اڱارو, 23 جولاءِ 2019

علي پٽ امير ،ڪندا راڙو رڪ سين

  • انداز قلم

ڪربلا جي واقعي جا ڪيترائي رخ آهن، هڪ پاسي انسانيت، مظلوميت، شرافت، نجابت، دين جي حفاظت، وفاداري، فداڪاري، حق پرستي ۽ شريعت جي پاسداري آهي ته ٻي پاسي ظلم، بربريت، بي حيائي، بي ديني، مڪاري، عياري، دغا بازي، جهالت، تعصب، لالچ لوڀ،

تاريخ اسلام

دنياپرستي ۽ دين فروشي جو بازار گرم نظر اچي ٿو. پر ڪربلا جي واقعي جا عام طرح ٻه رخ بيان ٿيندا آهن هڪ بهادري وارو رخ ۽ ٻيو مظلوميت وارو پهلو، انهن مان به ٻيو رخ وڌيڪ توجه جو مرڪز رهيو آهي ۽ ڪربلا جي واقعي ۾ مظلومن جي مظلوميت جي سڀ کان وڌيڪ پرچار ڪئي وئي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن مصيبتن کي بيان ڪندي ٻي ڪنهن موضوع تي به ڪجھ روشني وڌي ويندي آهي.

ڪربلا جي واقعي جي مظلومانه پهلو تي وڌيڪ توجه ڪرڻ ۽ ان جي گهڻي پرچار ڪرڻ جا ڪيترا ئي ڪارڻ آهن جهڙوڪ:

1_ ڪربلا جي شهيدن جي مظلوميت جو منفرد انداز.

2_ مظلوميت کان متاثر ٿيڻ فطري آهي.

3_ ان ذريعي اهل بيت جي حقانيت کي ماڻهن تائين پهچائڻ.

4_ ظالم حڪومتن طرفان ڪربلا جي واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشس ڪرڻ وغيره.

پر حقيقت هي آهي ته ڪربلا وارن جي قرباني عظيم مقصدن جي حاصلات لاءِ هئي ان ڪري هن واقعي کي زنده رکڻ ۽ ايندڙ نسلن ۾ منتقل ڪرڻ ضروري هو ان لاءِ ڪربلا وارن جي مظلوميت خاص ڪري امام حسين ۽ سندس اولاد جي دردناڪ شهادت کي دنيا تائين پهچائڻ سان امام حسين ۽ ان جي ساٿين جي حقانيت ۽ يزيد ۽ يزيديت جي باطل هجڻ کي ثابت ڪرڻو هو. ۽ مظلوميت کي بيان ڪرڻ هڪ بهترين اثرائتو وسيلو هو جنهن جي ڪري ان رخ تي گهڻي توجھ ڏني وئي آهي. ان کان علاوه مختلف زمانن ۾ آئمه معصومين به پنهنجي مڃڻ وارن کي ان طرف راهنمائي ڪئي آهي.

باقي شجاعت ۽ بهادري وارو رخ تاريخ کان علاوه، گهٽ ئي ملي ٿو ته ڪنهن شخصيت ڪربلا وارن جي بهادري کي بيان ڪيو هجي. پر جنگ جي مناظر تي شعر چوڻ وارن ڪربلا وارن جي بهادري ۽ شجاعت تي شعر چيا آهن. جئين سنڌ جي سونهاري سرزمين جي بي مثل شاعر سيد شاه عبداللطيف ڀٽائي رح هڪ سر ڪيڏارو جي عنوان سان مخصوص ڪيو آهي جنهن ۾ ڪربلا جي شهيدن جي شجاعت ۽ بهادري کي تمام سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو اٿس انهن مان ٿورڙي جهلڪ هن بيت ۾ ملاحظو ڪري سگهجي ٿي:

چَنڊَ وِهاڻِيءَ چَڙِهيا، مَله مَدِينِئان مِير؛

اُن سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛

عَليءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.

 (شاھ جو رسالو) سر ڪيڏارو، داستان ٻيو.

ڏکين لفظن جي معنى

وهاڻي: لٿي. ملھ: سورهيه. طبل: دهل، نقار. تبرون: ڪهاڙيون. ڪند: ڀالا. ڪٽارا: خنجر. ڪير: بڙڇيون. راڙو: جنگ. رڪ: رڪ جا هٿيار.

ڪربلا جي شهيدن جي بهادري جو وڏي ۾ وڏو دليل اهو آهي ته اهي ظالم اڳيان نه جهڪيا. ڇا ظالم سان ٺاھ ڪري حياتي بچائڻ بهادري آهي.؟ نه هر گز نه بلڪه ظالم اڳيان نه جهڪڻ ۽ پنهنجي خون جي آخري ڦڙي تائين حق سان ساٿ ڏيڻ ئي بهادري آهي.

امام حسين ۽ سندس ساٿين جي بهادري جا ڪيترائي نمونا آهن جيڪي انهن نون ڏينهن ۾ ظاهر ٿيا جن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.

پهريون نمونو:

 حر جي لشڪر کي پاڻي پيارڻ آهي، جڏهن امام حسين عليه السلام بطن العقبى کان نڪتا ۽ شراف نالي جاءِ تي پهتا (1)  ته حر بن يزيد رياحي هڪ هزار سپاهين جي دستي سان سندس سامهون ظاهر ٿيو اڃ سبب سندن حالت اهڙي هئي جو انهن کي ڪجھ وقت پاڻي نه ملي ها ته اڪثر سپاهي اڃ وگهي مري وڃن ها. امام حسين عليه السلام حر جي لشڪر وارن جي اها حالت ڏسي پنهنجي ساٿين کي فرمايو: هنن کي پاڻي پياريو ايستائين جو بچيل پاڻي سان حر جي لشڪر جي گهوڙن کي به پياريو ويو. بهادري اها نه آهي ته دشمن سان مڪاري ۽ دوکي بازي ڪري ان تي ڪاميابي ماڻي بلڪه بهادري اها آهي ته دشمن کي به خدا جي پيدا ڪيل مخلوق سمجهي ۽ ان جي هدايت لاءِ ڪوشش ڪري سندس انسان هجڻ جي ناتي جيڪي حق ٿين ٿا انهن کي ادا ڪري. حر جي لشڪر جو اڃارو هجڻ ۽ امام حسين عليه السلام وٽ پاڻي جو هجڻ ان حالت ۾ ٻن قسمن جي رفتار جي تقاضا ڪري پيو. هڪ انساني ۽ خدائي رفتار ته ٻي غير انساني ۽ شيطاني رفتار، امام حسين عليه السلام حر جي لشڪر کي پاڻي پياري پنهنجي انساني فريضي ان کان بالا تر اسلامي رفتار جو مظاهرو ڪيو ۽ بهادر ماڻهن جي ٻوليء ۾ ان کي مردانگي ۽ شجاعت چوندا آهن.

ٻيو نمونو:

 خيمن جو هٽائڻ. ڪجھ روايتن مطابق محرم الحرام جي 7 تاريخ تي عمر سعد پيغام موڪليو ته نهر جي ڪناري تان خيما هٽايو ۽ پري وڃي نصب ڪريو. امام حسين عليه السلام جي ڪيترن ئي ساٿين انڪار ڪيو ۽ حضرت عباس علمدار عليه السلام ان ڪم جي وڌيڪ سختي سان مخالفت ڪئي. ڇو جو امام حسين عليه السلام جي ساٿين سمجهيو پئي ته اسان جا خيما هٽائي اسان کي پاڻي کان دور ڪرڻ چاهين ٿا. ۽ پاڻي بند ڪري اسان تي بيعت لاءِ دٻاءُ وڌو ويندو. پر امام حسين عليه السلام جڏهن ڏٺو ته دشمن ان ڳالھ تي ايترو اصرار پيو ڪري جو جيڪڏهن خيما نه هٽايا ويا ته جنگ ڇڙي پوندي. پاڻ فرمايائون: خيما هٽايو. ۽ سڀني صحابين ۽ حضرت عباس علمدار عليه السلام فرمانبرداري ڪندي خيما نهر جي ڪناري تان هٽايا. ڇو جو امام عليه السلام جڏهن حڪم ڪري ته اهو حڪم خدا هوندو آهي ۽ هنن جو مقصد خدا جي رضا کان سواءِ ڪجھ ٻيو نه هو. امام حسين عليه السلام دشمن جو پاڻي وٽان خيما هٽائڻ جو مطالبو قبول ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ڪربلا جي جنگ جو مقصد پاڻي تان جهيڙو نه سمجهيو وڃي بلڪه اهڙي نهج سان جنگ شروع ٿئي ۽ ختم ٿئي جنهن ۾ مقصد فقط حق جي سربلندي هجي ۽ دشمن جي باطل هجڻ کي دنيا اڳيان چٽو ڪيو وڃي.

اها آهي بهادري ۽ شجاعت جو اسلام جي حفاظت لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

ٽيون نمونو:

 ڪربلا جو هر شهيد ڪيترائي دشمن في النار ڪري پوءِ شهيد ٿيو آهي. هر هڪ شهيد جي شهادت جي تفصيل ۾ سندس رجز به لکيل آهن ۽ انگ ڳڻايو ويو آهي ته ڪنهن شهيد ڪيترا دشمن ماريا. ائين نه هو ته ڪربلا جي هرشهيد جي ذهن ۾ اهو هو ته اسان جي شهادت يقيني آهي تنهن ڪري ويا پئي وڃي قرباني پيش ڪيائون بلڪه هر شهيد پهرين پنهنجي مقابلي لاءِ انهن جي بهادرن کي للڪاريندو هو اهو ايندو هو ان کي قتل ڪندو هو وري ٻيو ايندو هو اهو به قتل ٿيندو جڏهن دشمن مايوس ٿيندو هو ته لشڪر کي چئو طرف ان اڪيلي تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو ۽ لشڪر مٿس چوڌاري حملو ڪري ان کي شهيد ڪندو هو. حضرت قاسم عليه السلام جي شجاعت واري جنگ، حضرت علي اڪبر عليه السلام جي جنگ، حضرت عباس علمدار عليه السلام جي جنگ جا تفصيل مقتل جي مفصل ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهن. ايتري تائين جو حضرت علي اڪبر عليه السلام پهرين حملي ۾ 80 کان به وڌيڪ دشمن قتل ڪيا ۽ ان کان علاوه ٻي حملي سان ڪيترائي دشمن في النار ڪري شهادت جو جام پيتائون ۽ حضرت عباس علمدار عليه السلام جڏهن علقمه جو رخ ڪيو ته ائين نه هو جو رستو خالي هو ۽ سڌا نهر تي آيا ۽ پاڻي ڀري واپس وريا، نه بلڪه دشمن جون ڪنڌيون لڳل هيون پوءِ به اڃايل ۽ پياسي انهن کي حملي سان هٽايو ۽ نهر تي قابض ٿيا ۽ پوءِ به سندس مقابلو بهادري ته ڇا پر جنگ جي اصولن کان به هٽي ڪري ڪيو ويو ۽ علي عليه السلام جي هن بهادر فرزند کي مڪاري ۽ عياري سان شهيد ڪيو ويو.

ڇوٿون نمونو:

 امام حسين عليه السلام جي بهادري ۽ شجاعت آهي جنهن جا جوهر جڏهن دشمنن ڏٺا ته کين علي عليه السلام جي جنگ ياد اچي وئي، سندن اکين اڳيان صفين ۽ نهروان جا منظر ڦري رهيا هئا. ڪنهن کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته اهو شخص جنهن جا اصحاب ۽ انصار قتل ٿي چڪا هجن  جنهن جا ڀائر ان ميدان ۾ ماريا ويا هجن، حضرت جي ڀاڻيجن، ڀائيٽن ۽ پٽن جا لاش پَٽ تي پيل هجن اهو ايڏي جرات ۽ بهادري سان ڪئين ٿو جنگ ڪري ۽ تاريخ جي ورقن ۾ هي جملو لکيو ويو ته جڏهن حسين ابن علي عليه السلام ميدان ۾ آيا ته سندس چهرو مايوسي بدران ٻهڪندڙ ۽ گلاب جي گل وانگر ٽڙيل نظر اچي رهيو هو ( مستبشرا وجهہ) ڪائنات اهڙو بهادر نه ٿي ڏيکاري سگهي جيڪو ايڏي وڏي قرباني ڏيڻ کان پوءِ به ٻهڪندڙ نظر اچي.

 ان کان پوءِ امام حسين عليه السلام عرب جي جنگي اصولن مطابق کين چيو ته جڏهن مقابلي ڪرڻ وارو اڪيلو هجي ته ان سان هڪ ئي جنگجو وڙهڻ ويندو آهي ان ڪري اوهان مان هڪ هڪ ٿي اچي، ان تي ها ڪئي وئي. ان کان پوءِ جڏهن شير خدا جي فرزند جو مقابلو نه ڪري سگهيا ته عمر سعد حڪم ڪيو ته حسين ابن علي عليه السلام تي هر طرف کان حملو ڪريو ۽ ائين ئي ڪيو ويو تلوار وارن تلوارن سان حملو ڪيو، تير اندازن تير وسايا، نيزن وارن نيزا هنيا ۽ جن وٽ ڪو هٿيار نه هو انهن پٿر هنيا ۽ هي بتولI جو لعل ڪربلا جي زمين تي آخري سجدو ڪندي پنهنجي مالڪ سان وڃي مليو. ۽ هميشه لاءِ بزدلي، مڪاري، عياري، غداري، دوکي بازي ۽ بي وفائي جي منهن تي چماٽ هڻي ڇڏيائين ۽ شجاعت ،شهامت ،مردانگي ۽ بهادري جا نشان رهندي دنيا لاءِ قائم ڪري ڇڏيائين.

 

 

 

حوالا

1_ بحار الانوار، ج44، ص376

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید