سومر, 16 سيپٽمبر 2019

پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي جنگي حڪمت عملي

  • انداز قلم

نبي سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم  جي زندگي جو هڪ انتهائي اهم حصو (جنهن طرف اسان جي توجھ نه هجڻ برابر آهي) مختلف بحرانن ۽ جنگن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي آهي.

تاريخ اسلام

 ان جو هڪ سبب اهو آهي ته اسان پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي مڙني ڪاميابين کي معجزي ۽ اعجاز واري نگاه سان ڏسندا آهيون. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته نبي سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  کي الله طرفان معجزي جي طاقت ڏنل آهي ۽ الله پاڪ جي مدد ۽ نصرت ساڻن هميشه گڏ رهي، پر اهو بلڪل صحيح نه آهي ته اسان سندن مڙني ڪاميابين ۽ فتحن کي معجزي الاهيءَ جي نظر سان ئي ڏسون.!!

اصولي لحاظ سان نبي سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي زندگي ۾ڪجهه خصوصي جڳهن تي ئي معجزي جي ضرورت پوندي آهي، يعني صرف انهن جڳهن تي جتي حق کي پيش ڪرڻ يا ان جي ثابتي معجزي کان سواءِ ممڪن نه هجي.

ان نظرئي جي هڪ مشڪل هيءَ به آهي ته هي نظريو اسان کي نبي سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي آئيڊيل هجڻ کان به روڪي ٿو ۽ اسان کي انهن جي عملي زندگي کان هڪ آگاهه،بيدار ۽ هر جهت کان ڪامل زندگي جي آئيڊيل هجڻ جي اعتبار کان سندن پيروي کان محروم رکي ٿو. اسان اهو ئي سوچيندا رهندا آهيون ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم  فقط الاهي معجزي ڪري ئي ان ڪمال ۽ خصوصي صفتن جا مالڪ هئا ، اهو ناهيون ڏسندا ته ڪامل هئڻ ڪري ئي الله پاڪ کين اهو منصب عطا فرمايو آهي.

خلاصو ته مڙني عقلي ۽ نقلي ثابتين (جيڪي قرآن ۽ سنت مان ورتل آهن) مان معلوم ٿئي ٿو ته نبي سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم  ۽ انهن جانشين پنهنجي پاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ صرف ڪجهه جڳهن تي ئي الاهي معجزن جي ظاهر ڪرڻ کان سواءِ عام طور تي معمول مطابق ئي عمل ڪندا آهن.

ضروري آهي ته اسان پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي عملي زندگي جي مختلف جهتن، خاص طور سياسي، معاشرتي ۽ جنگي امور ۾ڪاميابين کي ڏسندي کين پنهنجي زندگي لاءِ آئيڊيل بڻايون .

جيڪڏهن اسان پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي زندگي جو جائزو وٺون ته اهو وائکو ٿي ويندو ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم  هڪ ڪامياب سرواڻ هئا، ڇو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم ، عرب جي هڪ انتهائي جهالت واري اونداهين ۾ غرق ٿيل علائقي مان اسلامي تبليغ جي شروعات ڪئي ۽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ اسلام جي نوراني پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ٻئي طرف اسلام جي تبليغ واري ان ٿورڙي عرصي ۾ اوهان مٿان ننڍيون وڏيون 80 جنگون مسلط ڪيون ويون. پر پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي اعلى فوجي حڪمت عملين ذريعي ان جنگن ۾ وڏيون وڏيون ڪاميابيون ماڻيون. اهي ڪاميابيون ان ڳالهه جون ثابتيون آهن ته اوهان مذهبي اڳواڻ هئڻ سان گڏوگڏ هڪ اعلى فوجي  سربراهه به هئا. هن مختصر لکڻيءَ ۾ ان تمام جنگن جو جائزو پيش ڪرڻ ممڪن نه آهي ان ڪري اسان اسلام جي ڪجهه اهم جنگن ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جي ڪجهه حڪمت عملين جومختصر تجزيو پيش ڪري رهيا آهيون.

جنگ بدر

اسلام جي عظيم جنگن مان هڪ جنگ، جنگ بدر آهي،هيءَ جنگ،اسلام جي ڪفر خلاف پهرين جنگ آهي، ان لاءِ جيڪي سپاهي هن جنگ ۾ شريڪ ٿيا  بعد ۾ هڪ خصوصي امتياز جا حامل ٿيا.

هجرت جي ٻئين سال جمادي الاولى جي مهيني ۾ مسلمانن کي مديني ۾ خبر ملي ته قريش جو هڪ تجارتي قافلو ابو سفيان جي سربراهيءَ ۾ مڪي کان شام وڃي رهيو آهي.

مسلمانن قافلي پويان ذات العشيره نالي جڳهه تائين آيا پر قافلي کي ڳولهي نه سگھيا.ابو سفيان جي قافلي جي ڳولها جو ڪارڻ اهو هو ته انهن مڪي ۾ رهاڪو مسلمانن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا هئا، سندن مال، متاع، زمينن ۽ گهرن تي زوري ۽ وحشياڻو قبضو ڪيو هو، مسلمانن کي انهن جي مال جي واپسي کان انڪار پڻ ڪيو هو. ان ڪري شرعي طور انهن جي قافلي جو پيڇو ڪرڻ قريش جي ظلم ستم جو شڪار ٿيندڙ مسلمانن جي حقن جي واپسي لاءِ صحيح هو ڇو ته قرآن پاڪ ۾ ڌڻي سڳوري اعلان پڻ ڪيو آهي ته مظلومن کي دفاع جو پورو حق حاصل آهي: أُذِنَ لِلَّذِينَ يُقَاتَلُونَ بِأَنَّهُمْ ظُلِمُوا وَإِنَّ اللَّهَ عَلَى نَصْرِهِمْ لَقَدِيرٌ (سوره حج39)

“جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي .”

ابو سفيان پنهنجي سفير ذريعي مڪي ۾ قريش جي سردارن کان پنهنجي قافلي لاءِ مدد گھُري، قريشي سردارن پاڻ ۾ صلاح  ۽ مشوري کان پوءِ هڪ مسلح لشڪر سميت مڪي کان روانا ٿيا. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  کي جڏهن اها خبر ملي ته قريش جا سردار پنهنجن لشڪر سميت ابوسفيان جي قافلي جي مدد لاءِ پيا اچن ته ان جڳهه تي نبي سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم  جي آڏو هڪ عجيب صورتحال هئي، جنهن ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو هو ته دشمن جي مقابلي لاءِ ساڳئي جڳهه تي دشمن جو انتظار ڪرڻ گھرجي يا واپس مديني موٽي وڃجي..؟؟ جيڪڏهن مديني واپس وڃجي ها ته ممڪن هو دشمن جو حوصلو بلند ٿي وڃي ۽ نتيجي ۾ دشمن اسلامي مرڪز مٿان حملو ڪري ها ۽ اسلام ۽ مسلمانن کي شديد نقصان ڏسڻو پئي ها . ٻئي طرف پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جن کي اهو به نظر ۾ هو ته مديني وارا انصار عقبى واري بيعت ۾ حضور صلي الله عليه وآله وسلم  سان فقط دفاعي معاهدو ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن اسلام يا پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جن کي نقصان پهچائڻ لاءِ مديني تي حملو ڪيو ته هو ان جو دفاع ڪندا.۽ گڏوگڏ هيءَ هڪ اهميت واري ڳالهه هئي ته مسلمانن جي قافلي ۾ اڪثريت انصار جي ئي هئي مهاجرن جي تعداد تمام گھٽ هئي. ۽ وري مسلمان بغير ڪنهن جنگي مشق جي آيل هئا، ذهني ۽ روحاني حوالي سان ڪنهن به جنگ لاءِ تيار نه هئا. ان نازڪ موڙ تي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  اها حڪمت عملي اختيار ڪئي ته جنگ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي اهم فيصلي ۾ مسلمانن جي مشورت خاطر انهن ساڻ مشورو ڪيو، ته جيئن جنگ يا امن واري صورتحال ۾ تمام مسلمانن جي حتمي راءِ شامل هجي ۽ ڪنهن جي به آڏو ڪو بهانو ۽ عذر باقي نه رهي.

مسلمانن جي مختلف نظرين ۽ مشورن جي ڏي وٺ کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته مڪي جي قريش سان جنگ ڪئي ويندي.

جنگ دوران پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي حڪمت عملين ذريعي ان جي باوجود جو قريش جو تعداد مسلمانن جي لشڪر کان ٽيڻو هو انهن کي هارايائون ۽ اسلام جي لازوال طاقت کي پوري جزيرة العرب ۾ مڃرايائون.

عرب جي رسم مطابق جنگ جي شروعات هڪ هڪ ڄڻي ويڙهه ٿي ۽ بعد ۾ اجتماعي جنگ ٿي . جڏهن اجتماعي جنگ شروع ٿي ته ڪافرن گڏجي ڪري مسلمانن تي حملو ڪيو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو ته هڪ صف ۾ بيهي اڳتي وڌڻ بجاءِ تير اندازيءَ ذريعي پاڻ ڏانهن ايندڙ دشمن کي حملي کان روڪيو وڃي. ان حڪمت عملي جو اهو نتيجو نڪتو ته ڇو جو مسلمانن پنهنجي جڳهن تي دفاعي پوزيشن اختيار ڪئي هئي ۽ رڳو تير اڇلائيندا رهيا ان ڪري دشمن جي وڌندڙ لشڪر جي گھڻي تعداد تيرن جي مقابلي ۾ آئي ۽ اهڙي ريت انهن کي ڪافي جاني نقصان ڏسڻو پيو، جنگ جي ختم وقت ٿيڻ وقت مسلمانن جا 13 فوجي شهيد ٿيا ۽ ڪافرن جا 70 فوجي هلاڪ ٿيا ۽ 70 ماڻهن کي قيدي بڻايو ويو.

جنگ احد:

ڪفر خلاف جنگن مان هڪ جنگ، جنگ احد آهي، انهي جنگ  ۾توڙي جو ظاهري طور تي مسلمانن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو پر هيءَ جنگ ايندڙ جنگن ۾ فتح جو مقدمو بڻي.

مختلف جنگن جي موقعي تي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي هڪ فوجي حڪمت عملي هيءَ هوندي هئي ته سڀ کان پهريان جنگي ميدان جو جائزو ورتو ويندو هو، اهڙي جڳهه جو انتخاب ڪيو ويندو هو جتي آسانيءَ سان دشمن جي حملي کان دفاع ڪري سگھجي، ۽ دشمن مٿان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا چانس گھڻا هجن.انهيءَ حڪمت عملي هيٺ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جنگ احد ۾ احد واري پهاڙ کي پنهنجي پويان رکيو ۽ ميدان تي موجود هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ مٿان 70 تيراندازن کي معين ڪيو ۽  فرمايائون ته جنگ جو نتيجو جيڪو به نڪري جيسيتائين آئون اوهان کي واپس اچڻ جو حڪم نه ڏيان ايسيتائين اوهان انهيءَ مقام تي رهجو، ۽ احد واري پهاڙي جي پويان ڪافرن جي لشڪر کي اچڻ کان روڪجؤ، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي هيءَ حڪمت عملي ڪيتري اهم هئي؟؟  ان جنگ جي نتيجي مان ڀلي نموني ڏسي سگھجي ٿو ته جڏهن ان تير اندازن مال غنيمت جمع ڪرڻ جي لاءِ،  پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي ته جيڪي دشمن شروعات ۾ فرار ٿي ويا هئا  بعد ۾ وري خالد بن وليد جي سربراهيءَ ۾ آرام سان مال غنيمت جمع ڪرڻ وارن مسلمانن تي چڙهائي ڪئي ۽ اهڙي ريت ڪاميابي شڪست ۾ تبديل ٿي.

جنگ احزاب

جنگ احزاب پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي  اسلام جي دشمنن خلاف سڀ کان عظيم جنگ هئي، ان جنگ ۾ مڪي جي قريش، يهودي ۽ جزيرةالعرب جي ڪافي سارن بت پرست قبيلن ملي ڪري اهو فيصلو ڪيو هو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  ۽ مسلمانن جو خاتمو ڪري ڇڏيون. ان جنگ جي جائزي وٺڻ سان پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي اعلى فوجي حڪمت عملي کي ڏسي سگھجي ٿو.

جڏهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  کي خبر پئي ته مديني تي چڙهائيءَ خاطر ابوسفيان جي سربراهيءَ ۾ ڏهه هزار فوجين تي مشتمل هڪ لّشڪر آندو پيو وڃي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي صحابين سان مشورو ڪيو ته حضرت سلمان فارسي جي خندق کوٽڻ واري مشوري کي پسند ڪندي هڪ اونهي خندق کوٽڻ جو حڪم ڏنو، ۽ ڪافرن جي پهچڻ کان پهريان ئي خندق کوٽڻ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو، ۽ خندق مٿان 3 هزار مسلح مسلمان اوهان جي سربراهيءَ ۾ پهرو ڏيڻ لڳا.ڪافرن کي مجبورن خندق جي ٻئي پاسي بيهڻو پيو. ان خندق کوٽرائڻ واري حڪمت عملي جو پهريون نتيجو اهو نڪتو ته ڪافرن جو خندق جي هن پاسي پهچڻ کان پوءِ پورو مهينو ڪنهن خاص موقعي جي تاڙ ۾ واجهائيندا رهيا پر آخرڪار کاڌي ۽ خوراڪ جي پوري ٿيڻ ڪري ناڪام موٽي ويا.

ان جنگ ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي اهم حڪمت عملي هيءَ هئي ته اوهان مسلمانن جي حوصلي افزائيءَ ۽ ڊپ جي انڌيري ڇانو مان ڪڍڻ ۽ دشمن تي رعب ۽ دٻدٻي وجهڻ لاءِ 500 مسلمان فوجين جي هيءَ ڊيوٽي لڳائي هئي ته خندق جي هن طرف پوري شهر ۾ نعره تڪبير لڳائيندي گشت ڪندا رهن. نعره تڪبير جي گونج ڪري مسلمانن کي هڪ روحاني طاقت ملندي هئي جڏهن ته دشمن تي خوف طاري ٿيندو هو.

جنگ موته

هيءَ جنگ مسلمانن ۽ ان وقت جي سپر پاور روم درميان ٿي گذري. ان جنگ ۾ پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم  ته شرڪت نه ڪري سگھيا پر ان جي باوجود اوهان جون ڪجهه حڪمت عمليون چٽي ڏينهن جيان ظاهر هيون.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  طرفان روم ڏانهن موڪليل سفير کي روم جي بادشاهه قيصر جي فوجين هٿان قتل ڪرڻ کان پوءِ اوهان اهو فيصلو ڪيو ته رومين جي غرور ۽ تڪبر کي مٽيءَ ۾ ملايو وڃي. ان مقصد کي پنهنجي آخري مرحلي تائيڻ پڄاڻي خاطر اوهان 3000 فوجين تي مشتمل هڪ لشڪر زيد بن حارثه جي اڳواڻيءَ ۾ تيار ڪيو ۽ حضرت جعفر ابن ابي طالب ۽ حضرت عبدالله بن رواحه کي سندن جانشين مقرر فرمايو. ان مختصر لشڪر سان جنگ لاءِ روم جي بادشاهه قيصر هڪ لک جي تعداد تي مشتمل لشڪر اماڻيو. اسلامي لشڪر ايماني جذبي ۽ سندن شهادتي شوق خاطر ان لکن جي تعداد واري لشڪر سان جنگ جو فيصلو ڪيو.

ان جنگ ۾ اسلامي لشڪر جا ٽيئي سردار شهادت واري عظيم مرتبي تي فائز ٿيا ۽ بقايا لشڪر خالد بن وليد جي اڳواڻي ۾ مديني واپس وريو، ۽ ظاهري طور تي اسلامي لشڪر کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ سندن سرواڻ شهيد ٿي ويا، پر ان جنگ ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي حڪمت عملي جي عين مطابق اسلام کي تبليغي ۽ سياسي حوالي سان هڪ ڪاميابي حاصل ٿي، ڇو ته ان وقت پوري دنيا ۾ ٻه سپر پاور طاقتون هڪ روم ته ٻيو وري ايران ۽ باقي سمورا ملڪ هڪ لحاظ کان انهن جي تسلط هيٺ رهندڙ هئا ۽ ڪنهن کي اها جرات نه هئي جو ڪو به انهن جي خلاف جنگ جو سوچي!!! ۽ ايران خلاف مختلف جنگن ۾ روم کي پنهنجين ڪاميابين ڪري هڪ خاص برتري پڻ حاصل هئي.

جزيرة العرب اوڀر کان ايران، اولهه کان روم جي محاصري ۾ هو. ۽ ٻنهي ملڪن جا مفاد ان علائقي سان لاڳاپيل هئا.

جنگ موته وڏين طاقتن خاص ڪري روم کي اهو پيغام ڏنو ته انهن جي حڪومت ۽ طاقت جو وقت پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي ۽ اسلام نالي هڪ ٽئين طاقت هن دنيا ۾ ظاهر ٿيڻ واري آهي، جنهن دين جا پيروڪار پنهنجي آئين ۽ نبي درميان هڪ خالص ايماني رابطو رکن ٿا ۽ پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ حق جي مدد خاطر پنهنجي دشمنن سان چاهي اهي ظاهري انگ اکر ۽ طاقت جي حوالي سان گھڻا ئي ڇو نه هجن پنهنجي سموري طاقت سان جنگ لاءِ تيار آهن ۽ اها ئي ڳالهه دشمن جي دلين ۾ هڪ خاص رعب ۽ دٻدٻو پيدا ڪيو.

مختلف جنگن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي هڪ خاص حڪمت عملي هيءَ رهي هئي ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم  لشڪر جا سرواڻ هوندي جنگي ميدان ۾ سڀ کان اڳتي وڌي دشمنن تي حملا ڪندا هئا ۽ اسلام جو دفاع ڪندا هئا ۽ ان سان مسلمانن جا حوصلا بلند ٿيندا هئا ۽ پنهنجي پوري جوش ۽ سموري طاقت سان دشمن تي حملو ڪندا هئا. مختلف جنگن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جو سڀ کان اڳتي وڌي جنگ جو ذڪر ڪندي مولا علي عليه السلام فرمائن ٿا:

کنا اذا احمر الباس اتقينا برسول الله فلم يکن احد منا اقرب الى العدو منه (الطبقات الڪبرى، ج2 ص23)

جڏهن جنگ ۾ تيزي اچي ويندي هئي ته اسان سڀ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي پناهه ۾ اچي ويندا هئاسين ۽ اسان منجهان ڪو به نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جيترو  دشمن جي ويجهو نه هوندو هو.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید