ڇنڇر, 25 مئي 2019

عيد جو فلسفو، ادب ۽ احڪام

  • انداز قلم

هر قوم ۽ مذهب ۾ ڪي ڏهاڙا اهڙا هوندا آهن جيڪي خاص اهميت، رتبي ۽ مقام جا حامل هوندا آهن. انهن ڏينهن ۾ خوشيون ڪيون وينديون آهن، جشن ملهائبا آهن، گڏجاڻيون ڪبيون آهن، نوان ڪپڙا اوڙهبا آهن، ٻارن کي خرچيون ڏبيون آهن، ست طعاميون تيار ڪبيون آهن،

فقهي احڪام

ماڻهو هڪٻئي سان ملڻ ويندا آهن. مطلب ته پوري سال ۾ انهن ڏينهن جي پنهنجي حيثيت هوندي آهي جنهن سببان ماڻهو پورو سال انهن ڏهاڙن جي اوسيئڙي ۾ هوندا آهن. اهڙن ڏينهن کي “عيد”، “تهوار” يا اهڙن ڪن ٻين نالن سان ياد ڪيو ويندو آهي.

اسان جي پياري ۽ پاڪ دين اسلام ۾ به ڪن ڏينهن کي “عيد” ڪوٺيو ويو آهي. انهن ڏينهن جا خاص آداب آهن جيڪي ديني اڳواڻن رسول اڪرم (ص) ۽ سندس برحق معصوم امامنF بيان ڪيا آهن. اچو ته ڏسون، اسانجي امامن ان ڏينهن بابت اسان کي ڪهڙي هدايت ڪئي آهي. سندن آسماني پيغام ڪهڙو آهي؟ هتي روايتن ۽ حديثن جي روشني ۾ ان پيغام، ادب ۽ فلسفي جو ڳوڙهو اڀياس پيش ڪيو وڃي ٿو:

1_ الهي انعام

جيتوڻيڪ روزو پهرين امتن تي به فرض هو، پر روزن کان پوءِ انهن وٽ عيد نالي ڪا خاص شيءِ ڪا نه هئي، اها الله سائين طرفان امت محمديه کي سعادت نصيب ٿي جو انهن لاءِ روزن کان پوءِ عيد قرار ڏني وئي. رسول اڪرم  (ص) ارشاد فرمائن ٿا: “عيد فطر الله سائين طرفان منهنجي امت لاءِ سوکڙي ۽ هديو آهي جيڪو اڳين امتن کي نصيب نه ٿيو”. ها هجرت جي ٻي سال الله سائين طرفان اهو عظيم تحفو عطا ٿيو. ان بابت رسول اڪرم8 جو فرمان آهي: جڏهن مان مديني آيس ته هتان جا رهواسي ٻن ڏينهن کي وڏي اهميت ڏيندا هئا، جن ۾ راند روند، کيڏ، تماشو ۽ کل ڀوڳ ڪندا هئا. الله سائين انهن ڏينهن جي بدلي مونکي عيد فطر ۽ عيد قربان جا ڏينهن عطا ڪيا.(1)

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اسان ان خدائي تحفي جو ڪيترو قدر ڪريون ٿا! ان ڏينهن تي الله سائين جو ڪيترو شڪر ڪريون ٿا! جڏهن ته الله سائين جڏهن حضرت عيسىA جي دعا قبول ڪندي کين آسماني دسترخوان عطا ڪيو ته فرمايو جيڪو به ان جي بي حرمتي ڪندو تنهن کي سخت سزا ملندي. جئين ته قرآن مجيد ۾ ذڪر ٿئي ٿو: قَالَ اللّهُ إِنِّي مُنَزِّلُهَا عَلَيْكُمْ فَمَن يَكْفُرْ بَعْدُ مِنكُمْ فَإِنِّي أُعَذِّبُهُ عَذَابًا لاَّ أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِّنَ الْعَالَمِينَ،

الله چيو ته آءٌ اوھان تي (غذا جوخونچو) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ نافرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو ڪائنات جي ڪنهن هڪ ماڻهو کي به نه ڪيو هوندو.(2)

2_عيد جو سينگار

هر شيءَ جي پنهنجي زينت ۽ سينگار هوندو آهي. عيد جي ڏينهن جي به پنهنجي زينت آهي. رسول اڪرم (ص) جو ارشاد آهي: پنهنجي عيد کي “الله اڪبر” جي ورد سان زينت ڏيو.“ زَيِّنوا أعيادَكُم ‏بِالتَّكبير”(3) ٻي جڳھ تي فرمائين ٿا: پنهنجي عيد کي “لا اله الا الله والله اڪبر والحمد لله والله اڪبر”سان زينت ڏيو“زَيِّنوا العيدَينِ بِالتَّهليلِ والتَّكبيرِ والتَّحميدِ والتَّقديسِ”(4)

امام رضا عليه السلام عيد جي ڏينهن ڪثرت سان الله اڪبر جو سبب ڄاڻائيندي فرمائن ٿا: تڪبير چوڻ حقيقت ۾ الله جي تعظيم ۽ وڏائي بيان ڪرڻ آهي ۽ ڪائنات جي پالڻهار جي طرفان سندس ڏنل نعمتن جو شڪرانو آهي.(5)

3_عيد فطر ۽ قيامت جي ياد

عيد مومن انسان لاءِ انعام وصول ڪرڻ جو ڏينهن آهي، يعني مومن کي پنهنجي عمل جي جزا ۽ گنهگارن کي پنهنجي گناھ جو بدلو. ان بنياد تي عيد فطر قيامت سان هڪجهڙائي رکي ٿي. امام علي عليه السلام عيد جو خطبو ڏيندي فرمايو: خطب امير المؤمنين على بن ابى طالب(ع) يوم الفطر فقال: «ايها الناس! ان يومكم هذا يوم يثاب فيه المحسنون و يخسر فيه المبطلون و هو يوم اشبه بيوم قيامكم، فاذكروا بخروجكم من منازلكم الى مصلاكم خروجكم من الاجداث الى ربكم و اذكروا بوقوفكم في مصلاكم وقوفكم بين يدى ربكم، و اذكروا برجوعكم الى منازلكم رجوعكم الى منازلكم في الجنة(6) .

اي انسانو !اڄ نيڪي ڪرڻ وارن کي جزا ۽ انعام ملڻ جو ڏينهن آهي گنهگارن لاءِ سندن گناهن جي سزا ۽ پيڙا جو ڏينهن آهي. ۽ هي ڏينهن قيامت سان تمام گهڻي شباهت رکي ٿو تنهنڪري جڏهن گهران نماز لاءِ نڪرو ته ان ڏينهن کي ياد ڪريو جڏهن قبرن مان نڪري الله سائين جي درٻار ۾ پيش ٿيندو، جڏهن نماز لاءِ بيهو ته ان ياد ۾ هجو ته الله سائين جي بارگاه ۾ به بيهڻو آهي. گهرن ڏانهن موٽڻ وقت، پنهنجي جنتي گهرن ڏانهن موٽڻ جو خيال رکو.

4_عيد فطر ۽ گناهن جي معافي

عيد فطر اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي روزي رکڻ وارن کي سندن هڪ مهيني جي روزن جو انعام ڏنو ويندو آهي، کين عيد جي خرچي ملندي آهي. سندن جزا ۽ انعام گناهن جي بخشش آهي، تنهنڪري اسان کي ڌيان رکڻ گهرجي ته هن مبارڪ مهيني جي پڃاڻي تي به نيڪين کي جاري رکون. حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي: روزي رکڻ وارن جو گهٽ ۾ گهٽ اجر اهو آهي ته رمضان جي آخري ڏينهن تي هڪ فرشتو کين صدا ڏيندي فرمائيندو آهي: عباد الله! ان ادنى ما للصائمين و الصائمات ان يناديهم ملك في آخر يوم من شهر رمضان ابشروا عباد الله فقد غفر لكم ما سلف من ذنوبكم فانظروا كيف تكونون فيما تستانفون.»(7)

 الله جا ٻانهو! توهان کي واڌايون هجن جو الله سائين توهان جا گناھ معاف ڪري ڇڏيا آهن، هاڻ ڌيان رهي ته اڄ کان پوءِ ڇا ٿا ڪريو،

5_عيد ، مومنن جو ميڙاڪو

عيد جو هڪ اهم پهلو ۽ رخ، اجتماع ۽ گڏجاڻي آهي، الله سائين ان ڏينهن کي ان لاءِ قرار ڏنو آهي ته جئين مسلمان گڏجي ڪري کين ڏنل نعمتن جو شڪر ڪن ۽ هڪٻئي کي مبارڪ ڏين.، هڪٻئي جي مشڪلات ۽ مسائل کان باخبر ٿين، سندن ڏک سور، پيار ۽ محبت ۾ تبديل ٿين. مسلمانن جو اِهو اجتماع ئي آهي جيڪو دشمنن جي سازشن کي ختم ڪري کين نا اميد ڪري سگهي ٿو. انهي ڪري اهو اجتماع مسلمانن جي عزت ۽ سربلندي جو باعث ٿيندو. امام رضا عليه السلام فرمائن ٿا:انماجعل یوم الفطر العید، لیكون للمسلمین مجتمعا یجتمعون فیه و یبرزون لله عزوجلفیمجدونه على ما من علیهم، فیكون یوم عید و یوم اجتماع و یوم زكات و یوم رغبة و یومتضرع و ... فاحب الله عزوجل ان یكون لهم فى ذلك مجمع یحمدونه فیه و یقدسونه،(8) الله سائين عيد الفطر بڻائي آهي ته جئين مسلمان اجتماع ڪن، الله سائين لاءِ نڪري پون، سندس ڏنل نعمتن تي شڪر ادا ڪن، تنهنڪري اهو ڏينهن، عيد، اجتماع، گڏجاڻي، فطري ۽ زڪات، دعا ۽ ڌڻي در پاڏائڻ جو ڏينهن آهي. الله سائين چاهي ٿو ته مسلمان اهڙي ڏينهن ۾ گڏ ٿي ڪري سندس بندگي ۽ وڏائي بيان ڪن.

امام زين العابدين عليه السلام عيد جي دعا ۾ ان مطلب جو ذڪر ڪندي فرمائن ٿا:“اللهم انا نتوب الیك فى یوم فطرنا الذى جعلته للمؤمنین عیدا وسرورا و لاهل ملتك مجمعا ومحتشدا،(9) اي پالڻهار اسان تنهنجي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا آهيون، عيد فطر واري ڏينهن جنهن کي تو ايمان وارن لاءِ عيد ۽ خوشي جو ڏينهن قرار ڏنو آهي ۽ پنهنجي ملت لاءِ اجتماع، گڏجاڻي ۽ تعاون جو ڏينهن بڻايو آهي.

6_ اجائي ۽ فضول ڪمن کان پاسو ڪرڻ

عيد جي فضيلت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي هن عظيم ڏينهن کي بامقصد طور تي ملهائجي ۽ ڪوشش ڪجي ته اهڙا ڪم انجام ڏجن جو ڌڻي جي ذات راضي ٿئي. جهڙوڪ مومنن جي زيارت لاءِ وڃڻ. هڪٻئي کي مبارڪ چوڻ ۽ سوکڙيون ڏيڻ، مٽن مائٽن جي سار سنڀال لهڻ وغيره. اهو مناسب نه آهي جو انسان ان عظمت واري ڏينهن کي اجائي، فضول ۽ بيهوده ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏي. هڪ ڀيرو امام حسن مجتبى عليه السلام ڪجھ ماڻهن وٽان گذريا جيڪي عيد جي ڏينهن اجائي ۽ فضول ڪمن، راند روند ۽ تماشي ۾ رڌل هئا. امام عليه السلام کين مخاطب ٿيندي فرمايو: ان الله جعل شهر رمضان مضمارا لخلقه، فيستبقون فيه بطاعته الى مرضاته، فسبق قوم ففازوا، و قصر آخرون فخابوا، فالعجب كل العجب من ضاحك لاعب في اليوم الذي يثاب فيه المحسنون و يخسر فيه المبطلون و ايم الله لو كشف الغطاء لعلموا ان المحسن مشغول باحسانه و المسى‏ء مشغول باسائته. ثم مضى‏.(10) الله سائين رمضان جي مبارڪ مهيني کي پنهنجي مخلوق لاءِ مقابلي جو ميدان بڻايو آهي جنهن منجھ اهي الله جي اطاعت ۽ بندگي ڪندي سندس راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کان اڳڀري ٿيڻ جو مقابلو ڪن ٿا. ان مقابلي ۾ هڪ قوم اڳيان ٿي ڪامياب ٿي، ٻي قوم سستي ڪري ناڪام ٿي، سڀني کان وڌيڪ حيرت ۽ تعجب ان تي آهي جيڪو اهڙي ڏينهن ۾ راند روند ۽ کيل تماشي ۾ رڌل هجي جنهن ۾ نيڪي ڪرڻ وارن کي انعام ملندو، گناهگارن کي خسارو ٿيندو. الله جو قسم ! جيڪڏهن حجاب هٽايا وڃن ته کين خبر پوندي ته نيڪو ڪار پنهنجي نيڪين ۾ ۽ گنهگار پنهنجي گناهن ۾ مصروف آهي. اهو چئي ڪري امام هليا ويا.

امام علي عليه السلام اهو ئي فلسفو انهن لفظن ۾ بيان ڪن ٿا:«انما هو عيد لمن قبل الله صيامه، و شكر قيامه، و كل يوم لا يعصى الله فيه فهو يوم عيد»(11) هي عيد ته رڳو ان جي آهي جنهن جو روزو ڌڻي در قبول پيو، سندس عبادت مقبول ٿي، هر اهو ڏينهن عيد آهي جنهن ڏينهن انسان گناه نه ڪري.

امام عليA ۽ امام حسنA جا اهي جملا قرآني مضمون سان مطابقت رکن ٿا، قرآن مجيد مومنن جي هڪ عمومي وصف اها بيان ڪئي آهي ته اهي اجائي ۽ فضول ڪمن کان پرهيز ڪن ٿا:“وَالَّذِينَ هُمْ عَنِ اللَّغْوِ مُعْرِضُونَ،(12)

جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن.

 ٻي جڳھ تي الله سائين جو فرمان آهي:

وَإِذَا سَمِعُوا اللَّغْوَ أَعْرَضُوا عَنْهُ (13)

جڏهن به فضول ڳالهيون ٻڌن ٿا انهن کان پاسو ڪن ٿا.

7_ غريبن سان همدردي

اسان جي پاڪ دين اسلام جتي خوشي جي موقعي تي پنهنجي مٽن مائٽن کي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي اتي غريبن، مسڪينن، لاوارثن جي سار سنڀال لهڻ جو به حڪم ڏنو آهي. عيد فطر جو هڪ اهم حڪم فطرو ڏيڻ آهي، جنهن جي ايتري ته فضيلت آهي جو امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:«اِنَّ مِنْ تَمامِ الصَّوْمِ اِعْطاءُ الزَّكاةِ ـ يَعْنِى الْفِطْرَةَ ـ كَما اَنَّ الصَّلاةَ عَلَى النَّبِىِّ صلى‏الله‏عليه‏و‏آله تَمامُ الصَّلاةِ، لاَِنَّهُ مَنْ صامَ وَ لَمْ يُوَدِّ الزَّكاةَ فَلا صَوْمَ لَهُ اِذا تَرَكَها مُتَعَمِّدا؛(14)  

فطرو ڏيڻ انهن ڪمن منجهان آهي جيڪي روزي کي مڪمل ڪن ٿا. جهڙي ريت رسول اڪرم8 تي صلوات پڙهڻ سان نماز مڪمل ٿيندي آهي. ڇو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو روزو رکي پر فطرو نه ڏئي ڄڻ ته ان روزو ئي نه رکيو۔

قرآن مجيد فطري ڏيڻ کي ڪاميابي ڄاڻائيندي فرمائي ٿو:“ قَدْ أَفْلَحَ مَن تَزَكَّى”(15)  ڪامياب ٿيو اهو جنهن زڪات ڏني. اسانجي تمام عالمن سڳورن ان آيت ۾ “تزڪي” مان مراد زڪات (فطرو) ورتو آهي.(16) 

ٻيو نڪتو هي ته ان زڪات کي “زڪات بدن” به چئبو آهي جنهن جي معنى هي آهي ته فطري جي ڏيڻ سان اسان جي تندرستي بحال رهندي. در حقيقت انسان پنهنجي تندرستي جو انشورنس ڪرائي ٿو. فطري جا ڪيترائي حڪم آهن جيڪي توضيح المسائل ۾ ملي سگهن ٿا.  الله سائين کان دعا آهي ته اسان کي انهن عظيم پيغامن، ادبن ۽ فلسفن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين!

 

 

حوالا

1) سنن ابو داود ۽ نسائي

2) سورت مائده، آيت115

3) ڪنز العمال، 24094

4) ڪنز العمال، 24095

5) عيون اخبار الرضا، ج1، ص122

6) تحف العقول، ص170

7) ميزان الحڪمه. ج7، ص131

8) وسائل الشيعه، ج7، ص481

9) صحيفه سجاديه، دعا 45

10) من لا يحضره الفقيه، ج1، ص516

11) نهج البلاغه، حڪمت 428

12) سورت مومنون، آيت3

13) سورت قصص، آيت55

14) وسائل الشيعه، ج6، ص221

15) سورت اعلى، آيت14

16) الزڪات في الشريعه الغرا، ج2، ص579

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید