جمع, 07 آگسٽ 2020
هي سوال شيعت جي حوالي سان هڪ وڏي اهميت جو حامل آهي

شيعت جي آغاز تي سرسري نظر

  • انداز قلم

هي سوال شيعت جي حوالي سان هڪ وڏي اهميت جو حامل آهي ته ان جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟ ۽ وري ڪهڙي سببن ڪري هڪ خاص مذهب

تاريخ اسلام

بڻجي ويو، ۽ تاريخ جي مختلف دورن مان گذرندڙ هي مذهب پوري جهان ۾ موجود آهي.

حضرت محمد ؐ الاهي رسالت جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين کي ماڻهن تائين پهچائڻ جي آخري منزل تي پهچي چڪا هئا، پاڻ سڳورا آخري حج ادا ڪري مديني ڏانهن موٽي رهيا هئا،۽ جناب آدمؑ کان وٺي جناب خاتمؐ تائين خدائي ۽ آسماني هدايت جي سلسلي ۾ هڪ اهم تبديلي پڌري ٿيڻ واري هئي،جنهن تبديليءَ کي اسلامي تاريخ ۾ ختم نبوت جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.اوهان جي وفات کان پوءِ ڪنهن ٻئي نبيءَ کي خدائي پيغام نه کڻي اچڻو هو،ڇو ته  اوهين ئي خاتم النبيين هئا.هاڻ قيامت اچڻ تائين خدا جي چونڊيلن مان چونڊيل بندي کي پاڻ سڳوري جي امتي هئڻ ڪري خدائي پيغام جي پيروي ڪرڻي هئي.تاڪي خدائي پيغام پهچائڻ واري نبوي سلسلي جي ختم ٿيڻ باوجود  خدا جي بارگاه خاص مقام حاصل ڪرڻ وارو سلسلو جاري ۽ ساري رهي سگھي.پاڻ سڳورن ؐ حديث ثقلين (جيڪاحديث متواتر طور تي اوهان کان نقل ڪئي ويئي آهي) قرآن ۽ پنهنجي آل کي پنهنجي وراثت چئي،هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيڻ واريون شيون فرمايو آهي،انهن ٻنهي جي تمسڪ کي راھ نجات ڄاڻائي ايندڙ دور ۾ حق جي راهنمائي ڪئي آهي،ڄڻ ته نبي سڳوروؐ ائين چئي رهيو آهي ته مونکان پوءِ ڪو به نبي ڪو نه ايندو،خدا جي طرف راهنمائي ڪرڻ وارا صرف ۽ صرف قرآن ۽ منهنجي اهلبيتؑ ئي آهن. امت جا ڏاها ۽ روحاني دنيا ۾ اثر  ۽ رسوخ رکڻ وارا ان ڳالهه تي متفق آهن ته پاڻ سڳورنؐ جا روحاني جانشين اميرالمومنين علي بن ابيطالبؑ ئي آهن.اهل سلوڪ(تصوف جي خاص اصطلاح) اوهان کي شاھ ولايت جي نالي سان ياد ڪندا آهن.

پاڻ سڳوراؐ روحاني رهبر،هادي ۽ مرشد هئڻ باوجود امت جي سياسي اڳواڻي پڻ ڪندا هئا،اوهانؐ مديني جي سلطنت جا حاڪم هئا، اهو هڪ عام ماڻهو سهڻي نموني سان سوچي سگهي ٿو ته جڏهن پاڻ سڳوراؐ پنهنجي خطبن ۽ فرمانن ۾ پنهنجي وفات جي باري ۾ ٻڌائي رهيا هئا ته ماڻهو فطري طور تي اوهان کان پوءِ واري دنياوي قيادت ۽ سياسي اڳواڻي جي باري ۾ سنجيدگيءَ ۽ دلچسپيءَ سان سوچيندا هوندا. اوهان آخري حج ادا ڪرڻ مهل عرفات جي ميدان هڪ لک حاجين کان وڌيڪ مجمعي ۾اهو ٻڌائي چڪا هيؤ ته اوهان هن دنيا مان وڃڻ وارا آهيو، ۽ وري مديني ڏانهن موٽندي 18 ذي الحجه جمعي جي ڏهاڙي شديد گرميءَ ۾ سڀني قافلن کي روڪي غدير خم واري علائقي ۾ حيرت انگيز طور تي خطاب ڪرڻ چاهيو، انهيءَ مقصد لاءِ اُٺن جي پلاڙن جو منبر بڻائڻ جو حڪم ڏنو، پوءِ ان منبر جي بلنديءَ تي هڪ ڊگھي خطبي کان پوءِ اوچتو سوال پچيو:

الست اولى بانفسکم

ڇا مونکي توهان تي توهان جي جانن کان وڌيڪ حق ڪونهي ؟

سڀ جا سڀ حاجي سڳورا هڪ  ئي آواز ۾ وراڻيا:

بلى بلى يا رسول الله

ها ها الله جا رسول اوهان کي اسان جي جانن تي اسان کان وڌيڪ حق آهي.

ائين ڇو ڪونه چون ها ڇو ته قرآن پهريان چئي چڪو هو:

النبي اولى بالمومنين من انفسهم

نبيءَ کي مومنن جي جانن تي حق اولويت آهي.صحابين جي، جي ها ڪرڻ جي دير هئي ته نبي ڪريمؐ امام علي مرتضىؑ کي پاڻ سان گڏ بيهاريو ۽ ان جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي بلند ڪري فرمايو:

من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه

جنهن جو مان مولا آهيان ان جو هي عليؑ مولا آهي.

ان حديث مان اهو واضح آهي ته رسول ؐ جي فرمان مطابق جيئن رسولؐ مومنن جي جانن تي حق اولويت رکي ٿو ائين علي مرتضىؑ به انهن جي جانن تي حق اولويت رکن ٿا.

مهاجرن،انصارن ۽ ٻين حاضرن جي وڏي تعداد نبي ڪريمؐ جو هي فرمان غورسان ٻڌو ته رسولؐ مولا عليؑ کي پنهنجو جانشين بڻايو،نبي ڪريمؐ ان فرمان کان پهرين ۽ پوءِ علي مولا ؑ جا بي مثال فضائل بيان ڪيا،پاڻ سڳوراؐ جڏهن هن جهان مان هليا ويا ته صحابين جي وڏي تعداد کي يقين هو ته رسولؐ جي حڪم مطابق مولا عليؑ جي جانشيني يقيني آهي، پر جيڪا شئ پڌري ٿي اها توقعات جي بلڪل خلاف هئي، اولاً پاڻ سڳورنؐ جي سياسي اڳواڻي لاءِ اهڙو ته ڪو اجتماع ئي نه ٿيو جنهن ۾ مهاجرن ۽ انصار جي موجودگيءَ ۾ هڪ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي فيصلي جي نوبت اچي ها.۽ ثانياَ مولا عليؑ ۽ خاندان نبوت، رسول خداؑ جي غسل ۽ ڪفن ۾ مصروف هئا، جڏهن ته مهاجرين ۽ انصار جي اڪثريت غمگين ۽ ڏکايل، مسجد نبوي ۾ يا وري نبيءَ جي خاندان وٽ موجود هئي. ان واقعي جي تفصيل ۾ اختلاف باوجود سڀ تاريخدان متفق آهن ته قريشي مهاجرن جون نامور شخصيتون نبيءَ ؐ جي غسل ۽ ڪفن ڇڏي ڪري سقيفي ڏانهن هليا ويا.

اتي نبيءَ ؐ جي سياسي اڳواڻي وارو مسئلو ڇيڙيو ويو، انهي مسئلي ڪري اتي موجود ماڻهن ۾ شديد اختلاف ٿيو، پر آخرڪار حضرت عمر جي تجويز مطابق حضرت ابوبڪر کي رسولؐ جو خليفو چونڊيو ويو، ۽ سندس بيعت ڪئي ويئي. بزرگ صحابين جي هڪ وڏي تعداد ان فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، جن پنهنجي موقف لاءِ ٻه دليلون ذڪر ڪيون:

1.نبي ڪريمؐ جي ارشادات ۽ فرمائشات جي روشنيءَ ۾ مولا عليؑ ئي خليفا ٿيڻ کپن ها.

2.مهاجرن ۽ انصارن جي اجتماع، جنهن ۾ خاندان رسالت ۽ بني هاشم پڻ موجود هجن ها، فيصلو ٿيڻ کپي ها.پهرين ڳالهه انهن جي اصولي هئي جڏهن ته ٻئين ڳالهه ان تي عمل در آمد جو طريقو هو.

مولا عليؐ جي وڪالت ڪرڻ وارن ۾ سيد القرى ابي بن ڪعب،رسول جو ميزبان ابو ايوب انصاري، رسول جو همراز حذيفه يماني، ذوالشهادتين خزيمه ابن ثابت انصاري، نقيب رسول ابو الهيثم التيهاني، ابو سعيد خدري، براء بن عازب، جابر بن عبدالله انصاري، عمار ياسر، سلمان فارسي، ابوذر غفاري، مقداد بن اسود الڪندي، خالد بن سعيد بن العاص الاموي، سهيل بن حنيف الانصاري کان علاوه تمام بني هاشم، رسولؐ جي چاچي عباس بن عبدالمطلب سان گڏوگڏ بنو مطلب جا سڀ فرد شامل هئا.

انهيءَ تصور ۽ نظريي کي صحيح سمجھڻ وارن کي شيعيان علي مرتضىؑ چيو وڃي ٿو، صحابين جو اهو گروھ زماني ۽ تاريخي لحاظ سان شيعا جماعت جا پهريان فرد هئا،اڄ تائين شيعا حضرت عليؑ جي جانشيني جي حق ۾ ساڳيون ئي دليلون مختلف انداز ۾ دهرائيندا رهن ٿا،رسولؐ جي فرمانن مطابق امام عليؑ جي خلافت طئي ٿيل هئي،۽ وري مهاجرن ۽ انصار کي آزاد انتخاب جو موقعو ئي نه ڏنو ويو ته جيئن مولا عليؑ جو انتخاب ڪن ها،

شيعا چاهي سني، تاريخي توڙي حديثي يا وري صحابين  جي زندگيءَ تي لکيل ڪتابن ۾ وڏي واڪي لکيل آهي ته سقيفي ۾ بيعت لاءِ گڏ ٿيندڙن جي خلاف احتجاج ۾ سڀ کان پيش پيش مولا علي ؑ ئي هئا.خاتون جنت،نبيءَ جي  اڪيلي نياڻي سانئڻ زهرا(س) جو موقف به مولا عليؑ جي حق ۾ تمام گھڻو سخت هو.پر حضرت ابوبڪر جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي ان لاءِ حضرت علي اسلام جي خاطر ان ساڻ تعاون جو فيصلو ڪيو،۽ وري جڏهن مولا عليؑ کي ٽئين خلافت ڏني پئي وڃي انهيءَ شرط سان ته هو قرآن ۽ رسول جي سنت سان گڏوگڏ شيخين جي سيرت تي عمل ڪندو،ته مولا علي ؑ ان شرط کي نه مڃيو(شيخين جي سيرت واري شرط).

رسولؐ جي سياسي جانشيني جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تاريخ جو هڪ حصو آهي،جيڪو ڪڏهن به تبديل نه ٿو ٿي سگھي،اهو مسلم آهي ته رسولؐ کان پوءِ سڀ کان پهريان منصب خلافت تي ويهڻ وارا حضرت ابوبڪر ئي هئا.ان کان پوءِ حضرت ابوبڪر جي فرمائش ڪري جناب عمر خليفا بڻيا،۽ مولا عليؑ جي شرط نه قبولڻ واري صورت ۾ جناب عمر پاران تشڪيل ٿيل شورى مطابق وڌيڪ ووٽ ملڻ ڪري جناب عثمان خليفا بڻيا.

ان کان پوءِ مهاجرن ۽ انصار  جي قيادت ۾ مولا عليؑ تي اصرار ڪيو ويو،ته هو ان منصب کي قبولن،آخرڪار مولا عليؑ اسلام ۽ مسلمانن جي بدلجندڙ حالتن کي ڏسندي خلافت وارو منصب قبوليو.

  اها ڳالهه پڻ اهميت جي حامل آهي ته مولا ؑ کان پهريان واري حڪومتن جي خلاف نه ڪا تحريڪ هلائي ۽ نه ئي وري ڪو عملي قدم کنيو،پر امت جي مفاد م انهن ساڻ هر قسم جو تعاون ڪيو،اسلام جي راه ۾ ايندڙ مسئلن کي حل ڪيو ۽ اسلام کي پنهنجي بلند مقصدن تائين پهچائڻ ۾ مهم ڪردار ادا ڪيو.

اسان سمجهون ٿا ته هن دور ۾شيعن لاءِ مولا عليؑ جي سيرت ئي هڪ نمونه عمل جي حيثيت رکي ٿي،ان ڪري شيعا مولا عليؑ جي پيرويءَ ۾ اسلام جي بلند و بالا مقصدن ۽ اسلامي امتن جي مفاد ۽ اتحاد کي سامهون رکن،

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي