سومر, 16 سيپٽمبر 2019

روزي جي تاريخي اهميت، فلسفو ۽ آثار

  • انداز قلم

 تاريخ جي ورق اٿلائڻ سان پروڙ پوي ٿي ته روزو فقط اسلامي امت تي واجب نه ڪيو ويو آهي، بلڪه اسلام کان پهريان به گذريل امتن تي واجب هيو، پر وقت ۾ فرق آهي. امام فخر رازي پنهنجي تفسير ۾ روزي جي ڪيفيت بابت ڄاڻايو آهي ته: الله تعالى يهودين لاءِ رمضان مهينو رکيو، پر يهودين هن مهيني جي روزن کي ڇڏي ڪري رڳو هڪ ڏينهن ئي قرار ڏنو، شايد اهو ڏينهن فرعون جي غرق ٿيڻ جو ڏينهن هيو.

فقهي احڪام

عيسائين جي روزي جي طريقي بابت ملي ٿو: رمضان جي اول ۾ روزو رکندا هئا ۽ جڏهن گرم موسم آئي ته ان موسم ۾ روزن کي تبديل ڪري عيسوي مهينن ۾ بدلايو ته جئين هميشه هڪ موسم ۾ اچن ۽ گرمي جي موسم ۾ نه اچن. ان تبديلي ڪري ڏھ ڏينهن ان ۾ وڌايا ويا، ان وقت هڪ حاڪم آيو، هڪ مشڪل ڪري ست ڏينهن روزو نذر ڪيو، عيسائين انهن ستن ڏينهن کي ٻين ڏينهن سان وڌايو، ٻيو بادشاھ آيو ان ٽي ڏينهن ٻيا وڌايا، نصارا جا ٽوٽل پنجاھ روزا ٿيا.

حضرت يعقوب عليه السلام کي هن طريقي سان وحي ٿي: الله تعالى تو کي نوڙت ڪندڙ ۽ روزو رکندڙ قرار ڏنو، بهشت مان تنهنجي لاءِ طعام ڏنو جڏهن ته تون ۽ تنهنجا ابا ڏاڏا نه پيا ڄاڻيو ته جيئن تو کي سيکاري ته انسان فقط ماني سان جيئرو ناهي، بلڪه هر ڪلمي سان جيڪو الله تعالى کان صادر ٿئي، زنده ٿئي ٿو.

روزي جي اهميت

اسلام جي اهم عبادتن مان هڪ عبادت روزو آهي. روزي دار انسان روزي جي نيت سان پرھ ڦٽي کان مغرب تائين کائڻ، پيئڻ، الله سائين ۽ سندس رسول ڏانهن ڪوڙي نسبت ڏيڻ، پاڻي ۾ ٽٻي ڏيڻ، جنسي رابطو ڪرڻ، غسل جي حالت تي باقي رهڻ، ڄاڻي واڻي الٽي ڪرڻ ۽ (امالو) ڊوش ڪرڻ کان پرهيز ڪري.

اسلام ۾ رمضان مبارڪ مهيني جا روزا واجب ڪيا ويا آهن، هر بالغ مسلمان تي جنهن کي شرعي عذر نه هجي، رمضان مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي مهيني جي آخري تاريخ تائين روزو رکڻ واجب آهي ۽ جيڪڏهن ان شرعي عذر کان بغير  روزو نه رکيو ته گناھ ڪبيره انجام ڏنو آهي ۽ ان تي روزي جي قضا ۽ ڪفارو واجب آهي. ڪفارو يعني سٺ ڏينهن مسلسل روزا رکڻ يا سٺ فقيرن کي ماني کارائڻ يا الله سائين جي راھ ۾ هڪ غلام آزاد ڪرڻ.

روزو هڪ عبادت آهي، ان ڪري ان کي الله جي رضا جي نيت سان انجام ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته رياءُ ۽ ڏيکاءُ سان روزو باطل ٿي ويندو آهي. عبادتن ۾ روزي جو خاص مقام آهي، ان جي فضيلت ۾ تمام گهڻيون روايتون آيون آهن. روزي جي متعلق مسئلن جي باري ۾ هڪ جدا بحث جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ مجتهدن ڏانهن رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر علماءِ اخلاق وٽ انهن شين جو دائرو تمام گهڻو وسيع آهي جن کان روزي جي حالت ۾ بچڻ ضروري آهي، انهن عالمن جي چوڻ مطابق مجتهدن جي نظر ۾ جنهن کي روزو چيو وڃي ٿو توڻين جو اهو صحيح آهي ۽ اهڙو روزي دار پنهنجي فرض کي نڀائي ٿو. پر ان روزي جي قبول ٿيڻ لاءِ ٻين شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي يعني ان کي مڙني گناهن کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. چون ٿا انسان جو روزو ان صورت ۾ ڪامل ٿيندو آهي ۽ قبول ٿيڻ جي درجي تي پهچندو آهي جڏهن ان جي سڀني عضون کي به روزو هجي يعني روزي دار پنهنجي اکين، زبان، هٿ ۽ پير کي انهن جي گناهن کان محفوظ رکي ڇو جو روزي ۾ جيڪڏهن سڀ گناهن کي ترڪ ڪيو وڃي ته اهڙي روزي کي خواص (خاص ماڻهن) جو روزو چيو وڃي ٿو. پر خواص ماڻهن جو روزو گذّريل درجن کان ڪيترائي درجا مٿانهون هوندو آهي. ان روزي جو مطلب هي آهي ته روزي دار انسان گناه کان بچي ۽ جن شين کي مجتهد روزي جي باطل (ختم) ٿيڻ جو سبب ڄاڻايو آهي انهن کان پرهيز سان گڏ وگڏ پنهنجي قلب (دل) کي پڻ الله سائين کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڏانهن متوجه ٿيڻ کان روڪي. الله سائين کي حاضر ناظر ۽ پاڻ کي ان جي مهماني ۾ محسوس ڪري.

علماءِ اخلاق اها ڳالھ پنهنجي طرفان نه چئي آهي بلڪه ان کي اهل بيت عليهم السلام جي روايتن مان حاصل ڪيو آهي. مثال طور هي حديث (روايت) ڏسو: رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جو ارشاد آهي:

“ومن صام شهر رمضان في انصات و سکوت و کف سمعه و بصره و لسانه و فرجه و جوارحه من الکذب والحرام والغيبه تقربا الي الله حتى تمس رکبتاه رکبتي ابراهيم خليل الرحمن،(1) جيڪو شخص رمضان مهيني ۾ سڪوت ۽ خاموشي سان روزو رکي ۽ قربه الي الله جي نيت سان پنهنجي ڪن، اک، زبان، شرم گاھ ۽ عضون کي ڪوڙ، حرام ۽ غيبت (گلا) کان محفوظ رکي ته الله سائين اهڙي شخص کي پنهنجي ويجهي ڪندو آهي ايستائين جو ان کي حضرت ابرهيم خليل الله (عليه السلام) سان گڏ بيهاريندو آهي.

روزي دار الله سائين جو مهمان هوندو آهي ان ڪري ان کي گهرجي ته ان مهماني جي آداب جو خيال ڪري ۽ ڪا غلطي نه ڪري. حقيقي روزي دار بڻجي تاڪه پنهنجي ميزبان جي لطف، فيض ۽ انعام مان فائدو حاصل ڪري سگهي، ڇو جو اهو، دنيوي انعام کان ڪيترا درجا قيمتي ۽ مٿانهون آهي. امام جعفر صادق عليه السلام جو قول آهي: عن ابي حمزه ثمالي قال: سمعت ابا عبد الله عليه السلام يقول : الصائم منکم ليرتع في رياض الجنه و تدعو له الملائکه حتي يفطر،(2) ابو حمزه ثمالي چون ٿا: مون امام جعفر صادق عليه السلام کان ٻڌو امام عليه السلام فرمايو توهان مان روزي دار شخص جنت جي باغن ۾ سير ڪندو آهي ۽ روزو افطار ڪرڻ جي وقت تائين فرشتا ان جي حق ۾ دعا ڪندا آهن.

امير المومنين حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جن کان نقل ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن معراج واري رات الله سائين کي عرض ڪيو: يا رب ما اول العباده؟ قال: الصمت والصوم. قال وما ميراث الصوم؟ قال: يورث الحکمه تورث المعرفه والمعرفه تورث اليقين فاذا استيقن العبد لا يبالي کيف اصبح بعسر ام بيسر،(3) پالڻهار پهرين عبادت ڪهڙي آهي؟ فرمايو: پهرين عبادت خاموشي ۽ روزو آهي. عرض ڪيو: روزي جو نتيجو ڇا آهي؟ فرمايو: روزي جو نتيجو حڪمت آهي، حڪمت، معرفت جو ڪارڻ آهي ۽ معرفت يقين جو سبب ٿيندي آهي، جڏهن ٻانهو (انسان) يقين وارو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان کي ان ڳالھ جي پرواھ ناهي هوندي ته زندگي سختي سان گذري ٿي يا آساني سان.

روزي جو فلسفو

روزو تزڪيه ۽ تهذيب نفس ۽ الله سائين جي قرب جي رستن مان بهترين رستو آهي. جيڪڏهن شرعي حڪمن جي مطابق روزو رکيو وڃي ته انسان جي دل کي غفلت ۽ گناھ جي غبار کان ڌوئي ڪري پاڪ پاڪيزه ۽ نوراني ڪري ڇڏي ٿو. دل جي اڱڻ مان شيطانن کي ٻاهر ڪڍي اڇلائي ٿو ۽ ان کي فرشتن جي داخل ٿيڻ، معرفت حڪمت ۽ يقين جي روشني لاءِ تيار ڪري ٿو. اهو ئي شخص حقيقي روزي دار آهي جنهن الله سائين جي دعوت قبول ڪئي ۽ الله سائين جي نعمتن ۽ انعامن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر صلاحيت ۽ قابليت پيدا ڪئي آهي ۽ يقينا اهڙو ئي روزي دار مهربان پالڻهار جي فيض مان فيض پائيندو.

روزي جو ٻيو فلسفو هي آهي ته دولت مند ماڻهو روزو رکي ڪري بک جو مزو چکن ۽ انهن جي دل ۾ غريب ماڻهن جو احساس ٿئي ۽ اهي محتاج ماڻهن جي مدد جي باري ۾ سوچن جن جي گهڻائي کاڌي خوراڪ جي گهٽتائي جو شڪار آهن. روايتن ۾ پڻ ان مطلب طرف اشارو ٿيو آهي:

“سال هشام بن الحکم ابا عبد الله عليه السلام عن عله الصيام فقال انما فرض الله الصيام ليستوي به الغني والفقير و ذالک ان الغني لم يکن ليجد مس الجوع فيرحم الفقير لان الغني کلما اراد شيئا قدر عليه فاراد الله ليسوي بين خلقه و ان يذوق الغني مس الجوع والالم يرق علي الضعيف و يرحم الجائع،(4) هشام پٽ حڪم امام صادق عليه السلام کان روزو رکڻ جي فلسفي جي باري م سوال ڪيو: امام عليه السلام جواب ۾ فرمايو: الله سائين روزي کي ان ڪري واجب ڪيو آهي ته جيئن امير ۽ غريب برابر ٿي وڃن ڇاڪاڻ ته امير ماڻهوءِ بک جو مزو ئي ناهي چکيو جو غريب تي رحم اچيس ڇو جو امير ماڻهو جڏهن به ڪنهن شي جو ارادو ڪري ٿو ان کي پورو ڪرڻ جي سگھ رکي ٿو انهي ڪري الله سائين جو ارادو آهي ته مخلوق جي درميان برابري قائم ڪري. روزي ذريعي امير ماڻهو کي بک ۽ ڏک جو مزو چکائي تاڪه ڪمروز ماڻهن جي مدد ڪري ۽ بکين تي رحم اچيس.

حضرت امام رضا عليه السلام محمد پٽ سنان  جي سوالن جي جواب ۾ لکيو: عله الصوم العرفان مس الجوع والعطش ليکون ذليلامستکينا ماجورا صابرا و يکون ذالک ذليلا علي شدائد الآخره مع ما فيه من الانکسار له عن الشهوات واعظا له في الاجل ليعلم شده مبلغ ذالک من اهل الفقر والمسکنه في الدنيا والآخره، (5) روزي واجب ڪرڻ جو سبب هي آهي ته روزي دار انسان بک ۽ اڃ جو مزو چکي ته جيئن غربت ۽ مفلسي جو احساس ڪري ان کي اجر ڏنو وڃي، صبر ڪندڙ قرار ڏنو وڃي، آخرت جي مشڪلن تي گواه هجي، نفساني خواهشن کي ڪچلڻ جو ذريعو هجي، عبرت جو ذريعو ۽ آخرت جو راهنما هجي تاڪه دنيا ۽ آخرت جا فقير ۽ امير ان جون مشڪلون ڄاڻي سگهن.

روزي جي گذريل فلسفي جو لحاظ ڪيو وڃي ته دنيا ۾ بک جي مسئلن تي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. ڪجھ سوچيو جيڪڏهن دنيا جا سڀ امير روزي دار پنهنجي هڪ وقت جو کاڌو گڏ ڪن ۽ رمضان مبارڪ جي آخر ۾ گڏ ڪيل کاڌو خوراڪ يا ان جي رقم پنهنجي شهر ۾ رهڻ وارن يا اسلامي دنيا ۾ پکڙيل ضرورت مند ماڻهن جي حوالي ڪن ته اهڙي طرح غريب ۽ مفلس ماڻهن جي ڪيتري مدد ٿي سگهي ٿي، اهڙي طرح پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارن جو فطرو جيڪو هر صاحب حيثيت مسلمان تي هن مهيني جي آخر ۾ ڪڍڻ واجب ڪيو ويو آهي. ۽ هر مهيني ۾ مستحب صدقو ۽ خيرات جنهن جي تاڪيد ڪئي وئي آهي ان کي به ان رقم ۾ شامل ڪيو وڃي ته غريب ۽ مستحقن لاءِ هڪ وڏي رقم گڏ ٿي ويندي البته ضروروي آهي ته ان رقم کي صحيح ۽ منظم پروگرام سان، گڏ ۽ خرچ ڪيو وڃي.

روزي جو ٽيون ۽ اهم ترين فلسفو، نفس جي رياضت ۽ گناھن کي ترڪ ڪرڻ ۽ تقوا جي صفت کي حاصل ڪرڻ آهي. حقيقي روزي دار رمضان مهيني ۾ توجھ سان هر قسم جي گناھ کي انجام ڏيڻ کان پرهيز ڪندو آهي ايستائين روزي جي ڪري جائز لذتن کان جهڙوڪ کائڻ پيئڻ کان پرهيز ڪندو آهي ۽ قربةً الي الله  هڪ مهينو مسلسل جسماني ۽ روحاني مشق جاري رکندو آهي، اهڙو شخص جيڪو پورو هڪ مهينو احتياط ۽ پرهيز سان گذاري ٿو هڪ اهڙي طاقت ۽ مضبوط ارادي جو مالڪ ٿي وڃي ٿو جنهن ذريعي رمضان مهيني کان پوءِ به پنهنجي زهد ۽ تقوا جي حفاظت ڪري سگهي ٿو. هي روزي جي نتيجي ۾ اهم ترين اثر آهي. قرآن مجيد ۾ به ان نڪتي طرف اشارو ڪيو ويو آهي: يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُون‏،(6) اي ايمان وارو توهان تي روزن کي واجب ڪيو ويو آهي جهڙي طرح توهان کان پهريان (قومن ) تي واجب ڪيو ويو هيو شايد توهان متقي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو.

روزي جا اثر ۽ برڪتون

1_ تربيتي ۽ روحاني اثر

روزي جو اهم ترين اثر انسان جي روح کي لطيف ۽ نرم ڪرڻ آهي. روزو انسان جي ارادي کي قوي ۽ مضبوط بڻائي ٿو ۽ انساني غريزن (خواهشن) کي برابر رکي ٿو. پنهنجي نفس جي تهذيب ڪندڙ_ جيڪي مخصوص رستن ذريعي روح جي پاڪ ڪرڻ ۾ مشغول آهن_ جو اعتقاد آهي ته جيڪو نفس کي پسند نه اچي ان کي انجام ڏيڻ گهرجي ۽ روزو ائين آهي. عارف چون ٿا: پيٽ کي کاڌي کان خالي رک ته جيئن دل ۾ معرفت جو نور ڏسين. روزو پاڻ سوارڻ ۾ روح جي پائيداري جي مشق آهي. اخلاق ۽ تهذيب نفس ٻن رڪنن تي قائم آهي:

الف) تخليه يعني روح کي بري صفتن کان پاڪ ڪرڻ جنهن جو مقدمو بري ۽ سٺي صفتن جو سڃاڻڻ آهي.

ب) تحليه يعني نفس کي سٺن صفتن سان سنوارڻ جهڙوڪ تقوا جيڪا روزي جي فلسفن مان هڪ آهي“ لعلکم تتقون”

رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: پهرين شي جيڪا جهنم جي باھ ۾ انسان جي گرفتاري جو ڪارڻ آهي زبان ۽ فرج (جنسي شهوت جو ذريعو) آهي.(7)

2_ روزي جو نفسياتي اثر

نفسيات جي ماهرن جي مڃتا آهي ته انسان کي پنهنجي نفس ۽ خواهشن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لڳاتار مشق جي ضرورت آهي، روزو هڪ اهڙي عبادت آهي جيڪو انسان لاءِ، عبادت سان گڏ و گڏ، مذڪوره مشق جو موقعو پڻ فراهم ڪري ٿو. مثال طور: روزيدار رب پاڪ جي حڪم سان، صبح کان وٺي مغرب تائين، ڪجھ شين کان پرهيز ڪري ٿو، پورو ڏينهن، انسان جو نفس چويس ٿو ته پاڻي پيءُ پر اهو چئي ته مونکي روزو آهي پنهنجي نفس جي مخالفت ڪري ٿو، نفس چويس ٿو ته کاڌو کاءُ، پر اهو چئي ته مونکي روزو آهي پنهنجي نفس جي مخالفت ڪري ٿو، نفس چويس ٿو ته ڪوڙ، گلا، غيبت، تهمت، گار گند وغيره انجام ڏئي پر اهو چئي ته مونکي روزو آهي، پنهنجي نفس جي مخالفت ڪري ٿو، اهڙي ريت روزيدار انسان جو پورو مهينو نفس جي مخالفت ڪرڻ سببان، سندس اندر ۾ هڪ قوت ۽ طاقت جنم وٺي ٿي جنهن طاقت جو نالو “قوت اراده” آهي، پنهنجي ارادي جو ڌڻي هجڻ هڪ اهڙو اثر آهي جيڪو روزيدار کي روزي جي مهابي نصيب ٿئي ٿو. “قوت اراده” هڪ اهڙو املھ ماڻڪ آهي جنهن جي حاصلات لاءِ انسان ڪيترائي ڪشالا ڪاٽن ٿا، اسان ڊيگھ کان لهرايون ٿا نه ته قوت اراده، هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن جي چڱي ريت ڇنڊڇاڻ ڪجي ها.

 

حوالا

1) وسائل الشيعه، ج17، ص177

2)وسائل الشيعه، ج7، ص296

3) وسائل الشيعه، ج7، ص296

4) وافي، ج11، ص33

5) وافي، ج11، ص34

6) سورت بقره، آيت 183

7) خصال ، ص87

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید