اڱارو, 23 جولاءِ 2019

اسلام ۾ شادي ۽ ان جي اهميت

  • انداز قلم

مقدمو: اسلام ۾ شادي ڪرڻ سنت موڪده آهي ان جي تاڪيد ۾ پيغمبراڪرم 3 ۽ اهلبيت E کان تمام گهڻيون روايتون نقل ڪيون ويون آهن.

فقهي احڪام

 

نڪاح اسلام جو هڪ بهترين قانون آهن جنهن قانون جي تحت مرد ۽ عورت جيڪي پهريان ته هڪ ٻئي جا نا محرم هوندا آهن پر نڪاح پوڻ سان هڪ ٻي جا محرم بڻجي ويندا آهن . ۽ نڪاح جي نتيجي ۾ هڪ بهترين گهر ۽ خاندان وجود ۾ ايندو آهي، شادي ڪرڻ فقط سٺو ڪم ناهي، پر  الله تعالي جي نزديڪ تمام سٺو عمل آهي، نڪاح کي رسول الله 3 جي سنت قرار ڏنو ويو آهي جهڙي نموني سان حضرت امام علي D فرمائن ٿا:

تَزوجوا، فَان التزويج سُنه رسول الله(3)، فانّهُ کان يقول: من کان يُحبّ أن يتّبع سُنّتي، فانّ من سُنّتي التّزويج [1] نڪاح ڪيو تحقيق نڪاح ڪرڻ رسول الله 3 جي سنت آهي، اُن جي لاءِ رسول الله 3 فرمايو آهي: جيڪو ان ڳالهه کي پسند ڪري ٿو ته اُهو منهنجي سنت جي پيروي ڪري ته بيشڪ منهنجي سنت منجهان نڪاح ڪرڻ به آهي.

نڪاح ڪرڻ رسول الله 3 جي سنت آهي رسول الله 3 پاڻ پنهنجي سنت تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جيتوڻيڪ هي حڪم واجب نه آهي پر ان جي انجام ڏيڻ جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي ان جي انجام ڏيڻ سان انسان جو اڌ دين مڪمل ٿيندو آهي ان ڪري پاڻ سڳورن 3 تمام گهڻين جاين تي شادي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، شادي ڪرڻ ۾ دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي آهي. ۽ اسان هن مختصر مقالي ۾ شادي ڪرڻ مادي ۽ معنوي فائدن سان گڏ ڪجه احڪام به بيان ڪنداسين .

 

 

شادي ڇا آهي ؟

شادي (نڪاح ) هڪ اهڙي قرارداد آهي جنهن سان مرد ۽ عورت هڪ ٻي سان گڏ رهڻ جو واعدو ڪن ٿا ، هي قرارداد مرد ۽ عورت ٻنهي جي راضپي سان منعقد ٿيندي آهي، هي ٻئي پاڻ ۾ اهڙو ڳانڊاپو ٻڌيندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ هڪ خاندان وجود ۾ ايندو آهي، انهن ٻني جي ڪري ڪجھ رشن ۾ به اضافو ٿي ويندو آهي جڏهن اهي شادي کان پهرياڻ انهن ٻني جا ڪجھ به ناهن هوندا پر شادي ۽ نڪاح کان پوءِ انهن قريبي رشتيدار بڻجي ويندا آهن جهڙوڪ ٻنهي جا ماءُ ۽ پي انهن جي اصلي ماءُ ۽ پيءَ جي جاءِ تي اچي ويندا آهن. بس نڪاح هڪ قرارداد جو نالو آهي جيڪا هڪ مختصر عبارت (صيغن) سان وجود ۾ ايندي آهي ۽ ان کي اسلام ۾ نڪاح يا ازدواج چوندا آهن ۽ پاڻ انهي کي شادي چوندا آهيون.

 

عقد ۽  نڪاح جي معني

عقد جي لغوي معني ٻڌجڻ ۽ اصطلاحي معني هي آهي ته هر اها شيء جنهن جي نتيجي ۾ ٻن فردن يا ٻن گرون جي درميان رابطو ايجاد ٿي وڃي.

يعني مرد ۽ عورت جي درميان نڪاح ڪرڻ سان اهڙو رابطو ايجاد ٿي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ جيڪا پهريان هڪ ٻي درميان شي جائز نه هئي هاڻي انهي رابطي جي ڪري جائز ٿي ويندي، هن رابطي جي نتيجي ۾ زال ۽ مڙس هڪ ٻيءَ سان ڪجھ عهد ڪندا آهن ، هڪ ٻي جا قانون حدون معين ڪندا آهن ، ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي سان وعدا ڪندا آهن، مرد پنهنجي زمه دارين کي نڀائڻ لاءِ پنهنجي زال سان وعدا ڪندو آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ عورت به پنهنجي زمه دارين کي ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڙس سان وعدا ڪندي آهي، هڪ ڳالھ واضح ڪرڻ ضروي آهي ته انهن واعدن کي ادا نه ڪرڻ سان هي عقد پاڻي ٽٽي ناهي پوند پر الله تعالي طرفان ان جي لاءِ خاص سزا مقرر ٿيل آهي هي عهد وري به ساڳي طريقي سان ٽٽي سگهي ٿو جنهن طريقي سان ٻڌو ويو هيو .

 

شادي جي فضيلت

شادي اهميت

شادي جي اهميت جي باري ۾ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا: اذا تزصج الرجل احرز نصف دينه

جنهن شادي (نڪاح) ڪيو ان اڌ دين کي بچايو [2]

 

شادي نه ڪرڻ وارو خدا جي طرف سوءِ ظن ڪري ٿو

اسان جي معاشري غربت ۽ فقيري کي شادي لاءِ وڏي رڪاوٽ سمجهيو ويندو آهي، ڪجھ اهڙا به والدين آهن جيڪي پنهنجي اولاد جي شادي ان ڪري ناهن ڪرائي سگهندا جو انهن وٽ پيسو ۽ مال نه هوندو آهي ، پر اسلام غربت کي شادي جي رڪاوٽ نه ٿو سمجهي ،

اسلام ۾ ماءٌ ۽ پيءَ کي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي اولاد جي شادي ڪرائڻ لاءِ جلدي ڪن

 

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: مَن تَرک التَّزويجَ مَخالفةَ  العَيلَةِ اساء الظَّنَّ بِاللهِ عزوجل [3] جيڪو شخص ان ڪري شادي نه ڪري ته مان فقير(غريب) آهيان، بس اُن شخص خداوند عالم جي طرف سوء ظن ڪيو آهي .

هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انسان شادي لاءِ غربت کي رڪاوٽ نه سمجهي ۽ خداوند عالم تي اميد رکي، اُهو ئي سندس روزي جو ضامن آهي، جڏهن ڪو شخص شادي ڪندو آهي ته خداوند عالم اُنهي شخص جي مال ۾ برڪت وجهندو آهي، مال ۾ برڪت جي متعلق رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي:

 تَزَوَّج فانَّ في التَزويجِ بَرَکَةً [4]  شادي ڪيو ، ڇو جو شادي ۾ برڪت آهي

يعني انسان کي ڪڏهن به هي سوچڻ نه گهرجي ته مان غريب آهيان ان ڪري مان شادي نٿو ڪيان ڇو جو شادي کان پوءِ اهل و عيال کي  پالڻو پوندو ۽ مون وٽ ايترا وسائل ناهن جو مان شادي ڪيان ۽ بعد ۾ اولاد کي پالي سگهان، ته پوءِ هي شخص خدا جي طرف سوءِ ظن رکي ٿو ٻين لفظن ۾ هن شخص جو پنهنجي پاڻهار تي ڪو به يقين ناهي، بس ضروري آهي ته انسان کي پنهنجي خدا تي ڀروسو رکڻ گهرجي.

 

دنيا جي ڀلائي چئن شين ۾ آهي

روايات ۾ مختلف جاين تي گهر واري فضيلت هن ريت بيان ٿيل آهي

 أَرْبَعٌ مَنْ أُعْطِيَهُنَّ فَقَدْ أُعْطِيَ خَيْرَ الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ: قَلْبٌ شَاكِرٌ، وَلِسَانٌ ذَاكِرٌ، وَبَدَنٌ عَلَى الْبَلَاءِ صَابِرٌ، وَزَوْجَةٌ لَا تَبْغِيهِ خَوْفًا فِي نَفْسِهَا وَلا مَالِهِ  [5]پيغمبراڪرم 3 ارشاد فرمائن ٿا: جنهن کي چار شيون عطا ڪيون ويون ان کي دنيا ۽ آخرت جو خير عطا ڪيو ويو. شڪر ڪندڙ دل، ذڪر ڪندڙ زبان، مصيبتن تي صبر ڪندڙ جسم ۽ اهڙي زال جيڪا پنهنجي نفس ۽ سندس مال جي حفاظت ڪندڙ هجي

 

خدا جي رحمت جا دروازا چئن موقعن تي کلن ٿا:

1_ جڏهن برسات پوندي آهي،2. جڏهن اولاد محبت ڀريل نگاهن سان پنهنجي پيءَ جي طرف ڏسندو آهي 3. جڏهن ڪعبة الله جو دروازو کوليو ويندو آهي.4. جڏهن نڪاح ڪيو ويندو آهي.

يعني الله تعالي جي نزديڪ شادي اهڙو ته بهترين عمل آهي جو جڏهن انسان اسلامي قانون تحت نڪاح ڪندو آهي ته خداوند عالم انهي جي لاءِ پنهنجي رحمت جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي ۽ يقينا جيڪو خدا کان گهرندو خداوند عالم قبول ڪندو .

 

شادي ڪرائڻ ۾ هڪ ٻي جي مدد ڪريو

امام سجاد D فرمائن ٿا: مَن زَوَّجَ عَزباً تَوَّجه اللهُ بِتَاجِ المُلکِ [6]جيڪو شخص ڪنهن شخص جي شادي ڪرائي ٿو، خداوند عالم قيامت جي ڏينهن انهي شخص(جنهن شادي ڪرائي) جي سر تي  بادشاهي وارو تاج رکندو .

هن مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اگر ڪو شخص ڪنهن ٻئي شخص جي شادي ڪرائي ته ان جو رتبو خداوند عالم جي نزديڪ ڪيترو آهي.

 

هزار حورالعين هزار محلن ۾

پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا:

مَن عَملَ فِي تزويجَ بَينَ مُومِنِينَ حَتي يجمَعَ بَينهُما زَوجه اللهُ عزوجل اَلفَ اِمرَاةِ مِن الحُورالعِينِ کُلُّ اِمراةِ في قَصرِ مِن دُرِّ و ياقُوتِ [7]جيڪو شخص ٻن مومنن (مرد ۽ عورت) جي شادي ڪرائڻ ۾ ڪوشش ڪري ٿو ۽ اُن جي ڪوشش سان انهن جي شادي ٿي وڃي ٿي ته خداوند عالم اُن شخص جي  جنت ۾ هزار حورن سان شادي ڪرائيندو، هر هڪ حور لاءِ الڳ الڳ محل هوندو، اُهي محل دُرن ۽ ياقوت سان ٺاهيل هوندا .

هڪ ٻي روايت ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا؛

جيڪو شخص ٻين جي شادي جي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو خداوند عالم اُنهي شخص کي هر قدم ۽ هر لفظ جي بدلي ۾ هزار سال جي عبادت جو ثواب ڏيندو جنهن ۾ ڏينهن جو روزا ۽ رات جو عبادت ۾ گذاريا ويا هجن. [8]

 

بهترين قانون

 پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: ما بُني بِناءً في الاسلام أحبّ إلي الله عزّوجلّ من التّزويج [9] اسلام ۾ اهڙو ڪو به قانون موجود ناهي جيڪو خداوند عالم جي نزديڪ نڪاح(شادي) کان وڌيڪ پسنديده هجي.

يعني خداوند عالم جي نزديڪ شادي بهترين عمل آهي

 

بهترين ۽ بد ترين امت

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي: شِرارُکُم عُزّابُکم والعُزّابُ اِخوانُ الشَّياطِينِ [10] توهان منجهان بدترين اُهي آهن جيڪي شادي نٿا ڪن ۽ اُهي شيطان جا ڀاءُ شمار ٿيندا.

جيڪي شادي نه ٿا ڪن يا شادي کي ڪا به اهميت نٿا ڏين اهي بدترين امت آهن ۽ اُهي شيطان جا ڀاءُ آهن بس انسان جي لاءِ ضروري آهي ته هو جلد کان جلد پنهنجي پاڻ کي خدا ۽ دين جي قريب ڪري جڏهن انسان ڇڙو هوندو اُن جي دل ۾ مختلف خيال پيدا ٿيندا ۽ اُهو انسان جلدي شيطان جي وسوسن جو شڪار ٿي ويندو آهي.

بهترين ۽ بدترين امت جي باري ۾ ارشاد آهي : خِيارُ اُمَّتي المتاهلون و شِرَارُ اُمَّتِي العُزَّابُ [11]بهترين امتي اُهي آهن جن شادي ڪئي ۽  بدترين امتي اُهي آهن جن شادي نه ڪئي.

بس شادي ڪرڻ وارا بهترين امتي آهن ۽ شادي نه ڪرڻ وارا بدترين امتي آهن.

هڪ ٻئي حديث آهي: لَو خرج العُزابُ من موتا کم الي الدنيا لتزوجوا [12]جيڪي شخص بغير شادي جي مري وڃن ٿا اُهي تمنا ڪندا ته اسان دنيا ۾ واپس وڃون ۽ شادي ڪريون.

اها تمنا انسان کي ڪم نه ايندي ڇو جو خداوند عالم شادي ۾ تمام گهڻا فائدا رکيا آهن ۽ اهي فائدا ڇڙن کي نصيب نٿا ٿين.

 

شادي شده جي نماز ۽ بغير شادي واري جي نماز

 ڪافي روايتون موجود آهن ته شادي شدهه ۽ ڇڙي جي عبادت ۾ به فرق آهي شادي شده جي عبادت ڇڙي جي عبادت کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي ان جي لاءِ حديث آهي:

رکعتَانِ يُصلِّيهِما المتزوج ، افضل من سبعين رکعةً يُصَلِّيهَا العَزَبُ [13] شادي شده انسان جون ٻه رڪعتون غير شادي شده جي ستر رڪعتن جي برابر آهن.

ڪيترو فرق آهي؟ شادي شده ٻه رڪعتون پڙهي ۽ ڇڙو ستر رڪعتون پڙهي پوءِ به شادي شده جون ٻه رڪعتون ڇڙي جي ستر رڪعتن کان افضل آهن.

 

مهر ڪيترو هجڻ گهرجي ؟

اسلام ۾ نڪاح ڪرڻ مستحب آهي، پر نڪاح جي لاءِ ڪجهه لوازمات آهن جهڙوڪ مهر معين هجي، مرد جي لاءِ ضروري آهي ته هو نڪاح کان پهريان عورت جو مهر مقرر ڪري، مهر عورت جو حق آهي پر ان جي لاءِ به اسلام ۾ ڪافي سفارش آهي ته جيتري قدر ٿي سگهي مهر کي گهٽ رکيو وڃي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا؛ افضل نساء امتي اقلهن مهراً و احسنُهن وجهاً منهنجي امت منجهان بهترين عورتون اُهي آهن جيڪي خوبصورت هجڻ جي باوجود به مهر کي گهٽ رکن . يعني پنهنجي مڙس کان گهٽ مهر طلب ڪن .

ان بابت به اسلام ۾ هڪ بهترين وجهه ذڪر ڪئي وئي آهي، حضرت امام علي عليه السلام فرمائن ٿا: عورتن جو مهر تمام گهڻو نه ڪيو وڃي ڇو جو تمام گهڻو مهر مقرر ڪرڻ سان عداوت ۽ دشمني پيدا ٿيندي آهي. [14]

بس جيترو ٿي سگهي عورت پنهنجو مهر گهٽ رکي ۽ بهترين عورتن منجهان ٿئي.

 

مهر ادا نه ڪرڻ وارو

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

من امهر مهرا ثم لا ينوی قضائه کان بمنزلة السارق.[15]

 جيڪو شخص پنهنجي گهر واري لاءِ مهر مقرر ڪري ۽ ان جو قصد هي آهي ته هي پنهنجي گهر واري کي اها مهر نه ڏيندو ته  اهو هڪ چور وانگر آهي

هن مان هي معلوم ٿئي ٿو انسان هي قصد نه ڪري ته مان پنهنجي گهر واري لاءِ هڪ لک روپيو لکرائي رهيو آهيان پر مان ان کي نه ڏيندس ، پنهنجي گهر واري کي راضي ڪري وٺندس ته ان صورت ۾ هو هڪ چور آهي، مهر کڻي گهٽ ڏي پر اهڙي سوچ کان پري رهن گهرجي.

 

رشتو ڪرڻ جا شرط

اڄڪلھ جي ماحول ۾ رشتو اُن شخص کي ڏنو ويندو آهي جيڪو تمام گهڻو پيسي وارو هجي جنهن وٽ تمام گهڻي دولت هجي، جنهن وٽ تمام گهڻي شهرت هجي، ڪنهن ڳوٺ يا قوم جو وڏيرو هجي هو ان شئي کي ناهن ڏسندا ته دين اسان کي ڪهڙي جاءِ تي رشتو ڪرڻ جي سفارش ڪري ٿو ڇا دين ۾ خوبين جو معيار دولتمند هجڻ آهي؟ ڇا دين ۾ خوبين جو معيار ڪنهن قوم قبيلي جي سرداري آهي؟ هر گز نه، دين ۾ خوبين جو معيار سٺو اخلاق آهي .

امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا : اذا خطب اليکم رجل فرضيتم دينه و امانتہ فزوجوه و الا تفعلوه، تکن فتنةً في الارض . [16] جڏهن توهان جي نياڻي جي لاءِ ڪو رشتو اچي ته اُن ۾ دين ۽ امانت داري کي ڏسو اگر اُن ۾ هجي ته پنهنجي نياڻي جي لاءِ پسند ڪريو اگر نه هجيس ته (پوءِ قبول ڪرڻ جي صورت ۾) زمين تي فتنو ۽ فساد پيدا ٿيندو

يعني جيڪو رشتي جي لاءِ اچي سڀ کان پهريان ڏسڻ گهرجي اُن ۾ دين داري ڪيتري آهي اُن کان بعد ڏسو هو امانتن ۾ خيانت ڪرڻ وارو ته ناهي اگر هو امانت ۾ خيانت ڪرڻ وارو يا دين جي پراوه نه ڪرڻ وارو هجي ته ان کي رشتو ڏيڻ سان فساد پيدا ٿيندو.

ان کان بعد ۾ اُن جي اخلاق کي ڏٺو وڃي . امام رضا عليه السلام فرمايو:

ان خطب اليک رجل رضيت دينہ ص خلقہ فزوجہ ولا يمنعک فقره و فاقتہ قال الله تبارڪ وتعالي : ان يکونوا فقرآءَ يغنيهم الله من فضله والله واسع عليم. [17]

 جڏهن توهان جي نياڻي جي لاءِ رشتو اچي ته اُن ۾ دين ۽ اخلاق کي ڏسو اگر اخلاق سٺو هجيس قبول ڪريو، ان لاءِ رشتو نه موٽايو ته هو غريب آهي ڇو جو الله تعالي جو ارشاد آهي: جيڪڏهن فقير هوندا مان انهن کي پنهنجي فضل سان غني ڪندس ۽ خداوند عالم ئي آهي جيڪو وسعت ڏيڻ وارو ۽ ڄاڻڻ وارو آهي.

 

فاسق ۽ شرابي کي رشتو نه ڏيو

پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: مَن زَوَّج کريمته من فاسق نزل عليه کل يوم الف لعنة [18]جيڪو شخص پنهنجي ڌيءَ جو رشتو ڪنهن فاسق شخص کي ڏيندو ته اُن تي هر ڏينهن هزار لعنتون نازل ٿينديون.

۽ اڳتي فرمايو: من زوَجَ کريمته من شارب الخمر فکانما ساقها الي الزني. [19]جيڪو شخص پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪنهن شرابي سان ڪرائيندو ته هن ڄڻ پنهنجي ڌيءَ کي زنا جي لاءِ موڪليو آهي.

 

سادگي واري شادي

اسلام ۾ جنهن جاءِ تي شادي جي تاڪيد ڪئي وئي آهي انهي جاءِ تي سادگي سان انجام ڏيڻ جي به تاڪيد ڪئي وئي آهي.

اسان جي لاءِ واضح مثال حضورپاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي نياڻي سيده فاطمه زهرا سلام الله عليها جي شادي آهي

جڏهن سيده جي شادي امام علي عليه السلام سان ڪئي وئي ته ڪيتري سادگي سان شادي اختتام پذير ٿي. ان کان علاوه اسان جي علماءِ ڪرام به شادي کي سادگي سان انجام ڏنو آهي ان جاءِ تي هڪ عالم دين جي نياڻي جي شادي جو مثال پيش ڪجي ٿو

 شيعه مذهب جو مشهور عالم دين مرحوم آيت الله شيخ جعفر ڪبير جيڪو ڪاشف الغطاء جي نالي سان مشهور آهي.

هن عالم دين جو معاشري ۾ تمام گهڻو اثر و رسوخ  هيو ۽ پنهنجي معاشري جي ماڻهن جي حد کان وڌيڪ مدد ڪندا هئا، پاڪ دل ، صاف ۽ سادي طبيت جا مالڪ هئا.

هڪ ڏينهن درس ڏئي فارغ ٿيو ته پنهنجي هڪ شاگرد کي پريشاني واري حالت ۾ ڏٺائين ته سمجهيائين ضرور ڪا حاجت رکي ٿو پر لڄ کان چئي نٿو سگهي ان ڪري پاڻ اُن طالب علم جي قريب ويا ۽ اُن سان اهڙي انداز سان ڳالهيون ڪيائون ته جيئن هو پنهنجي حاجت ٻڌائڻ ۾ پشيمان نه ٿئي، آخر هن عرض ڪيو پنهنجي ڌيءَ جي شادي مون سان ڪرايو. جيئن جو هن شاگرد عرض ڪيو ڪاشف الغطاء اُن شاگرد جي هٿن ۾ هٿ وجهي سڌو پنهنجي گهر آيا ۽ بغير ڪنهن دعوت، وليمي ۽ رسومات جي پنهنجي ڌيءَ جو عقد هن شاگرد سان پڙهيائون.

جڏهن اڌ رات جو وقت ٿيو جناب ڪاشف الغطاء پاڻ اچي ڪري انهن جو دروازو کٽڪايو ۽ چيائون: مان اوهان لاءِ گرم پاڻي کڻي آيو آهيان،ته جيئن توهان غسل ڪري نماز تهجد پڙهو. [20]

هن واقعي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هن عالم دين  پنهنجي نياڻي جي شادي هڪ عام ۽ غريب طالب علم سان ڪرائي، نه اُن شاگرد کان ڪنهن شيءَ جي تقاضا ڪيائين ۽ نه ئي ڪا شرط رکيائين، فقط اِهو ڏٺائين ته هي طالب علم آهي معرفت وارو آهي ديندار آهي نماز ،روزي جو پابند آهي .

 

والدين کي گهرجي ته اولاد شادي ڪرائڻ ۾ مدد ڪن

ٿيڻ ايئن گهرجي ته جيئن ئي ڪنهن جو فرزند  سن بلوغ تي پهچي ته اُن جي والدين کي گهرجي اُن جي مدد ڪن ته جيئن هو شادي ڪري سگهي.

امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ سگھ آهي ته هو پنهنجي اولاد جي شادي ڪرائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو  پر اُن جي باوجود  نٿو ڪري، پوءِ جڏهن اُها اولاد غلط ڪم ڪندي ته اُن وقت اُن جي والدين جي نامه اعمال ۾ اڌ گناه لکيو ويندو. [21]

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: حَقُّ الوَلَدِ علي وٰالِدِه ان يُحسِّنَ اسمهُ، و يُزَوّجهُ اذا ادرَکَ وَ يُعَلِّمه الکتابَ . [22] اولاد جو والدين تي حق آهي ته اُن جو سٺو نالو رکيو وڃي، اُن جي مٿان احسان ڪيو وڃي، جڏهن هو بالغ ٿئي ته اُن جي شادي ڪرائي وڃي ۽ اُن کي قرآن جي تعليم ڏني وڃي.

 

ستر هزار برڪتن جو نازل ٿيڻ

روايت ۾ آهي: جڏهن ڪنوار پنهنجي مڙس جي گهر ۾ داخل ٿئي ته اُن جي پيرن جي هيٺان وڏو ٿاءُ رکي اُن جي پيرن کي ڌوئجي جيڪو پاڻي اُن ٿانءُ ۾ پوي اُن کي گهر جي ڪنڊن ۾ ڇڙڪجي ته ستر هزار محتاجيون اُن گهر کان ٻاهر ٿي وينديون، ۽ ستر هزار برڪتون اُن گهر تي نازل ٿينديون، هزار رحمتون اُن ڪنوار جي سر تي نازل ٿينديون اُن ڪنوار کان ديوانگي ۽ ٻيون بيماريون دور ٿي وينديون. [23]

 

گهر واري سان محبت ڪرڻ

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

العبد کلما ازداد للنساء حبا ازداد فی الايمان فضلا.

جيتري مرد جي پنهنجي گهر واري سان محبت وڌيڪ ٿيندي اوترو ان جي ايمان ۾ اضافو ٿيندو. [24]

گهر واري جو پنهنجي مڙس کي پاڻي ڏيڻ جو ثواب

حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا:

ما من امراة تسقی زوجها شربة من ماء الا کان خيرا لها من عبادة سنة.[25]

جيڪا عورت پنهنجي مڙس ٿورو پاڻي (اڃ ختم ڪرڻ جيترو) پيئڻ لاءِ ڏي ٿي ته ان جو ثواب هي آهي ته هن کي هڪ سال جي عبادت کان وڌيڪ اجر ڏنو ويندو.

 

 

نتيجو:

اسلام ۾ شادي ڪرڻ واجب ته آهي پر تاڪيد ايتري آهي جو جيڪو انسان شادي کي انجام نٿو ڏي اهو اسلام مان خارج ٿي وڃي ٿو،  هي هڪ بهترين موضوع آهي ان جي معلومات اسان جي معاشري لاءِ تمام ضروري آهي، هن مختصر مقالي ۾ اسان اسلام ۾ شادي جي اهميت کي بيان ڪيوسين ۽ شادي جي برڪتن تي نظر وڌي سين .

اسان جي معاشري ۾ عام انسان غربت جي ڪري شادي ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي پر اسان هن مقالي ۾ بيان ڪري آيا آهيون ته انسان غربت جي ڪري ڪڏهن به هي فيصلو نه ڪري ته مان شادي نه ٿو ڪريان بلڪه غربت جي صورت ۾ شادي ڪرڻ سان الله سائين انهي غريب انسان لاءِ اهڙا سبب مهيا ڪندو جو هو غربت مان نڪري ويندو يعني شادي ڪرڻ سان انسان جي مال ۾ برڪت پوندي آهي

انسان جڏهن شادي ڪندو آهي ته ان لاءِ دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي ئي ٿيندي آهي پر اسلام شادي ڪرائڻ واري لاءِ به انعام رکيو آهي جنهن کي اسان هن مقالي ۾ بيان ڪري آياسين . ان سان گڏ انسان کي گهرجي ته شادي انتهائي سادگي سان انجام ڏي جنهن لاءِ اسان مثال جي طور تي جناب صديقه طاهر سلام عليه السلام جي حضرت علي عليه السلام سان شادي کي بيان ڪيوسين ۽ هڪ عالم دين جي پنهنجي نياڻي جي شادي هڪ غريب طالب علم سان ڪرائڻ کي بيان ڪيو سين .

انسان کي گهرجي ته هي مهر گهٽ رکن ان سان ٻن خاندانن جي درميان الفت قائم ٿيندي آهي ۽ اختلاف ختم ٿي ويندا آهن.

آخر ۾ دعا آهي ته الله سائين اسان سڀني کي ڪار خير ۾ شريڪ ٿيڻ جي توفيق عطا فرماء . آمين.

 

منابع

1.      بحارالانوار

2.      ٻڌيل حقيقتون  محمد محمدي اشتهاردي.

3.      جامع الاخبار

4.      عوالي اللئالي  

5.      فروع ڪافي 

6.      مستدرڪ الوسائل

7.      لئالي الاخبار

8.      وسايل الشيعه

 



[1] . وسايل الشيعه: ص 4.

[2] مستدرڪ الوسائل ج 14 ش 154.

[3] . مستدرڪ الوسائل ج 14، ص 172

[4] . مستدرڪ الوسائل ج 14، ص 172

[5] . ساڳيون  ص 168

[6] . عوالي اللئالي:ج 3 ص 251

[7] . وسائل الشيعه: ج 20 ص 47

[8]  ساڳيون ،ص 27

[9] . بحارالانوار:ج 13 ص 222

[10] . مستدرڪ الوسائل:ج 14 ص 156

[11] .  ساڳيون، ص 156

[12] . ساڳيون،  ص 156

[13] . وسائل الشيعه:ج 14 ص 6

[14] ، ساڳيون ، ص 6

[15] . فروع ڪافي، ج 5، ص، 383.

 

[16] . مستدرڪ الوسائل:ج 14 ص 189

[17] . مستدرڪ الوسائل:ج 14 ص 188

[18] .  ساڳيون، ص192

[19] . ساڳيون؛ص 191

[20] . ٻڌيل حقيقتون ؛ص 207. محمد محمدي اشتهاردي.

[21] . لئالي الاخبار:ج 3 ص 221.

[22] . مستدرک الوسائل:ج15 ص 128

[23] جامع الاخبار ،ص 276، وسائل الشيعه،ج20 ص 249

[24] . من لا يحضره الفقيه ج 3 ص 251

[25] . وسائل الشيعه ج 20 ص 172

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید