سومر, 13 جولاءِ 2020

زال ۽ مڙس جا ھڪٻئي مٿان حق حصو ٻيو

  • انداز قلم

 

5. سنوريل ۽ پاڪيزه هجڻ

جهڙي ريت مرد کي اهو پسند آهي ته ان جي زال سهڻي، پاڪيزه، سٺي لباس واري ۽ معطر هجي، زال جي به پنهنجي مڙس مان اها توقع هوندي آهي. صفائي، پاڪائي، وهنجڻ، ڦڻي ڏيڻ، عطر لڳائن، صاف سٿرا ڪپڙا پائڻ ۽ مرد جي جسم

فقهي احڪام

تي ٻيون حلال زينتون زال جي راضپي جو سبب بڻجن ٿيون ۽ ان جي عفت ۽ پاڪدامني ۾ واڌاري جو سبب ٿين ٿيون. ان کي ٻين ۾ اکيون وجهڻ ۽ مڙس کان علاوھ ڪنهن ٻئي مرد ڏانهن واجهائڻ کان محفوظ رکن ٿيون.

حسن بن جهم چئي ٿو ستين امام کي خضاب سان ڏٺم، عرض ڪيم: اوهان تان صدقو وڃان خضاب ڪيو اٿؤ؟ فرمايائون: جي ها، مرد جو پاڻ کي سنوارڻ، زال جي عفت ۽ پاڪدامني ۾ واڌاري جو سبب آهي. جن عورتن پاڪدامني ڇڏي ان ڪري جو انهن پنهنجي مڙسن کي سنوريل سنگاريل نه ڏٺو. پوءِ مولا پڇيو: ڇا تون پسند ڪندين ته تنهنجي زال وکريل ۽ درهم برهم هجي؟

امام رضا عليه السلام پنهنجي ابن ڏاڏن کان روايت ٿو ڪري ته: بني اسرائيل جي عورتن پاڪدامني تان هٿ کنيو ۽ ان ڪم جي ان ڳالھ کان سواءِ ڪا به علت نه هئي ته انهن جي مڙسن سنورجڻ سينگارجڻ ڇڏي ڏنو هئو. پوءِ فرمايو: زال کي به مڙس مان اها ئي توقع هوندي آهي جيڪا مڙس کي ان مان هوندي آهي. ڪجھ مرد حقيقت ۾ به بي انصاف هوندا آهن، پنهنجو خيال ناهن رکندا، دير دير سان اصلاح ڪندا آهن. دونهين وارا آهن، انهن جو وات ۽ انهن جا ڏند ڪثيف ۽ بدبودار آهن.

اهي مناسب ڪپڙا ناهن پائيندا، پنهنجو چهرو ناهن سنواريندا، ان کان وڌيڪ بري ڳالھ اها ته انهن کي اها توقع هوندي آهي ته انهن جي زال مڪمل انهن جي خدمت ۾ هجي، اهي مرد ظالم ۽ سزا جا حقدار آهن.
6. خوش زباني ۽ پيار سان پيش اچڻ

بدزباني، سختي ۽ تنگ ڪرڻ اهڙا ڪم آهن جيڪي سامهون واري کي ردعمل تي اڀاريندا آهن، حالت ۽ ڳالھ ٻول جڏهن حدون اورانگهي وڃي ته زال کي دلتنگ ۽ ان جي جذبي کي ٿڌو ڪري ٿي ڇڏي نتيجي ۾ زندگي جو ماحول سخت ۽ سرد ٿيو وڃي. حضرت علي عليه السلام ان بابت مردن کي حڪم ٿا ڏين ته: انهن سان هر حال ۾ محبت سان پيش اچو، خوس زبان ۽ نرمي وارو لهجو رکو، سڀني ڪمن ۾ ساڻن نيڪي ڪريو جو ان جي رد عمل طور اوهان سان به ائين ٿيندو.

7. پنهنجي ارادي ۽ اختيار جي حفاظت ڪري

ڪجھ مرد الله جي ڏنل آزادي، پنهنجي ارادي ۽ اختيار کان اکيون ٻوٽي ڇڏيندا آهن، ۽ مڪمل طور زالن جي اختيار ۾ اچي ويندا آهن ۽ ڪجھ زالون مڙس جي اختيار جون مالڪ بڻجي، زندگي ۾ حاڪم بڻجي وينديون آهن، زندگي کي جيئن وڻندو اٿن تيئن گزارينديون آهن. اهڙي قسم جي زندگي گهڻي ڀاڱي هڪ شيطاني زندگي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. ۽ گناھ و معصيت جي لهر، اسراف ۽ اجايو خرچ، غير شرعي فرمائشون زندگي تي پردو وجهي، گهر ۽ خاندان کي خدائي ۽ انساني اصولن کان موڙي ڇڏينديون آهن. اڄ جي زماني ۾ وڏي پئماني تي خاندانن جا خاندان ان برباد ڪندڙ مصيبت جو شڪار آهن. بجاءِ ان جي جو زندگي جو ڪار وهنوار مرد جي هٿن ۾ هجي، زالن جي هٿ ۾ آهي، بجاءِ ان جي جو مڙس، زال جو مڙس هجي ابتو عورت مڙس جي جاءِ ٿي سنڀالي ۽ الله نه ڪري جو مرد زال جي ناجائز ۽ الله جي نافرماني واري خواهش پوري ڪرڻ کان انڪار ڪري، انهي مهل ئي جهيڙو ۽ لڙائي شروع ٿي ٿي وڃي ۽ زال جي هٿان تباه ڪندڙ باه ٻري ٿي پئي ۽ جيستائين مرد ان جي حڪم کي تسليم نه ڪري يا ان کي طلاق نه ڏئي اها دوزخ جي باه وسامي نه ٿي.

حضرت علي عليه السلام اهڙن بي اختيار، ڪمزور ۽ ڏتڙيل مڙسن بابت فرمائي ٿو: جنهن به مرد پنهنجو اختيار زال جي هٿن ۾ ڏنو اهو ملعون آهي. ۽ فرمايو: جيڪو مرد زال جو ٻڌو ٻانهو ٿي پوي، الله سائين ان کي منهن ڀر جهنم ۾ داخل ڪندو. امام عليه السلام کان پڇيائون ته ڪيئن؟ امام عليه السلام فرمايو: مڙس کان بدن ڏيکاريندڙ ڪپڙن جو مطالبو ڪري ۽ مڙس قبول ڪري! ۽ اهڙي قسم جي زالن بابت جڏهن هڪ مرد اچي پنهنجي زال جي دانهن ڏني ته ماڻهن جي سامهون هن ريت خطبو ارشاد فرمايو: اي مردؤ ڪنهن به صورت ۾ زال جي فرمانبرداري نه ڪيو، ڪو به مال ان جي هٿن ۾ نه ڏيو، زندگي جي ڪمن جو انتظام ان جي حوالي نه ڪريو، جيڪڏهن ان ٽولي وارا پنهنجي اختيار وارا هوندا ته سڀني کي هلاڪت ۾ وجهي ڇڏيندا، پنهنجي مڙسن جي نافرماني ڪنديون. اسان ائين ڏٺو آهي ته ان ٽولي وارا ضرورت مهل تقوا ۽ پرهيزگاري جو خيال نه رکندا، شهوت جي اڳيان تڪڙي شڪست کائيندا، پوڙهي ٿيڻ تائين مال ۽ زيور جي ڳڻتي هوندن ۽ ڪمزوري مهل خود بين ۽ مغرور ۽ خود پسند هوندا. جيڪڏهن انهن جي هڪ اڌ فرمائش پوري نه ٿئي سڄي پيار ۽ محبت کي اڻ ڏٺو ڪري ٺڪرائي ڇڏن ۽ پنهنجي ذهن ۾ شر ۽ برائي کي جاءِ ڏين. بعير پرواه ڪرڻ جي تهمت هڻن، سرڪشي ۽ نافرماني تان هٿ نه کڻن ۽ هميشه شيطان واري واٽ تي ويهن.

استاد حسين انصاريان جي ڪتاب اسلام جو خانداني نظام تان ورتل.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي