سومر, 16 سيپٽمبر 2019

نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي گهڻين شادين ڪرڻ جا راز

  • انداز قلم

 مهاڳ:ڪجھ عيسائي ۽ يهودي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھڻين شادين ڪرڻ جي راز ۽ فلسفي کي سمجھي نٿا سگھن تنهنڪري هو نبي صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھڻين شادين ڪرڻ جي مادي ۽ شهواني تفسير ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته هو

تاريخ اسلام

پنهنجي مسيحي ذهنيت ۽ سوچ سان شادي ڪرڻ کي معنويت ۽ روحاني سفر جي خلاف سمجھن ٿا. ان ڪري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي شادين تي به اها نگاهه ڪئي اٿن. مسيحين جي نبي حضرت عيسيٰ عليه السلام  هرگز شادي نه ڪئي ان ذهنيت سان هو سوچين ٿا ته نبي يا هر مقدس ماڻهو بغير شاديءَ جي هجڻ گھرجي. مسيحين جا مذهبي  اڳواڻ (پادري) ۽ راهب انهيءَ ذهنيت جي ڪري شادي نه ڪندا آهن ۽ پنهنجي نبيءَ سان شباهت حاصل خاطر گھڻو ڪري بغير گهرواريءَ جي چرچ ۾ رات گذارين ٿا. راهبه عورتون بغير مڙس جي عمر گذارين ٿيون ڇاڪاڻ ته بيبي مريمعليها السلام  ۽ سندس پٽ حضرت عيسي عليه السلام  بغير شاديءَ جي هئا. (1) رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھڻين شادين ڪرڻ جا ڪجھ الاهي راز، حڪمتون، سبب ۽ مقصد هئا جن مان ڪجھ کي هن مقالي ۾ ذڪر ڪريون ٿا.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي شادين بابت ڪجھه اهم نڪتا

 رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھڻين شادين جي صحيح تحليل ڪرڻ لاءِ ڪجھ شين جي طرف توجهه ڪرڻ ضروري آهي:

1. گذريل واقعن جي صحيح تفسير خاطر، ان زماني جي حالتن ۽ مڪان کي ڄاڻڻ ضروري آهي.

21 صدي جي ذهنيت سان ان زماني جي حالتن کي نظر ۾ رکڻ کان بغير ان جي تحليل نٿي ڪري سگھجي. مثال جي طور تي رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي دور ۾ شهري ماڻهو پنهنجي اولاد جي تربيت لاءِ انهن کي ڳوٺن ڏانهن اماڻيندا هئا. جيڪڏهن هن زماني جي ذهنيت سان ان شيءِ کي ڏسون ته ان ڪم کي غلط چوڻ گھرجي. جڏهن ته جيڪڏهن اُن زماني جي حالتن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته انهن جو اهو ڪم  واکاڻ جي لائق آهي.  رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھڻين شادين جي لاءِ به ان زماني ۾ عورت جي مقام جي ڄاڻ ۽ ان معاشري ۾ گھڻين شادين جي مسئلي جي ضرورت، ۽ ان زماني جو ڄاڻڻ ضروري آهي.

تاريخ گواهي ڏئي رهي آهي ته: گھڻيون شاديون ڪرڻ ان زماني جي ضرورت هئي ۽ هڪ اخلاقي ڪم هو ۽ مختلف قبيلن سان ناتي ۽ ڳانڍاپي جي اهم واٽ  ليکي ويندي هئي.

2. اسلام ، عيسائيت جي برخلاف شادي ڪرڻ کي هڪ قسم جي عبادت ڄاڻي ٿو ۽ رهبانيت ، ڪنوارپ ۽ ڇڙي هجڻ جي مخالف آهي. جيئن حديث ۾ آهي mشرار موتيکم العُذابn. توهان مان شرير اهو آهي جيڪو ڇڙو مري وڃي.

3. ٽيون مسئلو هي ته بيمارين، جنگين ۽ طلاق وغيره جي مسئلي جي ڪري مردن کي عورتن کان وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو. انهن حالتن ۾ اسلام رُهبانيت ۽ ڇڙواڳيءَ جي برخلاف گھڻين شادين ڪرڻ جي راءِ ۽ رٿ پيش ڪئي آهي، ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  اسلام جي آئيڊيل جي عنوان سان ان کي عملي جامو پهرايو آهي.

4. رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  جوانيءَ (25 سال) کان 51 سال جي ڄمار تائين فقط هڪ زوجه سان جيڪا پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  کان ڪجھ سال وڏي هئي زندگي گذاري هئي . جنهن سال ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھرواري، بيبي خديجهعليها السلام  هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي ان سال کي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  m عام الحزنn ڪوٺيو . جيڪڏهن نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  شهوت بازي جي مسئلن جي ڪري گھڻيون شاديون ڪيون هجن ها ته پوءِ جواني ۾ ائين ڪن ها.

5. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  ڏهه سال جيڪي مديني ۾ هئا، جنهن سال ۾ گھڻيون شاديون ڪيون آهن، قرآن ڪريم جي گواهي سان آڌي رات تائين يا رات جا ٻه حصا شب زنده داري ڪندا هئا ۽ پالڻهار جي عبادت ۾ رڌل هوندا هئا. ڪيترين ئي جنگين جي اڳواڻي ڪئي، حڪومت کي هلائڻ جي زميداري سندس ڪلهن تي هئي، ٻين مُلڪن ڏانهن سفير روانا ڪيا ۽ هڪ وڏي ثقافت جي ڍانچي جو بنياد رکيو ، اهڙي قسم جي شخص لاءِ(معاذ الله) ڪيئن ممڪن آهي ته نفس جي خواهش ۽ جنسي شهوت ۾ مبتلا هجي1؟

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي زماني جا ماڻهو سندس شادين کي خواهش جي پيروي ڪرڻ نه سمجھندا هئا جڏهن ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جا ان زماني ۾ گھڻائي دشمن ۽ مخالف هئا ان هوندي به اهو ناهي ٻڌو ويو ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي دشمنن ۽ مخالفن مان ڪنهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  تي اعتراض ڪيو هجي ۽ سندس گھڻين شادين کي ان جي آڏو اعتراض جي طور تي پيش ڪيو هجي . ان جاءِ تي نبي صلي الله عليه وآله وسلم  جي دشمنن جو اعتراض نه ڪرڻ ۽ انهن جو ماٺ ۾ رهڻ ان شيءِ جو گواهه آهي ته نبي صلي الله عليه وآله وسلم  جون شاديون شهوت خاطر نه هيون.

7. رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  جي عملن  جي تفسير ڪرڻ ۾ سندس معنوي ۽ قدسي شخصيت جو لحاظ ڪرڻ گھرجي . خاص ڪري سندن عصمت جي طرف توجھ ڪرڻ ضروري آهي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي عصمت عقلي دليلن ۽ آيتن جي لحاظ سان  تائيد ٿيل آهي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي عصمت تقاضا  ڪري ٿي ته سندس گھڻيون شاديون ڪرڻ هوس ۽ نفساني خواهش جي ڪري نه آهن .

نتيجو

جيڪو ڪجھ گذري ويو ان تي توجھ ڪندي خبر پوي ٿي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي گھڻين شادين ڪرڻ جا راز ۽ ڪارڻَ آهن جن تي توجھ ڪرڻ گھرجي.

هتي مختصر رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھروارين جي سوانح حيات ۽ ڪجھ راز انهن گھروارين کي منتخب ڪرڻ جا جيڪي تاريخي ڪتابن ذڪر ڪيا آهن نقل ڪريون ٿا ۽ اهو به ٻڏائيدا هلون ته تاريخي ڪتاب پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي سيرت ۽ زندگي جي ڪيترن ئي پهلوئن کي ذڪر ڪرڻ کان قاصر آهن بس جيڪو ڪجھ ذڪر ڪجي ٿو اهو ان باري ۾  ڪامل حقيقت ناهي. 

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھڻين شادين ڪرڻ جا رازَ ۽ هدفَ

جيڪو ڪجھ بيان ڪيو سين ان مان معلوم ٿي ويو ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  هوس خاطر گھڻيون شاديون نه ڪيون  بلڪه انهن  شادين جا رازَ ۽ مقدّس هدفَ هئا جن کي مختصر طور ذڪر ڪريون ٿا:

1. بيوه ۽ بي پناهه عورتن جي سرپرستي 

ڪجھ عورتون جن سان رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  شادي ڪئي ، پِهريَن مسلمانن منجھان هيون جيڪي پنهنجي مسلمان مڙسن سان گڏ قريش جي مشرڪن جي ظلم ۽ آزار ۽ اذيت کان حبشه جي طرف هجرت ڪري ويون هيون. انهن جا مڙس اتي لاڏاڻو ڪري ويا ۽ اهي اڪيليون ۽ بي پناهه رهجي ويون. ان جو مثال mسودهn ، mزمعهn جي نياڻي آهي. جنهن سان نبي ڪريم بيبي خديجهعليها السلام  جي وفات کان پوءِ شادي ڪئي (2) سوده جو مڙس mسڪران بن عمروn هو . ٻَئِي زال مڙس اسلام جي  شروعات ۾ ئي اسلام جي طرف مائل ٿيا (اسلام قبول ڪيو) ۽ قريش جي آزار ۽ اذيت کان نجات خاطر  حبشه جي طرف هجرت ڪري ويا سڪران حبشه ۾ انتقال ڪري ويو ۽ سوده سرپست جي بغير ٿي وئي ۽ مجبوريءَ ۾ مڪي موٽي آئي ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  وٽ اچي پناهه ورتي رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  ان سان شادي ڪئي.(3)

جيڪڏهن رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  انهن کي قبول نه ڪن ها  ۽ انهن جي سرپرستي قبول نه ڪن ها ته هوءَ مجبوريءَ ۾ پنهنجي مشرڪ مائٽن مٽن جي طرف موٽي وڃي ها ۽ اُهي کيس مجبور ڪن ها ته اسلام تان هٿ کڻي ۽ انهن جي شرڪ جي طرف موٽي اچي. جيڪڏهن سوده پنهنجي مائٽن مٽن جي ڳالهه نه مڃي ها ته مرڻ گھڻيءَ تائين انهن جي آزار ۽ اذيت جو شڪار بڻجي وڃي ها ۽ پنهنجي جان وڃائي ويهي ها ، ان صورت ۾ ٻيا مسلمان نبي  صلي الله عليه وآله وسلم  تي پنهنجو اعتماد ختم ڪري ڇڏين ها ۽ سندن رهبري تي اعتراض ٿئي ها ۽ اها خود رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم لاءِ شڪست هئي. 

اهڙي قسم جي عورتن جو ٻيو نمونو bام حبيبهv ابو سفيان جي ڌيءَ هئي ، هن پنهنجي مڙسb عبيد الله بن جحش v سان گڏ اسلام قبول ڪيو  ۽ حبشه ويا ته جيئن دشمنن (جن مان سندس پيءُ به هو) جي شر کان امن ۽ امان ۾ رهن (4) . عبيد الله سندس گھروارو حبشه جي مسيحين جي ماحول کان متاثر ٿي ڪري مسيحي ٿي ويو ۽ پوءِ اُتي ئي انتقال ڪري ويو bام حبيبهv پَرائي مُلڪ ۾ اڪيلي ٿي پئي. هوءَ مڪي ۾ پنهنجي پيءُ وٽ نه پئي موٽي سگھي، ڇاڪاڻ ته ابوسفيان خود مسلمانن کي اذيت ۽ آزار ڏيڻ وارن جو سرواڻ هو. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  ڪنهن کي حبشه موڪليو ۽ b ام حبيبهv کان رشتي جي گھر ڪئي هن به خوشيءَ سان قبوليو. سال ڇهه هجريءَ ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي شادي bام حبيبهv سان مديني ۾ ٿي. (5)

2. شهيدن جي گھروارين جي سرپرستي

اسلام شروعاتي جنگين ۾ هر هڪ جنگ ۾ ڪجھ مسلمان شهيد ٿيا. جيڪڏهن انهن جي گھروارين لاءِ ڪو به نه هوندو هو ۽ بغير سرپرست جي رهجي وينديون هيون ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  انهن کي پاڻ وٽ ڪٺو ڪري انهن جي سرپرستي ڪندا هئا ۽ انهن منجھان ڪجھ سان شادي پڻ ڪئي هئي.  شهيدن جي گھروارين جي سرپرستي هڪ الاهي ۽ اجتماعي ذميداري آهي جيڪا نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي ذمي تي هئي. شهيدن جي گھروارين منجھان جن کي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي زوجه منتخب ڪيو هڪ bام سلمهv آهي ،bام سلمهv b ابي اميهv جي رضائي ڌيءَ آهي سندس اصلي نالو هند هو ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  کان پهريان پنهنجي پڦاٽ b عبد الله ابي سلمهv سان ۽ پوءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي رضائي ڀاءُ سان شادي ڪئي هئي. انهن ٻنهي آغاز ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو ۽ حبشه هجرت ڪيائون پوءِ مديني هجرت ڪري آيا. جنگ احد ۾ ابي سلمه زخمي ٿي پيو بعد ۾ انهيءَ زخم جي سبب شهيد ٿي ويو.(6) mام سلمهn کي ڇو جو ڪو سرپرست نه هو ۽ وٽس ڪجھ يتيم هئا(7) ان ڪري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  ان سان سن چار هجريءَ ۾ شادي ڪئي.

2. ٻي mحفصهn عمر جي ڌيءَ هن ۽ سندس مڙس b خنيس بن خزافهv اسلام قبول ڪيو ، مشرڪن جي ظلم کان پهريان حبشه پوءِ مديني جي طرف هجرت ڪري آيا (8) سندس مڙس bخنيس v جنگ بدر ۾ شهيد ٿي ويو. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  ان سان شادي ڪئي ڇاڪاڻ ته هن جو ڪو سرپرست نه هو ۽ شهيد جي گھرواري به هئي.

3. ٽئين mزينبn bخزيمهv جي ڌيءَ به شهيد جي گھرواري هئي. b عبد الله بن حارث بن عبد المطلبv نبي صلي الله عليه وآله وسلم  جو سوٽ پهرين مسلمانن منجھان هو ۽ نبي صلي الله عليه وآله وسلم  جو مددگار هو، هن پنهنجي گھرواريءَ ساڻ حبشه هجرت ڪئي. عبد الله جنگ احد ۾ شهيد ٿي ويو. زينب جيڪا بي پناهه ٿي وئي هئي ان سان نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  عقد ڪيو ۽ نبي جي گھرواري بڻجي وئي.(9)

3. قبيلن جي سياسي ۽ اجتماعي حمايت حاصل ڪرڻ

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جون ڪجھ شاديون مصلحت خاطر هيون. وڏي قبيلي مان شادي ڪن پيا ته جيئن ان قبيلي جي حمايت اسلام جي دفاع ۽ پنهنجي دفاع لاءِحاصل ڪن. جيئن بيبي mميمونهn حارث بن حزن جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ ، جيڪو هڪ وڏي گھراڻي ۽ مڪي جي ڄاتل سڃاتل گھراڻي مان هو. بيبي ميمونه شروع ۾ b ابي رهم بن عبد العزيv جي زوجه هئي، سندس مڙس لاڏاڻو ڪري چڪو هو رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  صلح حديبيه واري سال کان پوءِ واري سال ۾  بيت الله جي زيارت ڪرڻ لاءِ مڪي ۾ داخل ٿيا . رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي چاچي حضرت عباس جيڪو مڪي ۾ رهيل هو ، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جن کي مصلحت خاطر مشهورو ڏنو ته ميمونه سان شادي ڪري. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  به قبول ڪيو ۽ هجرت جي ستين سال بيبي ميمونه سان عقد ڪيو. رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي بيبي ميمونه سان شادي ڪرڻ سبب بڻيو ته بيبي جو قبيلو ۽ خاندان اسلام قبول ڪري ۽ نبي سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم  جو دفاع ڪري ۽ اسلام جي قوي بڻجڻ جو سبب ٿئي . بيبي ميمونه سن 51 هجريءَ ۾ 80 سال جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي ۽ سَرَف، تنعيم جي ويجھو مڪي جي ڀر پاسي ۾ دفن ڪئي وئي.(10)

4. رابطن جي اصلاح

بيبيmصفيهn حيّ بن اخطب جي ڌيءَ  خيبر جي يهودين مان ۽ حضرت هارون ، موسى جي ڀاءُ جي نسل مان هئي، بيبي صفيه جو پيءُ حيّ بن اخطب بني قريظه جو وڏو ۽ سالار هو. صفيه جو پهريون مڙس سلام بن مشڪم ۽ ٻيو مڙس ڪنانه بن ربيع يهودي شاعر هو جيڪو جنگ خيبر ۾ قتل ٿي ويو واقدي پنهنجي ڪتاب مغازي ۾ لکي ٿو: جنگ خيبر ۾ صفيه ۽ سندس چاچي جي ڌيءَ اسير بڻيون مورخين لکن ٿا: نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  صفيه کي آزاد ڪيو ۽ سندس مهر جي مقدار سندس آزادي قرار ڏني پوءِ ساڻس شادي ڪئي. (11) ان شاديءَ سبب پهريون: صفيه جي روحي حالت ٺيڪ ٿي وئي ڇو ته وڏي ماڻهونءَ جي ڌيءَ ٿي ڪري اسيريءَ ۾ رهڻ ان لاءِ سخت هو.

ٻيو: بني قريظه جي دشمنيءَ  ۾ گھٽائي ٿي  ۽ انهن  ۾ نرمي آئي ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي ويجھو ٿيا(12) بيبي صفيه جا ڪجھ مائٽ به ان جي آزاد ٿيڻ جي ڪري آزاد ٿي ويا آخرڪار بيبي صفيه سن 50 يا 51 هجريءَ ۾ مديني ۾ انتقال ڪري ويون ۽ بقيع ۾ دفن ٿيون.(13)

5. گمراھ  عقيدن  ۽ خرافات کي ختم ڪرڻ

mزيد بن حارثهn رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جو پٽ سڏيل هو ۽ بني ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھر ۾ رهندو هو ، mزينبn mجحشn جي نياڻي جيڪا شروع وارن مسلمانن مان هئي پنهنجي سڏيل پٽ زيد جي نڪاح ۾ آندي اُهي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ نه ٺهي سگھيا ۽ زيد پنهنجي زوجه کي طلاق ڏئي ڇڏي. ان دور ۾ ماڻهو اهو سمجھندا ۽ گمان ڪندا هئا ته پنهنجي سڏيل ۽ ڪوٺيل پٽ جي گھرواريءَ سان شادي ڪرڻ سڳي پٽ جي گھرواريءَ سان شادي ڪرڻ وانگر جائز ناهي. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  زبنب سان شادي ڪئي ته جيئن ان غلط ۽ خرافي عقيدي سان جيڪو جاهليت جي دور  جو هو مقابلو ڪن ۽ ان جي غلط هجڻ جو اعلان ڪن.

 ان باري ۾ آيت نازل ٿي ۽ نبي ڪريم  صلي الله عليه وآله وسلم جي سڏيل پٽ جي گھرواريءَ سان شادي جي طرف اشارو ڪندي ان کي جائز  قرار ڏنو ۽ ان جي تائيد ڪئي:

6. تحفو ۽ هديو قبول ڪرڻ

روم جي بادشاهه نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي احترام ۾ b ماريه قبطيه v جيڪا ڪنيز هئي کيس بخشي ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  ان دور جي رسم مطابق ۽ اخلاق جي بنياد تحت ان کي قبول ڪيو . b خولهv bحڪيم السلميv جي ڌيءَ پڻ پنهنجو پاڻُ ، نبي  صلي الله عليه وآله وسلم  کي بخشيو هو .

7. سياسي مشارڪت حاصل ڪرڻ

bحفصهv عمر جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ ۾ گذريل امور کانسواءِ سياسي بنياد پڻ هو ، نبي  صلي الله عليه وآله وسلم  جي عائشه سان شادي ڪرڻ به اهڙي ريت هئي.

“ماگوليوت” پنهنجي ڪتاب محمد صلي الله عليه وآله وسلم  و پيدائشِ اسلام ۾ ان باري ۾ لکي ٿو: سائڻ خديجهعليها السلام  جي انتقال کان پوءِ محمد صلي الله عليه وآله وسلم جون گھڻيون شاديون ڪرڻ جي طرف ڪيترين ئي يورپي ليکڪن طرفان عجيب ۽ خارق العاده شهوت جي نسبت ڏني وئي آهي پر ائين سمجھ ۽ نظر ۾ اچي ٿو ته اهي شاديون مکيه ۽ خاص سببن جي ڪري ٿيون آهن . سندن ڪجھ شاديون سياسي حقيقت خاطر آهن نبي ڪريم  صلي الله عليه وآله وسلم کي گھڻو شوق هو ته پنهنجي پيروڪارن ۽ مشورو ڪندڙن جي ڳانڍاپي ۽ رابطي  کي پاڻ سان  جيتري قدر ٿي سگھي قريب ڪري. بيشڪ نبي صلي الله عليه وآله وسلم  جو هدف bابوبڪرv ۽ bعمرv جي ڌيئرن وٺڻ مان اهو ئي هو. جڏهن ته سندن شادين ۾ سياسي رقيبن جي ڌيئرن يا سندس هارَ کاڌل دشمنن جو سياسي انگيزو ڪجھ قسم جو مختلف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (15)

نتيجو:

نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھڻين شادين ڪرڻ جا ڪجھ هيٺيان رازَ ۽ مقصد هئا.

1. بيوه ۽ بي پناهه عورتن جي سرپرستي ڪرڻ .

2. شهيدن جي گھروارين جي سرپرستي ڪرڻ

3. قبيلن جي سياسي ۽ اجتماعي حمايت حاصل ڪرڻ

4. رابطن جي اصلاح ڪرڻ

5. گمراھ عقيدن ۽ خرافات کي ختم ڪرڻ

6. تحفو ۽ هديو قبول ڪرڻ

7. سياسي مشارڪت حاصل ڪرڻ.

 

  حوالا

1. محمد صلي الله عليه وآله وسلم پيامبر اعظم ، محمد جعفر واصف،ناشر لوح زرين،ڇاپو پهريون سال 1387، ص243 ۽244 . 

2. اسد الغابه في معرفه الصحابه، ابن اثير ج5، ص26.

3. ساڳيو .3

4. من هن زوجات الرسول في الآخره، محمد رضا انصاري، ص 152.  

5. الميزان في تفسير القرآن، علامه طباطبائي، ج4، ص210.

6. الطبقات الکبري، ابن سعد، ج5، ص69.

7. الميزان في تفسير القرآن،ج4، ص410.

8. اسد الغابه في معرفه الصحابه، ابن اثير ج5، ص250.

9. الميزان في تفسير القرآن،ج4، ص209.

10. محمد صلي الله عليه وآله وسلم پيامبر اعظم ، محمد جعفر واصف،ناشر لوح زرين،ڇاپو پهريون سال 1387،   ص 353

11. ساڳيو،ص251.  

12. الميزان في تفسير القرآن، ج4، ص210.

13. محمد(ص) پيامبر اعظم ، محمد جعفر واصف،ناشر لوح زرين،ڇاپو پهريون سال 1387،  ص252. 

14. سورت احزاب، َيت 37.

15. محمد در اروپا، ص220 ، محمد و پيدايش اسلام کان نقل ٿيل، مارگوليوت، ص176.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید