جمع, 07 آگسٽ 2020

فلسطين ۽ يوم القدس

  • انداز قلم

فلسطين جي جاگرافي: فلسطين، عرب دنيا جي دل ۾ سرسبز ۽ شاداب پرڳڻي جو نانءُ آهي جنهن جي اوڀارين پاسي کان ميڊٽيرن سمنڊ ، ٽن کنڊن ( ايشيا، يورپ، ۽ آفريڪا)

کي پاڻ ۾ ملائيندڙ پُل وارو ڏيک ڏئي رهيو آهي

تاريخ اسلام

.فلسطين جي اتر پاسي لبنان، ڏکڻ کان مصر ۽ اوڀر کان اردن ۽ شام گڏيل اٿس . فلسطين جي پکيڙ هم چؤرس 000/25 ڪلوميٽر آهي، ان جا اتريان پاسا، مٿي ڊگھا ۽ بلند آهن، ايستائين جو ڪٿي ڪٿي ان بلنديءَ جو مقدار 1200 ميٽرن تي وڃي پهچي ٿو.

ان جي موسم ، اونهاري ۾ گرم ۽ سياري ۾ وچٿري ٿڌ مينهوڪيءَ سان گڏ آهي

اردن ندي جيڪا فلسطين، شام ۽ اردن وچ ۾ مشترڪ آهي ،سا ان ڌرتيءَ جي اتر ۾ آهي .

فلسطين جي آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ۽ هڪ لک جي آهي ، اتان جا ماڻهو يهودي لڏائي ۽ فلسطيني عرب آهن ، البته فلسطين جي گھڻي آبادي فلسطيني عربن جي آهي .

بيت المقدس، فلسطين جي راڄ ڌاني ۽ گاديءَ وارو هنڌ آهي، جيڪو پوري دنيا جي مسلمانن، عيسائين ۽ يهودين لاءِ وڏي زيارت گاھ آهي .اتان جا ماڻهو هاري، پورهيت ۽ مالوند آهن، فلسطين جي سرزمين جو ٽيون حصو زراعت لائق آهي .

البته اڄڪلھ فلسطين جي ٽوٽل آبادي هڪ ڪروڙ ٻڌائين ٿا، تن مان30 لک ويچارا

فلسطيني در بدر آهن، ڪي لبنان ته ڪي شام ته وري ڪي اردن، تيونس ۽ عراق ۾ ڌڪا کائيندا ٿا وتن . ڏکوئيندڙ ڳالھ اها آهي ته 15 لکن جي لڳ ڀڳ ويچارا، خيمن ۽ جھوپڙين ۾ لڏڙين واري زندگي گذاري رهيا آهن. فلسطين جا مشهور شهر ، قدس، غزّه، الخليل، يافا، طبريا، ناصره، سمخ، يروشلم، نهراردن، نابلس، خان يونس، اريحا، جنين۽ صفد آهن.

فلسطين جي قديم تاريخ

پنج هزار سال اڳ ، جزيرة العرب مان ڪي ڪنعاني قبيلا، فلسطين ۾ لڏي آيا، ان وقت فلسطين کي ڪنعان  چوندا هئا ، اهي قبيلا اورسالم( يروشلم) نالي هڪ جاءِ تي اچي پنهنجا جھوپڙا اڏي رهڻ لڳا ميلاد کان اٽڪل 1800 سال اڳ حضرت ابراهيمA اچي ان ڌرتيءَ تي آباد ٿيو ، حضرت اسحاقA ۽ حضرت يعقوبA به اتي ئي اک کولي ۽ اهڙيءَ ريت ميلاد کان 1290 سال اڳ حضرت موسىA، بني اسرائيل کي مصر مان فرعون جي غلاميءَ مان آزاد ڪري ان سرزمين تي ئي وٺي آيو .

زمانو گذرندو رهيو، تان جو حضرت عيسىA   جي ولادت کان هڪ هزار سال اڳ حضرت دائود نبيA اتان جو حڪمران ٿيو ۽ اورسالم( يروشلم) کي پنهنجي راڄ ڌاني قرار ڏنائين . حضرت دائودA کان پوءِ سندس فرزند حضرت سليمانA حڪمران ٿيو ۽ اتي هڪ وڏو معبد (عبادت گاھ) تعمير ڪرايائين جيڪو پوءِ “ هيڪل سليمان” جي نالي سان مشهور ٿيو .

حضرت عيسى جي ولادت کان586 سال اڳ ، بُخت النصر ڪاھ ڪئي، جنهن ان شهر کي برباد ڪري يهودين کي قيد ڪيو .

  اورسالم جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ اورشليم  ( يروشلم) چيو وڃي ٿو ، تاريخ ۾ سترهن ڀيرا محاصرو ڪيو ويو ۽ ڪيترائي ڀيرا ، خون جي رنگ سان رنڱيو ويو. اهو شهر اٽڪل 1500 سال ڪنعانين جي قبضي ۾ رهيو ، تنهان پوءِ چار صديون، بني اسرائيل جي قبضي ۾ ۽ ٻه ٽي صديون ايرانين جي تصرف ۾ رهيو ۽ پوءِ يونانين اچي اتي قبضو ڄمايو .

ان شهر جي رهاڪن تڏهن سک جو ساھ کنيو، جڏهن هجرت جي تيرهين سال مسلمانن اچي ان شهر کي فتح ڪيو ، مسلمانن ۽ اتان جي رهاڪن پاڻ ۾ ٺاھ ڪري هڪٻئي جي حقن جو احترام ڪندي سڪون جي زندگي گذارڻ شروع ڪئي .

مسلمانن جي نظرئي مطابق ، اهو شهر مقدس ۽ احترام وارو هو ، تنهنڪري ان شهر جو نالو ئي “ بيت المقدس ” ( پاڪائيءَ وارو گھر) رکيائون اهو شهر مختلف ڪاهن جي ڪري ويران ٿي ويو هو پر مسلمانن ۽ عيسائين جي گڏيل ڪوشش رنگ لاتو ۽ نيٺ اهو شهر به ترقيءَ ۽ آباديءَ جي رونقن سان جھرڪڻ لڳو .

487ھ کان صليبي جنگين جي شروعات ٿي ته يورپ جا عيسائي ، بيت المقدس تي اچي ڪڙڪيا ۽ هڪ صديءَ تائين مسلمانن ۽ عيسائين ۾ بيت المقدس بابت ڏي وٺ هلندي رهي . نيٺ 571ھ ۾ صلاح الدين ايوبي فلسطين کي فتح ڪيو ۽ يورپي عيسائين کي اتان ڀڄائي ڪڍيائين .

آخرڪار 1517ع  کان بيت المقدس سلطنت عثماني جي قبضي ۾ آيو پر 1917ع کان انگريزن اتان جي ڪن سازشي ماڻهن سان گڏجي  بيت المقدس پنهنجي قبضي ۾ آندو . ڪجھ سالن کان پوءِ انهن ئي جي سازشن سان ، اسلامي دنيا جي وچ ۾ اسرائيل نالي هڪ ملڪ جو بنياد رکيو ، جيڪو اڄ تائين مسلمانن لاءِ ناسور بڻيل آهي  .

صهيونيزم [1] هڪ اهڙي آيڊيالوجي آهي جنهن جو بنياد يهودي قوم جي برتريءَ تي رکيل آهي، ان آيڊيالوجي جي بنياد تي اهو حق پئي سمجھيائون ، ته جتي وڻي اتي حملو ڪريون ، جنهن کي وڻي پنهنجو غلام بڻايون پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ انسانيت کي رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيائون . اڄڪلھ به صيهوني عالمي سطح تي وڏا فعال آهن ۽ پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ وڏي سياسي ، اقتصادي ، ميڊيائي پاور جو استعمال ڪندي ڏينهن رات مڪارين ۾ رُڌل آهن

هونئن ته ڀلاري ڀُونءَ پورو ملڪ مولا جو آهي، هيءَ وشال ڪائنات پنهنجي پوري سونهن سوڀيا سان گڏ رب پاڪ جي ملڪيت آهي . پر رب پاڪ پاڻ ئي ڪن ماڳن کي مڙئي سرسُ فضيلت عطا ڪئي، ان ڀلارن ماڳن مان هڪ ماڳ قدس جي مقدس ۽ پاڪ پؤتر ڌرتي آهي ،   فلسطين هڪ اهڙي زمين آهي جيڪا پنهنجي اندر ۾ تاريخ جا وڏا وڏا راز سانڍيو ويٺي آهي ، فلسطين معنويت قداست ۽ روحاني رازن جو ماڳ آهي ، فلسطين جي ڌرتي تاريخ جي عظيم انسانن کي پنهنجي ڪُک ۾ سانڍيوويٺي آهي جهڙوڪ : توحيد جو عظيم علمبردار حضرت ابراهيمA ، ابراهيمي توحيد جي پرچار ڪندڙ عظيم مبلّغ حضرت لوطA،حضرت اسحاقA۽ سندس بابرڪت ٻچڙو يعقوبA ۽ اهڙي ريت پاڪائي ۽ پارسائيءَ جو اهڃاڻ ، حضرت يوسفA ۽ ڏاڍ، جبر ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي مقابلي ۾ اڏول بڻيل حضرت موسىA ۽ هارونA ۽ انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي عظيم انسان ان ڌرتيءَ جا ديده ور رهيا مثال طور: حضرت داؤدA، حضرت سليمانA حضرت زڪرياA، حضرت اسماعيلA، حضرت عيسى (على نبيناوآله وعليهم السلام) .

   بيت المقدس

بيت المقدس هر مسلمان جي دل جو چين ۽ سڪون آهي، بيت المقدس ۾ نماز پڙهڻ، اعتڪاف ڪرڻ، روزو رکڻ ۽ ڪا به عبادت ڪرڻ هڪ عظيم فضيلت آهي. ان جي ثواب جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي.

بيت المقدس جي پاڪ سر زمين تي رب پاڪ پنهنجي ڪليم نبيA سان ڪلام ڪيو ان ئي ڌرتي تي رب پاڪ زڪريا نبيA کي يحى نبيA جي ولادت واري خوشخبري ڏني. اتي ئي حضرت عيسىA جي اک کلي ۽ هندوري ۾ ڪلام ڪيائين, آسماني دسترخوان به بيت المقدس ۾ نازل ٿيو. حضرت عيسىA بيت المقدس مان ئي آسمان جي بلندين تي پرواز ڪيو ۽ اتي ئي ڌرتي جي ڏاتار جي ظهور کان پوءِ حضرت عيسىA ٻيهر ظاهر ٿيندو ۽ يوسف زهراH جي مدد لاءِ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندو.

قصو ڪوتاھ بيت المقدس ئي اها سرزمين آهي جتي بيبي مريمI برقعو مٽايو، بيبي هاجرهI هجرت ڪئي ۽ مسلمانن پهريون قبلو قرار ڏيئي رب پاڪ اڳيان مٿو ٽيڪيو. ان ڌرتيءَ جي عظمت لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته انسانيت کي معراج تي پڄائڻ واري آخري نبي8 جي آسماني معراج جي شروعات به اتان ئي ٿي.

بيت المقدس ۾ ٻيا مکيا مقام مسجد صخره، مسجد اقصى، قبه موسى، باب الحطه، سليمان نبي جي ڪرسي، باب الغوانمه، المغاربه، دارالامان ۽ خان الزيت آهن. انهن مڙني ئي مقامات جي تشريح لاءِ هڪ جدا لکڻيءَ جي ضرورت آهي پر اسان هت رڳو اهو اشارو ڪري، قلم جي نوڪ کي روڪيون ٿا.

فلسطين تي قبضو ۽ اسرائيل جي پيدائش

تاريخ شاهد آهي ته فلسطين اسلامي ثقافت سان جهرڪندو رهيو آهي پر يهودين ان ڌرتي تي پنهنجي مالڪي واري دعوى ڪري انسانيت جو جيڪو ڪوس ڪيو آهي سو هر آزاد ۽ باضمير انسان جي دل ۾ خنجر برابر آهي. 19 عيسويءَ ۾ عيسائي ۽ مغربي سامراجن اسرائيل نالي هڪ ملڪ جو پيڙھ پٿر رکيو ۽ فلسطين کي يهودين جو وطن قرار ڏنائون.

يهودين پنهنجي خاص آئيڊيالوجي جي مطابق صيهونيزم نالي هڪ پارٽي جو بنياد رکيو، جنهن پارٽي جو بنياد نسلي برتري واري وائڙي معيار مطابق رکيو ويو ان پارٽي جي مڪارين ۽ فريبڪارين جي نتيجي ۾ بنا فاصلي هڪ قرارداد جنم ورتو. ان منحوس قرارداد کان پوءِ ته بس فلسطينين تي قيامت ڪڙڪي پئي يهودين پنهنجي منحوس عزمن کي عملي جامو پهرايو .هر يهودي کي هڪ خاص انداز ۾ سوچڻ تي مجبور ڪيو ايستائين جو پنهنجن اسڪولن ۾ شاگردن کي اها پٽي پڙهائڻ شروع ڪيائون ته هر يهودي جو فلسفو هي آهي ته غير يهودي کي مٽائي ڇڏي.

1921ع کان فلسطينين يهودي قابضن خلاف مزاحمت شروع ڪئي جيڪا مختلف روپن ۾ اڃان تائين هلندي اچي ٿي. انهن مزاحمتن مان 1929ع ۾ يهودين ۽ فلسطيني عربن ۾ هڪ وڏي ويڙھ ٿي جنهن ۾ ڪيترائي مئا ته ڪيترائي ڦٽيا. 1943ع کان يهودين، آمريڪا ۽ انگلينڊ جي چرچ تي وڏي پيماني تي هٿين خالي ماڻهن خلاف آپريشن شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي فلسطيني بي گهر ٿيا، انهيءَ سال لکين يهودي ٻاهريان گهرائي فلسطينين جي خون پسيني تي، آباد ڪيائون. شروعات ۾ يهودي ٿورا هئا پر پوءِ هوريان هوريان فلسطين جي وڏي ڀاڱي تي قابض ٿي ويا ۽ نعرا هڻڻ شروع ڪيائون ته اسرائيل نيل کان فرات تائين آهي.

انهي منحوس هدف جي حاصلات لاءِ اسرائيل، مصر جي صحرا سينا ۽ شام جي جولان ٽڪرين تي قبضو ڄمايو. نيٺ 1948ع ۾ شوروي طاقت اسرائيل جي پٺڀرائي ڪئي، چڪ سلواڪي (هڪ شخص جو نالو) کين موت مار اسلحو ڏيڻ شروع ڪيو، تان جو اڄ اسرائيل سوين ايٽم بمن جو مالڪ آهي.

اسرائيل اڄ اسلامي دنيا جي وچ ۾ هڪ اهڙي خون خوار درندي جو روپ ڌاري چڪو آهي جيڪو جئين وڻي تئين مظلوم مسلمانن جو شڪار ڪندو وتي ٿو، پر مسلمان الائي ڇو ڪبوتر وانگر پنهنجون اکيون بند ڪري پنهنجو پاڻ کي محفوظ ڀائين ٿا؟

عالمي سامراج جا اسرائيل جي وجود مان هدفَ

فلسطين هڪ اهڙي سرزمين آهي جتان ڪيتريون ئي تهذيبون ۽ ثقافتون جنم وٺي چڪيون آهن جنهن به ان ڌرتي جي ٽڪڙي تي قبضو ڄمايو اهو پوري دنيا جو ڌڻي ٿي سگهي ٿو.

مٿين ڳالھ جي وضاحت لاءِ اختصار طور هن ريت چئي سگهجي ٿو: اڄڪلھ جو انسان پنهنجي تمام تر ترقي جي باوجود هڪ حقيقي آيڊيالوجي جو اڃايل آهي، هڪ اهڙي تهذيب جيڪا انساني تڪامل ۽ اوسر جي ضامن هجي اڄ جو انسان هزارين ڪوڙا مڪتب پسي چڪو آهي، ڪنهن به مڪتب فڪر انساني اڃ ناهي اجهائي، اسلام ئي اها تهذيب ۽ تمدن رکي ٿو جيڪا حقيقي اهداف متعارف ڪرائي، انسانيت کي معراج جي چوٽ تائين پهچائي سگهي ٿي. ان عظيم تهذيب کي مسخ ڪرڻ ۽ دٻائڻ لاءِ ئي عالمي سامراج اسرائيل جو بنياد وڌو ته جئين ان تهذيب جي وچ ۾ ويهي سندس خاتمو ڪجي.

يا وري ڪن دانشورن جو رايو آهي ته: مغربي ملڪن ڏٺو ته يهودي اسان جي ملڪن تي قابض آهن سو ان بلا کان پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ مسلمانن جي ڪنڌ ۾ اهو ڳٽ وجهي ڇڏيائون.

يا وري ڪن جي مڃتا آهي ته: مغربي سامراجن پنهنجي بازار مچائڻ لاءِ اسلامي دنيا جي وچ ۾ هڪ طاقتور ملڪ جو بنياد وڌو ته جئين انهن جي مقابلي لاءِ اسلامي دنيا اسان جي ڳيجهو ٿئي، پنهنجا معدني وسيلا اسان جي حوالي ڪري، اسان جي ڪارخانن ۾ ٺهندڙ هٿيار خريد ڪري.

اڄڪلھ هر مسلمان اهو ڏسي رهيو آهي ته اسان پنهنجا گهڻي ڀاڱي معدني وسيلا انهن جي حوالي ڪري چڪا آهيون، بدلي ۾ خيرات مليل هٿيار ورتا آهن. پر افسوس جي اها ڳالھ آهي ته انهن هٿيارن جي حفاظت لاءِ به انهن کي ئي گهرائي پنهنجا مرڪز ۽ اڏا سندن حوالي ڪيا آهن.

يوم القدس

صيهوني يهودين جي ناپاڪ عزمن کي پڌري ڪرڻ ۽ اسلامي امت ۾ جاڳرتا جي روح ڦوڪڻ ۽ فلسطينين کي اسلامي دنيا سان جڙيل موضوع قرار ڏيڻ لاءِ ئي يوم القدس جي ڏهاڙي جو بنياد رکيو ويو.

بيت المقدس جي آزادي هڪ اهڙو مقصد آهي جيڪو هر باضمير مسلمان جي دل ۾ آرزو ۽ آس  بڻجي، ڌڙڪندو رهي ٿو. بيت المقدس جي آزادي لاءِ پوري ملت اسلامي کي بيدار ڪرڻ ضروري آهي.اسلامي امت جي بيداري ۽ جاڳرتا لاءِ هڪ اهڙي پلاننگ جي ضرورت آهي جيڪا فلسطين ۽ بيت المقدس واري مسئلي کي هر مسلمان جو پنهنجو مسئلو ڄاڻائي، ان عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ رهبر ڪبير بت شڪنِ زمان حضرت آيت الله العظمى روح الله الخميني(رح)، يوم القدس جو اعلان ڪيو ته جئين پوري دنيا جا مسلمان رمضان المبارڪ جي آخري جمعي تي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻاهر نڪري صيهوني ظالمن جي خلاف سراپا احتجاج بڻجي وڃن.

ان الاهي رهبر يوم القدس لاءِ رمضان المبارڪ جي آخري جمعي جو انتخاب ڪري پوري انسانيت ۽ عالم اسلام کي احتجاج جو حقيقي فلسفو سمجهايو. ڇا ڪاڻ ته رمضان المبارڪ اهو ڀلارو مهينو آهي جنهن مهيني ۾ انسان پنهنجي پالڻهار جو مهمان هوندو آهي اهڙو مهينو جنهن مهيني ۾ انسان پنهنجي تزڪيه ۽ تربيت لاءِ خصوصي انتظام ڪندو آهي. اهڙو مهينو جنهن مهيني ۾ انسان پنهنجي روحانيت ۽ معنويت ۾ واڌارو ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ چئجي ته رمضان المبارڪ عبادت جو مهينو آهي، ان سراسر عبادت واري مهيني ۾ يوم القدس جو بنياد رکي ان عظيم ليڊر دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان جو مڪتب جتي فردي عبادتن جو حڪم ڏئي ٿو، اتي ئي مظلومن جي حمايت جو پڻ درس ڏئي ٿو. ۽ مظلوم جي حمايت کي حقيقي عبادت قرار ڏئي ٿو.

اسان جي نظر ۾ احتجاج ڪو ٻين ماڻهن جي چين سڪون ڦٽائڻ جو نالو ناهي، بلڪه مظلومن جي حمايت ۾ سينه سپر ٿيڻ جو نالو آهي ۽ پوري رمضان مهيني جا روزا رکي روحانيت جي اعلى درجي تي پهچي، پوءِ احتجاج لاءِ ٻاهر نڪرڻ وارو عمل، در حقيقت ان ڳالھ جو اهڃاڻ آهي ته اجتماعي عبادت لاءِ سڀ کان پهريان فردي تزڪيه ۽ تربيت  جو هجڻ نهايت ضروري آهي.

 



[1] “صيهون” بيت المقدس ۾ هڪ ٽڪر جو نالو آهي ۽ صهيونيست يعني اهي ماڻهو جيڪي صيهون ٽڪر جا شيدائي آهن، سترهين صدي ميلاديءَ ۾ صهيونيزم هڪ سياسي اصطلاح جو روپ ڌاريو. صهيونيزم يعني اهڙي آڊيالوجي جنهن جو بنياد قوم پرستيءَ ۽ يهودي نسل جي برتري تي ٻَڌل آهي . البته اڄڪلھ عام طور  صهيونيزم لفظ ٻڌڻ سان ، قبضا گروپ ، ڏاڍ جبر ۽ يهودي قوم پرستي جا مفهوم ذهن ۾ تري اچن ٿا .

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي