سومر, 16 سيپٽمبر 2019
صحيفه سجاديه سند جي اعتبار سان حد تواتر بلڪه ان کان به مٿانهون آهي.

صحيفه سجاديه جو مختصر تعارف

  • انداز قلم

مهاڳ: سڀ تعريفون مخصوص الله سائين جي مقدس ذات سان جنهن اسانکي اهلبيت عليهم السلام جي محبت عطا ڪئي،

ڪتاب گهر

 صلواتون ۽ سلام هجن حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ان جي پاڪ آل تي.

هڪ شخصيت کي سڃاڻڻ جا ڪيترائي طريقا آهن ليڪن انهن طريقن منجھان ٻه اهڙا طريقا آهن جيڪي جڳ آڏو مشهور ۽ معروف آهن.

1.      حسب، ڪردار، عمل.

2.  نسب،خاندان ۽ قبيلو.

جيڪڏهن ڪنهن شخص جو ڪٽنب ۽ عمل ڀلو هوندو آهي ته ان کي عظيم نسب، اصيل ۽ تمام سٺو شخص ڪوٺيو ويندو آهي، انهن عظيم النسب، باوقار ۽ پنهنجي زماني جي مثالي شخصيت منجھان حضرت امام علي بن الحسين عليهما السلام جن جي پاڪ شخصيت به آهي جيڪي پنهنجو مثال پاڻ آهن ۽ سندن ڪو به مٽ ۽ ثاني ڪونهي.

امام عليه السلام پنج شعبان سن 3 هجري ۾مديني شهر ۾ هن دنيا کي پنهنجي نورانيت سان نوازيو،  سندن والده مبارڪه جو نالو بيبي شهر بانو آهي.

امام جا ڪيترائي مبارڪ لقب آهن ليڪن انهن منجھان ڪجھ مشهور لقب هن ريت آهن: زين العابدين، سيد الساجدين ۽ سجاد.

پاڻ ننڊپڻ مديني ۾ گذاريو. امام عليه السلام پنهنجي عمر جا ٻه سال امير المومنين حضرت علي عليه السلام جي امامت ۾، 10 سال امام حسن عليه السلام ۽ 10 سال پنهنجي والد بزرگوار امام حسين عليه السلام جي امامت ۾ گذاريا. امام عليه السلام ماڻهن جي هدايت لاءِ پنهنجي دور جي تقاضائن مطابق هڪ انوکو طريقو اپنايو. طاغوت سان مقابلي لاءِ امام عليه السلام هڪ اهڙي خاموش جنگ شروع ڪرڻ چاهي جنهن کي نه هو سمجهي سگهن ۽ نه ئي امام خلاف ڪو اقدام ڪري سگهن. جن مان ڪجھ هي ريت آهن:

1. عاشورا جي ياد کي زندهه رکڻ ۽ ان جي پيغام کي پهچائڻ.

2. امت جي رهنمائي ڪرڻ ۽ کين نصيحت ڪرڻ.

3. دعا ۽ مناجات وسيلي ديني تعليم بيان ڪرڻ.

اهي ڪتاب جيڪي امام سجاد عليه السلام سان منسوب آهن:

1. صحيفه سجاديه (جنهن جي باري ۾ وضاحت ڪبي).

2. مناسڪ حج (1)

3. رساله حقوق (2)

4. الجامع في الفقه(3)

5. صحيفة الزهد (4)

6. ڪتاب علي بن الحسين (5)

تيرنهن صديون گذري ويون آهن ان جي باوجود صحيفه سجاديه صالح، زاهد، مجتهد ۽ عالم انسانن لاءِ پختو ثبوت رهيو آهي. ان معنوي خزاني جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪجھ حصن ۾ تقسيم ڪيون ٿا:

1.      سَنَد:

صحيفه سجاديه سند جي اعتبار سان حد تواتر بلڪه ان کان به مٿانهون آهي. برک عالم آغا بزرگ تهرانيصحيفه سجاديه جي لاءِ لکن ٿا:

 الصحيفة الاولي المنتهي سندها الي الامام زين العابدين .... وهي من المتواترات عند الاصحاب لاختصاصها باالاجازة والرواية في کل طبقة وعصر(6)

صحيفه سجاديه جنهن جي سند امام زين العابدين عليه السلام جن تائين پهچي ٿي،اصحاب وٽ  متواترات منجهان آهي؛ ڇاڪاڻ تههر طبقي ۽ هر دور جي سڀنيصحابن پنهنجي اجازت ۽ روايت جي استادن کان  نقل ڪيو آهي.سندس سند ايتري قدر مشهور ٿي وئي آهي جو مرحوم محمد تقي مجلسي جو چوڻ آهي ته صحيفه سجاديه جون 10 لک سندون موجود آهن.(7)

شيخ مفيد جن به مرحوم مجلسي وانگر فرمائن ٿا: احمد بن عياشي ۽ ابو الفضل شيباني پڻ ان کي نقل ڪيو آهي، اهلسنت جي عالمنجهڙوڪ: ابن جوزي، خصائص الائمة ۾، حافظ سليمان قندوزي ينابيع المودة ۾، صحيفه جو ذڪر ڪندي بعض دعائن کي نقل ڪيو آهي.(8)

ابوالفضل شيباني سند کي هن طرح سان نقل ڪيو آهي، عامر بن عيسي بن عامر سيرافي جن سال 381مڪه ۾ چيو آهي ته: مونکي ابو محمد حسن بن محمد بن يحيي بن حسن بن جعفر بن عبيد الله بن حسين بن علي بن ابي طالب عليه السلام چيو: مونکي پنهنجي والد ۽ ان عمر بن متوکل کان، انپنهنجي بابي متوکل بن هارون ۽ ان يحيي بن زيد کان پنهنجي بابي جي شهادت کانپوءِ ارادو ڪيم ته خراسان وڃان، رستي ۾ ان مونکي صحيفه سجاديه جو تعارف ڪرايو.(9)

 آية الله مرعشي نجفي جي نقل مطابق علامه مجلسي پهريان ڪثرت سانپنهنجي اجازت نامن ۾ صحيفه کي زباني ۽ بغير واسطي جي امام حجة بن الحسن العسڪري صاحب العصر والزمان(عج) کان نقل ڪيو آهي. علامه مجلسي فرمائن ٿا: ننڊ ۽ جاڳندي ڏٺم ته ڄڻ جامع مسجد عشق اصفهان ۾ بيٺو آهيان. مون  امام عليه السلام جي زيارت ڪئي ۽ انهن کان سوال ڪيم امام عليه السلام جواب بيان ڪيو.پوءِاهڙي ڪتاب جي لاءِ سوال ڪيم جنهن تي عمل ڪيان. امام عليه السلام مولانا محمد تاج جو حوالو ڏنو.آءُ ان وٽ ويس ۽ ان کان ڪتاب ورتو. مونکي نظر آيو ته دعا جو ڪتاب هو. پوءِ انهيءَ کي بوسو ڏنو. جنهن وقت خواب مان بيدار ٿيم ان کي پنهنجي هٿ ۾ نه ڏٺم ته گريو ڪيم ۽ صبح جو محمد تاج وٽ ويس ان وٽحسن نالي هڪ شخص ڏٺم جنهن جولقب تاجا هيو.مون کيس سلام ڪيو. ان مونکي پنهنجي طرف گھرايو ۽ ڪتابخاني ڏانهن وٺي ويو پهريون ڪتاب جيڪو منهنجي هٿ ۾ ڏنائين اهوئي ڪتاب هيو جيڪو مون خواب ۾ ڏٺو هو. ان وقت اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ چيم ته منهنجي لاءِ اهوئي ڪتاب ڪافي آهي.(10(

2.      صحيفه سجاديه جا نالا:

ان ڪتاب جو سڀني کان وڌيڪ مشهور نالو صحيفه سجاديه آهي. قرآن ۽ نهج البلاغه کانپوءِ اسلامي تعليم جو سڀني کان وڏو ۽ قيمتي خزانو آهي. شيخ بزرگ تهراني، صحيفه سجاديه  جي نالن منجهان اخت القرآن (قرآن جي ڀيڻ) زبور آل محمد عليهم السلام ۽ صحيفه ڪامله جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.(11)

حافظ سليمان قندوزي هن طرح بيان ڪيو آهي: ڪجھ دعائون ۽ مناجات جيڪي امام زين العابدين عليه السلام جي صحيفه سجاديه ۾ آيون آهن ۽ هي زبور اهل بيت عليهم السلام آهي.

هن کي صحيفه ڪامله ان جي ڪري چيو ويندو آهي جو زيديه فرقي وٽ به صحيفه جو نسخو آهي جيڪو ڪامل ناهي تقريبا هن جو اڌ آهي ۽ جيڪو شيعن وٽ آهي اهو ڪامل آهي.(12)

3.      صحيفه سجاديه جو مقام علماء جي نظر ۾:

صحيفه سجاديه بلاغت ۽ فصاحت جي ڪمال کانسواءِ معارف الهي به رکي ٿو: ان ڪري علماء به ان جي سامهون سر تسليم خم ڪندي نظر اچن ٿا.

1.ابن شهر آشوب (متوفى 588) پنهنجي ڪتاب مناقب ۾ چون ٿا: جنهن  وقت بصري ۾ صحيفه ڪامله جي بلاغت جي ڳالهه آئي هڪ شخص چيو ته آءُ انهيءَ وانگر لکي ۽ بيان ڪري سگھان ٿو. انهيءَ وقت قلم کنيائين  پر هڪ جملو به لکي نه سگهيو بس پنهنجي سر کي جهڪايائين۽ انهي حالت ۾ دنيا کان گذاري ويو.(13)

2. 1353 ق مرحوم آيت الله مرعشي نجفي صحيفه سجادي جو هڪ نسخو هڪ اهلسنت جي عالم دين طنطاوي ڏانهن قاهره (مصر) موڪليائين ان ڪتاب جي ملڻ کانپوء ٿورا مڃيا ته هي قيمتي شيءِ ۽ عظيم نسخو آهي ۽ گھڻي تعريف لکڻ کانپوء هن ريت لکيائين ته اها بدبختي اسان جي طرفان آهي جو هن عظيم اثر کي جيڪو ميراث نبوت آهي، پيدا نه ڪيو، هن ۾ جيتري قدر فڪر ڪيان ٿو مخلوق جي ڪلام کان مٿان ۽ خالق جي ڪلام کان هيٺان ڏسان ٿو.(14)

4. مرزا مشهدي کان نقل ٿيو آهي ته ابن جوزي خصائص الائمة ۾ هن ريت لکيو آهي: اگر امام علي عليه السلام نه هجن ها ته مسلمانن جي توحيد ڪامل نه ٿئي ها؛ ڇاڪاڻ ته جيڪو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اصول ۽ فروع دين کي ئي بيان ڪري سگهيا پر وري به زمانو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي حقيقي شاگرد ۽ جانشين حضرت علي عليه السلام جهڙي عظيم شخصيت جو ٿورائتو آهي. ان کانپوءِ امام سجاد عليه السلام جي لاءِ لکن ٿا ته علي بن الحسين عليهما السلام خدا سان همڪلام ٿيڻ ۽ دربار الهي ۾ حاجت پيش ڪرڻ جي طريقيڪار کي بيان ڪيو آهي اگر امام عليه السلام نه هجن ها ته مسلمان واضح ۽ روشن طور نه ڄاڻين ها.

صحيفه سجاديه، قرآن ۽ سنت جي تفسير

صحيفه سجاديه جون دعائون، قرآن جو درس آهن جن ۾ قرآن ۽ سنت جي تفسير ڪئي وئي آهي. صحيفه سجاديه ۾ گهٽ ئي اهڙا جملا آهن جن جو بيان ڪنهن آيت يا پنجتن پاڪ عليهم السلام جي روايت ۾ نه آيو هجي. نموني جي طور تي اسان ٻن دعائن جي ڪجھ جملن ڏانهن اشارو ڪريون ٿا:

1. ايڪي، ٻڌي ۽ اتحاد سان رهو

قرآن مجيد جو حڪم آهي ته پاڻ ۾ ايڪي، ٻڌي ۽ اتحاد سان رهو. توهان ۾ ڪو اختلاف نه هجڻ گهرجي. ان مضمون بابت صحيفه سجاديه جي دعا نمبر 20 ۾ آهي ته اي خدا! مون کي ڪاميابي عطا ڪر ته جيئن جيڪو مون سان سهڻي نموني پيش نه اچي ته آءُ ان سان اخلاص سان پيش اچان، جيڪو مون کان پري ٿئي ان کي ڀلي جزا ڏيان، جيڪو مون کي محروم ڪري ان تي احسان ڪريان، جيڪو مون سان تعلق ختم ڪري آءُ سان ناتو باقي رکان. جيڪو مون سان بداخلاقي سان پيش اچي آءُ ان سان سهڻي نموني پيش اچان.

ان دعا مان معلوم ٿئي ٿو ته صحيفه سجاديه قرآن جي تفسير آهي جنهن حڪم بابت قرآن مختصر نموني اشارو ڪيو هو صحيفه سجاديه ان جي تفسير ڪئي آهي.

2. اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن بابت اسان جون ذميواريون

اها ڳالھ مشهور آهي ته دشمن ٻن قسمن جا آهن ڪي اندريان ته وري ڪي ٻاهريان. پهريان قرآن کي ڏسون ته قرآن انهن بابت ڇا فرمايو آهي؟ پاڪ پالڻهار پنهنجي ڪريم نبي صلي الله عليه وآله وسلم کي حڪم ڏئي ٿو ته

يا أَيُّهَا النَّبِيُّ جاهِدِ الْكُفَّارَ وَ الْمُنافِقينَ وَ اغْلُظْ عَلَيْهِم‏،

 اي حبيب! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ انهن سان سختي سان پيش اچ. (15)

صحيفه سجاديه ۾ هن طرح بيان ٿيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ٻاهريون حملو ڪري ته ان جو جواب ڏيو اهڙي طرح جو وري ٻيهر حملي ڪرڻ جو سوچي ئي نه سگهي پر جيڪڏهن ڪو پنهنجو حملو ڪري ته ان فڪر ۾ نه رهو ته ان شخص کي ختم ڪرڻو آهي بلڪه ان فڪر ۾ هجو ته دشمني کي ختم ڪرڻو آهي.

اميرالمومنين امام علي عليه السلام جن جو فرمان آهي: پٿر جٿان اچي ان کي ان طرف واپس اڇلايو.

 ردوا الحجر من حيث جاءَ.(16)

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته صحيفه سجاديه دشمني جي حالت ۾ به اسان کي ذميواري ڏانهن ڌيان ڏياريو آهي ۽ اهو به ٻڌايو آهي ته توهان ايسيتائين جو دشمني جي حالت ۾ به پنهنجي ۽ پرائي ۾ فرق ڪريو.

_____________________________

حوالا

(1)تدوين السنة الشريفة، ص 151

(2)تحف العقول، ص255

(3)رجال نجاشي، ص216

(4)اصول ڪافي، ج8، ص17

(5)رجال نجاشي، ص157

(6)الذريعه، ج15، ص18

(7)صحيفه سجاديه با مقدمه آيت الله مرعشي

(8)ينابيع الموده

(9)الذريعه، ج15، ص18

(10)صحيفه سجاديه با مقدمه آيت الله مرعشي، ص8

(11)ينابيع الموده، ص599

(12)مقدمه آيت الله مرعشي

(13)مناقب آل البيت

(14)صحيفه سجاديه، دعا نمبر20

(15)سورت توبه، آيت73

(16)نهج البلاغه، حڪمت نمبر 314

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید