اربع, 23 سيپٽمبر 2020

زال ۽ مڙس جا ھڪٻئي مٿان حق حصو ٽيون

  • انداز قلم

 

 

مڙس جا زال مٿان حق (زال جون ذميداريون)

 

زندگي جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جو اهم حصو زال پاران پنهنجي مڙس جي حقن جو لحاظ ڪرڻ ۾ سمايل آهي. ان ميدان ۾ زال لاءِ ضروري آهي ته صرف الله سائين ۽ قيامت کي نظر ۾ رکي ۽ مڙس جي معاملي ۾ ٻين کان نه ڪو حڪم وٺي

فقهي احڪام

۽ نه وري ٻين جي ڪا ڳالھ قبول ڪري، ڇو جو ٿي سگهي ٿو ٻيا پنهنجي ڳالهين ۽ حڪمن ۾ غلطي جو شڪار هجن يا زال ۽ مڙس جي امن، عزت ۽ خوشي واري زندگي جو برو چاهيندڙ هجن ۽ انهن ۾ ڏڦيڙ وجهڻ چاهيندا هجن. يا ٿي سگهي ٿو نوجوان زال ۽ مڙس سان ساڙ ۽ حسد ڪندا هجن. ٻئي طرف کان عورتن ۾ ٻين جي اثر ۾ اچڻ ۽ انهن جي ڳالهين کان متاثر ٿيڻ (وارو جذبو) گهڻو هوندو آهي، تنهن ڪري انهن کي پنهنجي ان طبيعت ۽ ٻين جي ساڙ وغيره ڏانهن به گهڻي توجه ڏيڻ گهرجي ۽ مڙس جي حق جو لحاظ رکڻ ۾ جيڪو ايماني، اسلامي ۽ انساني حق آهي صرف الله کي نظر ۾ رکن ۽ قيامت کي نگاه ۾ رکن.

مڙس چاهيندو آهي ته زال ان جي ئي زال هجي، ان جي زال هجڻ واريون حالتون به محفوظ هجنس، ڇو جو آخرڪار عورت آهي ۽ عورت طور خلق ڪئي وئي آهي پنهنجي انهي صفت جي حفاظت ڪري. مزاق، کل ڀوڳ، ناز نخرا صرف مڙس سان ڪري. ٻين جي ڳالھ نه ٻڌي. پنهنجي ويجهن توڙي پري وارن مائٽن يا پاڙيسرين جي مداخلت کي قبول نه ڪري. هر حال ۾ پنهنجي مڙس جي ئي زال هجي ۽ ان جي شرعي ۽ جائز خواهشن جي بنياد تي زندگي بسر ڪري. گهر جا امور مڙس جي چاهت مطابق سنڀالي ۽ پنهنجي ٻارن لاءِ حقيقي ماءُ هجي. ڪجھ عورتون پنهنجي عورت هجڻ کي وساري ڇڏينديون آهن. بدتميز، تشدد پسند، تيز ۽ پروفيشنل پهلوان بڻجي وينديون آهن، جو اهي حالتون مڙس جي زندگي ڏاڍي سخت بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ اهو شادي ۽ زندگي کان پشيمان بڻجي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ته پنهنجي زندگي تان ئي روح کڄي ويندو اٿس. عورت طرفان ضرورت مهل مڙس جي خواهش پوري ڪرڻ، سڀني جائز، شرعي ۽ اخلاقي ڪمن ۾ سندس فرمانبرداري، گهر کان ٻاهر نڪرڻ يا سفر تي وڃڻ لاءِ سواءِ حج واري واجب سفر جي، مڙس جي حق جو لحاظ، زال تي مڙس جي واجب حقن منجهان ۽ ڪجھ مستحب حقن منجهان آهن.

1.اطاعت:
حضرت امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا: هڪ عورت رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي خدمت ۾ آئي ۽ چيو: مڙس جو زال مٿان ڪهڙو حق آهي؟

پاڻ فرمايائو: مڙس جي تابعداري ۽ ان جي نافرماني کان پرهيز ڪرڻ.

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: جڏهن عورت پنج وقت نماز پڙهي ۽ رمضان جا روزا رکي ۽ پنهنجو حج انجام ڏئي ۽ مڙس جي تابعدار هجي ۽ علي عليه السلام جو حق سڃاڻي ته اهو واجب الاطاعة امام آهي ته اها عورت جنت جي اٺن دروازن مان جنهن مان وڻيس جنت ۾ داخل ٿئي.
رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي ان تمام اهميت واري روايت تي ڌيان ڏيو: هر اها نيڪ ۽ لائق عورت جيڪا الله جي عبادت ڪري، واجبات کي انجام ڏئي ۽ مڙس جي تابعدار هجي ته اها جنتي آهي. هر اها عورت جيڪا نماز پڙهي، ضرورت کان بغير گهر کان ٻاهر نه وڃي، پنهنجي مڙس جي فرمانبردار هجي ته الله سائين ان جا گذشته ۽ ايندڙ گناه معاف ڪندو. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم حولا نالي هڪ عورت کي فرمايو:

ان الله جو قسم جنهن مون کي حق سان نبي بڻايو، مرد جو زال مٿان حق آهي، جيئن ئي مڙس اهو حق گهري زال ادا ڪري، جيڪڏهن (مڙس) حڪم ڏئي ته (زال) نافرماني نه ڪري ۽ ان جي مخالفت ۽ ساڻس جهيڙو نه ڪري.

هڪ اهم ۽ لوڏي ڇڏيندڙ گفتگو ۾ فرمايائون: زال جيستائين مڙس جو حق ادا نه ڪندي، اوستائين ان الله جو حق ادا نه ڪيو.

انهن روايتن ۾ اوهان ڏٺو ته صرف مڙس جي فرمانبرداري معيار نه آهي بلڪه زال جو ايمان ۽ عبادت، واجبات کي انجام ڏيڻ، حرام ڪمن کي ترڪ ڪرڻ جو به ان جي ڇوٽڪاري ۾ وڏو عمل دخل آهي ان معنا ۾ جو جڏهن عورت اهي سڀ ڪم انجام ڏيندي ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيندي.


2. مڙس جي مخصوص حق جو لحاظ:

زال تي واجب آهي ته انهن جاين کان سواءِ جتي شرعي لحاظ سان رڪاوٽ آهي مخصوص حق بابت مڙس جي خواهش پوري ڪري، ايستائين جو ان باب ۾ مستحب آهي ته پاڻ اڳرائي ڪري پنهنجي تيار هجڻ ۽ مڙس کي اهو حق ادا ڪرڻ جي دعوت ڏئي.

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: زال لاءِ ضروري آهي ته بهترين عطر ۽ خوشبو استعمال ڪري، خوبصورت ڪپڙا پائي، پاڻ کي چڱي ريت سينگاري، صبح شام مورڻي وانگر مڙس جي اڳيان پويان گهمندي رهي، پوءِ به مڙس جو حق ان کان وڌيڪ آهي.

جيڪڏهن زال ان ٻڌايل دستور تي ائين ئي عمل ڪري ته ان ڄڻ مڙس کي پنهنجي لاءِ محفوظ بڻائي ڇڏيو ۽ ان کي ٻين عورتن تي اکيون ڀڃڻ، انهن جي خواهش ڪرڻ ۽ انهن جي پويان لڳڻ کان بچائي ورتو، چاهي اهو ٻين جي پويان لڳڻ جائز طريقي سان ئي هجي.

گهڻي ڀاڱي اختلاف اتان کان ئي جنم وٺندا آهن، زال جڏهن ڪنهن دعوت تي يا شادي تي ويندي آهي ته بهترين خوشبو هڻي، سهڻو لباس پائي سنورجي سينگارجي ويندي آهي ۽ مڙس لاءِ معمول مطابق بلڪل سادگي سان رهندي آهي. ۽ گهر موٽندي ئي جلدي ۾ خوبصورت لباس لاهي، گهر جا ڪپرا پائيندي آهي ۽ مڙس کي سينگار واري حالت ۾ ڏسڻ جو موقعو به ناهي ڏيندي، هار سينگار واريون شيون هٽائي، معمولي حالت ۾ اچي ويندي آهي. اهو ئي ڪم مڙس جي دل توڙي ان کي رنج ۽ آزار ٿو پهچائي ۽ زال مڙس جي رابطي جي ڪمزوري جو سبب ٿئي ٿو ۽ ٻين مشڪلات کي ايجاد ٿو ڪري.
منهنجي نظر ۾ گهڻا ئي جوان ۽ وچولي عمر جا مڙس دانهن ڏيندا آهن ته مڙسن جي خاص حق جي نسبت انهن جون زالون رغبت نه ٿيون رکن، مڙسن لاءِ سينگار نه ٿيون ڪن، خوبصورت ڪپڙا نه ٿيون پائن تنهن ڪري اهي ان مشڪل کي حل ڪرڻ لاءِ ٻئي شادي يا عارضي شادي جي خواهش ظاهر ڪندا آهن. ان جاءِ تي مان زالن کي صرف هڪڙي تاڪيد ڪندس ته ان مرحلي ۾ پنهنجي پوري وجود سان پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ۽ معصوم امامن عليهم السلام جي حڪم جي پيروي ڪريو تاڪه ڪا به مشڪل پيش نه اچي. ۽ مڙس گهر کان ٻاهر ڪنهن ڌاري عورت ڏانهن نه واجهائي، ٻي صورت ۾ زندگي جا بنياد تباه ٿي ويندا، گهر توڙي خاندان جي تباهي جو معاف نه ٿيندڙ گناه قيامت ۾ اوهان جي مٿان هوندو.

مخصوص حق لاءِ مڙس جي زال ڏانهن لاڙي ۽ زال پاران ڀلي موٽ بابت پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جو هڪ تعجب ۾ وجهندڙ حڪم موجود آهي، اهو حڪم ان عورت جي جواب ۾ بيان فرمايائون جنهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم کان مڙس جي حقن بابت سوال ڪيو. پاڻ فرمايائون: عورت چاهي اٺ تي سوار هجي مڙس کي پنهنجي حق کان نه روڪي.
اهو حقيقت ۾ ان ڳالھ ڏانهن اشارو آهي ته اهو تمام اهم ڪم آهي ۽ مڙس جي محبت جي مضبوط هجڻ ۽ گهر کان ٻاهر ان جي نظر جي حفاظت جو سبب آهي. ٻئي ڀيري پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: ان لاءِ جو ضرورت مهل مڙس جو خيال رکو، نماز جيڪا عظيم عبادت آهي ان کي به ڊگهو نه ڪيو.... ھلندڙ

استاد حسين انصاريان جي ڪتاب اسلام جو خانداني نظام مان ورتل

 

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي