جمع, 07 آگسٽ 2020

وڌيڪ تحريرون

 

ھڪڙي محترم ۽ لائق دوست سوال پڇيو ته اسلام ۾ شراب ڪڏهن، ڇو ۽ ڪئين حرام ٿيو؟؟؟؟  ان سوال جي جواب ۾ هي تحرير سڀني جي معلومات خاطر پيش ڪجي ٿي

ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شراب نه رڳو اسلام بلڪه  سڀني  آسماني شريعتن ۾ حرام رهيو آهي جنهن جو دليل امام رضا عليه السلام جي مشهور حديث آهي جنهن ۾ مولا فرمايو: مَا بَعَثَ اللَّهُ نَبِيّاً قَطُّ إِلَّا بِتَحْرِيمِ الْخَمْرِ  پالڻهار ڪنهن به نبي کي ناهي موڪليو سواءِ ان جي ته ان نبي (پنهنجي شريعت ۾)  شراب کي حرام قرار ڏنو. (توحيد، شيخ صدوق، جامعه مدرسين، قم، 1398 ق، باب 54 البداء، ص 334.)

باقي اسلام ۾ شراب جو حرام هجڻ آهسته آهسته، پهريان اجمالي صورت ۾ پوءِ تفصيل سان ۽ آخر ۾ بلڪل واضح نموني ۽  تاڪيد سان بيان ڪيو ويو آهي . ان ڪري جو عربن جي سماج ۽ معاشري ۾ اسلام کان پهريان شراب پيئڻ جو رواج تمام گھڻو رائج هيو ۽ عربن جي مشهور عادتن منجھان هڪ عادت هيو ۽ افسوس سان اها بري عادت ٻين امتن ۽ قومن ۾ به رائج رهي آهي  ۽ ڪيترائي بهانا آندا پئي ويا ته جيئن ان جي حلال هجڻ کي بيان ڪن. تنهنڪري اهڙي معاشري ۾ اگر اچانڪ ۽ هڪ دفعي سان شراب کي حرام قرار ڏنو وڃي ها ته ممڪن هيو ته سڀ ان حڪم جا انڪاري بڻجي وڃن ها  ۽ نفسياتي ۽ تربيتي اصولن کي نظر ۾ رکندي ضروري هيو ته سڪون ۽ آرام سان ان حقيقت کي انسانن آڏو پيش ڪرڻ گھرجي تنهنڪري شراب جي حرام هجڻ کي آهسته آهسته چئن مرحلن ۾  بيان ڪيو ويو آهي. اتان کان هڪ نڪتو سمجھ ۾ اچي ٿو ته اگر ڪنهن معاشري ۾ ماڻهو اهڙي نشي واري لعنت جو شڪار هجن ته کين سڌارڻ لاءِ  پلاننگ سان مرحلن ۾ ڪم ڪجي تڏهن ئي اهو ڪم فائديمند ثابت ٿيندو باقي اچانڪ ختم ڪرڻ جي ڪوشش سان معاشري ۾ بغاوت وجود ۾ اچي سگھي ٿي.

پهرين مرحلي ۾ پالڻهار فرمايو: (وَمِن ثَمَرَاتِ النَّخِيلِ وَالأَعْنَابِ تَتَّخِذُونَ مِنْهُ سَكَرًا وَرِزْقًا حَسَنًا  (سورت نحل آيت 67 ) ۽ کجين جي ۽ ڊاکن جي ڦرن مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو،

هن آيت ۾ شراب کي نيڪ رزق جي مقابلي ۾ بيان ڪيو ويو آهي جيئن اڻ سڌي نموني ان جي ڀلي نه هجڻ کي محسوس ڪري سگھو

ٻي مرحلي ۾ صراحت ۽ ڇٽي طرح سان نشي جي حالت ۾ نماز پڙهڻ کان  منع ڪئي ۽ فرمايو: (يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَقْرَبُواْ الصَّلاَةَ وَأَنتُمْ سُكَارَى حَتَّىَ تَعْلَمُواْ مَا تَقُولُونَ) اي ايمان وارؤ! اوھان نشي ۾ ٿي ايستائين نماز کي ويجھا نه وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجھو. (سورت نساءِ آيت 43)

تنهن کان بعد واري مرحلي ۾ اها ياد آوري فرمائي  ته توڙي جو شراب کي وڪڻڻ يا خريد ڪرڻ سان توهان مالي فائدو حاصل ڪري وٺندو يا کيس واپرائڻ سان ڊڄ، پريشاني، يا غم مان عارضي نجات حاصل به ڪري وٺو ليڪن اهي سڀ شيون  شراب پيئڻ واري گناھ  ۽ خراب اثرن جي مقابلي ۾ ڪا به حيثيت نٿيون رکن (سيد محمد حسين طباطبايي، الميزان،ج 2، ص 294، نشر جامعه مدرسين، قم، 1374ه.ش با ترجمه،موسوي همداني.) ( يَسْأَلُونَكَ عَنِ الْخَمْرِ وَالْمَيْسِرِ قُلْ فِيهِمَا إِثْمٌ كَبِيرٌ وَمَنَافِعُ لِلنَّاسِ وَإِثْمُهُمَآ أَكْبَرُ مِن نَّفْعِهِمَا) اي پيغمبر! توکان شراب ۽ جوا بابت پڇن ٿا، چئو ته اُنھن ۾ وڏو گناھ ۽ ماڻھن لاءِ (ڪجھ) فائدا آھن، ۽ سندن فائدي کان اُنھن جو گناھ تمام وڏو آھي. توڙي جو ان آيت منجھان به شراب جو حرام هجڻ معلوم ٿئي پيو تڏهن به ڪجھ ماڻهن شراب پيئڻ تان هٿ نه کنيو  ايستائين جو پالڻهار تمام گڻي شدت سان وڏي تاڪيد ڪندي  شراب جي حرام هجڻ جو اعلان ڪندي فرمايو: (يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ إِنَّمَا الْخَمْرُ وَالْمَيْسِرُ وَالأَنصَابُ وَالأَزْلاَمُ رِجْسٌ مِّنْ عَمَلِ الشَّيْطَانِ فَاجْتَنِبُوهُ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ إِنَّمَا يُرِيدُ الشَّيْطَانُ أَن يُوقِعَ بَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاء فِي الْخَمْرِ وَالْمَيْسِرِ وَيَصُدَّكُمْ عَن ذِكْرِ اللّهِ وَعَنِ الصَّلاَةِ فَهَلْ أَنتُم مُّنتَهُونَ)

اي ايمان وارؤ شراب ۽ جوا ۽ پوڄا آستانا ۽ ڍارا پليتُ شيطاني ڪمن مان آھن تنھنڪري اوھين کانئن پرھيز ڪريو ته جيئن فلاح پايو  شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جؤا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نه آھي ته اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي، پوءِ (ھاڻي به) اوھين (نه) جھلبؤ ڇا؟ ( سورت بقره آيت 90 ــ 91 )

قرآن مجيد جي ٻي ڪنهن به آيت ۾ ايتري تاڪيد ۽ وضاحت بيان ناهي ڪئي وئي ، هن آيت ۾ قرآن شراب کي پليد ۽ شيطان جو عمل ۽ ڪم بيان ڪيو آهي .

 روايتن ۾ پڻ شراب جي پليدي ۽ خراب هجڻ کي تمام گھڻو بيان ڪيو ويو آهي  ۽ شراب مڙني برائين جي چاٻي، سڀني گناهن جي ماءُ، بيان ٿيل آهي

الله جي آخري نبي شراب بابت ڏهن ماڻهن تي نفرين ۽ لعنت موڪلي آهي

اهڙي انسان مٿان جيڪو کجي يا انگور جو وڻ شراب ٺاهڻ خاطر پوکي

جيڪو ان باغ جو باغبان ٿئي جنهن بابت خبر اٿس ته هنن وڻن مان شراب ٺاهيو ويندو

ان ماڻهو مٿان جيڪو شراب لاءِ انگور يا کجور مان رس (جوس) ٿو نچوڙي

جيڪو شراب واپرائي ٿو

جيڪو شراب پيئاري ٿو (ساقي)

جيڪو شراب جو وزن کڻي ٿو  (ڪنهن جاءِ تي پهچائڻ لاءِ)

جيڪو شراب جو واپار ڪري ٿو

جيڪو شراب وڪڻي ٿو،

جيڪو شراب خريد ٿو ڪري

۽ اهو جيڪو شراب جي پئسن ۽ قيمت مان کائي ٿو. (. الميزان، ، ج 2، ص 298 - 299. ڇاپو ساڳيو )

ليڪن اهو سوال ته شراب ڇو حرام ٿيو؟

ان سوال جي جواب ۾ چوڻ گھرجي ته انسانن لاءِ  خدائي حڪم معين ٿيل آهن ۽ رسول انهن حڪمن کي پهچائڻ جا ذميوار آهن ۽ اهي سڀ حڪم انسان جي سعادت، خوشحالي ۽ خوشبختي لاءِ وضع ٿيل آهن ، مسلمان جيڪو پالڻهار تي عقيدو رکي ٿو  ۽ اهو به اطمينان اٿس ته پالڻهار جا حڪم ۽ دستور منهنجي نفعي ۽ مصلحت خاطر آهن جن کي هو ڄاڻي ٿو  ۽ انهن حڪن کي پهچائڻ خاطر پنهنجي نبين ۽ رسولن جي وسيلي وحي موڪلي آهي  ڀلي کڻي اسان کي انهن جي حڪمت يا فلسفي جي ڄاڻ نه به هجي  ليڪن ڇو جو عقيدو آهي ته پالڻهار ان حڪم کي انسانن جي ڀلائي ، بهبود  ۽ ڪاميابي لاءِ جوڙيو آهي تنهن ڪري سندس حڪم جا پابند رهي ان تي عمل ڪيون. بلڪل اهڙي نموني جيئن ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي چوڻ تي ڪا دوا استعمال ڪندا آهيون جڏهن ته ان جي نفعي ۽ نقصان جي ڪا گھڻي خبر ناهي هوندي

ائين الله جا رسول ۽ ائمه معصومين عليهم السلام به انسانن جي دردن جي دوا ڪندڙ طبيب آهن جيڪي ڄاڻين ٿا ته انسان جي فڪري ۽ ذهني سلامتي لاءِ ڪهڙيون شيون فائديمند آهن ۽ ڪهڙيون شيون نقصان ڪار آهن.

مٿي بيان ٿيل آيتن ۾ واضح نموني سان شراب کي خراب ۽ پليد بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان جي واپرائڻ کان منع ڪندي ان جي علت ڏانهن به اشارو ڪيو آهي ته شراب ۽ جوا شيطاني ڪم آهن جن کان بچو

 پوءِ شراب جي حرام هجڻ جي علت بيان ڪندي فرمايو ته : (إِنَّمَا يُرِيدُ الشَّيْطَانُ أَن يُوقِعَ بَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاء فِي الْخَمْرِ وَالْمَيْسِرِ) شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جؤا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نه آھي ته اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي. يعني شرابي ماڻهجو بغض ۽ ڪيني جو شڪار بڻجي وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ ٻيون به ڪيترون ئي برائيون وجود ۾ اچي سگھن ٿيون.

روايتن ۾  شراب جي حرام هجڻ ۽ ان جي خراب آثار کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي اميرالمومنين کان سوال ٿيو : ته ڇا توهان فرمايو آهي ته شراب چوري ۽ زنا کان به بدتر آهي؟ مولا فرمايو: ها  زاني ممڪن آهي ته ڪو ٻيو گناھ نه ڪري ليڪن شرابي جيئن ئي شراب پيئندو ته زنا به ڪندو  ۽ نماز به ڇڏي ڏيندو (شهيد عبدالحسين دستغيب، گناهان کبيره، ج 1، ص 234، نشر جامعه مدرسين، قم. 1376 ش.)

امام باقر (ع ) کان سوال ٿيو : گناهان ڪبيره منجھان سڀني کان وڏو ۾ وڏو گناھ ڪهڙو آهي ” ته مولا فرمايو: شراب پيئڻ، پالڻهار جي نافرماني ايتري ٻي ڪنهن به گناھ ۾ ناهي جيتري شراب پيئڻ ۾ ڇاڪاڻ ته ممڪن آهي ته شرابي پنهنجي واجب نماز کي ڇڏي ڏي، ۽ پنهنجي محرم(ماءَ ، ڀيڻ ) سان زنا به ڪري  جڏهن ته هو بي عقل ۽ مست هجي (کيس خبر به نه پوي) (گناهان کبيره، ج 1، ص 233)

امام رضا (ع) فرمايو: خداو ند متعال شراب کي ان ڪري حرام قرار ڏنو آهي جو جو هو فساد جو سبب  ۽ عقل کي حقيقتن تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ ۽ شرم ۽ حياءَ کي ختم ڪندڙ آهي (سيد هاشم رسولى محلاتى، کيفر گناه، ص 78،نشر کتابخانه صدر ، تهران، بي تا.)

مٿي بيان ٿيل آيتن ۽ روايتن کان علاوه به موجوده ترقي يافته دور ۾ الڪحل (شراب ۾ استعمال ٿيندڙ مادو) جي نقصانن کي بيان ڪيو ويو آهي سائنس ۽ جديد علم به ان جي نقصانڪار هجڻ جا دليل آهن

شراب  ۽  نشي جي نقصان ۾ بيان ڪيو آهي ته شراب انسان کي مغز کي نقصان رسائي عقل تي به اثر وجھي ٿو نتيجي ۾ ڪنهن به ڪم ڪرڻ جهڙو نٿو رهي جنهن انسان جو عقل ڪم نه ڪري ته ان ۽ حيوان ۾ ڪو به فرق نٿو رهي جنهن جي نتيجي ۾ شرابي حيواني صفتن ڏانهن ڌڪجي وڃي ٿو. الڪحل استعمال ڪرڻ سان انسان جي مغز فلج ٿي وڃي ٿو.

باقي آخري سوال ته اسلام ۾ شراب ڪڏهن کان وٺي حرم ٿيو آهي؟

ان جو جواب هي آهي ته  انهن آيتن کي نظر ۾ رکندي مختلف قول بيان ڪيا ويا آهن  انهن قولن منجھان صحيح قول هي آهي ته شراب  مڪي ۾ نبي مڪرم جي بعثت جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ ئي حرام ٿيو آهي ان نظرئي جا طرفدار علامه طباطبائي ۽ ديد جعفر مرتضى آملي آهن جن پنهنجي ڪتابن ۾ ان نظرئي کي نقل ڪيو آهي (الميزان, ج 16, ص 163, الصحيح من سيره النبي الاعظم, ج 4, ص 43) باقي ٻيا قول هن ريت به نقل ٿيل آهن

1ـ هجرت جي ٽئين سال  جنگ احد کان پهريان (تفسير الميزان ج 6 ص 131)

2ـ هجرت جي پنجين سال جنگ احزاب کان بعد ۾ (اها راويت به تفسير الميزان ج 6 ص 134 ۾ نقل ٿيل آهي)

3ـ هجرت جي چوٿين سال ( آيت الله جعفر سبحاني پنهنجي ڪتاب فروغ ابديت جي پراڻي ڇاپي  جي ٻئين جلد جي ص 513 تي اهو قول بيان ڪيو آهي.

4ـ هجرت جي ڇهين سال ليڪن بهترين نظر علامه طباطبايي جي آهي جنهن کي بيان ڪيو سين

 

مولا اسان سڀني کي  مڙني نشن جي لعنت کان بچڻ ۽ پنهنجي معاشري مان ان موذي مرضن کي ختم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 

 

مڙس جا زال مٿان حق (زال جون ذميداريون)

 

زندگي جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جو اهم حصو زال پاران پنهنجي مڙس جي حقن جو لحاظ ڪرڻ ۾ سمايل آهي. ان ميدان ۾ زال لاءِ ضروري آهي ته صرف الله سائين ۽ قيامت کي نظر ۾ رکي ۽ مڙس جي معاملي ۾ ٻين کان نه ڪو حڪم وٺي

 

5. سنوريل ۽ پاڪيزه هجڻ

جهڙي ريت مرد کي اهو پسند آهي ته ان جي زال سهڻي، پاڪيزه، سٺي لباس واري ۽ معطر هجي، زال جي به پنهنجي مڙس مان اها توقع هوندي آهي. صفائي، پاڪائي، وهنجڻ، ڦڻي ڏيڻ، عطر لڳائن، صاف سٿرا ڪپڙا پائڻ ۽ مرد جي جسم

 

 

زال جا حق پيغمبر اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم فرمايو: جيڪو پنهنجي گهروارن جي حق کي ضايع ڪري، الله سائين جي رحمت کان پري آهي. ۽ پڻ پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم فرمايو: اوهان ۾ سڀ کان ڀلو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهروارن لاءِ ڀلو هجي ۽ مان پنهنجي گهروارن لاءِ اوهان سڀني کان بهتر آهيان.

زال جا مڙس مٿان حق (مڙس جون ذميداريون)

 1_ ضروريات زندگي فراهم ڪرڻ امام سجاد عليه السلام فرمايو: بازار ۾ وڃي گهروارن لاءِ هڪ درهم جو گوشت خريد ڪرڻ جنهن جي اهي چاهت رکندا ھجن، مون لاءِ هڪ غلام آزاد ڪرڻ کان وڌيڪ پسنديده آهي.

2_ نزديڪي اٺين امام عليه السلام کان سوال ڪيائون: هڪ شخص جي جوان گهرواري آهي، ان شخص تي هڪ مصيبت آئي آهي جنهن سبب ڪجھ مهينن يا شايد هڪ سال کان گهرواري سان نزديڪي نه ڪئي اٿس، البته زال کي رنج رسائڻ جي نيت نه اٿس، ڇا اهو شخص گنهگار آهي؟ امام فرمايو: جي ها، چئن مهينن کان پوءِ گنهگار آهي. حضرت ابوذر پيغمبر اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم کان پڇيو: مڙس جي زال سان نزديڪي ۾ لذت ته آهي ئي پر ڇا گڏوگڏ ثواب به اٿس؟ پاڻ سڳورن فرمايو: جي ها، (اهو ٻڌاءِ) جيڪڏهن غير شرعي طريقي سان دل خوش ڪرين ته حرام ناهي؟ ابوذر چيو: ڇو نه، پيغمبر فرمايو: بس حلال طريقي سان ثواب آهي! مستحب آهي مرد هر چئن راتين مان هڪ رات نزديڪي لاءِ زال وٽ گزاري.

3_ زندگي جون سهوليات پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: جيڪو بازار وڃي ٿو ۽ پنهنجي گهروارن لاءِ تحفو خريد ڪري ٿو، اهو ان شخص جيان آهي جيڪو ضرورتمندن جي گهر صدقو کڻي وڃي ٿو. اهو جنهن مهل خريد ڪيل تحفو گهر کڻي وڃي ته ان کي گهرجي ته پهريان نياڻين کي ڏئي، ان ڪري جو جيڪو پنهنجي نياڻي کي خوش ڪري اهو ائين آهي ڄڻ (حضرت) اسماعيل جي نسل مان ٻانهو آزاد ڪيو اٿس ۽ جيڪو تحفي وسيلي پنهنجي پٽ جون اکيون روشن ڪري يعني ان کي خوش ڪري، ان ڄڻ الله جي خوف ۾ ڳوڙها ڳاڙيا، ۽ جيڪو الله جي خوف ۾ رنو، الله سائين ان کي نعمتن سان ڀريل جنت ۾ داخل ڪندو. رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ان ڳالھ کان روڪيو ته مرد جو پيٽ ڀريل هجي ۽ عورت بکايل هجي. ڇهين امام عليه السلام فرمايو: مرد کي گهر ۽ گهروارن جي پروگرام خاطر ٽن شين تي عمل ڪرڻ گهرجي چاهي اهي سندس چاهت جي خلاف هجن: سهڻو سلوڪ، اسراف کان بچندي کائڻ پيئڻ (جي شين) ۾ وسعت ۽ خانداني غيرت. چوٿين امام عليه السلام فرمايو: جيڪو پنهنجي گهر وارن کي وڌيڪ سهولتون ڏيندو، الله سائين ان کان وڌيڪ راضي هوندو. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: مسلمان جيڪا شيءِ الله خاطر پنهنجي گهرواري لاءِ خريد ڪري ٿو ان لاءِ صدقو ڏيڻ جو ثواب آهي.

4_ زال جو احترام: پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: جيڪو شادي ڪري ٿو ان کي زال جو احترام ڪرڻ گهرجي. ۽ فرمايو: جيڪو زال کي ٽن مُڪن کان وڌيڪ هڻي، الله سائين قيامت ۾ پهرين ۽ پوين جي سامهون ان کي ذليل ڪندو. ۽ فرمايو: ڇا ڏينهن جو زال کي ماريو ٿا ۽ رات جو ان سان ڀاڪر پائڻ جي چاهت ٿا رکو؟! ۽ فرمايو: مون کي ان ماڻهو تي تعجب آهي جيڪو زال کي موچڙا ٿو هڻي جڏهن ته اهو پاڻ موچڙا کائڻ جو وڌيڪ حقدار آهي. زال کي سوٽي نه هڻو جو ان سان اوهان تي قصاص ثابت ٿي ويندو. رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کان حولا پڇيو: زال جو مڙس تي ڪهڙو حق آهي؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: منهنجي ڀاءُ جبرائيل عورتن جي ايتري سفارش ڪئي جو مون سوچيو ته مرد کي اهو حق نه آهي جو ان کي اُف به چوي. امير المومنين علي عليه السلام فرمايو: عورتون اوهان وٽ امانت آهن انهن تي سختي نه ڪريو ۽ انهن کي بنا ذميداري جي به نه ڇڏيو. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: زالن جي باري ۾ الله کان ڊڄو، اهي زندگي جا ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪن ٿيون الله جي حڪم، قرآن جي نص، سنت ۽ شريعت مطابق اوهان تي حلال ٿيون آهن. پنهنجو جسم لذت خاطر اوهان جي حوالي ڪرڻ ۽ اوهان جي ٻارن کي پنهنجي پيٽ ۾ رکڻ ۽ ڄم تائين خطرناڪ سور سهڻ سبب انهن جو اوهان مٿان واجب حق آهي، انهن سان مهربان هجو، انهن جي دل کي خوش رکو ته جيئن توهان سان ٺهيل هجن، انهن سان نفرت جو اظهار نه ڪريو، انهن کي جيڪو مهر ڏنو اٿؤ ان جي لالچ نه ڪريو ۽ ان مان زوري ڪا شيءِ واپس نه وٺو.

استاد حسين انصاريان جي ڪتاب اسلام جو خانداني نظام تان ورتل

 

 

اي ايمان وارو توھان تي روزا فرض ڪيا ويا آھين، جيئن توھان کان پھرين واري امتن تي فرض ڪيا ويا ھئا، شاھد توھان متقي ٿي وڃو.

سورہ بقرہ آيت نمبر 183

روزو مختلف پھلوئن سان ڳنڍيل  ۽ جڙيل آھي،  ۽ انسان جي اندر ۾ سڀاويڪ  ۽ ڳجھي لحاظ سان تمام گھڻو اثر رکي ٿو، جنھن منجھ سڀ کان موھم  ۽ درجي بدرجي پھلو فلسفو آھي. اگر اسان مٿي ڏنل آيت جي ترجمي ۾ غور ويچار ڪنداسين، تہ اللہ تعالي روزي جو فلسفو تقوا کي قرار ڏنو آھي، يعني روزو توھان تي ان ڪري فرض ڪيو ويو آھي، تاڪہ توھان متقي  ۽ پارسا ٿي وڃو.  ۽ امام جعفر صادق عليہ السلام کان ھڪ روايت ملي ٿي، تہ جنھن شخص رمضان المبارڪ جو ھڪ روزو نہ رکيو، تہ ان انسان جي روح مان ويساہ (ايمان) نڪري ويو. بس اگر ڪو انسان ھن روايت ۾ انھو ويچار ڪندو، تہ انسان کي روزي جي اھميت  ۽ فلسفي جي کوڙ ساري خبر پئجي ويندي. تہ روزي کي واجب ڪرڻ جو مقصد  ۽ فلسفو ايمان کي بچائڻ آھي،  ۽ ايمان کي بچائڻ جو حيلو تقوا آھي، جنھن تقوا کي قرآن مجيد ۾ اللہ تعالي روزي جو فلسفو قرار ڏنو آھي. تقوا اسلام منجھ بنيادي بساط  ۽ اھميت رکي ٿي،  ۽ ڪيترن ئي عبادتن جو اصلي فلسفو تقوا آھي. وري اسان ڏسنداسين تہ تقوا ڇا آھي جنھن کي اللہ تعالي روزي جو فلسفو  ۽ مقصد قرار ڏنو آھي؟. روايتن جي روشني م تقوا جي تعريف ٽن شيئن سان بيان ٿي ٿئي. ھڪ اللہ تعالي جي اطاعت ڪرڻ، ٻہ گناھن کان بچڻ، ٽي دنيا کي ترڪ ڪرڻ  . جيئن رسول اڪرم فرمائن ٿا، تقوا توھان لا ۽ ضروري آھي، ڇوجو ھر ڪم جو سرمايو تقوا آھي. حقيقت بہ اھيا آھي، تہ اھڙو روزو رکڻ جيڪو انسان ذات کي گناھن کان پرين نہ ڪرين، ان کي اسان بک  ۽ اڃ تہ چئي سگھون ٿا، پر ان کي حقيقي معناہ م روزو نٿو چئي سگھجي. ڇوجو پو ۽ اسانکي روزي جو فلسفو  ۽ ان جو مقصد حاصل نٿو ٿي، اگر فلسفو  ۽ مقصد حاصل نٿو ٿي، تہ ان جو مطلب تہ جنھن روزي جو اسان کي حڪم مليو آھي. اھو اسان نہ رکيو آھي آھي، بلڪي اھيو روزو اسان پنھنجي مرضي مطابق رکيو آھي،  ۽ جيڪا عبادت اسان پنھنجي عين مرضي مطابق انجام ڏيون، جنھن عبادت م اللہ تعالي جي طرفان ڏنل احڪامات  ۽ پيغامات جي رعايت نہ ڪئي وڃي، تہ اھڙي عبادت اللہ تعالي ھر گز قبول نہ ڪندو، جيڪا عبادت انسان کي خدا جي اطاعت کان ڏور رکي. جيئن رسول اڪرم جي ھڪ حديث آھي، جيڪو شخص رمضان جي مھيني جا روزا رکندو،  ۽ گناھن  ۽ حرام ڪمن کان ڪنايو ڪندو، تہ اللہ تعالي ان انسان کان راضي ٿيندو آھي،  ۽ ان شخص تي جنت واجب آھي. ھن دنيا م اھو شخص حقيقي روزيدار آھي، جنھن شخص ھن با برڪت مھيني جي عظمتن  ۽ فضيلتن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گناھن کان بلڪل ڏور رھيو،  ۽ پنھنجي نفس کي ھميشہ لا ۽ پاڪ رھيو،  ۽ ھميشہ پنھنجو پاڻ کي پالڻھار جي عبادت ڪرڻ لا ۽ آمادہ رکيو. وري ھڪ ٻئي جڳھ تي امام علي عليہ السلام جو فرمان ملي ٿو، تہ جنھن ۾ امام عليہ السلام فرمائن ٿا، بيشڪ تقوا توھان جي دلين جي بيمارين لا ۽ دوا، روح جي نابينائي لا ۽ نور، جسماني بيمارين لا ۽ شفا، سيني جي فساد لا ۽ اصلاح،  نفس جي گندگي لا ۽ پاڪائي،  اکين جي پردي کي کولڻ واري، اندروني پريشاني لا ۽ راحت،  ۽ اونداھين لا ۽ روشني آھي.  ۽ ھڪ ٻئي جڳھ تي ملي ٿو، تہ جنت چار شخصن جي مشتاق آھي، ھڪ ڪنھن بکايل کي کاڌو کارائڻ واري جي، ٻہ پنھنجي زبان کي قابو ۾ رکڻ واري جي ٽي قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ واري جي، چار رمضان شريف جا روزا رکڻ واري جي.

 

روزي جو ٻيو فلسفو.

امام جعفر صادق عليہ السلام فرمائن ٿا، اللہ سائين روزا ان ڪري فرض ڪيا آھن، تاڪي غريب  ۽ امير ھڪجھڙا ٿي سگھن  ۽ جڏھن تہ امير کي ڪڏھن بہ بک محسوس نہ ٿيندي، جيستوئي اھو امير روزو نہ رکي، ان ڪري روزي جھڙي عظيم عمل کي انسان مٿان واجب ڪري، امير  ۽ غريب کي مساوي ڪرڻ آھي. ۽ انھي فلسفي مطابق روزي جو اثر  ۽ رسوخ اسانجي سماج  ۽ معاشري تي پڻ پوي ٿو، جيڪو اسان کان لڪيل  ۽ ڳجھو نہ آھي، روزو اسان جي سماج کي امير  ۽ غريب جي برابري (مساويت) جو درس ڏئي ٿو، ڇوجو ھن روزي جھڙي عظيم عبادت ئي آھي، جنھن جي ذريعي شاھوڪار انسانن  ۽ دولتمند ماڻھن، کي غريب  ۽ مسڪينن ماڻھن جي بک  ۽ اڃ جي ڪيفيت  ۽( حالت) جي خبر پوي ٿي. ليڪن افسوس سان ھت لکڻو ٿو پوي، تہ اڄ روزي جي عظيم عبادت بہ سياست جي ور چڙھي وئي آھي،  ۽ وڏين وڏين افطاري پارٽين جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو، پر ان پارٽين ۾ غريبن  ۽ مسڪينن کي دعوت جي جڳھ تي انھن کي اذيت ڏني وڃي ٿي،  ۽ انھن کي لاچار  ۽ بي سھارا ھئڻ جو احساس ڏياريو وڃي ٿو. جڏھن تہ اسانکي انبيا ۽ ڪرام  ۽ آئمہ اطھار جي طرفان اھيو درس مليل آھي، تہ ھن با برڪت مھيني ۾ غريبن  ۽ مسڪينن جي جيتري قدر ٿي سگھي مدد ڪيو. پر اسانجي سماج ۾ ان جي بر عڪس ٿي رھيو آھي، اسان وٽ وري روزي جي افطاري پارٽي ۾ ڳوٺ جي وڏيرن  ۽ سياسي ڀوتارن کي دعوت ڏني ويندي آھي، اسان جي معاشري ۾ وري افطاري جي پارٽي جي دعوت بذريعہ ڪارڊ ڏني ويندي آھي، حتاڪ ڪنھن اھڙا وڏيرا  ۽ سياسي ڀوتار بہ انھي دعوت م ھوندا آھن جن جو روزو بہ نہ ھوندو آھي.

 

روزي جا حڪيماڻا فائدا

 

روزی جو ٽيو فلسفو. طب چاھي جديد ھجي يا پراڻي، يا وري ڊاڪٽرن  ۽ عالمي صحت جي عھديدارن جي تحقيقات يعني (ريسچرز) جي روشني ۾، روزو ڪيترن ئي موضي مرضن کان نجات (چوٽڪارو) جو ذريعو ٿئي ٿو. جنھن کي ڪو مذھب يا ڌرم سيئڪار ڪرڻ کان انڪار نٿو ڪري سگھي، يا وري شاھد ڪو ئي اھڙو حڪيم يا طبيب ھوندو، جيڪو پنھنجي من گھڙت تاليفات  ۽ تصنيفات ۾ ان حقيقت ڏانھن اشارو نہ ڪيو ھجي. ڪجھ فائدا اسان مندرجہ ذيل ۾ بيان ڪيون ٿا. ذھني مرض، اھي ماڻھون جيڪي ذھني مرض م جکڙيل آھن، انھن انسانن لا ۽ روزي ڪنھن تحفي (سوکڙي) کان گھٽ نہ آھي، روزو رکڻ سان اھو نظم  ۽ ضبط ملي ٿو، جنھن سان ذھني مرض کان بلڪل چوٽڪارو (نجات) ملي وڃي ٿو. ڏندن جو مرض، روزي رکڻ جي حالت م ڪجھ ڪلاڪن تائين کاڌ  ۽ خوراڪ کان پرھيز ڪيو وڃي ٿو، جنھن سان خوراڪ جا زراعت ڏندن جي وچ ۾ نٿا رڪجن، جنھن سان انسان جا ڏند وڌيڪ مظبوط ٿين ٿا،  ۽ انسان جي وات ۾ ھر وقت کاڌ  ۽ خوراڪ واپرائڻ سان ڪني بدبو ۽ جنم وٺي ٿي روزو رکڻ سان ان کان بہ چوٽڪار ملي وڃي ٿو. گڙدي جو مرض، روزو رکڻ سان گڙدي جھڙي خطرناڪ بيماري کان پڻ نجات ملي ٿي، روزو رکڻ واري انسان جو پيشاب بہ ھر بيماري جو علاج پاڻ ڪندو آھي، روزي رکڻ سان انساني جسم ۾ گڏ ٿيل پاڻي سڙيو ختم ٿيو وڃي. معدي جو مرض، روزو معدي جي مرض کي پڻ ڏور ڪري ٿو،  ۽ روزو ھاضمي واري نظام کي محڪم  ۽ مضبوط ڪري ٿو،  ۽ جسم ۾ گھڻي چرٻي  ۽ نمڪيات کي ختم ڪري ٿو، سڄي سال م جيڪو معدي تي بالائي ٻسجڻ پوي ٿو، رمضان المبارڪ جي روزن جي برڪت سان ان کان بہ چوٽڪارو ملي ٿو. ٻارڙن جو مرض، ننڍڙن ٻارڙن کي جڏھن اسان روز رکڻائينداسين، تہ ان سان بہ حيرت انگيز فائدا حاصل ٿين ٿا، سرخ بخار، حلق جو زخم، ڪاري کنگھ،  ۽ ٻارڙن م جيڪا فاليج جي بيماري پيندا ٿيندي آھي، روزو رکڻ سان ان کان بہ چوٽڪارو ملي ٿو. بھرحال روزي رکڻ جا کوڙ سارا حڪيماڻا  ۽ طبيباڻا فائدا آھن.جھڙوڪ الڪسي سوفرين، جيڪو روس جو ھڪ نالي وارو دانشور آھي، جيڪو پنھنجي ھڪ ڪتاب م لکي ٿو. روزو رکڻ کوڙ سارين بيمارين لا ۽ مفيد  ۽ فائدمند ثابت ٿي ٿو، جيئن رت جو گھٽجڻ، آنڊن جي ڪمزوري، التھاب( يعني جسم جي بعض پرزن جو سوڃي وڃڻ) اندران  ۽ ٻاھريان پڙاڻا ڦٽ، تپ، دق، اسڪيلروز، نقرس، استسقا، (جلندر، تمام گھڻي اڃ جو لڳڻ واري ھڪ بيماري آھي، جنھن جي ڪارڻ پيٽ اندر پاڻي ڀرجي ويندو آھي، چمڙي جو ڪرڻ، اکين جي نور جون بيماريون،  ۽ ٻين کوڙ سارين بيمارين جو حل روزي رکڻ سان جلدي ملي ويندو آھي.  ۽ اسانکي ھت رسول اڪرم جي ھڪ مشھور حديث پڻ ملي ٿي، جنھن م رسول اڪرم فرمائن ٿا، معدو ھر بيمار جو گھر (بيت) آھي،  ۽ اساڪ يعني روزو ھر مرض جي دوا آھي.

آخر ۾ اسان اللہ تبارڪ تعالي کان اھيان دعا گھرون ٿا، تہ اسانکي حقيقي معناہ ۾ روزو رکڻ جي توفيقات عطا فرماء

 

 

 

مهاڳ:

اسلام جي مهم فرضن منجهان، هڪ فرض مالي جيڪو هر واجد شرايط مسلمان سان

تعلق رکي ٿو اهو خمس آهي. جنهن جي واجب هجڻ تي قرآن، سنت، عقل ۽ اجماع علماءِ امت اسلامي گواهي ڏني آهي. ۽ فقهاٰءِ اماميه ڪتب اربعه ۽ ٻين فقهي ۽ حديثي ڪتابن ۾ خمس جو مخصوص باب ذڪر ڪيو آهي. اگرچه خمس ادا ڪرڻ فروع دين ۽ واجبات منجھان آهي ليکن رسول اکرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي فرمان مطابق خمس نماز وانگر شرط اسلام آهي. خمس ادا ڪرڻ سان، واجب جي ادائگيءَ سان گڏوگڏ (روايات اهلبيت عليهم السلام ۾خمس جا ڪجھ آثار دنيوي ( وضعي ) ۽ آثار اخروي ( تڪليفي ) بيان ٿيل آهن) آثار به رکي ٿو. جن کي مختصر طور تي هن مقالي ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو.

اسلام جي هر حڪم ۽ مفهوم کي سمجھڻ لاءِ پهريون مرحلو ان حڪم ۽ مفهوم جي دقيق شناخت ضروري آهي تنهن جي ڪري بحث جي شروعات ۾ خمس جي لغوي ۽ اصطلاحي معنى کي بيان ڪيو وڃي ٿو.

خمس جي لغوي معنى:

الخمسُ واحد من خمسه یقال خَمستُ القوم: اخذتُ خُمسَ اموالِهم.

هرشيءِ جي پنجين حصي کي خمس سڏيو ويندو آهي. چيو ويندو آهي هنن جي مال منجھان پنجون حصون ورتم.[1]

خمس جي اصطلاحي تعريف:

صاحب جواهر پنهنجي فقهي ڪتاب mجواهر الڪلامn ۾ خمس جي تعريف بابت لکي ٿو ته: mاَلخمسُ شرعاً: هو حقٌ مالیٌ فرضه اللهُ مالکُ الملکِ بالاصاله علی عبادهِ فی مالٍ مخصوصٍ له، و لبنی هاشم ع  الذین هم رؤساهم، و اهل الفضلِ و الاحسانِ علیهم اکرامه ایاهم لمنع الصدقه و الاوساخ عنهم.

خمس مالي حق آهي جنھن کي پالڻهار، پادشاه پنهنجن بندن تي انهن جي مخصوص مال منجهان، انهن جي فائدي لاءِ ۽ بني هاشم عليهم السلام جي فائدي لاءِ واجب ڪيو آهي. بني هاشم عليهم السلام جيڪي بندن جا رهبر حقيقي ۽ صاحب فضل ۽ احسان آهن. بني هاشم عليهم السلام جي ڪرامت سبب، انهن کي صدقي ۽ زڪوات جي بدلي خمس ڏنو ويندو آهي.[2]

 

خمس جو ذڪر قرآن ۾:

خمس جي حوالي سان قرآن ۾ ڇهه آيتون موجود آهن جيڪي يا ته قطعي ۽ يقيني طور تي خمس ۽ ان جي وجوب کي بيان ڪري رهيون آهن. يا انهن جي دلالت خمس تي احتمالي آهي. جن جو نشان هيٺ ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

1. آيت 41____ سورت انفال ___ پارو 9

2. آيت 1_____ سورت انفال ___ پارو 9

3. آيت 177__ سورت بقره _____پارو 2

4. آيت 267__ سورت بقره ____ پارو 3

5. آيت 6 ____ سورت حشر ___ پارو 28

6. آيت 7____ سورت حشر ___ پارو 28

 

ليڪن مقالي جي حد تائين فقط هڪ آيت جي وضاحت ڪئي وڃي ٿي.

آيت 41 سورت انفال:

وَ اعْلَمُوا أَنَّما غَنِمْتُمْ مِنْ شَيْ‏ءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَ لِلرَّسُولِ وَ لِذِي الْقُرْبى‏ وَ الْيَتامى‏ وَ الْمَساكينِ وَ ابْنِ السَّبيلِ إِنْ كُنْتُمْ آمَنْتُمْ بِاللَّهِ وَ ما أَنْزَلْنا عَلى‏ عَبْدِنا يَوْمَ الْفُرْقانِ يَوْمَ الْتَقَى الْجَمْعانِ وَ اللَّهُ عَلى‏ كُلِّ شَيْ‏ءٍ قَديرٌ (41)

۽ (ھيءَ ڳالھ) ڄاڻو ته جيڪو مال (ڪافرن تي فتح لھڻ کانپوءِ) اوھان جي ھٿ ۾ آيو تنھنجو پنجون حصّو الله ۽ پيغمبر ۽ (پيغمبر جي) عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي جيڪڏھن اوھان الله کي مڃيو آھي ۽ (پڻ) جيڪو پنھنجي ٻانھي (ﷴ) تي فيصلي جي ڏينھن جنھن ڏينھن ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ مقابل ٿيون نازل ڪيوسون (تنھن تي يقين رکندا آھيو ته اُن حُڪم تي عمل ڪريو)، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھي.

هن آيت ڪريمه ۾ لفظ (غَنِمْتُمْ)  ۽ لفظ (خُمُسَهُ) وڏي ۽ چٽي صراحت سان اعلان ڪري رهيا آهن ته مال جون پنجون ڀاڳون هر واجد شرايط مسلمان تي ادا ڪرڻ واجب آهي. ڇوجولغت جي هر ڪتاب ۾لفظ (غَنِمْتُمْ)  (يعني غنيمت ۽ فائدو) جي معني هر قسم جو فائدو[3] بيان ٿيل آهي.

خمس جو ذڪر احاديث ۾  ۽ اُن جا فائدا

خمس جي باري ۾ حديثن ۾ آيل الفاظن تي غور ڪيو وڃي ته ڪجھ فائدا ذڪر ٿيل آهن جن کي هيٺ بيان ڪيو وڃي ٿو:

1.خمس ۽ نسل پاڪ

محمد بن مسلم امام محمد عليه السلام جن کان روايت نقل ڪري ٿو ته امام عليه السلام جن فرمايو :  قَدْ طَيَّبْنَا ذَلِكَ لِشِيعَتِنَا لِتَطِيبَ‏ وِلَادَتُهُم اسان خمس جي وسيلي پنهجن شيعن کي پاڪ ڪيو ته جيئن انهن جو نسل پاڪ ٿئي“.[4]

 

2. خمس ۽ دين جو مضبوط هئڻ

امام رضا  عليه السلام جن فرمايو: إِنَّ الْخُمُسَ‏ عَوْنُنَا عَلَى دِينِنَا ” خمس ڏيڻ اسان جي دين تي مدد ڪرڻ آهي“[5]

3. خمس ۽ سادات جي مدد

امام رضا  عليه السلام جن فرمايو: إِنَّ الْخُمُسَ‏ عَوْنُنَا  عَلَى عِيَالاتِنَا ” خمس ڏيڻ اسان جي اولاد جي مدد ڪرڻ آهي“[6]

4.خمس ۽ مال جو پاڪ هئڻ

امام صادق عليه السلام  جن فرمايو: ما اريد بذالک الا ان يتطهروا ” خمس وٺڻ مان منهنجو ارادو فقط توهان جي مال کي پاڪ ڪرڻ آهي “ [7]

5. خمس ۽ گناهن جو ڪفارو

امام رضا  عليه السلام جن فرمايو: فَإِنَّ إِخْرَاجَ الخُمسِ تَمْحِيصُ‏ ذُنُوبِكُمْ ” خمس ڏيڻ سان توهان جا ڱناه معاف ڪيا ويندا“ [8]

6. خمس ۽ وسعت رزق جي چاٻي

امام رضا  عليه السلام جن فرمايو: فَإِنَّ إِخْرَاجَ الخُمسِ مِفْتَاحُ رِزْقِكُمْخمس ڏيڻ توهان جي لاءِ رزق جي چاٻي آهي“ [9]

7.خمس ۽ جنت  جي ضمانت ۽ بشارت

هڪ ڏينهن هڪ شخص امام باقر عليه السلام جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ مولي  عليه السلام جن  وٽ خمس حاضر ڪيائين، امام  عليه السلام جن اُن شخص کي فرمايو: ضَمنتُ لَک عليّ و علي ابيِ الجنّهَ ” مون تي ۽ منهنجي پيءُ تي، توهان جي لاءِ جنت جو ضامن ٿيڻ لازمي آهي.[10]

نتيجو:اسلام جي فرائض مالي منجھان، هڪ فرض ” خمس ڏيڻ “ آهي. خمس فروع دين منجهان ۽ عبادات مان ليکيو ويو آهي تنهنجي ڪري قصد قربت جي نيت سان ادا ڪرڻ ڱهرجي. خمس ۽ اَن جي واجب هئڻ جو ذڪر ۽ آثار جيتوڻيڪ: خمس ڏيڻ سان نسل ۽ مال پاڪ ٿئي ٿو، دين مضبوط رهي ٿو، سادات جي مدد ٿئي ٿي، ڱناه معاف ٿين ٿا، رزق وسيع ٿئي ٿو، ۽ امام  عليه السلام جنت جو ضامن بڻجي ٿو. وغيره..... قرآن ۽ احاديث ۾ ذڪر ٿيل آهن.

حوالا.......

 



[1] مقائيس الغه ، ابن زڪريا، ج2، ص218

[2] جواهر الڪلام، ج16، ص2

[3] العين، خليل فراهيدي، ج4، ص426.

[4] ڪليني، الڪافي، ج1، ص547.

[5] طوسي، تهذيب الاحڪام، ج1، ص139.

[6] ساڳوڻو...................................

[7] حر عاملي، وسائل الشيعه، ج9، ص484.

[8] الڪافي، ج2، ص738

[9] ساڳوڻو.........................، ص538.

[10] حر عاملي، وسائل الشيعه، ج9، ص528.

 

 

 

مهاڳ

رمضان جو مهينو وڏو با برڪت مهينو آهي، ان مهيني کي الله سائين پنهنجو مهينو ڪوٺيو آهي. ان ۾ پنهنجي لا زوال قانوني ڪتاب، قرآن کي لاٿو اٿس. هي نبوت جي عظمت ۽ ولايت جي اوج ۽ معراج جو مهينو آهي. ان مهيني ۾ الله سائين پنهنجي مغفرت، بخشش ۽ رحمت جا خزانا کولي ڇڏيندو آهي.

مهاڳ:

انَّما يَعْمُرُ مَساجِدَ اللَّهِ مَنْ آمَنَ بِاللَّهِ وَ الْيَوْمِ الْآخِرِ وَ أَقامَ الصَّلاةَ وَ آتَى الزَّكاةَ وَ لَمْ يَخْشَ إِلاَّ اللَّهَ فَعَسى‏ أُولئِكَ أَنْ يَكُونُوا مِنَ الْمُهْتَدين.‏ (1)

بيشڪ الله جي مسجد کي اهو تعمير ڪري ٿو جنهن الله ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ زڪوات ادا ڪئي ۽ خدا کان علاوه ڪنهن کان نٿو ڊڄي پوءِ اهي ئي هدايت يافته آهن.

خداوند متعال پنهنجي  ربوبيت جي تقاضا مطابق انسان جي تربيت ۽ ان کي ڪمال انسانيت تائين پهچائڻ خاطر عبادتن ۽ اخلاقي اصولن جو هڪ سلسلو معين ڪيو آهي ته جئين انسان انهن عبادتن جي سائي ۾ اخلاقي ذميوارين کي نڀائيندي ان ڪمال تائين پهچي سگهي جنهن خاطر انسان کي خلق ڪيو ويو آهي.

هر قوم ۽ مذهب ۾ ڪي ڏهاڙا اهڙا هوندا آهن جيڪي خاص اهميت، رتبي ۽ مقام جا حامل هوندا آهن. انهن ڏينهن ۾ خوشيون ڪيون وينديون آهن، جشن ملهائبا آهن، گڏجاڻيون ڪبيون آهن، نوان ڪپڙا اوڙهبا آهن، ٻارن کي خرچيون ڏبيون آهن، ست طعاميون تيار ڪبيون آهن،

 تاريخ جي ورق اٿلائڻ سان پروڙ پوي ٿي ته روزو فقط اسلامي امت تي واجب نه ڪيو ويو آهي، بلڪه اسلام کان پهريان به گذريل امتن تي واجب هيو، پر وقت ۾ فرق آهي. امام فخر رازي پنهنجي تفسير ۾ روزي جي ڪيفيت بابت ڄاڻايو آهي ته: الله تعالى يهودين لاءِ رمضان مهينو رکيو، پر يهودين هن مهيني جي روزن کي ڇڏي ڪري رڳو هڪ ڏينهن ئي قرار ڏنو، شايد اهو ڏينهن فرعون جي غرق ٿيڻ جو ڏينهن هيو.

شرعي حڪمن جو بيان

ٽي راهون احتياط ، اجتهاد ۽ تقليد