اڱارو, 23 جولاءِ 2019

ربيع الاول مهيني جون مناسبتون

  • انداز قلم

پهرين ربيع الاول: رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي سن پهرين هجري ۾ مڪي کان مديني جي طرف هجرت ڪرڻ ۽ قمري هجري جي پهرين سال ۾ ليلة المبيت وارو واقعو ۽ هن آيت جو

تاريخ اسلام

(وَ مِنَ النّاسِ مَنْ يَشْري نَفْسَهُ ابْتِغاءَ مَرْضاتِ اللّهِ، وَ اللّهُ رَئوُفٌ بِالْعِباد) (1) ، متقين جي امام، امام امير علي بن ابي طالب عليه السلام جي لاءِ نازل ٿيڻ.

( هي واقعو ڪجهه هن ريت آهي ته : بعثت جي تيرنهن سال مدينه منوره جا ڪجهه ماڻهو مڪي پاڪ ۾ رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  جي بيعت ڪيائون ۽ اهو معاهدو ڪيائون ته پاڻ سڳورا  صلي الله عليه وآله وسلم  مديني منوره ڏي هجرت ڪن ته جيئن هر ڪو پنهنجي مال، عزت ۽ جان جي حفاظت ڪندو آهي ائين هي مديني جا رهاڪو حضرت  صلي الله عليه وآله وسلم  ۽ ان جي ساٿين جي حفاظت لاءِ پاڻ پتوڙيندا، جڏهن مديني وارا مڪي کان واپس مديني لاءِ موٽيا ته مڪي جا قريش ڪافر انهي معاهدي کان با خبر ٿيا ته انهن جو ساڙ اڃان رسول  صلي الله عليه وآله وسلم  جي نسبت وڌي ويو ۽ انهن هر قبيلي مان هڪ هڪ دلير مرد کي چونڊيائون، ان لاءِ ته هي گڏجي ڪري (نعوذ بالله) پيغمبر  صلي الله عليه وآله وسلم  کي قتل ڪن ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  جو خون سڀني قبيلن ۾ وراهجي وڃي ان ڪري ته رسول  صلي الله عليه وآله وسلم  جو قبيلو سڀني قبيلن سان وڙهي نه سگهندو. اهي سڀ جا سڀ پهرين ربيع الاول جي رات رسول پاڪ  صلي الله عليه وآله وسلم  جي گهر ٻاهريان جمع ٿيا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيائون ته جيئن ئي رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  بستري تي سُمهن ته اتي ئي ڪم کي پورو ڪنداسين، انهي منصوبي جي خبر خداوند متعال پنهنجي پياري نبي صلي الله عليه وآله وسلم کي ڏني ۽ هيءَ آيت به پاڻ سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم  تي نازل فرمايائون: اذ يمكر بك الذين كفروا ليُثبتوك او يقتلوك او يُخرجوك و يمكرون و يمكر اللّه و اللّه خير الماكرين (2)  ۽ اهو حڪم ٿيو ته اميرالمؤمنين کي پنهنجي جڳهه تي سمهاري پاڻ مديني جي پاسي نڪري وڃن، جڏهن اهو امر رسول خدا  صلي الله عليه وآله وسلم ، پنهنجي سؤٽ اميرالمؤمنين عليه السلام کي ٻڌايو ته علي عليه السلام هڪ سوال ڪيو ته ڇا منهنجي سمهڻ سان اوهان جي جان بچي پوندي ؟ ته : پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جن فرمايو ها، ته انهي محل اميرالمؤمنين فرمايو: الحمد الله الذى جعل نفسى وقاء لنفس رسول اللّه “سڀ تعريفون الله پاڪ جون جنهن منهنجي جان کي سندس رسول صلي الله عليه وآله وسلم  جي جان لاءِ ڍال بڻايو” ۽ شڪر جو سجدو انجام ڏنائين.

توابين جو ڪوفي ۾ سن 65 هجري قمري ۾ قيام ڪرڻ جنهن جي سرواڻي سليمان بن صرد خزائي پئي ڪئي.

سن 260 هجري قمري ۾ امام حسن عسڪري عليه السلام جي شهادت،  شيخ طوسي ۽ ڪفعمي جي روايت مطابق.

سن 36 هجري قمري ۾معاويه جو امام علي عليه السلام ڏانهن خط لکڻ.

سن 64 هجري قمري ۾مسوّر بن مخرمه جو خانه ڪعبه ۾ مارجڻ.

ٻي ربيع الاول:

سن 1260 هجري قمري ۾ برک عالم سيد محمد باقر شفتي جي وفات.

ٽي ربيع الاول:

سن 315 هجري قمري ۾ محمد بن احمد بن موسى مبرقع جي قم شريف ۾ وفات ٿي.

سن 64 هجري قمري ۾ حصين بن نمير يزيد جي حڪم سان مڪي مڪرمه جو محاصرو ڪيو ۽ ڪعبه الله شريف کي باهه ڏني. ( هي واقعو ڪجهه هن ريت آهي جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ به گهڻو محفوظ ٿيل آهي ۽ هن تاريخ جو انڪار به ڪير نٿو ڪري سگهي، ڇو جو انهي واقعي کي اهل سنت جي عالمن به پنهنجن معتبر ڪتابن ۾ نقل ڪيو آهي، مثال جي طور تي طبري پنهنجي “تاريخ طبري” ۾ ۽ ابن اثير “الڪامل” ۾ ان واقع کي لکيو آهي. هن واقعي کي تاريخ جي ڪتابن ۾ هن طرح آندو ويو آهي ته: سن 61 هجري ۾ ڪربلا جي واقعي کان پوءِ ڪجهه قيام بنو اميه جي حڪومت ۽ خاص ڪري يزيد بن معاويه جي خلاف، اسلامي دنيا ۾ ظاهر ٿيا. انهن قيامن مان ڪجهه جو مقصد امام حسين عليه السلام جي خون جو بدلو هو ته ڪجهه وري پنهنجي ٻين مقصدن تحت قيام پئي ڪيا. انهن قيامن منجهان هڪ مديني شريف جي ماڻهن جو قيام هو.

حصين بن نمير ۽ عبدالله بن زبير جي سپاهين جي درميان پهريان لڙائي مڪي شريف جي ٻاهران ٿي، پر جڏهن ابن زبير جا گهڻا سپاهي قتل ٿيڻ لڳا ته مڪي شهر ۾ پناهه ورتائون، حصين بن نمير ٻن مهينن تائين مڪي شهر جو ڪڙو چاڙهيو ويٺو هو ۽ هن انهي ڏينهن يعني ٽي ربيع الاول واري ڏينهن ڪعبة الله تي باهه ۽ پٿرن سان حملو ڪيو، هن جو ڪڙو اڃان جاري هو ته اوچتو يزيد جي مرڻ جي خبر هن کي پئي ته هن اهو محاصرو ٽوڙيو جيڪو سن 64 هجري قمري ۾ هو.(3)

سن 1288 هجري قمري ۾ آيت الله آقا محمد ڪبير جي وفات، جيڪو قبرستان شيخان قم ۾ دفن ٿيل آهي.

چوٿين ربيع الاول:

پهرين سن هجري قمري ۾ حضرت محمد مصطفى  صلي الله عليه وآله وسلم  جن غار ثور مان مديني منوره ڏانهن روانا ٿيا. ٽي ڏينهن رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  ان غار ۾ هئا ۽ ان ڏينهن جي رات اميرالمؤمنين ؑ  عبدالله بن اريقط سان اٺ موڪليا جنهن تي سوار ٿي مديني ڏي روانا ٿيا، پر نبي اڪرم روئڻ هارڪو ٿي ڪري ڪعبي کي مخاطب ٿيو ۽ فرمايائين : اي خدا جا حرم توکي خبر آهي ته مونکي تنهنجا رهاڪو ٻاهر نه ڪن ها ته مان ڪڏهن به توکي نه ڇڏيان ها.

سن 1186 هجري قمري ۾ عظيم محدث شيخ يوسف بحراني صاحب “ الحدائق الناضره” جن جي وفات ٿي.

پنجين ربيع الاول:

سن 117 هجري قمري ۾ سائڻ سڪينه بنت حسين عليه السلام جي شهادت ٿي.

سائڻ زهرا سلام الله عليها جي رسول خدا  صلي الله عليه وآله وسلم  جي زيارت ڪرڻ.

ڇهين ربيع الاول:

سن 640 هجري قمري ۾ جلال الدين محمد رومي بلخي جي ولادت، جيڪو “مولوي ”  جي لقب سان مشهور هو.

ستين ربيع الاول:

سن 11 هجري قمري ۾ حضرت محسن بن علي عليه السلام جي ماءُ جي شڪم اطهر ۾ شهيد ٿيڻ.

اٺين ربيع الاول:

سن 260 هجري قمري ۾ امام حسن عسڪري عليه السلام جو شهيد ٿيڻ. امام عليه السلام جي شهادت ان زهر ذريعي ٿي جيڪو معتمد بالله عباسي ڏنو هو، ان وقت هن مظلوم امام جي عمر مبارڪ صرف اٺاويهه سال هئي. امام عليه السلام جي والده جو نالو حديثه هو ۽ سندس اولاد ۾ اڪيلو پٽ جيڪوامام عليه السلام جي شهادت کان پوءِ اهو امامت جو مرتبو ان اڪيلي پٽ (امام زمانه عجله الشريف) کي نصيب ٿيو، جيڪو ان وقت کان خدا جي حڪم سان اسان جي اکين کان لڪيل آهي ۽ اڃان تائين پردي غيب ۾ آهن .

سن 965 يا 966 هجري قمري ۾ شهيد ثاني شيخ زين العابدين جو شهيد ٿيڻ. هن عظيم شهيد جا لکيل ڪتاب 83 ٻڌايا وڃن ٿا، جنهن مان مشهور، الروضة البهيّه - روض الجنان - شرح الفيّه ، مسالڪ الافهام شرح بسمله - اسرار الصّلوة - تمهيد القواعد – ڪشف الرّيبه - منية المريد – مناسڪ حجّ وغيره آهن.

شرح لمعه هن شهيد جي آخري لکيل ڪتاب آهي جنهن کي هن ڇهه مهينا ڇهه ڏينهن جي ٿورڙي عرصي ۾ هڪ بهترين نموني سان لکيو.

سن 984 هجري قمري ۾ برک عالم شيخ حسين بن عبدالصمد عاملي شيخ بهائي جي پيءُ جو فوت ٿيڻ.

نائين ربيع الاول:

سن 260 هجري قمري ۾ امام زمانه حضرت ولي عصر ارواحنا فداه جي ظاهري امامت جو آغاز ٿيڻ.

عمر بن خطاب جو سن 23 هجري قمري ۾ مارجي وڃڻ يا عمر بن سعد جو سن 66 هجري قمري ۾ مارجي وڃڻ، سنين وٽ اهو مشهور آهي ته محرم جي پهرين يا ذي الحج جي آخر ۾ مارجي ويو پر سنين جي وڏي عالم محمد بن طبري چوي ٿو ته: المقتل الثانى يوم التاسع من شهر ربيع الاول ۽ صاحب جواهر شيعه عالمن منجهان پڻ ان قول کي ترجيح ڏني آهي.

سن 125 هجري قمري ۾ هشام بن عبد الملڪ جو هلاڪ ٿيڻ.

سن 812 ۾ مسجد گوهر شاد جي بناوٽ جو ڪم شروع ٿيڻ. ( جيڪا حرم امام رضا ۾ واقع آهي.) گوهر شاد، ميرزا سلطان شاهرخ جي گهر واري هئي.

ڏهين ربيع الاول:

حضرت لوط عليه السلام 82 سال جي عمر ۾وفات ڪيائون ۽ پاڻ اردن جي سرزمين تي هدايت ڪندا هئا ۽ ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ مشغول هوندا هئا.

سن اَٺ عام الفيل ۾ حضرت عبدالمطلب جن جي رحلت، جيڪو نبي اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  جو ڏاڏو هو. هن حضرت محمد  صلي الله عليه وآله وسلم  کي بيبي آمنه (س) جي وفات کان  پوءِ سنڀاليو هو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  اٺن سالن جي ڄمار تائين، هن جي هنج ۾تربيت حاصل ڪئي هئي ۽ هن جي وفات کان پوءِ پاڻ سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم  کي پنهنجي پياري چاچي حضرت ابوطالب  عليه السلام جن سنڀاليو ۽ خاص خيال رکيو هو.

سن 25 عام الفيل ۾ حضرت محمد مصطفى  صلي الله عليه وآله وسلم  جي شادي بيبي خديجة الڪبرى سلام الله عليها سان ڪرڻ، جنهن کي ملڪة العرب سان ڪوٺيو ويندو هو. ان موقعي تي پيغمبر اڪرم 25 سالن جا هئا ۽ مشهور قول مطابق بيبي خديجه 40 سالن هئي. پر صحيح قول مطابق بيبيِءَ جي عمر 28 سال هئي. هن ڏينهن تي بنو اميه وارن جي خلافت جو آغاز پهرين خليفه ابوبڪر کان شروع ٿيو.

يارنهن ربيع الاول:

سن 1354 هجري قمري ۾ آيت الله سيد حسن جو فوت ٿيڻ.

ٻارهين ربيع الاول:

اهل سنت جي روايت مطابق ميلاد مسعود پيغمبر اعظم حضرت محمد مصطفى  صلي الله عليه وآله وسلم  ۽ وحدت جي هفتي جو آغاز.

سن پهرين هجري ۾ رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  جو مديني منوره ۾ داخل ٿيڻ. مديني پاڪ جا رهاڪو خوشي جي حالت ۾ رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  جي استقبال ۾آيا ۽ پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم  اڳين نماز جي وقت مديني ۾ پهتا ته اتي جي ماڻهن رسول اڪرم (ص) جي سواري جي مهار کي پڪڙيو ۽ هيٺ اچڻ جو عرض ڪيائون پر پاڻ سڳوري  صلي الله عليه وآله وسلم  جن فرمايو ته: هن(ڏاچيءَ) کي ڇڏي ڏيو هي ڪنهنجي به دروازي تي ويهي سگهي ٿي ۽ جنهن جي به در تي ويٺي ته مان ان جو ئي مهمان بڻجندس، ايستائين جو ابو ايوب انصاري جي گهر جي دروازي تي ويٺي ۽ اهو شخص مديني وارن مان سڀني کان وڌيڪ مسڪين ۽ غريب هو ۽ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم  هن جي گهر آيو.

سن 66 هجري قمري ۾ مختيار ثقفي جو ڪوفي ۾ قيام ڪرڻ.

سن 132 هجري قمري ۾ هن ڏينهن تي بنو اميه وارن جي حڪومت پنهنجي پڄاڻي تي پهتي، اها همت ابومسلم مروزي صالح بن علي بن عبدالله بن عباس بن عبدالمطلب جن ڪئي جنهن بنو اميه جي چوڏهين 14 خليفي مروان حمار کي مصر جي هڪ ڳوٺ ۾ قتل ڪري انهن جي دور جو خاتمو ڪيو ۽ 91سال ٻه ڏينهن جيڪي هڪ هزار ٻيانوي مهينا ۽ ٻه ڏينهن ٿين ٿا تنهن دور ۾ چوڏنهن بنو اميه جا خليفا ٿي گذريا.

سن 1161 هجري قمري ۾، برک عالم سيد علي ،ڪتاب رياض المسائل جي ليکڪ جو هن دنيا تي اک کولڻ .

 

تيرهين ربيع الاول:

سن 1418 هجري قمري ۾ آيت الله بهاء الديني جو فوت ٿيڻ.

چوڏهين ربيع الاول:

سن 64 هجري قمري ۾ يزيد بن معاويه جو هلاڪ ٿيڻ. هن جي ماء جو نالو ميسون هو ۽ هي 38 سالن جي عمر ۾ هلاڪ ٿيو ۽ هن ٽي سال نوَ مهينا حڪومت ڪئي ۽ هن ٽي بدترين ڪم انجام ڏنا.

خلافت جي پهرين سال ڪربلا جي ميدان تي امام حسين عليه السلام ۽ هن جي صحابين کي شهيد ڪرائڻ، هي واقعو ڏهه محرم تي پيش آيو.

خلافت جي ٽي سال ۾ 28 ذوالحج تي واقعه حره کي انجام ڏنو جيڪو مديني پاڪ جي ماڻهن جو قتل عام ڪرائڻ هو.

خلافت جي ٽي سال مڪي پاڪ جو ڪڙو چاڙهڻ ۽ ڪعبة الله تي باهه ۽ پٿرن سان حملو ڪرائڻ.

بنو عباس وارن جي حڪومت جو آغاز ٿيڻ. جنهن جو پهريون خليفو ابو العباس عبدالله بن سفاح هو ۽ انهن جي حڪومت سن 656 هجري قمري تائين جاري رهي ۽ انهن جو آخري خليفو ابو احمد مستعصم بالله هو جيڪو 37 ستٽيهين نمبر تي هو.

پندرهين ربيع الاول:

سن ٻه هجري قمري ۾ سريّه حمزة بن عبد المطلب عليهما السلام واري لڙائي ٿيڻ.

سن 64 هجري قمري ۾ يزيد بن معاويه لعنة الله جي هلاڪت.

سن 329 هجري قمري ۾ احمد بن مقتدر (جيڪو الراضي بالله جي نالي سان مشهور هو ۽ عباسين منجهان ويهون خليفو هو.) جو هلاڪ ٿيڻ .

سورهين ربيع الاول:

سن 1071 هجري قمري ۾ آيت الله فاضل توني جي وفات، جيڪو صاحب ڪتاب “وافيه” هو.

سن 1366 هجري قمري ۾ سيد حسين قمي جي وفات.

سن 1391 هجري قمري ۾ ميرزا احمد مدرس يزدي جو فوت ٿيڻ.

سترهين ربيع الاول:

سن پهرين عام الفيل تي فجر جي وقت، ولادت باسعادت پيغمبر اڪرم حضرت محمد مصطفى  صلي الله عليه وآله وسلم  .

۽ سن 83 هجري قمري تي ولادت با سعادت شيعت جي سرواڻ حضرت امام جعفر صادق عليه السلام

ارڙهين ربيع الاول:

قوم نمرود جو هلاڪ ٿيڻ

سن 1009 هجري قمري ۾ آيت الله فاضل متبحرسيد شمس الدين محمد بن علي طباطبائي عاملي  ڪتاب مدارڪ الاحڪام جي ليکڪ، جو 62 ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿيڻ، هي عالم شهيد ثاني جو ڀاڻيجو ۽ هن ڇهن ڪتابن جي تاليف ڪئي هيائين: حاشيه استبصار-حاشيه الفيّه- حاشيه تهذيب - حاشيه روضه البهيّه - شرح مختصر النافع - مدارڪالاحڪام .

اوڻيهين ربيع الاول:

حضرت داود عليه السلام جي جالوت سان لڙائي.

 آيت الله ذبيح الله محلاتي جو فوت ٿيڻ، جيڪو رياحين الشريعه جو ليکڪ هو.

ويهين ربيع الاول:

سن 329 هجري قمري ۾، متقي عباسي جي خلافت جو آغاز ٿيڻ.

ايڪويهين ربيع الاول:

قوم لوط جو هلاڪ ٿيڻ.

سن 1313 هجري قمري ۾ آيت الله ملا محمد باقر واعظ تهراني جيڪو ڪتاب خصائص فاطميه جو مصنف آهي،ان جو فوت ٿيڻ.

ٻاويهين ربيع الاول:

هن ڏينهن تي حضرت نوح عليه السلام واري طوفان جو ظاهر ٿيڻ.

 سن 4 هجري قمري ۾ غزوه بني نظير واري لڙائي ٿيڻ.

مديني منوره جي يهودين کي مديني مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ فدڪ جو سائڻ صديقه طاهره سلام الله عليها کي رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  طرفان عطا ڪرڻ.

ٽيويهين ربيع الاول:

سن 210 هجري قمري ۾ حضرت فاطمه معصومه سلام الله جو قم شريف ۾ تشريف فرما ٿيڻ .

سن 1410هجري قمري ۾ آيت الله ميرزا جواد آقا تهراني جو فوت ٿيڻ.

چويهين ربيع الاول:

سن 413 هجري قمري ۾ قيمتي (نفيس ترين) قرآن جو چسٽر بيٽي آئرلينڊ واري لائبريري ۾ قرار ڏيڻ.

پنجويهين ربيع الاول:

سن پنج هجري قمري ۾ لڙائي غزوه دومة الجندل جو واقع ٿيڻ.

سن 436 هجري قمري ۾ 81 سال جي ڄمار ۾ برک عالم سيد مرتضى علم الهدى جو فوت ٿيڻ.

ڇويهين ربيع الاول:

سن 41 هجري قمري ۾ امام حسن عليه السلام جو معاويه سان صلح ڪرڻ.

ستاويهين ربيع الاول:

سن 1390 هجري قمري ۾ آيت الله سيد محسن الحڪيم جو فوت ٿيڻ.

اٺاويهين ربيع الاول:

سن 31 هجري قمري م سلسله ساساني جو منقرض ٿيڻ. ( يعني ايران جي ملڪ تي اسلام جي فتح ٿيڻ جيڪو پراڻو شهنشاهي نظام هو اهو ختم ٿيو ۽ مذهب اسلام جي فتح کان پوءِ اسلام جا حڪم ۽ ان جون رسمون رواج شروع ٿيا.)

اوڻٽيهين ربيع الاول:

سن 36 هجري قمري ۾، امير المؤمنين علي عليه السلام جو جنگ جمل جي لاءِ نڪرڻ.

سن 1366 هجري قمري ۾ دار التقريب بين المذاهب الاسلاميه جو قاهره ۾ بنياد رکڻ.

سن 1410 هجري قمري ۾ آيت الله حاج حسين شاهرودي جو فوت ٿيڻ.

حوالا

(1) سورت بقره، آيت  207

(2) سوره  انفال، آيت 30

(3) هن واقع کان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين ڪتابن ڏانهن رجوع ڪيو وڃي.

تاريخ طبري،فارسي ترجمو ابوالقاسم پاينده،ج 7 صفحا 3121-3117.

ڪامل ابن اثير،فارسي ترجمو عباس خليلي،ج 3،صفحا 260-258.

تاريخ سياسي اسلام دکترحسن ابراهيم حسن،فارسي ترجمو ابوالقاسم پاينده،صفحا 354-352.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید