اڱارو, 23 جولاءِ 2019

روزو اسلام ۽ سائنس جي نگاه ۾

  • انداز قلم

خداوند متعال پنهنجي  ربوبيت جي تقاضا مطابق انسان جي تربيت ۽ ان کي ڪمال انسانيت تائين پهچائڻ خاطر عبادتن ۽ اخلاقي اصولن جو هڪ سلسلو معين ڪيو آهي ته جئين انسان انهن عبادتن جي سائي ۾ اخلاقي ذميوارين کي نڀائيندي ان ڪمال تائين پهچي سگهي جنهن خاطر انسان کي خلق ڪيو ويو آهي.

فقهي احڪام

ته جيئن آخرت ۾ خداوند منان جي نعمتن مان مستفيد ٿي سگهي. ڇو ته انسان جيستائين اخلاقي براين ۾ ڦاٿل آهي ان جون معنوي ۽ روحاني طاقتون زور نه وٺنديون ۽ جيستائين براين مان جان نه ڇڏائيندو معنوي لذتن کي چکي نه سگهندو ۽ اخروي نعمتن مان به پنهنجو حصو کڻي نه سگهندو.

رمضان جو ڀلارو مهينو انسان کي بهترين فرصت ڏئي ٿو ته جيئن عبادتن کي انجام ڏيئي باطن ۽ اندر کي اجارڻ لاءِ راھ هموار ڪري سگهي. انهن با برڪت ڏينهن جي لمحن مان فيض وٺندي الله جا بندا معنويت ۾ ايترو اڳتي وڌن ٿا جو ملائڪن کان به ٻه قدم اڳڀرا ٿي پروردگار عالم جو جلوو  پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪن ٿا.

اِهي سڀ فيض حقيقت ۾ روزي جا آهن  جيڪو رمضان جي برڪتن کي نورانيت بخشي ٿو ۽ انسان جي وجود ۾ مختلف اثر ۽ برڪتون پيدا ڪري ٿو. ڪوشش آهي ته هن مختصر لکڻي ۾ ان الاهي فريضي جي برڪتن ۽ اثرن مان ڪجھ برڪتون ۽ اثر بيان ڪجن.    

روزي جو مفهوم

صوم عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني پرهيزڪرڻ آهي. جيئن کائڻ ۽ پيئڻ کان پرهيز ڪرڻ. ”صُمت“ يعني خاموشي جي معنى به ڳالهائڻ کان پرهيز ڪرڻ آهي ان ڪري لغت ۾ روزي جي معنى پنهنجي پاڻ کي روڪڻ ۽ پرهيز ڪرڻ آهي.

اسلامي اصطلاح ۾ روزو: پروردگار جي رضا خاطر هڪ خاص زماني ۾ ڪجھ خاص ڪمن کا پرهيز ڪرڻ آهي.

 

روزو قرآن جي نڱاه ۾

قرآن ڪريم ۽ روايتن ۾ روزي لاءِ مختلف تعبيرون استعمال ٿيون آهن، ڪٿي صبر  ته ڪٿي کيس صوم جي عنوان سان ياد ڪيو يو آهي. البته صوم جو لفظ گهڻو استعمال ٿيو آهي. جيئن روزي جي فرض ٿيڻ بابت الله سائين فرمائي ٿو:

 

يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُون

اي ايمان وارؤ! اوهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن جيئن اوهان کان پهرين امتن تي فرض ڪيا ويا هئا ته جيئن شايد اوهان پرهيزگار ٿي سگھو.

 

هن آيت شريفه ۾ خداوند متعال پنهنجي بندن کي روزي جو حڪم ڏئي ٿو ڇو ته روزي ۾ تڪليف آهي. ان ڪري ڪجھ جاين تي پنهنجي بندن سان محبت ۽ عنايت سان خطاب ڪري ٿو. آيت جي ابتدا  ۾ ”اي ايمان وارو “ چئي خطاب ڪري ٿو. يعني ماڻهن کي ”خدا تي ايمان هجڻ“ واري صفت ڏانهن متوجھ ڪري ٿو ۽ روزي جي فرض ڪرڻ جي لاءِ ”کُتِبَ“ جو لفظ استعمال ڪيو اٿس. جيتوڻيڪ روزو خدا فرض ڪيو آهي ليڪن ڇو ته ان ۾ مشقت ۽  تڪليف آهي تنهن ڪري پاڻ ڏانهن نسبت نه ڏني اٿس بلڪه مجهول جي صورت ۾ چئي ٿو ”اوهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن“ ۽ جڏهن رحمت جو ذڪر ڪري ٿو ته پاڻ ڏانهن نسبت ڏيندي فرمائي ٿو:

 

 قُلْ لِلَّهِ كَتَبَ عَلى نَفْسِهِ الرَّحْمَة

 

۽ فرمائي ٿو

كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِنْ قَبْلِكُم

 

يعني روزو فقط اوهان امت محمدي تي فرض نه ڪيو ويو آهي بلڪه اوهان کان پهرين امتن تي به فرض ڪيو ويو هو. ”لعلکم تتقون“  ۽ حقيقت ۾ روزي جو فائدو به اوهان جي لاءِ ئي آهي ته جئين شايد پاڻ کي تقوا جي لباس سان زينت ڏئي سگھو. حديث ۾ روزي کي ”عبادت جو دروازو“ قرار ڏنو ويو آهي. پيغمبراڪرم صه فرمائن ٿا:

لکل شي باب وباب العبادت الصوم

 

هر شيءِ جي لاءِ دروازو آهي ۽ عبادت جو دروازو روزو آهي (1) تمام گهٽ ڪا اهڙي عبادت هوندي جنهن جي لاءِ چيو ويو هجي ته ان جي ننڊ به عبادت آهي جئين روزي جي لاءِ آهي ته

 

نوم الصائم عبادة و نفسه تسبيح

 

روزيدار جي ننڊ عبادت ۽ ان جو ساھ کڻڻ تسبيح جي برابر آهي. (2)

 

روزي جون برڪتون ۽ فائدا

 

روزي جو اهم ترين فائدو اهو ئي آهي جنهن جي طرف پروردگار عالم متوجھ ڪيو آهي. اهو ئي روزو انسان کي متقي ۽ پرهيزگار بڻائي ٿو. ليڪن ان سان گڏ ٻيا فائدا ۽ برڪتون به روزي ۾ پوشيدھ آهن

 

ترتيبي ۽ روحاني (معنوي ) اثر

 

جنهن طريقي سان روزو رکيو وڃي ٿو ان جو سڀ کان بهترين فائدو ۽ اثر هي آهي ته انسان جي روح کي مضبوط ۽ گناهن کان بچڻ واري ارادي کي قوي ڪري ٿو ۽ نفساني خواهشن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. صوفين کان وٺي  جيڪي چلا ڪڍي پنهجي نفس تي ڪنٽرول ڪندا آيا آهي. انهن جو اصول امساڪ آهي. عارفن تائين جيڪي چون ٿا ته پنهجي اندر کي کاڌي کان خالي رک ته جيئن ان ۾ معرفت جي نور جو جلوو ڏسي سگھين. سڀ جا سڀ نفساني خواهشن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ” روزي “ جو سهارو  وٺن ٿا. ڇو ته روزو پاڻ سنوارڻ جي بهترين مشق آهي ۽ روح جي ڪمال ڏانهن سير ڪرڻ جي آمادگي به پيدا ڪري ٿو. پاڻ سنوارڻ ۽ نفس جي تربيت ٻن بنيادن تي بيٺل هوندي آهي.

 

1ــ تخليه: يعني خالي ڪرڻ. يعني پنهجي روح ۽ نفس کي پست عادتن ۽ گناهن کان صاف ڪرڻ ۽ ان جو مقدمو فضيلت ۽ ان جي ڄاڻ رکڻ آهي.

 

2ــ تحليه: يعني نفس ۽ روح کي ڀلين صفتن سان سينگارڻ. يعني تقوى  اختيار ڪرڻ. حقيقت ۾ روزو تقوى حاصل ڪرڻ جو هڪ ڪلاس آهي ۽ متقي ٿيڻ جي مشق آهي. ڇو ته پيغمبر اڪرم صه  به فرمايو آهي سڀ کان وڌيڪ جنهن جي ڪري منهنجي امت جهنم ۾ ويندي اهو (گھڻن گناهن جو ذريعو) وات ۽ شرمگاھ آهي. (3) رمضان جي مهيني ۾ جن ڪمن کان انسان پرهيز ڪري ٿو اُهي کائڻ پيئڻ ۽ جنسي لذتون آهن ۽ روزي جي حالت ۾ انسان بک ۽ اڃ جي باوجود کائڻ پيئڻ ۽ ٻين لذتن کان عملاَ پرهيز ڪري ثابت ڪري ٿو ته مان جانورن وانگر ناهيان جو جڏهن به کاڌو ڏسن، جنهن جو به ڏسن، لهي پون. نه، بلڪه پنهنجي نفساني خواهشن تي ڪنٽرول ڪري سگھان ٿو. حقيقت ۾ روزو انسان کي ”حيوانيت“ جي ڌٻڻ مان ڪڍي ”فرشتن “ جي صف ۾ آڻي ٿو. ان ڪري پيغمبر اڪرم صه جن فرمائن ٿا ته

الصوم جنة من النار

 

روزو جهنم جي باھ کان ڍال آهي. ۽ امير المومنين علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته

وصوم شهر رمضان فانه جنة من العقاب

 

۽ رمضان جو روزو عذاب الاهي کان ڍال آهي. يعني روزو گناهن جي بخشش جو ذريعو آهي. گناهن جي ڪري انسان حيوانن کان به بدتر ٿي وڃي ٿو ۽  روزو انهن گناهن مان آزاد ڪري انسان کي جنت ۾ ملائڪن سان گڏ رهڻ جهڙو بڻائي ٿو. حضرت اميرالمومنين عليه السلام جن پيغمبر اڪرم صه  کان پڇن ٿا ته ڇا ڪريون جو شيطان اسان کان پري ٿي وڃي. پاڻ فرمايائون

الصوم يسود وجهه و الصدقة تکسر ظهره و الحب في الله و مواظبة علي العمل الصالح يقطع دابره و الاستغفار يقطع و تينه

روزو شيطان جو منهن ڪارو ڪري ٿو ۽ صدقو شيطان جي چيلھ چٻي ڪري ٿو. ڪنهن سان خدا ڪارڻ محبت ڪري ۽ پابندي سان نيڪ عمل انجام ڏيڻ، ان جي اميدن جي رسي کي ڪٽي ٿو ۽ استغفار ان جي دل جي رڳن کي وڍي ٿو ڇڏي (4) روزو شيطاني وسوسن ۽ مڪارين مان جان ڇڏائي پروردگار عالم جي ويجھو ڪري ٿو. حقيقت ۾ روزو ”گناهن جي ذلت مان ڇوٽڪارو پائي الله جي اطاعت واري عزت ۾ داخل ٿيڻ جو بهترين  ذريعو آهي ۽ رمضان مهينو مئل دلين کي قرآني بهار جي ذريعي ٻيهر زندھ ڪرڻ جي بهترين فرصت آهي.

 

اجتماعي ۽ اخلاقي اثر

 معاشري ۾ طبقاتي نظام ۽ امير ۽ غريب ۾ فرق واري رواج سبب اجتماعي زندگي ۾ مشڪلون پيدا ٿين ٿيون ۽ معاشري ۽ زندگي ۾ دشمنيون، ڪينا، ڪدورتون وڌي وڃن ٿيون. اسلام جي حيات بخش شريعت ” اجتماعي عدالت “ واري قانون آڌار ڪوشش ڪئي آهي ته معاشرتي رابطن کي ڪنٽرول ۾ ڪري ڇو ته هر انسان جون پنهنجيون پنهنجيون سوچون آهن.  صاحب شريعت ڪوشش ڪئي آهي ته احڪام کي اهڙي طرح وضع ڪري جو ڪافي حد تائين ان فطري اختلاف کي حل ڪري سڀني جي لاء هڪ ئي قانون جاري ڪري. انهن احڪام مان ”روزو “ به هڪ آهي  ڇو ته روزي جي ذريعي پوري معاشري ۾ برابري ۽ مساوات پيدا ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ روزو اهڙو ماحول ٺاهي ٿو جو امير ماڻهو غريبن ۽ محرومن جي حالت کان واقف ٿي وڃن ٿا ته جيئن انهن جي مالي ۽ اجتماعي زندگي آسان بڻائڻ ۽ معاشري ۾ طبقاتي نظام جي ڪري جيڪي ڪينا ڪدورتون پيدا ٿين ٿيون انهن کي ختم ڪري هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت  جو احساس پيدا ڪري سگهن. هشام بن حڪم امام صادق عليه السلام کان روزي جي فلسفي بابت پڇيو ته روزو ڇو فرض ڪيو ويو آهي ته امام ان جي جواب ۾ فرمايو:

انما فرض الله الصيام ليستوي به الغني و الفقير وذلک ان الغني لم يکن ليجد مسّ الجوع و فيرحم الفقير لان الغني کلّما اراد شيئا قدر عليه فاراد الله تعالئ ان يستوي بين خلقه و ان يذيق الغني مسّ الجوع والالم ليرق علی الضيف ويرحم الجائع

 

حقيقت ۾ الله سائين روزي کي ان ڪري واجب ڪيو آهي ته جيئن ان جي ذريعي امير ۽ غريب ۾ برابري پيدا  ڪري ڇو ته اميرن ڪڏهن بک ۽ بدحالي جي درد کي چکيو ئي ناهي جو فقيرن تي رحم ڪن، ڇو ته جڏهن به ڪنهن شئي جي طلب ٿيندي اٿن ته اها شئي انهن لاءِ حاضر هوندي آهي تنهن ڪري الله سائين روزي کي واجب ڪيو آهي ته فقير ۽ امير ۾ برابري پيدا ٿئي ۽ امير ماڻهو فقيرن جي بک ۽ بدحالي جو مزو چکن جيئن انهن تي شفقت ۽ رحم ڪن. (5)  ان حديث مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”روزو“ معاشري جي اصلاح ۽ ان ۾ برابري ۽ همدردي پيدا ڪري ٿو ۽ اخلاقي فضيلتن جي بنياد کي مضبوط ڪري ٿو ۽ غريبن ۽ محرومن جي مدد ڪرڻ واري حس پيدا ڪري انهن تي انفاق ۽ اطمام جي توفيق بخشي ٿو. اهڙي طرح روزي جي ذريعي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين جي ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ جو رواج پيدا ٿئي ٿو. امام حسن عسڪري عليه السلام به فرمائن ٿا: الله سائين روزو ان ڪري فرض ڪيو ته جيئن امير ماڻهو بک ۽ درد کي محسوس ڪري فقيرن ڏانهن توجھ ڪن. (6)

 

عرفاني اثر

 

حديث قدسي (يعني اهڙي حديث جنهن جي سند جو سلسلو الله تعالى تي ختم ٿئي ) ۾ آيو آهي ته

  الصوم لي وانا اجزی به

 

روزو منهنجي لاءِ آهي ۽ ان جي جزا مان آهيان يا ان جي جزا فقط مان ڏيندس.  هن روايت کي سني شيعه سڀن نقل ڪيو آهي هن حديث ۾ جيڪو چيو ويو آهي ته روزو فقط مون (خدا) لاءِ آهي ان جو سبب هي آهي ته ٻين عبادتن جي ابتڙ هي اهڙي اڪيلي عبادت آهي جيڪا اُمور عدمي ”ڪجھ نه ڪرڻ “ سان انجام ڏني وڃي ٿي. ڇو ته ٻيون عبادتون وجودي اُمور يعني ڪجھ ڪرڻ سان انجام ڏنيون وينديون آهن جيئن نماز، زڪات، حج وغيرھ ۽ روزو ڪجھ نه ڪرڻ آهي. ان ڪري ان ۾ خلوص جي انتها آهي. رياڪاري جا امڪان بلڪل نه آهن. اهو فقط عبد ۽ معبود جي درميان هڪ راز رهي ٿو. هڪ عبد پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي اطاعت ڪندي پنهنجي عبوديت جو اظهار ڪري ٿو جڏهن ته ٻين عبادتن ۾ انسان ڪجھ حصو” غير خدا “ ڪارڻ انجام ڏئي سگھي ٿو. ڇو ته مثلا نماز ۾ سجدو، رڪوع وغيرھ ڪنهن ٻئي جي ڏيکارڻ خاطر انجام ڏئي سگھي ٿو. ليڪن روزو اهڙي ته عبادت آهي جنهن ۾ ” ڪجھ نه ڪرڻ “ آهي جڏهن آهي ئي ڪجهه نه ڪرڻ جو غير خدا لاءِ انجام ڏيڻ جو امڪان هجي. شايد ان ڪري ئي پروردگار عالم فرمايو آهي ”انا اجزی به “ مان  خدا ان جي جزا  ڏيندڙ آهيان. جيئن هڪ ٻي حديث قدسي ۾ ارشاد ٿيو  آهي ته جڏهن منهنجو بندو نيڪين ۽ عبادتن جي ذريعي منهنجو قرب حاصل ڪري ٿو ته پوءِ مان ان جي اک بڻجي وڃان ٿو جنهن سان هو ڏسي ٿو، ان جو ڪن بڻجي وڃان ٿو جنهن سان هو ٻڌي ٿو ان جي زبان بڻجي وڃان ٿو جنهن سان هوڳالهائي ٿو ۽ ان جو هٿ بڻجي وڃان ٿو جنهن سان هو ڪجھ ڪري  ٿو(7)

 

جسماني اثر

 

روزو تربيتي، اجتماعي ۽ عرفاني اثرن کان علاوھ بدن جي سلامتي ۽ تندرستي  ۾ به مفيد ثابت ٿئي ٿو. روزو بدن جي سڀني عضون کي مسلسل استعمال جي ڪري آيل ٿڪاوٽن کي ختم ڪري معدي کي سڪون ڏئي ٿو ڇو ته هر روز مسلسل ٽي ڀيرا کائڻ پيئڻ جي ڪري معدو مصروف رهي ٿو.  روزو ان جي ٿڪاوٽن ۽ سستي کي ختم ڪري ٿو ۽ جسم جي سلامتي لاء مفيد واقع ٿئي ٿو. آمريڪا جو مشهور ڊاڪٽر ڪارلو  روزي جي فائدي بابت چوي ٿو:  اهو روزو جنهن کي اسلام واجب ڪيو آهي جسم جي سلامتي جو بهترين ضامن آهي. روزو هيٺين بيمارن 1ـ بلڊپريشر 2ـ خون رڳن ۾ رڪجي وڃڻ 3ـ دل جي ڌڙڪن 4ـ دل جي ڪينسر 5ـ اعصابي ڪمزورين 6ـ آنڊي ۾ وڪڙ  7ـ جگر جي بيماري 8 ـ معدي جي سڀني مرضن 9ـ مثاني جي بيماري 10ـ  زناني بيمارين 11ـ نفسياتي حرص 12ـ ڪينسر وغيرھ جو مستقل علاج آهي. فرانس جو مشهور ڊاڪٽر ” ڪارل ، چوي ٿو ته: روزو رکڻ سڀن دينن ۾ فرض آهي روزي جي ابتدا ۾  بک لڳندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪمزوري به محسوس ٿيندي آهي ليڪن حقيقت ۾ جسم ۾ لڪيل تبديليون وجود ۾ اچن ٿيون جيڪي اهميت جوڳيون آهن. ڊاڪٽر تومانياس چوي ٿو ته هاضمي جي نظام جي خرابي گھڻي کائڻ سبب پيدا ٿئي ٿي ۽ روزو ان نظام کي فعال بڻائي طاقت ڏئي ٿو. ڊاڪٽر ڪلوغ جيڪو آمريڪا ۾ ڪينسر جو ڊاڪٽر آهي چئي ٿو: ڪينسر کي پاڙان پٽڻ جو واحد حل روزو آهي. بغداد جو ڊاڪٽر چئي ٿو: روزو بدن جي اضافي ۽ واڌاري چرٻي کي ختم ڪري نئين چرٻي پيدا ڪري ٿو. روايتن ۾ روزي  جا جسماني فائدا بيان ڪيا ويا آهن. جيئن پيغمبر اڪرم صه فرمائن ٿا: روزو رکو ته جيئن تندرست رهو. (8)

 

ان کان علاوھ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن جيڪي روزي ۾ لڪل آهن . جئين روزو خلوص ۾ اضافو ڪري ٿو.  روزو غور ۽ فڪر جو دروازو کولي ٿو. روزو انسان ۾ تواضع پيدا ڪري ٿو. روزو شهوت تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. روزو ننڊ گھٽ ڪرائي ٿو. روزو خواب ۽ غفلت  مان بيدار ڪري ٿو.  روزو خدا جي بارگاھ ۾ خرچ ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. ليڪن هڪ مسلمان مومن فقط انهن فائدن کي نظر ۾ رکي روزو ناهي رکندو بلڪه خداوند متعال جي حڪم جي اطاعت ڪندي خلوص سان روزو رکندو آهي پوءِ ڀلي ڇو نه اهي فائدا به حاصل ڪندو هجي.

 

پروردگار عالم کان دعا آهي ته اسان کي حقيقي روزو رکڻ ۽ ان جي معنوي اثرن مان فيضياب ٿيڻ جي توفيق عنايت ڪري

 

 

 

حوالا

1ـ محجة البيضاء ج 2 ص 122

2ـ ساڳيو

3ـ خصال صدوق ص 78

4ـ بحارالانوار ج 96ص 255

5ـ  وسائل الشعه ج 7 ص 3، من لايحضره الفقيه ج 2 ص 73

6ـ ڪافي ج 4 ص 181

7ـ اصول ڪافي ج 2 ص 352

8ـ سفينة البحار ج 2 ص 78

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید