اها محبت ان محبوب جي هر جڳهه حاضر هجڻ جي علامت آهي جتي به محبوب جو وجود آهي اتي ڪڏهن به برائيون نٿون اچي سگهن.

روايتن ۾ نقل ٿيو آهي ته انسان جي محبت دل کان شروع ٿئي ٿي پوءِ اتان کان تقسيم ٿيڻ شروع ٿئي ٿي. هڪ ٻئي روايت ۾ نقل ٿيو آهي ته جيڪڏهن دل جي لاءِ به اسان مرحلن جا قائل ٿي وڃون ته دل جا چار مرحله آهن.

1: پهريون مرحلو چپ آهن.

2: مرحلو زبان آهي.

3: مرحلو سينو آهي.

4: مرحلو خود دل جو آهي.

اهل بيت عليهم السلام  جي طرف مائل ٿيڻ ڄڻ خدا جي طرف مائل ٿيڻ آهي، انهن جو ذڪر خدا جو ذڪر، انهن جي محبت خدا جي محبت آهي، جيتوڻيڪ اها ڳالهه حديثن ۾ بيان ڪئي وئي آهي دل جي سڀ کان ويجهو عضو انسان جا چپ آهن، جيڪي ذڪر ۽ حبّ جي جڳهه آهن، جيڪڏهن محبت جو اظهار زبان ۽ چپن جي ذريعي ظاهر ڪيو وڃي، ۽ ان کان پوءِ اها محبت ڦلائي وڃي جتي اها محبت هوندي اتي ڪابه برائي نٿي وڃي سگهي. ڇاڪاڻ جو محبت محبوب جي موجودگي جي علامت آهي. هر اها جڳهه جٿي محبت آهي اتي محبوب سامهون آهي، انسان محبوب جي سامهون ڪابه برائي نٿو ڪري سگهي،  محبت اهل بيت عليهم السلام  انسان جي باطن کي روشن ڪري ٿي ۽ محبت جو نور پکڙجي وڃي ٿو، جهڙوڪ ائمه اطهار عليهم السلام  فرمائن ٿا: مبثوثٌ علي الجوارح؛ انسان جي دل ايمان سان روشن ٿئي ٿي، ان کان پوءِ اها روشني ٻين عضون تائين پکڙجي ٿي، جيڪڏهن اک تائين اها محبت پهچي ٿي ته اها مومن جي اک ٿي وڃي ٿي، جيڪڏهن ڪنن تائين اها پهچي ته اهي ڪن مومن جا ٿي وڃن ٿا، زبان تائين پهچي ٿي ته اها زبان مون جي ٿي وڃي ٿي جڏهن سڀني عضون ۾ محبت اهل بيت عليهم السلام  جو نور روشن ٿي وڃي ٿو ته هاڻ هر عضو محبت جي نور کان منور آهي ته ان عضون سان گناهه نه ڪندو جيڪڏهن توهان ڏسو ته ڪو اهل بيت عليهم السلام  سان محبت رکندڙي پنهنجي ڪنهن عضو سان گناهه ڪري رهيو آهي ته توهان سمجهي وڃجو ته ان عضو تائين اڃان تائين محبت ۽ ايمان جي روشني نه پهتي آهي. 

محبوب تائين پهچڻ جو ذريعو

ڪجهه روايتن ۾ نقل ٿيو آهي: فإذا أحبّني فأحبت؛ جڏهن انسان محبت جي مقام تائين پهچي وڃي ٿو ته آئون ان کي چاهيان ٿو جڏهن اهو انسان محبوب خدا ٿي ويوت خدا فرمائي ٿو:كُنْتُ  سَمْعَهُ الَّذِي يَسْمَعُ بِهِ وَ بَصَرَهُ الَّذِي يُبْصِرُ بِهِ وَ لِسَانَهُ الَّذِي يَنْطِقُ بِهِ وَ يَدَهُ الَّتِي يَبْطِشُ بِهَا؛ ته خدا فرمائي ٿو ته ان جي اک، ڪن، زبان، هٿ ۽ پير آئون ٿي وڃان ٿو. [18]

ان جي معنى ڇا آهي؟

ان جي معنى اها آهي ته جڏهن انسان محبت ۽ ولايت واري مقام تي پهچي ٿو ته حقيقي ولايت ان کي عطا ڪئي وڃي ٿي جڏهن اها ان کي ملي وئي ته هاڻ اهي هٿ ان جا هٿ نه آهن، هي اکيون ان جون اکيون نه آهن، هي ڪن ان جا ڪن نه آهن هي زبان ان جي زبان نه آهي ٻين لفظن ۾ ائين چوان هو جيڪو ڪم انجام ڏئي  ٿو اهو خدا جي ايرادي مطابق آهي.

محبت جو علامتون

جيڪڏهن انسان ان مقام تائين پهچي وڃي ته اها محبت ان جي هر عضوي ۾ منتقل ٿئي ٿي. ته سڀئي عضوا محبت ڪرڻ لڳن ٿا، ان محبت جو محور هڪ محبوب آهي، ٻين لفظن ۾ ايئن چوان ته محبت ڪرڻ واري جو اختيار پنهنجي هٿ ۾ نه هوندو آهي بلڪه سڀ کان پهريان شيءِ جيڪا محبوب جي حوالي ڪري ٿو ان جا عضوا آهن، ڇاڪاڻ جو محب جي علامت محبوب جوموجود هجڻ آهي، جتي به محبوب ساڻ اٿس اتي سٺائي، سٺائي آهي. جهڙوڪ حديث ۾ بيان ٿيو آهي: حُبُّ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ عَلَيْهِ اَلسَّلاَمُ حَسَنَةٌ لاَ تَضُرُّ مَعَهَا سَيِّئَةٌ وَ بُغْضُ عَلِيٍّ سَيِّئَةٌ لاَ تَنْفَعُ مَعَهَا حَسَنَةٌ رَوَى ذَلِكَ أَيْضاً اَلْخُوارَزْمِيُّ فِي مَنَاقِبِهِ .؛[19] جتي محبت آهي اتي برائي نه ايندي اها سٺي ڳالهه آهي ته ڪابه برائي ان محبت ڪرڻ واري کي نقصان نٿي ڏئي سگهي جيڪڏهن انسان جا عضوا ڪنهن برائي ۾ مبتلا ٿي وڃن ته ان جي نشاني اها آهي ته ان عضوي تائين محبت نه پهتي آهي جهڙوڪ ڪجهه حديثن ۾ نقل ٿيو آهي ته مومن جيڪڏهن ڪو گناهه ڪري ان حالت ۾ جو ان فعل ۾ ان جو ايمان ان کان سلب ٿي وڃي ۽ اهو محال اهي ته ايمان ۽ گناهه گڏ هجن. 

ان جي ڪري جتي به محبت جو نور آهي اها نشاني محبوب جي حاضر هجڻ جي آهي : أَنَا جَلِيسُ مَنْ ذَكَرَنِي...؛ روايت ۾ بيان ٿيو آهي.[20] : فإذا أحبّني فأحبت؛ جتي به حقيقي محبت آهي اتي محبوب موجود آهي ۽ جتي به محبوب آهي اها امن جي جڳهه آهي ڪو به برائي ظاهري يا باطني امير المومنين جي ولايت جي دائري ۾ نٿي اچي سگهي، ولايت علي عليه السلام  محڪم ۽ مضبوط قلعو آهي اهو قلعو به عام نه بلڪه خدا جو قلعو آهي ٻين لفظن ۾ ائين چوان ته هر جڳهه تي شيطان وڃي سگهي ٿو پر جنهن دل ۾ ولايت اميرالمومنين علي عليه السلام  آهي ان دل ۾ شيطان نٿو وڃي سگهي اها وادي اها آهي جتي شيطان جي دست رسي نه آهي: إِلَّا عِبادَكَ مِنْهُمُ الْمُخْلَصِين ؛[21]

شيطان ان وادي ۾ قدم نٿو رکي سگهي جتي به امير المومنين جي ولايت ۽ محبت رکڻ وارو ماڻهو رهي ٿو اها وادي ولايت واري وادي آهي اتي منهنجي مولا علي عليه السلام  جي حڪومت آهي اتي ڪير به علي جي اجازت کان بغير نٿو وڃي سگهي. 

جيڪڏهن انسان جي اک گناهه ڪري ٿي ته اها اک مولا جي حڪومت کان خارج آهي جيڪادل علي عليه السلام  جي وجود سان نوراني آهي ان ۾ علي عليه السلام  جي حڪومت آهي يعني ولايت اميرالمومنين عليه السلام  ان جڳهه تي موجود آهي محبت حقيقي ولايت جي نشاني آهي ان جومطلب اهو آهي اها حقيقت ان کي عطا ٿي آهي جنهن جي ڪري اهو ولايت اهلبيت عليهم السلام  ۾ اچي ويو آهي تنهن ڪري جنهن جي به محبت ڪامل آهي اهو وليّ الله جي مقام تي پهچي ويو.[22]

 خدا جي محبت جا درجا 

خالص ترين محبت اها آهي جنهن ۾ حقيقي حبيب کان سواءِ ان جي دل ۾ ڪو به شخص نه آهي،ان کان سواءِ ان جي زبان تي ٻيو ڪو به ذڪر نه آهي. هاڻ ان جي زبان تي جيڪو ذڪر آهي اهو عين ذڪر خدا آهي عين ڪلمه محب آهي، اها محبت خدائي محبت آهي. انسان جتي به هجي اهو چاهي ٿو ته خدا سان ڪلام ڪري، ان جي دل ۾ ٻئي ڪنهن جي  محبت نٿي اچي.

جيڪڏهن ڪو شخص چاهي ٿو ته آئون ڪنهن مقام تائين پهچان ته جيئن ڪابه شيءِ مون کي نقصان نه ڏئي ان جو قاعدو ڪلي اهوآهي، انسان جو هر عضو اهلبيت جي محبت ۽ ولايت سان منورآهي، هاڻ جنهن وادي ۾ زندگي ڪري رهيو آهي  اها وادي ان لاءِ امن واري ٿي وڃي ٿي. محبوب ڪو عام انسان نه آهي بلڪه خود پالڻهار جي ذات گرامي آهي خدا ان کي امن واري وادي ۾ جڳهه ڏني آهي.

انسان جو پاڪ ٿيڻ

معصومين عليهم السلام  جي ولايت الله سائين جي ولايت سان مليل آهي :إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَ يُطَهِّرَكُمْ تَطْهيراً؛ [23]

ائمه معصومين عليهم السلام  ولايت مطلق جا مالڪ آهن خدا انما جي ذريعي سان فرمائي ٿو ته آئون توهان جي هميشه حفاظت ڪندس ۽ ڪوبه برائي چاهي اهو شرڪ خفي يا جلي توهان تائين نٿو پهچي سگهي توهان نور جي احاطي ۾ آهيو. ٻيا ماڻهو ڪهڙي طرح سان پاڪيزگي واري واٽ تائين پهچي سگهن ٿا؟ انما لفظ جي معنى اها آهي ته توهان طهارت جا مظهر آهيو جيڪو به جيتري قدر توهان جي ولايت جي دائري ۾ ايندو ويندو ايترو پاڪ ٿيندو ويندو.

اللَّهُ نُورُ السَّماواتِ وَ الْأَرْض؛ سڀئي نور ۽ هدايتون الله سائين لاءِ آهن.[24]  ان کان پوءِ فرمائن ٿا: مَثلُ نُورهِ کَمِسکاه؛[25]نور الاهي ڏيئي وانگر آهي جنهن جي دل ۾ چاهي روشني ڪري سگهي ٿو شيخ صدوق ڪتاب توحيد ۾ لکي ٿو: نور الاهي جي مثال خود نبي اڪرم\ آهن  ڏيئو سندن سينو ۽ دل آهي ۽ روشني سندن نبوت آهي.

بس پيغمبر ۽ ائمه معصومين عليهم السلام  جي ولايت هڪ آهي اهي ولايت جا نور آهن جيڪو به انسان ان وادي ۾ داخل ٿي ويو ته پوءِ ڪا به خطا نٿو ڪري.جهڙي طرح سان زيارت جامعه ڪبيرا ۾ ملي ٿو: أَنَّ أَرْوَاحَكُمْ وَ نُورَكُمْ وَ طِينَتَكُمْ وَاحِدَةٌ طَابَتْ وَ طَهُرت؛ توهان جو روح، توهان نور  توهان جي خلقت هڪ آهي جيڪو پاڪ ۽ پاڪيزه آهي. [26] خَلَقَكُمُ اللَّهُ أَنْوَاراً فَجَعَلَكُمْ بِعَرْشِهِ مُحْدِقِين؛  هي نوراني هستيون  الاهي عرش جي ارد ۽ گرد چڪر لڳين ٿيون.[27]

هڪ ڏينهن حبيب ابن مظاهر مولا حسين عليه السلام  کان سوال ڪيو مولا توهان آدم عليه السلام  جي خلق ٿيڻ کان پهريان ڪٿي هئا؟ ڇا هئا؟

مولا امام حسين عليه السلام  فرمائن ٿا: كُنَّا أَشْبَاحَ نُورٍ نَدُورُ حَوْلَ عَرْشِ الرَّحْمَنِ؛ اسان نور هئاسين ۽ عرش الاهي جي ارد گرد چڪر رهندا هئاسين .[28] فَنُعَلِّمُ لِلْمَلَائِكَةِ التَّسْبِيحَ وَالتَّهْلِيلَ وَ التَّحْمِيدَ؛  اسان ملائڪن کي خدا جي تسبيح، تحليل ۽ حمد ڪرڻ سيکاريوسين.[29]

 



[1] . علل الشرايع، جلد1،  صفحو: 140 .

[2] . بحارالانوار، مجلسي، جلد 27، صفحو 78، باب 4؛ روضة الواعظين، جلد  صفحو 271.

[3] . الخصال، جلد 1، صفحو 515  .

[4] . اصول الکافي، شيخ کليني، جلد 2، صفحو 455.

[5] . ترجمو ۽شرح نهج البلاغه فيض الاسلام، جلد 6، صفحو 1119؛ بحار الانور، جلد 77، صفحو 352.

[6] . بحار الانوار، جلد 77، صفحو 352.

[7] . اصول الکافي، شيخ کليني، جلد 2، صفحو 128.

[8] . ساڳيو.

[9] . ساڳيو.

[10] . بحارالانوار، مجلسي، جلد 27، صفحو 78، باب 4.

[11] . عيون اخبار الرضا^ , جلد 2 , صفحو 58؛  بحارالانوار، مجلسي، جلد 27،  صفحو 78 ، باب 4.

[12] . عيون أخبار الرضا^، جلد 2، صفحو 62، اصول الائمة (تکملة الوسائل جلد 1، صفحو 351.

[13] .  ارشاد القلوب،  جلد2 ، صفحو 234.

[14] . سورت نمل، آيت 89.

[15] . زيارت جامعه ڪبيره.

[16] . ساڳيو.

[17] . زيارت جامعه ڪبيره.

[18] .  اصول الکافي، جلد 2 ، صفحو 352.

[19] .  ارشاد القلوب، جلد 2 ، صفحو 234.

[20] .  اصول کافي، جلد 2، صفحو 496؛ حديث 4.

[21] . سورت حجر، آيت 40.

[22] . اصول الکافي،  جلد 2 ، صفحو 352.

[23] . سورت احزاب، آيت 33.

[24] . سورت نور، آيت 38.

[25] . ساڳيو

[26] .  مفاتيح الجنان.

[27] . ساڳيو.

[28] . بحار الانوار، علامه مجلسي،جلد 57، صفحو 31 ۽ 125.

[29] . ساڳيو، صفحو311.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي