جمع, 07 آگسٽ 2020

شراب ڪيئن، ڇو ۽ڪڏهن حرام ٿيو !

  • انداز قلم

 

ھڪڙي محترم ۽ لائق دوست سوال پڇيو ته اسلام ۾ شراب ڪڏهن، ڇو ۽ ڪئين حرام ٿيو؟؟؟؟  ان سوال جي جواب ۾ هي تحرير سڀني جي معلومات خاطر پيش ڪجي ٿي

ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شراب نه رڳو اسلام بلڪه  سڀني  آسماني شريعتن ۾ حرام رهيو آهي جنهن جو دليل امام رضا عليه السلام جي مشهور حديث آهي جنهن ۾ مولا فرمايو: مَا بَعَثَ اللَّهُ نَبِيّاً قَطُّ إِلَّا بِتَحْرِيمِ الْخَمْرِ  پالڻهار ڪنهن به نبي کي ناهي موڪليو سواءِ ان جي ته ان نبي (پنهنجي شريعت ۾)  شراب کي حرام قرار ڏنو. (توحيد، شيخ صدوق، جامعه مدرسين، قم، 1398 ق، باب 54 البداء، ص 334.)

باقي اسلام ۾ شراب جو حرام هجڻ آهسته آهسته، پهريان اجمالي صورت ۾ پوءِ تفصيل سان ۽ آخر ۾ بلڪل واضح نموني ۽  تاڪيد سان بيان ڪيو ويو آهي . ان ڪري جو عربن جي سماج ۽ معاشري ۾ اسلام کان پهريان شراب پيئڻ جو رواج تمام گھڻو رائج هيو ۽ عربن جي مشهور عادتن منجھان هڪ عادت هيو ۽ افسوس سان اها بري عادت ٻين امتن ۽ قومن ۾ به رائج رهي آهي  ۽ ڪيترائي بهانا آندا پئي ويا ته جيئن ان جي حلال هجڻ کي بيان ڪن. تنهنڪري اهڙي معاشري ۾ اگر اچانڪ ۽ هڪ دفعي سان شراب کي حرام قرار ڏنو وڃي ها ته ممڪن هيو ته سڀ ان حڪم جا انڪاري بڻجي وڃن ها  ۽ نفسياتي ۽ تربيتي اصولن کي نظر ۾ رکندي ضروري هيو ته سڪون ۽ آرام سان ان حقيقت کي انسانن آڏو پيش ڪرڻ گھرجي تنهنڪري شراب جي حرام هجڻ کي آهسته آهسته چئن مرحلن ۾  بيان ڪيو ويو آهي. اتان کان هڪ نڪتو سمجھ ۾ اچي ٿو ته اگر ڪنهن معاشري ۾ ماڻهو اهڙي نشي واري لعنت جو شڪار هجن ته کين سڌارڻ لاءِ  پلاننگ سان مرحلن ۾ ڪم ڪجي تڏهن ئي اهو ڪم فائديمند ثابت ٿيندو باقي اچانڪ ختم ڪرڻ جي ڪوشش سان معاشري ۾ بغاوت وجود ۾ اچي سگھي ٿي.

پهرين مرحلي ۾ پالڻهار فرمايو: (وَمِن ثَمَرَاتِ النَّخِيلِ وَالأَعْنَابِ تَتَّخِذُونَ مِنْهُ سَكَرًا وَرِزْقًا حَسَنًا  (سورت نحل آيت 67 ) ۽ کجين جي ۽ ڊاکن جي ڦرن مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو،

هن آيت ۾ شراب کي نيڪ رزق جي مقابلي ۾ بيان ڪيو ويو آهي جيئن اڻ سڌي نموني ان جي ڀلي نه هجڻ کي محسوس ڪري سگھو

ٻي مرحلي ۾ صراحت ۽ ڇٽي طرح سان نشي جي حالت ۾ نماز پڙهڻ کان  منع ڪئي ۽ فرمايو: (يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَقْرَبُواْ الصَّلاَةَ وَأَنتُمْ سُكَارَى حَتَّىَ تَعْلَمُواْ مَا تَقُولُونَ) اي ايمان وارؤ! اوھان نشي ۾ ٿي ايستائين نماز کي ويجھا نه وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجھو. (سورت نساءِ آيت 43)

تنهن کان بعد واري مرحلي ۾ اها ياد آوري فرمائي  ته توڙي جو شراب کي وڪڻڻ يا خريد ڪرڻ سان توهان مالي فائدو حاصل ڪري وٺندو يا کيس واپرائڻ سان ڊڄ، پريشاني، يا غم مان عارضي نجات حاصل به ڪري وٺو ليڪن اهي سڀ شيون  شراب پيئڻ واري گناھ  ۽ خراب اثرن جي مقابلي ۾ ڪا به حيثيت نٿيون رکن (سيد محمد حسين طباطبايي، الميزان،ج 2، ص 294، نشر جامعه مدرسين، قم، 1374ه.ش با ترجمه،موسوي همداني.) ( يَسْأَلُونَكَ عَنِ الْخَمْرِ وَالْمَيْسِرِ قُلْ فِيهِمَا إِثْمٌ كَبِيرٌ وَمَنَافِعُ لِلنَّاسِ وَإِثْمُهُمَآ أَكْبَرُ مِن نَّفْعِهِمَا) اي پيغمبر! توکان شراب ۽ جوا بابت پڇن ٿا، چئو ته اُنھن ۾ وڏو گناھ ۽ ماڻھن لاءِ (ڪجھ) فائدا آھن، ۽ سندن فائدي کان اُنھن جو گناھ تمام وڏو آھي. توڙي جو ان آيت منجھان به شراب جو حرام هجڻ معلوم ٿئي پيو تڏهن به ڪجھ ماڻهن شراب پيئڻ تان هٿ نه کنيو  ايستائين جو پالڻهار تمام گڻي شدت سان وڏي تاڪيد ڪندي  شراب جي حرام هجڻ جو اعلان ڪندي فرمايو: (يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ إِنَّمَا الْخَمْرُ وَالْمَيْسِرُ وَالأَنصَابُ وَالأَزْلاَمُ رِجْسٌ مِّنْ عَمَلِ الشَّيْطَانِ فَاجْتَنِبُوهُ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ إِنَّمَا يُرِيدُ الشَّيْطَانُ أَن يُوقِعَ بَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاء فِي الْخَمْرِ وَالْمَيْسِرِ وَيَصُدَّكُمْ عَن ذِكْرِ اللّهِ وَعَنِ الصَّلاَةِ فَهَلْ أَنتُم مُّنتَهُونَ)

اي ايمان وارؤ شراب ۽ جوا ۽ پوڄا آستانا ۽ ڍارا پليتُ شيطاني ڪمن مان آھن تنھنڪري اوھين کانئن پرھيز ڪريو ته جيئن فلاح پايو  شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جؤا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نه آھي ته اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي، پوءِ (ھاڻي به) اوھين (نه) جھلبؤ ڇا؟ ( سورت بقره آيت 90 ــ 91 )

قرآن مجيد جي ٻي ڪنهن به آيت ۾ ايتري تاڪيد ۽ وضاحت بيان ناهي ڪئي وئي ، هن آيت ۾ قرآن شراب کي پليد ۽ شيطان جو عمل ۽ ڪم بيان ڪيو آهي .

 روايتن ۾ پڻ شراب جي پليدي ۽ خراب هجڻ کي تمام گھڻو بيان ڪيو ويو آهي  ۽ شراب مڙني برائين جي چاٻي، سڀني گناهن جي ماءُ، بيان ٿيل آهي

الله جي آخري نبي شراب بابت ڏهن ماڻهن تي نفرين ۽ لعنت موڪلي آهي

اهڙي انسان مٿان جيڪو کجي يا انگور جو وڻ شراب ٺاهڻ خاطر پوکي

جيڪو ان باغ جو باغبان ٿئي جنهن بابت خبر اٿس ته هنن وڻن مان شراب ٺاهيو ويندو

ان ماڻهو مٿان جيڪو شراب لاءِ انگور يا کجور مان رس (جوس) ٿو نچوڙي

جيڪو شراب واپرائي ٿو

جيڪو شراب پيئاري ٿو (ساقي)

جيڪو شراب جو وزن کڻي ٿو  (ڪنهن جاءِ تي پهچائڻ لاءِ)

جيڪو شراب جو واپار ڪري ٿو

جيڪو شراب وڪڻي ٿو،

جيڪو شراب خريد ٿو ڪري

۽ اهو جيڪو شراب جي پئسن ۽ قيمت مان کائي ٿو. (. الميزان، ، ج 2، ص 298 - 299. ڇاپو ساڳيو )

ليڪن اهو سوال ته شراب ڇو حرام ٿيو؟

ان سوال جي جواب ۾ چوڻ گھرجي ته انسانن لاءِ  خدائي حڪم معين ٿيل آهن ۽ رسول انهن حڪمن کي پهچائڻ جا ذميوار آهن ۽ اهي سڀ حڪم انسان جي سعادت، خوشحالي ۽ خوشبختي لاءِ وضع ٿيل آهن ، مسلمان جيڪو پالڻهار تي عقيدو رکي ٿو  ۽ اهو به اطمينان اٿس ته پالڻهار جا حڪم ۽ دستور منهنجي نفعي ۽ مصلحت خاطر آهن جن کي هو ڄاڻي ٿو  ۽ انهن حڪن کي پهچائڻ خاطر پنهنجي نبين ۽ رسولن جي وسيلي وحي موڪلي آهي  ڀلي کڻي اسان کي انهن جي حڪمت يا فلسفي جي ڄاڻ نه به هجي  ليڪن ڇو جو عقيدو آهي ته پالڻهار ان حڪم کي انسانن جي ڀلائي ، بهبود  ۽ ڪاميابي لاءِ جوڙيو آهي تنهن ڪري سندس حڪم جا پابند رهي ان تي عمل ڪيون. بلڪل اهڙي نموني جيئن ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي چوڻ تي ڪا دوا استعمال ڪندا آهيون جڏهن ته ان جي نفعي ۽ نقصان جي ڪا گھڻي خبر ناهي هوندي

ائين الله جا رسول ۽ ائمه معصومين عليهم السلام به انسانن جي دردن جي دوا ڪندڙ طبيب آهن جيڪي ڄاڻين ٿا ته انسان جي فڪري ۽ ذهني سلامتي لاءِ ڪهڙيون شيون فائديمند آهن ۽ ڪهڙيون شيون نقصان ڪار آهن.

مٿي بيان ٿيل آيتن ۾ واضح نموني سان شراب کي خراب ۽ پليد بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان جي واپرائڻ کان منع ڪندي ان جي علت ڏانهن به اشارو ڪيو آهي ته شراب ۽ جوا شيطاني ڪم آهن جن کان بچو

 پوءِ شراب جي حرام هجڻ جي علت بيان ڪندي فرمايو ته : (إِنَّمَا يُرِيدُ الشَّيْطَانُ أَن يُوقِعَ بَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاء فِي الْخَمْرِ وَالْمَيْسِرِ) شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جؤا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نه آھي ته اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي. يعني شرابي ماڻهجو بغض ۽ ڪيني جو شڪار بڻجي وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ ٻيون به ڪيترون ئي برائيون وجود ۾ اچي سگھن ٿيون.

روايتن ۾  شراب جي حرام هجڻ ۽ ان جي خراب آثار کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي اميرالمومنين کان سوال ٿيو : ته ڇا توهان فرمايو آهي ته شراب چوري ۽ زنا کان به بدتر آهي؟ مولا فرمايو: ها  زاني ممڪن آهي ته ڪو ٻيو گناھ نه ڪري ليڪن شرابي جيئن ئي شراب پيئندو ته زنا به ڪندو  ۽ نماز به ڇڏي ڏيندو (شهيد عبدالحسين دستغيب، گناهان کبيره، ج 1، ص 234، نشر جامعه مدرسين، قم. 1376 ش.)

امام باقر (ع ) کان سوال ٿيو : گناهان ڪبيره منجھان سڀني کان وڏو ۾ وڏو گناھ ڪهڙو آهي ” ته مولا فرمايو: شراب پيئڻ، پالڻهار جي نافرماني ايتري ٻي ڪنهن به گناھ ۾ ناهي جيتري شراب پيئڻ ۾ ڇاڪاڻ ته ممڪن آهي ته شرابي پنهنجي واجب نماز کي ڇڏي ڏي، ۽ پنهنجي محرم(ماءَ ، ڀيڻ ) سان زنا به ڪري  جڏهن ته هو بي عقل ۽ مست هجي (کيس خبر به نه پوي) (گناهان کبيره، ج 1، ص 233)

امام رضا (ع) فرمايو: خداو ند متعال شراب کي ان ڪري حرام قرار ڏنو آهي جو جو هو فساد جو سبب  ۽ عقل کي حقيقتن تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ ۽ شرم ۽ حياءَ کي ختم ڪندڙ آهي (سيد هاشم رسولى محلاتى، کيفر گناه، ص 78،نشر کتابخانه صدر ، تهران، بي تا.)

مٿي بيان ٿيل آيتن ۽ روايتن کان علاوه به موجوده ترقي يافته دور ۾ الڪحل (شراب ۾ استعمال ٿيندڙ مادو) جي نقصانن کي بيان ڪيو ويو آهي سائنس ۽ جديد علم به ان جي نقصانڪار هجڻ جا دليل آهن

شراب  ۽  نشي جي نقصان ۾ بيان ڪيو آهي ته شراب انسان کي مغز کي نقصان رسائي عقل تي به اثر وجھي ٿو نتيجي ۾ ڪنهن به ڪم ڪرڻ جهڙو نٿو رهي جنهن انسان جو عقل ڪم نه ڪري ته ان ۽ حيوان ۾ ڪو به فرق نٿو رهي جنهن جي نتيجي ۾ شرابي حيواني صفتن ڏانهن ڌڪجي وڃي ٿو. الڪحل استعمال ڪرڻ سان انسان جي مغز فلج ٿي وڃي ٿو.

باقي آخري سوال ته اسلام ۾ شراب ڪڏهن کان وٺي حرم ٿيو آهي؟

ان جو جواب هي آهي ته  انهن آيتن کي نظر ۾ رکندي مختلف قول بيان ڪيا ويا آهن  انهن قولن منجھان صحيح قول هي آهي ته شراب  مڪي ۾ نبي مڪرم جي بعثت جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ ئي حرام ٿيو آهي ان نظرئي جا طرفدار علامه طباطبائي ۽ ديد جعفر مرتضى آملي آهن جن پنهنجي ڪتابن ۾ ان نظرئي کي نقل ڪيو آهي (الميزان, ج 16, ص 163, الصحيح من سيره النبي الاعظم, ج 4, ص 43) باقي ٻيا قول هن ريت به نقل ٿيل آهن

1ـ هجرت جي ٽئين سال  جنگ احد کان پهريان (تفسير الميزان ج 6 ص 131)

2ـ هجرت جي پنجين سال جنگ احزاب کان بعد ۾ (اها راويت به تفسير الميزان ج 6 ص 134 ۾ نقل ٿيل آهي)

3ـ هجرت جي چوٿين سال ( آيت الله جعفر سبحاني پنهنجي ڪتاب فروغ ابديت جي پراڻي ڇاپي  جي ٻئين جلد جي ص 513 تي اهو قول بيان ڪيو آهي.

4ـ هجرت جي ڇهين سال ليڪن بهترين نظر علامه طباطبايي جي آهي جنهن کي بيان ڪيو سين

 

مولا اسان سڀني کي  مڙني نشن جي لعنت کان بچڻ ۽ پنهنجي معاشري مان ان موذي مرضن کي ختم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

فقهي احڪام

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي