سومر, 16 سيپٽمبر 2019

عورت جو مقام رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نگاه ۾

  • انداز قلم

 

مهاڳ: تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مردن جي مقابلي ۾ جسماني طرح ضعيف هجڻ، غلط فڪر ۽ غلط ريتن رسمن سبب، جاهليت واري زماني ۾ عورت سماج جي سڀ کان بري مخلوق سمجهي ويندي هئي، جنهن مٿان هر طرح جو ظلم روا هو،

تاريخ اسلام

ڪجهه ماڻهو نياڻيءَ جو اولاد ٿيڻ تي پاڻ کي ملامت ڪندا هئا ۽ سندس ڪنهن به حق جا قائل نه هئا ته ڪي وري عورت کي صرف ۽ صرف پنهنجي هوس پوري ڪرڻ جو رانديڪو سمجهندا هئا ۽ ڪي ته وري نياڻي جو اولاد ٿيندي ئي کيس زندهه دفنائي ڇڏيندا هئا فقط مرد کي ئي انسان سمجهيو ويندو هو عورتن جو حال ڏاڍو هيڻو هو

اسلام کان پهريان جاهل عرب ۽ ڪجهه صديون پهريان يورپ وارا عورت کي انسان نه سمجهندا هئا کيس جانور يا شيطاني مخلوق سمجهندا هئا ۽ ڪنهن دور ۾ ته کيس مردن جو مال سمجهندا هئا جنهن جي سولائي سان خريد ۽ فروخت ٿي سگهي، اڄڪلھ به عورتن جي حقن جا ڪوڙا نعرا هڻي کين ڌوڪو ڏئي پنهنجي فائدي لاءِ انهن جي وجود سان راند کيڏي وڃي ٿي ، يهودين وٽ عورت جو شمار جانورن ۽ مال جي لسٽ ۾ ٿيندو هو ۽ يهودي قوم وارا به ٻين جنگجو قومن وانگر عورت کي مصيبت ۽ بدبختي جو سبب سمجهندا هئا ۽ صرف ان ڪري ان کي برداشت ڪندا هئا جو جرنيلن جي پيدائش جو واحد ذريعو عورت هئي.

عربن جي جاهليت واري زماني ۾ به جڏهن ڪنهن کي خبر پوندي هئي ته سندس گهر ۾ ڌيءُ جي ولادت ٿي آهي ته قرآن جي تعبير مطابق ڪاوڙ سبب  سندس منهن ڪارو ٿي ويندو هو ۽ پهرئين فرصت ۾ پنهنجي نئين ڄاول ڌيءُ کي زندهه دفنائي ڇڏيندو هو ته جيئن ڌيءُ وارو هجڻ جو داڳ پنهنجي پيشاني تان مٽائي ڇڏي، جنهن وقت ڪو مرد مرندو هو ته ان جي ٻئي مال سان گڏ سندس زالون ۽ ڌيئون به ان جي پٽ جي ملڪيت ۾ اچي وينديون هيون جيڪو انهن جي نئين مالڪ طور سڃاتو ويندو هو. عربن جي رائج رسم مطابق  پيءُ جي مال مان ڪا به شي ڌي کي ميراث طور نه ملندي هئي ته متان اها شي ان نياڻي سان گڏ ڪنهن ٻئي قبيلي يا خاندان ڏانهن منتقل ٿي وڃي.

هڪ ڀيري ڪو شخص پاڻ سڳورن (ص) وٽ ويٺو هو کيس خبر ڏنائون ته تنهجي گهر ڌيءُ ڄائي آهي، اها خبر ٻڌڻ سان ئي سندس چهري جو رنگ تبديل ٿي ويو.

پاڻ سڳورن (ص) کيس فرمايو: تنهنجي چهري جو رنگ ڇو تبديل ٿيو؟ عرض ڪيائين: جنهن مهل گهران ٻاهر پئي آيس، منهنجي گهرواري ٻار ڄڻڻ واري هئي، هاڻي خبر پئي آهي ته ڌيءُ ڄڻي اٿس پاڻ سڳورن (ص) فرمايو: کيس زمين جڳهه ڏيندي مٿس آسمان ڇانو ڪندو ۽ کيس خدا روزي ڏيندو، اهڙو خوشبو وارو گل آهي جيڪو تو کي فائدو رسائيندو.(1)

اهڙين حالتن ۾ دين اسلام جي ظهور سان ۽ بي انتها مهربان ۽ ڪريم رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جي وجود سبب هر شي تبديل ٿي وئي، الله تعالى پاڻ سڳورن(ص) کي ڌي عطا ڪئي ته جيئن ساڻس محبت ڀرئي سلوڪ ۽ سندس احترام جي ذريعي عورت کي پنهنجو حقيقي مرتبو ڏئي ۽ دنيا وارن کي ڪوثر جي مفهوم کان آگاهه ڪري ، جڏهن ته پٽ نه هجڻ سبب جاهلن کيس ابتر پئي ڪوٺيو،  عالمين لاءِ رحمت رسول(ص) عربن جي عورت بابت ان جاهلاڻي سوچ کي تبديل ڪرڻ لاءِ وڏيون سختيون سٺيون، پاڻ سڳورن (ص) اهڙين حالتن ۾ عورت جي حقن جو دفاع ڪيو ۽ اهو واضح ڪيو ته انسان هجڻ ۾ عورت ۽ مرد ٻئي برابر آهن جيڪڏهن الله وٽ ڪو عزت وارو آهي ته اهو تقوى ۽ پرهيزگاري جي بنياد تي آهي، پاڻ سڳورن(ص)  پنهنجي سڄي ڄمار عورتن سان عزت ۽ احترام واري سهڻي سلوڪ، انهن جا انساني حق ادا ڪرڻ ۽ مردن کي اها تاڪيد ڪرڻ ته عورتن سان سهڻو سلوڪ اختيار ڪن انهن تي ڪاوڙ نه ڪن جي ذريعي عورتن جي نسبت عظيم انقلاب آندو ۽ اسلام ڪامل ترين دين هجڻ ۽ سڀني ميدانن ۾ انسانن لاءِ بهترين پروگرام ڏيڻ جي حوالي سان عورتن جي ڪمال لاءِ ۽ انهن جي حقن جي دفاع لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، هاڻي اسلام جي عورتن تي خاص توجهه جا ڪجهه موارد ذڪر ڪريون ٿا.

 

1_ خاندان ۾ عورتن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ

عورتن بابت سڀ کان وڌيڪ تاڪيد انهن سان سهڻي ۽ سٺي سلوڪ ڪرڻ جي باري ۾ آهي ته الله سائين سورت نساءَ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:و عاشِرُوهُنَّ بالمعروف..(2)ترجمو: عورتن سان سهڻو ۽ سٺو سلوڪ ڪريو.

قرآن ڪريم ته طلاق جي وقت به جيڪا گھڻو ڪري ڪيني ۽ روحاني آزار سان گڏيل هوندي آهي مردن کي حڪم ڏئي ٿو ته عورتن سان ڪاوڙ واري انداز سان سان پيش نه اچو.

و إذا طلّقتُم النِّساءَ... سَرِّحُوهُنَّ بِمَعْروُفٍ... (3) جڏهن زالن کي طلاق ڏيو ۽ انهن جي مدت پوري ٿي وڃي ته يا انهن کي محبت سان پاڻ وٽ رکو يا مهرباني سان انهن کي ڇڏي ڏيو

ٻئي آيت ۾ ته الله سائين عورتن بابت نيڪيءَ جو حڪم ڪري ٿو ۽ ان بنياد تي مائرن جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کي مردن جو فريضو قرار ڏئي ٿو:وَ عَلَى الْمَوْلُودِ لَهُ رزقُهُنَّ و کِسْوَتُهنَّ بِالْمَعْروُفِ...(4) پيءُ تي لازمي آهي ته معاشري جي ضرورتن مطابق عورتن جي لباس ۽ خوراڪ جو انتظام ڪري.

مٿئين آيت ۾ ٻار وارين عورتن جي ضرورتن کي سهڻي نموني پوري ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي يعني ان ڳالهه جي طرف توجهه ڪندي ته حمل واري عرصي ۾ ۽ ٻار کي کير پيارڻ واري عرصي ۾ ماءُ جي جسماني ۽ روحاني سرشتي ۾ ڪجهه تبديليون اينديون آهن تنهن ڪري مرد تي لازمي آهي ته ان سڄي عرصي ۾ سهڻي سلوڪ ۽ پيار واري ماحول فراهم ڪرڻ جي ذريعي ننڍڙي ٻار ۽ ان جي ماءُ جي مدد ڪري انهن آيتن م الله سائين عورتن سان زندگي گذارڻ، انهن کي طلاق ڏيڻ ۽ اهڙي ريت حمل ۽ کير پيارڻ واري عرصي ۾ مردن تي لازم قرار ڏنو آهي ته انهن سان سهڻو ورتاءَ ڪن.

رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم عورتن سان محبت واري سلوڪ بابت فرمائن ٿا: توهان مان سڀ کان ڀلو اهو آهي جيڪو پنهنجي زال ۽ ڌيئن سان ڀلو هجي.(5) ۽ اهڙي طرح فرمائن ٿا:ما اَکْرَمَ النِّساءَ اِلاّ الْکَریمُ وَ لا اَهانَهُنَّ اِلاّ اللّئیمُ(6)عورتن جي عزت فقط ڪريم (انسان) ڪندو ۽ انهن جي بي احترامي رڳو لئيم (ڪريل انسان) ڪندو آهي.

 

2_ عورتن سان محبت ، ايمان ۾ ترقي جو ڪارڻ

اهل بيت عليهم السلام جي روايتن ۾ عورتن سان محبت جي ايتري تاڪيد ٿي آهي جو اهو مسئلو مومنن جي ايمان کي پرکڻ لاءِ معيار بڻجي ويو آهي، البته ان جي معنى اها نه آهي ته شهوت کي هوا ڏجي يا اکيون بند ڪري عورتن جي اطاعت ڪجي، بلڪه ان مان مراد اها آهي ته انهن سان سهڻو سلوڪ ۽ محبت ڪجي ته جيئن گڏيل زندگي سڪون سان گذاري سگهجي ۽ نتيجي ۾ مرد ۽ عورت ڪمال تائين پهچي سگهن، اهو ئي سبب آهي جو شادي کي اڌ دين بچائڻ جي عنوان سان ياد ڪيو ويو آهي، امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: اَلْعَبْدُ کَلَّما اَزدادَ لِلْنِساءِ حُبّا اِزْدادَ فِى الایمانِ فَضْلاً(7) يعني: جيتري ڪنهن ٻانهي جي عورتن سان محبت وڌندي آهي ته سندس ايماني فضيلت به اوتري وڌندي آهي.

 رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: قيامت جي ڏينهن توهان منجهان منهنجي سڀ کان وڌيڪ ويجهو اهي هوندا جن پنهنجي گھر وارين سان سهڻو سلوڪ ڪيو هوندو.

اهڙي ريت حديث ۾ آيو آهي ته:مِنْ اَخْلاقِ الانْبِیاءِ حُبُّ الْنِّساءِ( 8) يعني: عورتن سان محبت ۽ دوستي ڪرڻ نبين جي اخلاق منجهان آهي.

                   

3_ پٽن کي نياڻين کان ڀلو سمجهڻ واري فڪر سان مقابلو ڪرڻ

اسلام جي ظهور کان پهريان وڌيڪ پٽ هجڻ تي فخر ڪيو ويندو هو ۽ نياڻي جي اولاد کي عيب سمجهيو ويندو هو ۽ نياڻين کي زندهه دفن ڪرڻ جو هڪ سبب انهن مٿان ان غلط فڪر جي حڪمراني هئي. پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم نياڻين سان سهڻي سلوڪ ذريعي خاص طور تي سائڻ زهرا عليها السلام سان اهڙي ورتاءَ سان ان غلط عقيدي کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم مسلمانن جي سامهون حضرت فاطمه عليها السلام کي بوسه ڏيندا هئا ۽ کين پنهنجي جسم جو ٽڪڙو ڪوٺيندا هئا ۽ سائڻ جي ڪاوڙ ۽ ناراضگي کي الله جي ناراضگي ڄاڻائيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: خَیْرُ اَوْلادِکُمْ اَلْبَناتُتوهان جو ڀلو اولاد نياڻين جو اولاد آهي، ۽ فرمائيندا هئا: نياڻيون مهربان ۽ مدد لاءِ تيار رهنديون آهن ۽ انهن جو وجود برڪتن ڀريو آهي، اهڙي ريت هميشه جيڪي والدين نياڻي جي اولاد کي پسند نه ڪندا هئا انهن کي فرمائيندا هئا:لا تُکْرِهُوا الْبَناتِ، فَاِنَّهُنَّ الْمُؤنِساتُ الغالِیاتُ (9)نياڻين جي اولاد سان نفرت نه ڪريو،ان ڪري جو اهي قيمتي ۽ محبت ڪرڻ واريون هونديون آهن.

روايت ۾ آهي ته امام صادق عليه السلام جي هڪ صحابي کي نياڻي ڄائي ته غمگين ٿي ويو ۽ ڪاوڙ واري حالت ۾ امام صادق عليه السلام وٽ آيو، مولا کانئس سوال ڪيو جيڪڏهن خدا تو کي ڪا شي ڏيڻ چاهي ۽ توکان پڇي تون پنهنجي لاءِ ان جي چونڊ ڪندين يا مان ڪيان ته ڪهڙو جواب ڏيندين؟ ان شخص وراڻيو: چوندس اي منهنجا الله تون چونڊ ڪر مولا جواب ڏنس ته پوءِ الله تو لاءِ نياڻي جي چونڊ ڪئي آهي ۽ وڌيڪ فرمايو: حضرت خضر ۽ موسى عليهما السلام واري قصي ۾ به جڏهن خدا ارادو ڪيو ته هڪ ڇوڪري جي موت واقع ٿئي ۽ قرآن ۾ فرمايو: ۽ چاهيو سين ته انهن جو پالڻهار کين ان جي بدلي ۾ ان کان وڌيڪ پاڪ ۽ وڌيڪ مهربان اولاد عطا ڪري”  خدا ان پٽ جي بدلي ۾ سندس ماءُ پيءُ کي هڪ نياڻي عطا ڪئي جنهن جي نسل مان 70 نبي پيدا ٿيا.(10 )

 

4_ نياڻين سان پيار ۽ محبت وارو سلوڪ ڪرڻ

رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم پاڻ ان مورد لاءِ ڪامل نمونو هئا ۽ سندس نياڻيءَ سان سلوڪ هڪ اعرابي کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو جيڪو پنهنجي نياڻين جي نه ڪا عزت ڪندو هو ۽ نه کين ڪا اهميت ڏيندو هو، روايت ۾ آيو آهي ته رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم پنهنجي نياڻي فاطمه جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو، پاڻ سڳورن(ص) طرفان پنهنجي نياڻي جو احترام ان کان وڌيڪ هو جو ماڻهو ان جو تصور ڪري سگهن ۽ ان کان وڌيڪ احترام هو جيترو عام طور پيءُ نياڻين جو ڪندا هئا. پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم ڪيترائي ڀيرا پنهنجي مائٽن ۽ پنهجي دوستن جي سامهون ايستائين جو سڀني جي سامهون فرمايو: فاطمه(س) جنت جي عورتن جي سردار آهي.(11)

نياڻين جو احترام ته امامن عليهم السلام جي سيرت ۾ به ڏسڻ وٽان آهي روايت آهي ته امام صادق عليه السلام جي هڪ نياڻي هئي جيڪا وفات ڪري وئي ته مولا هڪ سال تائين ان لاءِ عزاداري ڪئي.

اهل بيت عليهم السلام  جي سيرت ۾ ڪجھ مقامن تي ته نياڻين کي پٽن تي ترجيح ڏني وئي آهي

پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي ته: پنهنجي اولاد کي تحفو ڏيڻ وقت انهن ۾ برابري جو خيال ڪريو ۽ جيڪڏهن ڪجهه کي ٻين تي ترجيح ڏيڻ ضروري هجي ته نياڻين کي پٽن تي ترجيح ڏيو.(12) ۽ پڻ فرمايائون: جيڪو بازار مان خريد ڪري گهر ڏانهن کڻي وڃي ته کيس ايترو ثواب عطا ٿيندو ڄڻ ضرورتمندن کي صدقو ڏنو اٿس پوءِ جڏهن چاهي پنهنجي گهر وارن کي ضرورت واريون شيون عطا ڪري ته نياڻين کان شروعات ڪرڻ لازمي اٿس پهريان انهن کي ڏئي.

امام صادق عليه السلام به هڪ حديث ۾ فرمائن ٿا: نياڻيون نيڪيون آهن ۽ پٽ نعمت، نيڪين جو اجر ملندو آهي ۽ نعمتن بابت پڇا ٿيندي آهي.(13)

 

5_ ماءُ جي عظمت کي بيان ڪرڻ

ماءُ ۽ پيءُ انهن گهڻن حقن سبب جيڪي اولاد مٿان رکن ٿا اسلام ۾ وڏي رتبي جا مالڪ آهن ۽ قرآن ڪريم خدا جي عبادت ۽ سندس وحدانيت جي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ۽ ساڻن نيڪي جو حڪم ڏنو آهيوَ اعْبُدُواللّهَ و لا تُشْرِکُوا بِهِ شَیْئا وَ بِالْوالِدَینِ اِحْسانا(14) ۽ الله جي عبادت ڪريو ۽ ڪنهن کي به ان سان شريڪ قرار نه ڏيو ۽ ماءُ پيءُ سان احسان ڪريو.

ان جي باوجود جو پيءُ ۽ ماءُ پنهنجي اولاد تي وڏو حق رکن ٿا پر ماءُ جي لاءِ پيءُ کان وڌيڪ تاڪيد ٿي آهي: وَوَصَّيْنَا الْإِنسَانَ بِوَالِدَيْهِ إِحْسَانًا حَمَلَتْهُ أُمُّهُ كُرْهًا وَوَضَعَتْهُ كُرْهًا وَحَمْلُهُ وَفِصَالُهُ ثَلَاثُونَ شَهْرًا (15)

انسان کي پنهنجي پيءُ ماءُ سان نيڪي جي تاڪيد ڪئي سين، ماءُ سندس وزن سختي سان برداشت ڪيو ۽ کيس سختي سان ڄڻيو، ۽ کير پيئڻ واري مدت سان گڏ سندس حمل جو مدو 30 مهينا آهي. اهل سنت جي روايتن ۾ به ماءُ جي باري ۾ گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي، پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم فرمايو: جيڪڏهن نفل نماز پڙهڻ ۾ مصروف هجين ۽ تنهنجو پيءُ تو کي سڏي ته کيس جواب نه ڏي پرجيڪڏهن تنهنجي امڙ تو کي سڏي ته کيس جواب ڏي.

هن روايت منجهان ماءُ جي عظيم مقام ۽ سندس پٽ مٿان عظيم حق کي سمجهي سگهجي ٿو ته نماز جهڙي عظيم عبادت ٽوڙي به ماءُ کي جواب ڏجي.

ڳالھ جو ڳر هي ته گهڻين ئي روايتن ۾ ماءُ جو احترام ۽ ساڻس محبت ڪرڻ کي پيءُ جي احترام ۽ محبت تي ترجيح ڏني وئي آهي ۽ ماءُ جي پنهنجي پٽ لاءِ گهريل دعا به گهڻو ڪري قبول ٿيندي آهي، شايد انهن روايتن جو اشارو ماءُ جي پنهنجي اولاد سان ان شفقت ۽ پيار ڏانهن هجي جنهن جي بنياد تي پيءُ کان اڳ ماءُ خوش يا غمگين ٿيندي آهي ۽ پنهنجي ٻچڙن لاءِ دعا گهرندي آهي.

امام رضا عليه السلام فرمائن ٿا: اهو ڄاڻ ته سڀني کان وڌيڪ واجب ۽ ضروري حق ماءُ جو حق آهي ان ڪري جو حمل جي تڪليف کي خوشي سان قبول ڪندي آهي، جڏهن ته ڪنهن ۾ به اهڙو وزن سهڻ جي سگهه نه هوندي آهي ۽ پوءِ وري دل ۽ جان سان پنهنجي ٻار جي حفاظت ڪندي آهي ۽ خوشي سان پنهنجي ٻار کي سنڀالڻ لاءِ اهڙيون تڪليفون به سهندي آهي جيڪي ڪو ٻيو برداشت نه ٿو ڪري سگهي، خوشي سان بک تي رهندي آهي ته جيئن سندس ٻچڙو بک نه سهي، خوشي سان اڃ برداشت ڪندي آهي ته جيئن سندس ٻچڙو اڃارو نه رهي پاڻ مشڪلون ڪاٽيندي ته جيئن سندس ٻچڙو سٺو لباس پائي، اس تي ويهندي ته جيئن سندس ٻار مٿان ڇانو هجي، پوءِ ان سان نيڪي ۽ نرمي به ان جي قربانين جهڙي هجي، جيتوڻيڪ توهان خدا جي مدد کان سواءِ ان جي ڪنهن به حق کي ادا ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکو.

امام باقر عليه السلام کان به روايت ٿي آهي ته مولا فرمايو: حضرت موسى عليه السلام خدا کي عرض ڪيو اي پروردگار! مون کي نصيحت ڪر. خدا کيس چيو: پنهنجي ماءُ سان نيڪي ڪر، حضرت موسى ٻيهر پنهنجو عرض دهرايو، خدا کيس چيو: پنهنجي ماءُ سان نيڪي ڪر، حضرت موسى ٽيون ڀيرو عرض ڪيو مون کي نصيحت ڪر وري به ساڳيو جواب مليس، وري ساڳيو عرض ورجايائين ته خدا کيس چيو: پيءُ سان نيڪي ڪر.

ان روايت مان پتو پوي ٿو ته ماءُ جو مقام ڪيترائي ڀيرا پيءُ جي مقام کان مٿانهون آهي ۽ اسلام ماءُ جي عنوان سان عورت جي عظيم مقام جي تاڪيد ڪئي آهي، جنهن کان ڪيترائي عورتن جي حقن جا نعرا هڻندڙ بي خبر آهن، ايستائين جو ڪجهه جڳهن تي انهن، اهو چئي ڪري ته ٻار وارين عورتن جو شان گهٽ آهي، عورتن جي ان مرتبي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ۽ مقابلي ۾ انهن عورتن کي ساراهيو آهي جيڪي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ خاطر اولاد ۽ ماءُ هجڻ کان دوري اختيار ڪنديون آهن.

 

1_ معاشري جي ڏکايل عورتن جي حمايت

پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم، امام علي عليه السلام ۽ ٻين امامن جي سيرت ۾ جهاتي پائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن معاشري جي ڏکايل عورتن، خاص ڪري پوڙهين، بيواهن ۽ ظلم جو شڪار ٿيندڙ عورتن جا ڏک ڏولائا ختم ڪرڻ کي وڏي اهميت ڏني آهي ۽ ان باري ۾ گهڻا ئي قصا نقل ٿيا آهن.

پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم ان باري ۾ فرمائن ٿا: جيڪو ماڻهو ڪنهن بيواهه عورت يا يتيم ٻار جي ڪم لاءِ ڪوشش ڪري اهو خدا جي راهه ۾ جهاد ڪندڙ، تهجد جي نماز پڙهندڙ يا ڏينهن جو روزا رکندڙن جهڙو آهي.

امام باقر عليه السلام به ان باري ۾ هڪ روايت نقل ڪن ٿا ته: هڪ ڏينهن وچ اونهاري واري موسم ۾ حضرت علي عليه السلام پنهنجي گهر ويٺا هئا جو وٽس هڪ عورت آئي ۽ چيائين: منهنجو مڙس مون تي ظلم ڪري ٿو ، مون کي ڊيڄاري ٿو، منهنجا حق ادا نه ٿو ڪري ۽ هاڻي مون تي تشدد ڪرڻ جو قسم کنيو اٿس. مولا کيس فرمايو: خدا جي ٻانهي ڪجهه صبر ڪر جيئن ٿورو ڏينهن ٺري ۽ گرمي گهٽ ٿئي ته تو سان گڏ هلان ۽ تنهنجي مڙس سان ڳالهايان، عورت وراڻيو: ان وقت تائين ته منهنجي مڙس جي مون تي ڪاوڙ وڌي ويندي، مولا ٿورو سوچيو ۽ فرمايو: خدا جو قسم آهي بنا ڪنهن ڍرائيءَ جي مظلوم جو حق موٽائيندس، تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟ پوءِ ساڻس گڏجي سندس گهر ڏانهن روانو ٿيو، دروازي تي پهچي مولا سلام ورايو، هڪ جوان گهر کان ٻاهر نڪتو، مولا کيس فرمايو: اي الله جا ٻانها الله کان ڊڄ ۽ تقوى اختيار ڪر! ڇا لاءِ پنهنجي گهر واري کي ڊيڄاري گهران ڪڍيو اٿئي؟ اهو جوان مولا سان تيز ٿي ويو، ان وقت ڪجهه ماڻهن جو اتان گذر ٿيو ۽ مولا تي سلام ورايائون ۽ چيائون: السلام عليک يا اميرالمومنين! اهو ٻڌي اهو جوان مولا جي قدمن تي ڪري پيو ۽ معافي گهرندي چوڻ لڳو: خدا جو قسم اڄ کان پوءِ ان جي پيرن جي مٽي(ان جو ٻانهو) ٿي رهندس. مولا ان عورت سان مخاطب ٿي فرمايو: اي خدا جي ٻانهي گهر ۾ اندر وڃ ۽ اڳتي مڙس کي ناراض نه ڪجانءِ.

ايستائين جو 19 رمضان جي رات ضربت لڳڻ کان پوءِ به اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام، عورتن جي (حقن جي) سفارش ڪئي ۽ فرمايو: اللّهَ، اللّهَ فِى النِّساءِ وَ ما مَلَکَتْ اَیْمانُکُمْ، فَإنَّ آخِرَ ما تَکَلَّمَ بِهِ نَبِیُّکُمْ أَنْ قَالَ: اُوصیکُم بِالضَّعیفَیْنِ؛ النِّساءِ وَ ما مَلَکَتْ اَیْمانُکُمْخدا واسطي، خدا واسطي، عورتن ۽ ٻانهن جو خيال رکجو، ان ڪري جو اوهان لاءِ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جي آخري نصيحت اها هئي ته: توهان کي عورتن ۽ ٻانهن جي سفارش ٿو ڪريان.

رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم کان حديث آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو: جبرائيل هميشه مون وٽ عورتن جي سفارش ڪندو هوايستائين جو آءُ گمان ڪندو هئس ته مڙسن لاءِ زالن کي اف چوڻ به جائز نه آهي، انهن سان ورتاءُ ۾ الله کان ڊڄو ان ڪري جو اهي خدائي عَهدن جي ڪري اوهان تي حلال ٿيون آهن ۽ خدائي امانت جي صورت ۾ اوهان جي گهرن ۾ رهن ٿيون، ان ڪري جو توهان جون زالون، توهان جي ٻچن جون مائون، توهان جون شريڪ حيات ۽ توهان جي ڪاميابي جو وسيلو آهن انهن جو توهان مٿان حق آهي انهن سان محبت ڪريو ۽ محبت سان انهن جون دليون کٽيو ته جيئن زندگيءَ گذارڻ ۾ توهان جو ساٿ ڏين، انهن سان دشمني نه ڪريو انهن کي تڪليف نه ڏيو ۽ کين جيڪا شيءَ مهر ۾ ڏني اٿو کائن زوري واپس نه وٺو فاشفعوا عليهن و طيبوا قلوبهن(16)  (آئين همسرداري،ص 9)

پاڻ سڳورا (ص) فرمائن ٿا: توهان جو ڀلو اولاد ڌيئاڻو اولاد آهي، ڀاڳ ڀري عورت اها آهي جيڪا پهرئين ڀيري نياڻي کي جنم ڏئي، جنهن کي به ٽي ڌيئون يا ٽي ڀيڻون هجن ۽ انهن جي تربيت ڪري ته مٿس جنت واجب آهي.

روايت جي ڪتابن ۾ اهڙي قسم جي روايتن جي ڪثرت آهي، ائمه معصومين عليهم السلام، پنهنجي پوري زندگي عورتن سان سهڻو ۽ ڪريماڻو سلوڪ ڪرڻ سان گڏ مظلوم عورتن جي حمايت ڪرڻ ۽ انهن جا حق موٽرائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي عورتن بابت سفارشون ۽ حديثون اتي ختم نه ٿيون ٿين بلڪه ايتري حد تائين آهن جو عظيم حديث شناس ۽ ائمه جي دور جي بلڪل ويجهو زندگي ڪندڙ شيخ صدوق، عورتن سان نيڪي ۽ محبت ڪرڻ کي شيعه هجڻ جي نشاني طور بيان ٿو ڪري،شيعن جي خوبين ۽ معيار کي بيان ڪندي چئي ٿو:وَ مِن شَرائِطِ الامامِیّةِ... الْیَقینُ،... وَ اَداءُ الامانَةِ إلَى الْبَرِّ وَ الْفاجِرِ وَ... الاحْسانُ إِلَى النِّساءِشيعو هجڻ جي شرطن ۽ خوبين منجهان، يقين، نيڪ توڙي بري جي امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ ۽...عورتن سان نيڪي ڪرڻ آهي.

اسلام عورت کي پنهنجي جاءِ تي تمام عزت وارو ۽ محترم ليکي ٿو ۽ ان لاءِ جيڪي حڪم بيان ڪيا اٿس اهي سندس روحاني ۽ جسماني خاصيتن مطابق آهن جڏهن ته اڄڪلهه جا مڪتب فڪر ڌوڪيبازين تي مشتمل پروگرامن سان، عورتن جي آزادي جي نعري سان ۽ مرد ۽ عورت جا حق برابر آهن جي ڳالهه ڪري، عورتن کي آزادي جي نالي سان ٺهيل پڃري ۾ بند ڪري پنهنجا پليد سياسي ۽ اقتصادي مقصد حاصل ڪري رهيا آهن.

حوالا

1. وسائل الشيعه، ج21، ص 363

2. سورت نساء، آيت 19

3. سورت بقره، آيت 231

4. سورت بقره، آيت 233

5. مستدرڪ الوسائل، ج14، ص255

6. نهج الفصاحه، ص38

7. وسائل الشيعه، ج14، ص11

8. مجموعه رسائل، ج2، ص174

9. ڪنز العمال، ح49399

10. بحارالانوار، ج13، ص311

11. بحارالانوار، ج22، ص236

12. ڪنز العمال. ح45346

13. وسائل الشيعه، ج21، ص365

14. سوره بقره آيت 83

15. سورت احقاف، آيت 15

16. آئين همسرداري ص 9

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید