جمع, 07 آگسٽ 2020

صلح امام حسن عليه السلام ۽ قيام امام حسين عليه السلام جو تقابلي جائزو

  • انداز قلم

الله تعالى پنهنجي هن ڌرتي تي سندس مخلوق مان ڪن هستين کي ڪجهه اهڙن عهدن سان نوازيو آهي جيڪي ڪنهن عام انسان کي نه ٿا ملي سگهن ، نبوت ، رسالت ، امامت ، ولايت ۽ خلافت اهڙا ئي خدائي عهدا آهن جيڪي پالڻهار جي ذات طرفان بس انهن چونڊ نيڪ بندن کي ئي مليا،

تاريخ اسلام

جيڪي سندس رازن جا مالڪ هئا ، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سندن زندگي جي مختلف پهلوئن تي نگاهه ٿي ڪجي ته ڪيترن رازن ۾ سمايل نظر ٿي اچي ، ۽ جڏهن اسان نبين جي سردار حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۽ سندن حقيقي ٻارنهن جانشينن جي زندگي تي نگاهه ٿا ڪيون ته سندن زندگي ۾ ڪيترائي اهڙا رخ ڏسڻ ۾ اچن ٿا ، جيڪي عام انسان جي سمجهه کان ڪوهين ڏور ٿا ڏسجن ، خاص طور تي سياسي ۽ اجتماعي ميدان ۾ خدا جي هنن پيارن پيشوائن جي سيرت جا مختلف رخ اهڙا ته پيچيدهه آهن جن  کي سمجهڻ سياست جي دنيا ۾ پاڻ کي مرد ميدان سڏائيندڙن جي وس جي به ڳالهه ناهي ، دين جي انهن رهبرن جي سيرت ۾ ڪيترائي اهڙا رخ پاتا ٿا وڃن ، جيڪي ظاهري طور تي ته هڪٻئي سان ٽڪرائيندي ٿا ڏسجن ، پر تاريخ جي اڀياس سان انهن جي اصلي رازن تائين پهچي سگهجي ٿو.

 حضرت امام حسن عليه السلام جن جي معاويه سان صلح ڪرڻ ۽ ٻئي طرف حضرت امام حسين عليه السلام جن جو ڪربلا معلى جي سرزمين تي يزيد بن معاويه سان جنگ ڪرڻ به هڪ مسئلي جا ٻه اهڙا رخ آهن جيڪي ڪيترن ئي ذهنن کي مونجهاري جو شڪار ڪري ٿا ڇڏين ، ته ڇا سبب آهي جو ٻئي شخصيتون معصوم امام ، ٻئي رسول الله (ص) جن جي اکين جا ٺار ، ٻئي علي عليه السلام جن جا بهادر فرزند ، جن جون فضيلتون ٻڌائيندي پاڻ سڳورا (ص)  ٿڪندا ئي نه هئا ، تاريخ جي هڪ موڙ تي ڏسون ٿا ته هڪ هستي وقت جي حڪمران سان صلح ڪندي نظر ٿي اچي ته وري ٻئي موڙ تي ٻي هستي  وقت جي  حڪمران آڏو هڪ اهڙو تاريخي قيام ڪندي ٿي ڏيکارجي جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ ، سندن خاندان ، سندن نيڪ ۽ وفادار صحابين تي اهڙا مصيبتن جا پهاڙ ٽٽي پون ٿا جن جي مثال تاريخ جي ورقن ۾ نه ٿي ملي، تنهن ڪري  مسئلي جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ هڪ نڪتي ڏانهن توجه ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته ، اسلام جي اچڻ کان پهرين ( جاهليت واري زماني جي ) عربن ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو پاتا ويندا هئا ، هڪڙا سرمائيدار ، مالدار ۽ سرداري ذهنيت رکندڙ ماڻهو ۽ ٻيا گھٽ ملڪيت وارا ماڻهو جن ۾ ڪيترا ته سردارن جي غلامي هيٺ زندگي گذاريندا هئا ، پر جيئن ئي پاڻ سڳورن (ص) جن خدائي وحي ذريعي اسلام جهڙي مهربان دين جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو ته سرداري ذهنيت رکندڙ ماڻهن ان کي پنهنجي مفادات جي بلڪل ابتڙ سمجھيو ، پر غلامي واري زندگي ماڻيندڙ ماڻهن ان پيغام کي پنهنجي لاءِ هڪ بهترين پيغام جي طور تي محسوس ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسلام هڪ اهڙي دين جي طور تي منظر عام تي آيو جنهن ماڻهن کي اڪيلي خدا کي پوڄڻ جهڙن معنوي پروگرامن ڏانهن سڏڻ سان گڏوگڏ اجتماعي پروگرامن کي به تمام وڏي اهميت سان پيش ڪيو ، جن ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ پيغام اهو هو ته  تمام انسان هڪ ئي پيءُ ۽ ماءُ مان هن دنيا ۾ آيا آهن ، ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي تي ڪا فضيلت حاصل ڪانهي ، مرد کي عورت تي ۽ هڪ قبيلي کي ٻئي قبيلي تي ڪا به فضيلت ڪانهي ، قبيلن  ۽ ذاتين جو ڪردار رڳو هڪٻئي جي ڄاڻ سڄاڻ جي حد تائين آهي ، فضيلت جو معيار فقط تقوى ۽ پرهيزگاري آهي ، اهڙي قسم جو پيغام انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي جاهليت واري دور ۾ هڪ خاص مقام جا مالڪ هئا ، وڏي چئيلنج  جي طور تي سامهون آيو ، تنهن ڪري اهي ان کي پنهنجي مفادات لاءِ هڪ وڏي خطري جي طور تي محسوس ڪري رهيا هئا ، ۽ اسلام جي اهڙي پروگرام کي ٻڌڻ کان پوءِ ان سان جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿي ويا ، ۽ جيڪڏهن اهڙي قسم جي جنگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيائون سو به ان ڪري جو اسلامي لشڪر تمام گهڻي طاقت وٺي چڪو هو ، ۽ ان ٽولي پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ اسلام کي رڳو ظاهري طور تي قبول ڪيو هو ، ان بنياد تي اسلام کي قبول ڪرڻ وارا ٽن قسمن جا ماڻهو هئا ، هڪڙا اهي هئا جيڪي پهرين ته  اسلام سان هر موڙ تي  مقابلا ڪندا رهيا پر جڏهن اسلام هڪ طاقتور قوت جي طور تي سامهون آيو ، ته مجبور ٿي اسلام قبول ڪيائون ، تنهن ڪري حقيقت ۾ انهن جو مقصد رڳو اسلام جي آڙ ۾ پنهنجي مفادات کي حاصل ڪرڻ ئي هو، ۽ کين اسلام سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي ، ۽ هڪڙن جاهليت واري زماني ۾ مٿن ٿيندڙ ظلمن مان جان ڇڏائڻ لاءِ اسلام جهڙي مهربان دين جي دامن ۾ اچي پناهه ورتي ، ۽ هڪڙا اهڙا هئا جن اسلام جي حقيقت کي پهرين پروڙيو ۽ پوءِ سچي دل سان سچا مسلمان ٿيا ، پوءِ اهڙن انسانن اسلام مٿان پنهنجي ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻايو ، پنهنجي مال ۽ ملڪيت کان علاوهه پنهنجي جان جو نذّرانو ڏيڻ لاءِ به آمادهه هئا ،  تاريخ اسلام ۾ ٿورو غور ۽ فڪر ڪرڻ سان هر دور جي حساس موقعن تي انهي ٽنهي قسمن جي ماڻهن جي چڱي طرح سان نشاندهي ڪري سگهجي ٿي ، پر امام حسن (ع) جن جي زماني ۽ امام حسين (ع) جن جي دور ۾ اهو مسئلو پنهنجي عروج تي پهچي چڪو هو ، پهرئين قسم جا ماڻهو جن اسلام کي دلي طور تي نه پر رڳو پنهنجي مفادن خاطر ئي قبول ڪيو هو،  پاڻ سڳورن (ص) جن جي وفات کان پوءِ اڌ صدي کان به ٿوري عرصي جي اندر پنهنجي حيلي ۽ مڪاري سان مسلمانن جي سرن مٿان سوار ٿي حڪومتون ڪرڻ لڳا ، معاويه جيڪو ان ابوسفيان جو پٽ هو جيڪو اسلامي لشڪر هٿان وڏو زخم کائي چڪو هو ، علي عليه السلام جن جي خلافت کان  گذريل خليفن جي دور ۾مختلف عهدن تي رهي چڪو هو ، ۽ جڏهن علي عليه السلام جن جي زماني ۾ ڏٺائين ته هاڻي سندس ٽولي جي ڪابه حيثيت ناهي رهي، ته مٿن قسمين قسمين جون سازشون ڪرڻ شروع ڪيائين پر ڇاڪاڻ ته خالص اسلام قبول ڪرڻ وارن جو تعداد ساڻن تمام گهٽ هو تنهن ڪري معاويه جي سازش ڪامياب وئي ۽ علي عليه السلام کي شهيد ڪرائڻ کان پوءِ خلافت جي تخت تي قابض ٿي ويو ،

ان زماني جي اهڙن  سياسي ۽ اجتماعي حالات کي نظر ۾ رکندي امام حسن عليه السلام صلح ۽ امام حسين عليه السلام جي قيام جا مختلف سبب پيش ڪري سگھجن ٿا جن مان ڪجهه هن ريت آهن.

1. وقت جي حڪمرانن جا مختلف رويا.

اها هڪ تاريخي مڃيل مڃايل حقيقت آهي ته، معاويه هڪ چالاڪ ذهنيت جو ماڻهوهو، ۽ ٻئي طرف هو اسلامي احڪام جي ظاهري طور تي پابندي ڪندو هو، جيتوڻيڪ هن کي به دين سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي تنهن ڪري ان سان جنگ ڪرڻ ۾ اسلام لاءِ ڪو فائدو نه هو ، پر يزيد کلم کلا اسلامي احڪام جي مخالفت ڪندو هو ، کلم کلا شراب پيئندو هو، جوا کيڏندو هو ، ۽ اسلامي مقدسات کي پائمال ڪندو هو(1) اهو ئي سبب آهي جو امام حسين عليه السلام جن پنهنجي ڀاءُ امام حسن عليه السلام جن جي شهادت کان پوءِ   ڪوفين طرفان معاويه خلاف  قيام جا خط اچڻ باوجود اهڙو ڪو به ڪارنامو انجام نه ڏنو ۽ سندن جواب ۾ فرمايو : “هن وقت قيام جو زمانو ناهي ، جيستائين معاويه زندهه آهي ، پنهنجي گهرن ۾ گوشه نشيني واري زندگي گذاريو ، ڪو به اهڙو قدم کڻڻ کان پرهيز ڪيو جيڪو توهان جي لاءِ بدگماني جو سبب ٿئي (2)

2. لشڪر ۽ ساٿين جي مختلف مزاجي 

تاريخ گواهه آهي ته علي عليه السلام جن جي شهادت کان پوءِ امام حسن عليه السلام ڪڏهن به معاويه جهڙي انسان سان ڪنهن به قسم جي صلح ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ، ۽ پاڻ ان جو اعلان به ڪري چڪا هئا ، پر ڇاڪاڻ ته سندن لشڪر ۾ پهرين ٻن قسمن جي ماڻهن جي گهڻائي هئي ۽ تاريخ گواهه آهي ته پاڻ  معاويه سان جنگ ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر کي به آمادهه ڪرڻ شروع ڪيائون ، پر امام عليه السلام جي لشڪر جي سپه سالار عبيدالله بن عباس ڏهه لک درهم جي عيوض اٺ هزار جو لشڪر وٺي راتو رات وڃي معاويه جي لشڪر سان مليو (3)  ۽ ٻئي طرف معاويه جي جاسوسن اها پروپيگنڊا شروع ڪئي ته امام حسن عليه السلام معاويه سان صلح ڪري ڇڏي آهي ، ۽ ان پروپيگنڊا ماڻهن جي حوصلن کي ايترو ته پست ڪري ڇڏيو هو جوماڻهو کين قتل ڪرڻ لاءِ آمادهه ٿي چڪا هئا ،تاريخ نويسن لکيو ته : ماڻهن امام عليه السلام جو خيمو ۽ سندن سامان لٽيو ، جراح بن سنان مٿن حملو ڪري کين سخت زخمي ڪري ڇڏيو(4)    تنهن ڪري پاڻ، اسلام جي مصلحت ان ۾ ڏٺائون ته معاويه سان صلح ڪن ، اهو ئي سبب آهي  جو امام حسن عليه السلام مدائن ۾ سندن لشڪر سامهون خطاب ڪندي اهو فرمايوته ڪو به شڪ ۽ شبهو اسان لاءِ معاويه سان جنگ ڪرڻ۾ رڪاوٽ نه ٿو ٿي سگهي  ، جڏهن توهان صفين واري جنگ لاءِ وڃي رهيا هيو ته توهان جو دين توهان جي دنيا اڳيان هو ، پر هن وقت توهان جي دنيا توهان جي دين اڳيان آهي، اسان پنهنجي ساڳئي رستي تي باقي آهيون ، پر توهان پنهنجي ان حالت تي باقي ناهيو (5)

تنهن کان علاوهه پاڻ سندن لشڪر جي باربار لغزش ۽ عبيدالله بن عباس جهڙن لشڪر جي سپه سالارن جي بي وفائي ۽ دوکي بازين کان پوءِ هڪ ريفرنڊم گهرايو جنهن ۾ فرمايائون ته : “ معاويه اسان کي هڪ پيشڪش ڪئي آهي جيڪا عزت ۽ انصاف جي خلاف آهي ، جيڪڏهن هن وقت توهان الله جي راهه ۾ قتل ٿيڻ جي لاءِ آمادهه آهيو ته ان جي مقابلي لاءِ آمادهه ٿي تلوارن سان  کين جواب ڏيون ۽ جيڪڏهن زندگي  ٿا چاهيو ته ٻڌايو سندس پيشڪش کي قبول ڪيون ۽ توهان کي راضي ڪيون ، جيئن ئي امام عليه السلام جي گفتگو پوري ٿي ته هر طرف کان“ البقية ، البقية ”  اسان زندگي ٿا چاهيون ،اسان زندهه رهڻ ٿا چاهيون ، جا آواز اچڻ لڳا  (6)

انهن ماڻهن امام عليه السلام جي جواب ۾ دنياوي زندگي جو مطالبو ڪري اهو ٻڌايو ته انهن رڳو پنهنجي دنياوي مفادن لاءِ اسلام قبول ڪيو هو. 

۽ اهڙي طرح امام حسين عليه السلام جن جي زماني ۾به ٽنهي قسمن جا ماڻهو موجود هئا ، پر وري به سندن مخلص صحابين جو تعداد ڪنهن حد حساب اندر هو ، تنهن ڪري وقت جي حڪمران يزيد سان ڪو به صلح نامو طي نه ٿيو ، شيخ راضي آل ياسين لکي ٿو ته : امام حسن عليه السلام جن جا اهي ساٿي جن ساڻن بيعت ڪئي هئي ۽ مجاهد سپاهين وانگر سندن لشڪرگاهه ۾ موجود رهيا ۽ پوءِ ساڻن بيعت کي ٽوڙي ڇڏيائون ۽ دشمن سان وڃي مليا انهن ماڻهن کان وڌيڪ بدتر هئا جن سندن ڀاءُ امام حسين عليه السلام سان جنگ کان پهرين بيعت ٽوڙي ڇڏي هئي ، تنهنڪري امام حسين عليه السلام جن ( حضرت مسلم بن عقيل سان ) ڪوفين جي بي وفائي ۽ سندن ساٿين کي آزمائڻ ۽ چڱن مٺن کي پرکڻ کان پوءِ هڪ اهڙو لشڪر تيار ڪيو، جيڪو تمام گهٽ تعداد ۾ هئڻ جي باوجود  اخلاص ۽ فداڪاري جي لحاظ سان پنهنجو مٽ پاڻ هو ، جنهن کي تاريخ اڄ تائين ياد ٿي ڪري ، پر امام حسن عليه السلام جن کي ته سندن سچن صحابين منجهان به ڪو اهڙو ساٿي نه ملي پئي سگهيو جيڪو هر لحاظ سان اطمينان جوڳو هجي  (7)

3_اسلامي مرڪزيت جي ٽٽڻ جو خطرو.

امام حسن عليه السلام جن مسلمانن لاءِ  ان وقت جا خليفا هئا ، تنهن ڪري جيڪڏهن پاڻ معاويه سان جنگ ڪن ها  ۽ خدا نخواسته معاويه جي لشڪر هٿان شهيد ٿي وڃن ها ته اها حقيقت ۾ اسلامي مرڪز جي شڪست جو سبب ٿئي ها، علامه شهيد مرتضى  مطهري لکيو ته: اهڙي قسم جي جنگ کان امام حسين عليه السلام جن پڻ  پرهيز ڪري رهيا هئا ، اهو ئي سبب آهي جو  پاڻ ان ڳالهه تي راضي نه هئا جو مڪي ۾ شهيد ڪيا وڃن ، ڇاڪاڻ ته ان سان مڪي جو احترام پائمال ٿئي ها ، جنهن تي امام حسين عليه السلام جن ڪنهن به طرح راضي نه هئا.(8)

4_بيعت جو مسئلو.

 ٻئي طرف ڏسون ٿا ته يزيد امام حسين عليه السلام جن کان بيعت جو مطالبو ڪيو هو ، ۽ جيڪڏهن پاڻ يزيد جي بيعت ڪن ها ، ان جو مطلب اهو ٿئي ها ته پاڻ هڪ اهڙي  غاصب حڪمران کي تسليم ڪيو اٿن ، جيڪو ڪنهن به طرح اسلامي حڪمن جو پابند ناهي ، ۽ سندن بيعت يزيد جي سڀني ظلمن جي هڪ قسم جي تصديق جي برابر هئي ، ۽ اهو ڪم ايترو ته خطرناڪ هو جو هميشه لاءِ اسلام جو وجود ئي ختم ٿي وڃي ها ، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ  مروان بن حڪم ( طرفان اها صلاح ڏيڻ تي ته توهان جو ڀلو ان ۾ آهي ته توهان يزيد جي بيعت ڪيو ) جي  جواب ۾ فرمايائون : ته جيڪڏهن  ( رسول الله جي ) امت يزيد جهڙي حڪمران جي سرپرستي هيٺ اچي وئي ، ته پوءِ اسلام جو نالو ۽ نشان ئي نه رهندو ،(9)  جڏهن ته  معاويه امام حسن عليه السلام جن کان ڪنهن به بيعت جو مطالبو نه ڪيو هو ، ايستائين جو صلح نامي جي شقن مان هڪڙي شق اها به هئي ته پاڻ معاويه جي بيعت نه ڪندا (10)

5_امام حسن (ع) جي صلح ، حسيني انقلاب جو سبب .

نهروان ، جمل ۽ صفين وارين لڳاتار جنگن جي ڪري ماڻهو تمام گهڻو ٿڪجي چڪا هئا ، تنهن ڪري معاويه جي غلط پروپنگڊائن ۽ لالچن جي شڪار ۾ اچي صلح جي لاءِ آمادهه ٿي چڪا هئا ، ان جي ڪري اهو ضروري هو ته پاڻ بيدار ٿي سندن طرفان قبول ڪيل صلح جي نتيجي جو مزو چکين ۽ سندن ڪيل غلطي جو نتيجو ڀوڳين ، اهڙي قسم جي بيداري ان دور جي معاشري لاءِ تيستائين ممڪن ئي نه هئي جيستائين پنهنجين اکين سان ان جا برا نتيجا پاڻ نه ڏسن ، تنهن کان علاوهه ضروري هو ته ، مسلمان عملي طور تي معاويه جي اصلي چهري کان آگاهه ٿين ، حقيقت ۾ امام حسن عليه السلام جو صلح هڪ ٻئي مرحلي ۾ معاويه سان مقابلي ڪرڻ جو نئون طريقو هو ،صلح کان پوءِ جيڪي واقعات پيش آيا ، خاص طور تي معاويه طرفان صلح نامي وارين شرطن تي عمل نه ڪرڻ کان پوءِ اموي خاندان جي حقيقت آڏو اچي وئي،  جيئن معاويه هڪ مقام تي ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي چيو ته: “ فاني والله ما قاتلتکم لتصلوا و لاتصوموا ولا لتحجوا ولاتزکوا ، انکم لتفعلون ذالک ولکنني قاتلتکم لاتامر عليکم وقد اعطاني الله ذالک وانتم کارهون ، الا واني کنت منيت الحسن واعطيته اشياءَ وجميعها تحت قدمي لا افي بشئ منها ”  (11)  خدا جو قسم مون توهان سان ان ڪري جنگ نه ڪئي هئي ته توهان نماز پڙهو ، روزا رکو  ، حج ڪيو ۽ زڪات ڏيو ، (مون کي خبر آهي ته ) توهان انهن کي انجام ڏيندو ،پر مون توهان سان ان ڪري جنگ ڪئي آهي ته جيئن توهان مٿان حڪومت ڪيان ۽ مون کي الله اها حڪومت ڏني آهي ، تنهن ڪري توهان سڀئي منهنجي آڏو مجبور آهيو، آگاهه رهوته مون حسن (ع) تي هڪ احسان ڪيو هو ، ۽ کيس ڪجهه شيون ڏنيون هيم جن کي آئون پنهنجي پيرن هيٺيان پائمال ڪري ٿو ڇڏيان ، انهن مان ڪنهن کي به پورو نه ڪندس. معاويه جي اهڙين ڳالهين کان پوءِ هن جو اصلي چهرو سڀني آڏو پڌرو ٿي پيو ته هن جو ذاتي مفادن کان سواءِ دين سان ڪو به واسطو نه هو ، ۽ هي اهڙي حقيقت هئي جنهن ڏانهن امام حسن عليه السلام جن عام ماڻهن کي متوجه ڪرڻ پيا چاهين ، جيڪا رڳو صلح جي ذريعي ئي حاصل ٿي پئي سگهي ، ان بنياد تي امام حسن عليه السلام جن جو صلح  بنواميه جي فاسد ۽ ظالم حڪومت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ آمادگي ۽ هڪ قسم جي مشق هئي ته جيئن هڪ ڏينهن اهڙو اچي جنهن ۾ اهي ماڻهو ان ظالم حڪومت جي خاتمي لاءِ آمادهه ٿي سگهن ، امام حسن عليه السلام جن جي زماني ۾ اسلامي معاشرو ايترو ته دنياوي خواهشن ۾ گهيرجي چڪو هو جو انهن جي ذهني سطح امام عليه السلام جي هدف کي پورو نه پئي ڪري سگهي ، امام حسن عليه السلام جوصلح ماڻهن جي سوچڻ لاءِ هڪ بهترين موقعو هو ته جيئن بنو اميه جي حڪومت کي سمجهي سگهن ،

تاريخي شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪڏهن امام عليه السلام سندن ڪمزور لشڪر جي هوندي معاويه سان جنگ ڪن ها ته ان انداز ۾شهيد ٿين ها جو اسلام کي ڪنهن به قسم جو فائدو نه پهچي ها  ۽ معاويه مڪي ، مديني ، ڪوفي ، بصري ۽ ٻين اسلامي شهرن تي حملو ڪري ڪيترا بي گناهه خون وهائي ها ، پاڻ هڪ مقام تي ان حقيقت ڏانهن هن ريت اشارو فرمايو اٿن “ والله لو لا ما اتيت لما ترک من شيعتنا على وجه الارض احد الا قتل ” (12)  خدا جو قسم جيڪڏهن معاويه سان صلح نه ڪيان ها ته  اسان جي شيعن مان ڪو به قتل ٿيڻ کان بچي نه سگهي ها .

 انهي ڪري ڏسون ٿا ته نه رڳو امام حسن عليه السلام ، پر امام حسين عليه السلام به ان صلح تي پابند رهيا ۽ ماڻهن کي به ان تي پابند رهڻ جي تاڪيد ڪندا رهيا ، جڏهن ڪجهه ماڻهن شڪايتي انداز ۾ امام حسن عليه السلام جي صلح  تي سندن آڏو اعتراض ڪيو ته پاڻ کين جواب ڏنائون : ابو محمد (حسن عليه السلام ) صحيح ڪارنامو انجام ڏنو آهي ، جيستائين معاويه زندهه آهي تيستائين توهان پنهنجي گهرن ۾ گوشه نشيني واري زندگي گذاريو  (13)  ۽ پاڻ سندن ڀاءُ امام حسن عليه السلام جن جي شهادت کان پوءِ سندن امامت واري عرصي ۽ معاويه جي حڪومت واري آخري ڏهن سالن ( سنه 50 کان 60 هجري  دوران معاويه سان ڪنهن به قسم جي جنگ نه ڪيائون ، بلڪه هڪ اهڙي موقعي جي انتظار ۾ هيا جو پنهنجي قيام سان بني اميه جي اصلي چهري کي پڌرو ڪن ،امام حسن عليه السلام جن جو مقصد به دشمن جي چهري تان پردو کڻڻ هو ، سندن طرفان صلح جو نتيجو امام حسين عليه السلام طرفان هڪ عظيم انقلاب جي صورت ۾ سامهون آيو ، حقيقت ۾ ڏسجي ته  ٻنهي امامن جي هڪڙي ئي ذميواري هئي ، اها هئي اسلام جي حفاظت ، رڳو حالات جي لحاظ سان ٻنهي ۾ فرق هو ، ٻئي جهاد جي ميدان ۾ اسلام جي حفاظت ڪري رهيا هئا،  پر هڪ جو جهاد ، خاموش جهاد هو ۽ ٻئي جو جهاد ، تلوار وارو جهاد هو، ان حقيقت کي سامهون رکندي چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن امام حسين عليه السلام جن سندن ڀاءُ جي زماني ۾ هجن ها ته اهو ئي ڪارنامو انجام ڏين ها جيڪو امام حسن عليه السلام جن انجام ڏنوهو ۽ اهڙي طرح  جيڪڏهن امام حسن عليه السلام جن امام حسين عليه السلام جي زماني ۾ هجن ها ته اهوئي ڪردار ادا ڪن ها جيڪو امام حسين عليه السلام جن ادا ڪيو هو.

 

 

حوالا

1_ پاسخ به شبهات واقعه عاشورا ، علي اصغر رضواني ، ص319

2 _ الصحيح من السيره ، سيد جعفر مرتضى عاملي ، ج2 ، ص152

3. شرح نهج البلاغه ، ابن ابي الحديدمعتزلي ، ج16، ص40

4 _ تاريخ يعقوبي ، ج2، ص142

5 _بحارالانوار ، ج44، ص21

6_الڪامل ابن اثير ج 3 ص406 ، بحار الانوار ، ج 44 ،ص 21

7 _صلح امام حسن پر شکوه ترين نرمش قهرمانه تاريخ ، ص 443 ،ترجمه فارسي آية الله خامنه اي ،

8 _ مجموعه آثار ، شهيد مرتضى مطهري ،ج 16 ،ص639

9 _ لهوف سيد بن طائوس ، ص20

10 _مجموعه آثآر ، شهيد مرتضى مطهري ، ج16 ، ص642

11 _ شرح نهج البلاغه ، ابن ابي الحديد معتزلي ، ج2، ص277

12 _بحار الانوار ، ج 44، ص30

13 _ الاخبار الطوال ، ابن دائود دينوري ، ص221

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي