اربع, 28 آڪٽوبر 2020

روزي جو فلسفو ۽ ان جي حڪمت

  • انداز قلم

 

اي ايمان وارو توھان تي روزا فرض ڪيا ويا آھين، جيئن توھان کان پھرين واري امتن تي فرض ڪيا ويا ھئا، شاھد توھان متقي ٿي وڃو.

سورہ بقرہ آيت نمبر 183

روزو مختلف پھلوئن سان ڳنڍيل  ۽ جڙيل آھي،  ۽ انسان جي اندر ۾ سڀاويڪ  ۽ ڳجھي لحاظ سان تمام گھڻو اثر رکي ٿو، جنھن منجھ سڀ کان موھم  ۽ درجي بدرجي پھلو فلسفو آھي. اگر اسان مٿي ڏنل آيت جي ترجمي ۾ غور ويچار ڪنداسين، تہ اللہ تعالي روزي جو فلسفو تقوا کي قرار ڏنو آھي، يعني روزو توھان تي ان ڪري فرض ڪيو ويو آھي، تاڪہ توھان متقي  ۽ پارسا ٿي وڃو.  ۽ امام جعفر صادق عليہ السلام کان ھڪ روايت ملي ٿي، تہ جنھن شخص رمضان المبارڪ جو ھڪ روزو نہ رکيو، تہ ان انسان جي روح مان ويساہ (ايمان) نڪري ويو. بس اگر ڪو انسان ھن روايت ۾ انھو ويچار ڪندو، تہ انسان کي روزي جي اھميت  ۽ فلسفي جي کوڙ ساري خبر پئجي ويندي. تہ روزي کي واجب ڪرڻ جو مقصد  ۽ فلسفو ايمان کي بچائڻ آھي،  ۽ ايمان کي بچائڻ جو حيلو تقوا آھي، جنھن تقوا کي قرآن مجيد ۾ اللہ تعالي روزي جو فلسفو قرار ڏنو آھي. تقوا اسلام منجھ بنيادي بساط  ۽ اھميت رکي ٿي،  ۽ ڪيترن ئي عبادتن جو اصلي فلسفو تقوا آھي. وري اسان ڏسنداسين تہ تقوا ڇا آھي جنھن کي اللہ تعالي روزي جو فلسفو  ۽ مقصد قرار ڏنو آھي؟. روايتن جي روشني م تقوا جي تعريف ٽن شيئن سان بيان ٿي ٿئي. ھڪ اللہ تعالي جي اطاعت ڪرڻ، ٻہ گناھن کان بچڻ، ٽي دنيا کي ترڪ ڪرڻ  . جيئن رسول اڪرم فرمائن ٿا، تقوا توھان لا ۽ ضروري آھي، ڇوجو ھر ڪم جو سرمايو تقوا آھي. حقيقت بہ اھيا آھي، تہ اھڙو روزو رکڻ جيڪو انسان ذات کي گناھن کان پرين نہ ڪرين، ان کي اسان بک  ۽ اڃ تہ چئي سگھون ٿا، پر ان کي حقيقي معناہ م روزو نٿو چئي سگھجي. ڇوجو پو ۽ اسانکي روزي جو فلسفو  ۽ ان جو مقصد حاصل نٿو ٿي، اگر فلسفو  ۽ مقصد حاصل نٿو ٿي، تہ ان جو مطلب تہ جنھن روزي جو اسان کي حڪم مليو آھي. اھو اسان نہ رکيو آھي آھي، بلڪي اھيو روزو اسان پنھنجي مرضي مطابق رکيو آھي،  ۽ جيڪا عبادت اسان پنھنجي عين مرضي مطابق انجام ڏيون، جنھن عبادت م اللہ تعالي جي طرفان ڏنل احڪامات  ۽ پيغامات جي رعايت نہ ڪئي وڃي، تہ اھڙي عبادت اللہ تعالي ھر گز قبول نہ ڪندو، جيڪا عبادت انسان کي خدا جي اطاعت کان ڏور رکي. جيئن رسول اڪرم جي ھڪ حديث آھي، جيڪو شخص رمضان جي مھيني جا روزا رکندو،  ۽ گناھن  ۽ حرام ڪمن کان ڪنايو ڪندو، تہ اللہ تعالي ان انسان کان راضي ٿيندو آھي،  ۽ ان شخص تي جنت واجب آھي. ھن دنيا م اھو شخص حقيقي روزيدار آھي، جنھن شخص ھن با برڪت مھيني جي عظمتن  ۽ فضيلتن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گناھن کان بلڪل ڏور رھيو،  ۽ پنھنجي نفس کي ھميشہ لا ۽ پاڪ رھيو،  ۽ ھميشہ پنھنجو پاڻ کي پالڻھار جي عبادت ڪرڻ لا ۽ آمادہ رکيو. وري ھڪ ٻئي جڳھ تي امام علي عليہ السلام جو فرمان ملي ٿو، تہ جنھن ۾ امام عليہ السلام فرمائن ٿا، بيشڪ تقوا توھان جي دلين جي بيمارين لا ۽ دوا، روح جي نابينائي لا ۽ نور، جسماني بيمارين لا ۽ شفا، سيني جي فساد لا ۽ اصلاح،  نفس جي گندگي لا ۽ پاڪائي،  اکين جي پردي کي کولڻ واري، اندروني پريشاني لا ۽ راحت،  ۽ اونداھين لا ۽ روشني آھي.  ۽ ھڪ ٻئي جڳھ تي ملي ٿو، تہ جنت چار شخصن جي مشتاق آھي، ھڪ ڪنھن بکايل کي کاڌو کارائڻ واري جي، ٻہ پنھنجي زبان کي قابو ۾ رکڻ واري جي ٽي قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ واري جي، چار رمضان شريف جا روزا رکڻ واري جي.

 

روزي جو ٻيو فلسفو.

امام جعفر صادق عليہ السلام فرمائن ٿا، اللہ سائين روزا ان ڪري فرض ڪيا آھن، تاڪي غريب  ۽ امير ھڪجھڙا ٿي سگھن  ۽ جڏھن تہ امير کي ڪڏھن بہ بک محسوس نہ ٿيندي، جيستوئي اھو امير روزو نہ رکي، ان ڪري روزي جھڙي عظيم عمل کي انسان مٿان واجب ڪري، امير  ۽ غريب کي مساوي ڪرڻ آھي. ۽ انھي فلسفي مطابق روزي جو اثر  ۽ رسوخ اسانجي سماج  ۽ معاشري تي پڻ پوي ٿو، جيڪو اسان کان لڪيل  ۽ ڳجھو نہ آھي، روزو اسان جي سماج کي امير  ۽ غريب جي برابري (مساويت) جو درس ڏئي ٿو، ڇوجو ھن روزي جھڙي عظيم عبادت ئي آھي، جنھن جي ذريعي شاھوڪار انسانن  ۽ دولتمند ماڻھن، کي غريب  ۽ مسڪينن ماڻھن جي بک  ۽ اڃ جي ڪيفيت  ۽( حالت) جي خبر پوي ٿي. ليڪن افسوس سان ھت لکڻو ٿو پوي، تہ اڄ روزي جي عظيم عبادت بہ سياست جي ور چڙھي وئي آھي،  ۽ وڏين وڏين افطاري پارٽين جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو، پر ان پارٽين ۾ غريبن  ۽ مسڪينن کي دعوت جي جڳھ تي انھن کي اذيت ڏني وڃي ٿي،  ۽ انھن کي لاچار  ۽ بي سھارا ھئڻ جو احساس ڏياريو وڃي ٿو. جڏھن تہ اسانکي انبيا ۽ ڪرام  ۽ آئمہ اطھار جي طرفان اھيو درس مليل آھي، تہ ھن با برڪت مھيني ۾ غريبن  ۽ مسڪينن جي جيتري قدر ٿي سگھي مدد ڪيو. پر اسانجي سماج ۾ ان جي بر عڪس ٿي رھيو آھي، اسان وٽ وري روزي جي افطاري پارٽي ۾ ڳوٺ جي وڏيرن  ۽ سياسي ڀوتارن کي دعوت ڏني ويندي آھي، اسان جي معاشري ۾ وري افطاري جي پارٽي جي دعوت بذريعہ ڪارڊ ڏني ويندي آھي، حتاڪ ڪنھن اھڙا وڏيرا  ۽ سياسي ڀوتار بہ انھي دعوت م ھوندا آھن جن جو روزو بہ نہ ھوندو آھي.

 

روزي جا حڪيماڻا فائدا

 

روزی جو ٽيو فلسفو. طب چاھي جديد ھجي يا پراڻي، يا وري ڊاڪٽرن  ۽ عالمي صحت جي عھديدارن جي تحقيقات يعني (ريسچرز) جي روشني ۾، روزو ڪيترن ئي موضي مرضن کان نجات (چوٽڪارو) جو ذريعو ٿئي ٿو. جنھن کي ڪو مذھب يا ڌرم سيئڪار ڪرڻ کان انڪار نٿو ڪري سگھي، يا وري شاھد ڪو ئي اھڙو حڪيم يا طبيب ھوندو، جيڪو پنھنجي من گھڙت تاليفات  ۽ تصنيفات ۾ ان حقيقت ڏانھن اشارو نہ ڪيو ھجي. ڪجھ فائدا اسان مندرجہ ذيل ۾ بيان ڪيون ٿا. ذھني مرض، اھي ماڻھون جيڪي ذھني مرض م جکڙيل آھن، انھن انسانن لا ۽ روزي ڪنھن تحفي (سوکڙي) کان گھٽ نہ آھي، روزو رکڻ سان اھو نظم  ۽ ضبط ملي ٿو، جنھن سان ذھني مرض کان بلڪل چوٽڪارو (نجات) ملي وڃي ٿو. ڏندن جو مرض، روزي رکڻ جي حالت م ڪجھ ڪلاڪن تائين کاڌ  ۽ خوراڪ کان پرھيز ڪيو وڃي ٿو، جنھن سان خوراڪ جا زراعت ڏندن جي وچ ۾ نٿا رڪجن، جنھن سان انسان جا ڏند وڌيڪ مظبوط ٿين ٿا،  ۽ انسان جي وات ۾ ھر وقت کاڌ  ۽ خوراڪ واپرائڻ سان ڪني بدبو ۽ جنم وٺي ٿي روزو رکڻ سان ان کان بہ چوٽڪار ملي وڃي ٿو. گڙدي جو مرض، روزو رکڻ سان گڙدي جھڙي خطرناڪ بيماري کان پڻ نجات ملي ٿي، روزو رکڻ واري انسان جو پيشاب بہ ھر بيماري جو علاج پاڻ ڪندو آھي، روزي رکڻ سان انساني جسم ۾ گڏ ٿيل پاڻي سڙيو ختم ٿيو وڃي. معدي جو مرض، روزو معدي جي مرض کي پڻ ڏور ڪري ٿو،  ۽ روزو ھاضمي واري نظام کي محڪم  ۽ مضبوط ڪري ٿو،  ۽ جسم ۾ گھڻي چرٻي  ۽ نمڪيات کي ختم ڪري ٿو، سڄي سال م جيڪو معدي تي بالائي ٻسجڻ پوي ٿو، رمضان المبارڪ جي روزن جي برڪت سان ان کان بہ چوٽڪارو ملي ٿو. ٻارڙن جو مرض، ننڍڙن ٻارڙن کي جڏھن اسان روز رکڻائينداسين، تہ ان سان بہ حيرت انگيز فائدا حاصل ٿين ٿا، سرخ بخار، حلق جو زخم، ڪاري کنگھ،  ۽ ٻارڙن م جيڪا فاليج جي بيماري پيندا ٿيندي آھي، روزو رکڻ سان ان کان بہ چوٽڪارو ملي ٿو. بھرحال روزي رکڻ جا کوڙ سارا حڪيماڻا  ۽ طبيباڻا فائدا آھن.جھڙوڪ الڪسي سوفرين، جيڪو روس جو ھڪ نالي وارو دانشور آھي، جيڪو پنھنجي ھڪ ڪتاب م لکي ٿو. روزو رکڻ کوڙ سارين بيمارين لا ۽ مفيد  ۽ فائدمند ثابت ٿي ٿو، جيئن رت جو گھٽجڻ، آنڊن جي ڪمزوري، التھاب( يعني جسم جي بعض پرزن جو سوڃي وڃڻ) اندران  ۽ ٻاھريان پڙاڻا ڦٽ، تپ، دق، اسڪيلروز، نقرس، استسقا، (جلندر، تمام گھڻي اڃ جو لڳڻ واري ھڪ بيماري آھي، جنھن جي ڪارڻ پيٽ اندر پاڻي ڀرجي ويندو آھي، چمڙي جو ڪرڻ، اکين جي نور جون بيماريون،  ۽ ٻين کوڙ سارين بيمارين جو حل روزي رکڻ سان جلدي ملي ويندو آھي.  ۽ اسانکي ھت رسول اڪرم جي ھڪ مشھور حديث پڻ ملي ٿي، جنھن م رسول اڪرم فرمائن ٿا، معدو ھر بيمار جو گھر (بيت) آھي،  ۽ اساڪ يعني روزو ھر مرض جي دوا آھي.

آخر ۾ اسان اللہ تبارڪ تعالي کان اھيان دعا گھرون ٿا، تہ اسانکي حقيقي معناہ ۾ روزو رکڻ جي توفيقات عطا فرماء

فقهي احڪام

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي