ڇنڇر, 25 مئي 2019

امام جعفر صادق عليه السلام جو علمي ۽ ثقافتي انقلاب

  • انداز قلم

مهاڳ: امامن عليهم السلام مان امام جعفر صادق عليه السلام جن جو دور اهڙو زمانوهو جنهن ۾ بني اميه ۽ بني عباس جي درميان حڪومت جو مسئلو وڏي ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي چڪو هو ، هتي جيڪو سوال سامهون اچي ٿو اهو هي آهي ته آخرڪار امام جعفر صادق عليه السلام

تاريخ اسلام

جن هن فرصت مان فائدو وٺندي حڪومت کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪيائون ، مختصر طور تي ان جو جواب هي ڏئي سگهجي ٿو ته سندن امامت جو 34 سالن وارو دور جيڪو امام محمد باقر عليه السلام جن جي شهادت سن 114 هه کان شروع ٿي سن 148 هه تي ختم ٿيو ، سو اسلام جي شروعات کان وٺي ڏيڍ صدي جي لڳ ڀڳ وارو ڊگهو دور هو ، جنهن ۾ مختلف قبيلن ۽ قسمين قسمين رسمن ۽ رواجن سان تعلق رکندڙ قومون اسلامي دنيا ۾ پير پائي چڪيون هيون ، ٻئي طرف بني اميه جي دور کان ڪتابن جا ترجما مختلف زبانن ۾ ٿي چڪا هئا ، سياسي ميدان کان مٿي  ثقافتي ميدان ۾ گهڻي ڀاڱي ڪم شروع ٿي چڪو هو ، مختلف مذهبن منهن ڪڍڻ شروع ڪيو هو ، هڪ طرف “ ملحدن ” ( خدا ۽ رسول جي منڪرن ) جي ڀر مار هئي ، ته ٻئي طرف اسلام جهڙي مهربان دين کي رهبانيت ۽ تصوف جي عنوانن ، عبادتگاهن جي ڪنڊن تائين محدود ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ، فقه جي ميدان ۾ اهڙا فقيه پيدا ٿي چڪا هئا جن قرآن ۽ حديث کان وڌيڪ ٻين معيارن جهڙوڪ قياس ، استحسان وغيره کي اهميت ڏيڻ شروع ڪئي هئي .تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي محسوس ڪئي پئي وئي ته ان ميدان ۾ وسيع پيماني تي ڪم ڪيو وڃي ته جيئن ان ديني معاملن ۾هيڏي هيرا ڦيري وارو ڪردار ادا ڪندڙ عنصرن جو رستو هميشه لاءِ روڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن  معاشرو دين جي حقيقي روح کان خالي هجي ته ان ۾ ديني حڪومت پائيدار ٿي نه ٿي سگهي. تنهن ڪري پاڻ معاشري جي تمام گهڻين مشڪلن جي باوجود سندن امامت جي چوٽيهه سالن واري دور ۾ علمي ۽ ثقافتي ميدان ۾ تمام گهڻو ڪارنامو انجام ڏنائون. ته جيئن ان طريقي سان ماڻهن کي اسلام جي حقيقي پروگرام کان آگاهه ڪري سگهجي ، هيٺ سندن علمي ۽ ثقافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتن مان ڪجهه  کي ذڪر ڪجي ٿو .

 

1_ ولايت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ 

پاڻ سڳورن (صلى الله عليه وآله وسلم ) جن جي هن دنيا مان برقعو مٽائڻ کان پوءِ اسلامي دنيا مٿان جيڪو سڀ کان وڏو ظلم ٿيو ، سو اهو هو ته امامت ۽ ولايت کي سندس حقدارن کان کسي غلط راهه تي آندو ويو ۽ آهستي آهستي ڪم اتي وڃي پهتو جو معاويه جي زماني کان ان کي سلطنت (حڪمراني ) جي سرشتي ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ماڻهن کان غلامن وانگر ڪم ورتو ويندو هو، پروگرام اهو هو ته پاڻ سڳورن (ص) جن جي جانشيني ۽ کانئن پوءِ امامت ۽ رهبري واري مسئلي جي ڪا به نشاني باقي نه رهي ، جڏهن امام جعفر صادق عليه السلام جن جي امامت جو دور شروع ٿيو ته پاڻ مختلف مناسبتن سان پنهنجي بيانن ذريعي ان مسئلي جي اهميت کي بيان ڪندا هئا، ”عيسى بن سري “روايت ڪري ٿو : امام جعفر صادق عليه السلام کي عرض ڪيم دين اسلام ڪهڙن بنيادن تي بيٺل آهي ، پاڻ فرمايائون : الله سائين جي هيڪڙائي جي گواهي ڏيڻ ۽ ان ڳالهه جي گواهي ڏيڻ ته محمد (ص) الله سائين جو موڪليل پيغمبر آهي ،۽ الله سائين طرفان جيڪو پيغام ( قرآن مجيد ) کڻي آيو آهي تنهن تي ايمان آڻڻ  ۽ جنهن ولايت جو الله تعالى حڪم ڪيو آهي ، تنهن تي ايمان آڻڻ ۽ اها ئي آل محمد عليهم السلام جي ولايت آهي .(1)

امام جعفر صادق عليه السلام جن جي نظر ۾ سندن حقيقي شيعا اهي ئي ٿي سگهن ٿا جيڪي سندن امامن جي حقيقي معرفت رکندا هجن ، ۽ دل جي گهرايِن سان سندن ولايت کي قبول ڪندا هجن. پاڻ سندن شيعن جون نشانيون ٻڌائيندي هڪ مقام تي فرمائن ٿا : ” اسان جا شيعا ٽن قسمن جا آهن ، هڪڙا اهي آهن جيڪي اسان جي ذريعي عزت ماڻيندا آهن ۽ اسان کي سندن عزت جو ذريعو سمجهندا آهن ، هڪڙا اهي آهن جيڪي اسان کي پنهنجي زندگي گذارڻ جو وسيلو بڻائيندا آهن ۽ ان وسيلي پنهنجي زندگي گذاريندا آهن ۽ هڪڙا اهي آهن جيڪي اسان مان آهن ۽ اسان ڏانهن ئي سندن لاڙو آهي ، اسان جي سڪون واري زندگي ۾ سڪون سان زندگي گذارين ٿا ۽ اسان جي خوف واري زندگي ۾ خوف واري زندگي گذارين ٿا ، (سندين دلين ۾ ) لڪل رازن کي ڪڏهن به نه ٿا کولين ،ظالمن آڏو چاپلوسي ڪرڻ وارا ناهن ، جيڪڏهن لڪل آهن ته انهن تائين پهچي نه ٿو سگهجي ، جيڪڏهن ظاهر هجن ته ڪير کين سمجهي نه ٿو سگهي ، اهي ئي حقيقي شيعا ۽ ماڻهن جا رهنما آهن .(2)

 

2_ قرآن کي دليل طور پيش ڪرڻ

ائمه عليهم السلام جن جي زندگي جي مطالعي ڪرڻ مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ قرآن مجيد کي وڏي اهميت جي نگاهه سان ڏسندا هئا ، قرآن جي حقيقي معنائن ۽ تفسير ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ سندن طريقه ڪار هوندو هو ،امام جعفر صادق عليه السلام جن  جي زندگي ۾ به غور ۽ فڪر ڪرڻ سان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته سندن سيرت ۾ قرآن مجيد کي هڪ خاص اهميت حاصل رهي آهي ، ڇاڪاڻ ته پاڻ قرآن جا حقيقي وارث هيا ، قرآن جي رازن تائين رڳو کين ئي رسائي حاصل هئي ان ڪري علمي ميدان ۾ قرآن مجيد کي دليل جي طور تي پيش ڪرڻ سندن طريقو رهندو هو. مسعده بن صدقه روايت ڪري ٿو ته : امام جعفر صادق عليه السلام جن کان پڇيو ويو ته ڇا امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر سڀني تي واجب آهي ؟ پاڻ فرمايائون : سڀني تي واجب ناهي . کانئن پڇيو ويو ته اهو ڇاجي ڪري ؟ ته پاڻ فرمايائون : انهن تي واجب آهي جيڪي ان جي طاقت رکندا هجن ، علمي مقام جا مالڪ ۽ نيڪي ۽ برائي کي پرکڻ جي سگهه رکندا هجن ، ان جو دليل قرآن مجيد جي هي آيت آهي :  ( و لتکن منکم امّةٌ یدْعون الی الخیر و یأمرون بالمعروف و ینهون عن المنکر) (3): يعني توهان مان ڪجهه اهڙا به هجڻ گهرجن جيڪي نيڪي جو حڪم ڪن ۽ براين کان روڪين .

پاڻ هن آيت مان کانئن پڇيل سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ هن ريت دليل ڏنائون ته هن آيت ۾ (منکم ) جو لفظ آيو آهي جيڪو سڀني ماڻهن جي معنى ۾ نه پر هڪ خاص ٽولي جي معنى کي سمجهائي ٿو. جيئن ته هن آيت ۾ آيو آهي :( و من قوْم موسی امّةٌ یهدون بالحقّ و به یعدلون) ( 4)يعني : موسى جي قوم مان ڪجهه اهڙا آهن جيڪي حق جي واٽ ڏانهن هدايت ڪن ٿا ۽ ان ڏانهن موٽن ٿا. انهن مقامن تي امام عليه اسلام جن (من ) ۽ ( منکم ) جي لفظن کي  دليل  طور تي استعمال ڪن ٿا  ( جيڪي عربي قاعدي مطابق هن جڳهه تي “ ڪجهه ” جي معنى سمجهائن ٿا )  ته امر بالمعروف  ۽ نهي عن المنڪر سڀني تي نه پر ڪجهه ماڻهن تي واجب آهي (5)

ٻئي طرف سندن عملي زندگي گذارڻ جو به اهڙو ته نرالو انداز هو، جو سندن زندگي جو هر پهلو قرآن جي عملي تفسير جو ڏيک پيو ڏيندو هو ، پاڻ هڪ خاص ملڪوتي حالت سان نماز ۾ قرآن جي تلاوت ڪندا هئا ،ايستائين جو پاڻ عمومي حالت کان ٻاهر نڪري ويندا هئا ، هڪ ڏينهن وٽن موجود هڪ شخص کانئن سوال ڪيو ته : توهان مٿان ڪهڙي حالت اچي وئي هئي ؟ ته پاڻ فرمايائون : لڳاتار قرآن جي آيتن جي تلاوت ڪري رهيو هيس ، جهڙوڪ اهي آيتون خود نازل ڪرڻ واري ذات کان ٻڌي رهيو هيس. (6)

 

3_ عظيم درسگاهه جو بنياد

امام جعفر صادق عليه السلام جن سندن پياري بابي  امام محمد باقر عليه السلام جن جي شهادت کان پوءِ سندن امامت جي 34 سالن واري دور ۾ پنج اموي خاندان جي حڪمرانن ۽ ٻن عباسي حڪمرانن جو دور ڏٺو، جيئن ته پهرين به ذڪر ڪيوسين ته  ان دور ۾ بني عباس حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جي لاءِ بني اميه جي حڪمرانن سان تازو مهاڏو اٽڪايو هو ، جنهن جي ڪري انهن جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ واري صورتحال سامهون آئي ، ان دوران امام عليه السلام جن جي لاءِ رستو ڪافي هموار ٿي ويو ۽ کين ديني ڪارڪرگي بهتر طور انجام ڏيڻ جي لاءِ تمام وڏو ميدان ملي ويو جنهن جي ڪري پاڻ ان دوران هڪ تمام وڏي درسگاهه کولي شاگردن جي تربيت جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندن شاگردن جو تعداد چار هزار جي لڳ ڀڳ تائين وڃي پهتو ، جن مان ڪافي علم جي اعلى درجن تائين وڃي پهتا ، «زرارة بن اعين»، «هشام بن حڪم»، «جابربن حيان»، «ابان بن تغلب»، «مفضّل بن عمر»، «مؤمن الطالق»، «هشام بن سالم»، «معلى بن خنيس»  جهڙا نامور شاگرد ان عظيم درسگاهه مان پرائي نڪتا جيڪي مختلف علمن ۾ وڏا ماهر ۽ استاد ٿي گذريا آهن ، هي درسگاهه رڳو شيعه مسلڪ جي شاگردن سان مخصوص نه هئي پر هتي عالم اسلام جي اڳواڻن به گهڻو ڪجهه پرايو ، جن ۾ حنفي مذهب جي پيشوا “ ابو حنيفه ” مالڪين جي اڳواڻ “ مالڪ ابن انس ” سفيان ثوري ، يحيى بن سعيد  ۽ ٻين ڪيترن جا نالا سر فهرست آهن( 7) پاڻ سندن شاگردن کي سندن ذوق ۽ صلاحيت مطابق تعليم ڏيندا هئا ، ۽ سندس صلاحيت مطابق کيس ان موضوع ۾ شوق ڏياريندا هئا ، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شيعه مذهب سندن خدمتن جي ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙجي ويو ، جنهن جي ڪري ڪيترا ئي ماڻهو شيعه مذهب ڏانهن شوق ۽ جذبي سان اچڻ لڳا.(8)

 

4_ علم فقه ۽ حديث ۾سندن خدمتون

پاڻ الله تعالى طرفان عطا ڪيل لدني علم جا مالڪ هئا ۽ ان اڻ کٽ علم جي آڌار تي جتي خدائي معرفت جي پياسن مان هر هڪ کي سندس ظرفيت مطابق سيراب ڪندا هئا  ته اتي وري علم فقه ۽ حديث ۾ سندن ڪيل خدمتون ڪنهن کان به لڪل ناهن ۽ ان ميدان ۾ پاڻ ڪيترن ئي شاگردن جي تربيت ڪئي ، اهو ئي سبب آهي جو فقهي مسئلن ۾ امام طرفان بيان ڪيل روايتن جو هڪ وڏو انگ شيعه مذهب جي چئن وڏن معتبر ڪتابن (اصول ڪافي ، تهذيب الاحڪام ، استبصار ، ۽ من لايحضره الفقيه ) ۾ موجود آهي ۽ پاڻ ان ميدان ۾ “ جميل بن دراج  ” ، “ عبدالله بن مسکان ” ، “ حماد بن عثمان” جهڙن مرد ميدان عالمن جي تربيت ڪري معاشري جي حوالي ڪيو ، پاڻ ان سلسلي ۾ غيبت واري زماني ۾سندن انهن شيعن کي جن جي نظرن کان سندن وقت جو امام اوجهل آهي ، مجتهدن ۽ فقه جي ماهر عالمن جي تقليد جو حڪم ڪيو اٿن ، ان سلسلي ۾ سندن هي مشهور فرمان آهي ته : توهان مان جيڪو شخص اسان جي روايتن کي نقل ڪري ، اسان جي حلال ۽ حرام ۾ غور ۽ فڪر ڪري ، اسان جي حڪمن کي پرکي ، ته کيس حاڪم شرع جي عنوان سان قبول ڪيو وڃي ، ۽ جڏهن اسان جي راي مطابق حڪم ڪري ۽ ڪو شخص ان کي قبول نه ڪري ته (ڄڻ) ان خدا جي حڪم کي هلڪو سمجهيو ۽ اسان جي فرمان کي موٽايو ۽ جنهن شخص اسان جي حڪم کي موٽايو ته ان خدا جي فرمان کي موٽايو(9)

حديث جي ميدان ۾ به جيتريون روايتون امام جعفر صادق عليه السلام جن کان ذڪر ٿيون آهن ڪنهن به امام کان ايتريون ذڪر نه ٿيون آهن ، فقه ، حديث ۽ تفسير مان ڪو به اهڙو ڪتاب نظر نه ايندو جنهن ۾ کانئن روايتون ذڪر نه ٿيون هجن ، امام جعفر صادق عليه السلام جن علم حديث ۽ آيات الاحڪام جي ميدان ۾ فرصت مان ڀرپور فائدو وٺندي سندن قابل شاگردن وسيلي شيعه مذهب کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو.

 

5_ علم ڪيميا جي تعليم

هڪڙو علم جيڪو سندن لدني علم جي فيض مان نتيجي طور منظر عام تي آيو سو علم ڪيميا هو ، پاڻ ان جي تعليم سندن شاگرد جابر بن حيان کي ڏني هيائون . هن ان علم ۾ ايڏي ته مهارت حاصل ڪئي جو کيس “ ابوالڪيميا ” ( علم ڪيميا جو بابو ) جي عنوان سان ياد ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ هي علم دنيا جي هر ڪنڊ تائين پهتو ،  مغربي دنيا ۾ اڄ ڪلهه هيڏي وڏي ترقي جو سبب سندس ان فيض جو نتيجو آهي جيڪو ان سندس امام جي خدمت ۾ پرايو هو ، سوين سال گذرڻ  جي باوجود به جابر بن حيان جا ان ميدان ۾ لکيل ڪتاب دنيا جي اهم لائبريرين جي زينت آهن ، “ الخواص الڪبير ” نالي سندس هڪ ڪتاب جو نسخو انگلينڊ جي هڪ ميوزيم ۽ “ الاحجار” نالي هڪ ڪتاب پيرس جي هڪ لائبريري ۾ اڃا تائين موجود آهي ، طبيعت جي رازن تي مشتمل سندس هڪ ڪتاب پهريون دفعو سن 1490 ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ، جيڪو سن 1668 ع ۾ انگلش ۽ 1682 ع ڌاري فرانسيسي ۾ ترجمو ٿيو هو.(10)

 

6_ قلمي آثار

امام جعفر صادق عليه السلام جن جا قلمي آثار هڪ اهڙو سرمايو آهن جيڪي هر دور ۾ سندن عظمت کي وائکو ڪندي ٿا ڏيکارجن ، انهن قلمي آثار مان ڪجهه اهڙا آهن جيڪي سندن شاگردن کانئن ئي نقل ڪيا آهن ۽ ڪجهه وري اهڙا آهن جيڪي پاڻ لکيا اٿن ، امام عليه السلام ڏانهن منسوب آثار مان ڪجهه جي تفصيل هيٺ ڏجي ٿي .

1_ ڪتاب “ التوحيد ”  توحيد جي موضوع تي سندن شاگرد مفضل بن عمر کي لکرايل هڪ عظيم ذخيري جي طور تي ياد ڪيو وڃي ٿو(11)

2_ “ رسالة في وجوه معايش العباد ” مختلف ڌنڌن ، تجارت ۽ هنر تي مشتمل ڪتاب (12)

3_ “ رسالة في الغنائم ” خمس ۽ غنيمت جي موضوع تي ڏنل سندن جوابن تي مشتمل هڪ ڪتاب.(13) 

4_ “ الجعفريات ”  فقه جي مختلف بابن ۾ الف ، ب وارسندن روايتن جو مجموعو جنهن کي امام موسى ڪاظم عليه السلام جن مرتب ڪيو آهي .(14)

5 _ “ رسالة الامام الى اصحابه ” جيڪو پاڻ سندن اصحاب جي رهنمائي لاءِ لکيو هيائون.(15)

۽ انهن کان علاوهه به ٻيا ڪيترائي آثار سندن ذات ڏانهن منسوب آهن .

 

7_ صلاحيتن جو مناسب استعمال

امام جعفر صادق عليه السلام جن سندن شاگردن ۽ اصحاب کي سندن صلاحيتن مطابق ذميواريون سوپيندا هئا ، جيئن ته ڪلامي ۽ عقائدي بحثن ۽ خاص طور تي امامت جي مسئلن ۾ “ هشام بن سالم ” ، “هشام بن حڪم ”  ، “ حمران بن اعين” ۽ ٻين لائق شاگردن جي تربيت ڪري مناسب موقعي تي کين ان ڳالهه جي ذميواري ڏيندا هئا . يونس بن يعقوب روايت ڪري ٿو ته : امام جعفر صادق عليه السلام جن جي خدمت ۾ هيس ته شام جو هڪ شخص سندن خدمت ۾ آيو ۽ اها دعوى ڪري رهيو هو ته آئون فقه ۽ ڪلام جو ماهر عالم آهيان. توهان وٽ آيو آهيان ته جيئن توهان جي شاگردن ۽ اصحاب سان مناظرو ڪيان ، ته پاڻ فرمايائون : هي علم ڪلام (عقائد جو علم) جنهن جي باري ۾ تون مناظرو ڪرڻ چاهين ٿو اهو رسول خدا (ص) جن جو ٻڌايل علم  آهي يا تنهنجي ذهن جي بناوٽ آهي ؟ اهو شخص چوڻ لڳو : ڪجهه رسول الله (ص) جن جو ٻڌايل آهي ته ڪجهه وري منهنجي ذهن جي بناوٽ آهي . امام عليه السلام جن فرمايو : ته پوءِ ان جو اهو مطلب ٿيو ته تون رسول الله (ص) جن سان شريڪ آهين ؟ چوڻ لڳو ته : نه ، پاڻ فرمايائون : ته پوءِ تو تي وحي نازل ٿئي ٿي ؟ چوڻ لڳو ته : نه ، تنهن کان پوءِ پاڻ مون سان مخاطب ٿي فرمايائون : اي يونس ! جيڪڏهن تون علم ڪلام ڄاڻين ها ته ساڻس مناظرو ڪرين ها . هاڻي ٻاهر وڃ ۽ علم ڪلام جا جيڪي ماهر ڏسين تن کي مون وٽ وٺي اچ . يونس چوي ٿو ته : ٻاهر ويس علم ڪلام جي ڪجهه ماهرن جهڙوڪ : حمران بن اعين ، هشام بن سالم ، قيس بن ماصر ۽ ڪجهه ٻين کي ڏٺم ۽ کين سندن خدمت ۾ وٺي آيس  ته ، امام عليه السلام کين ان شامي شخص سان مناظري ڪرڻ جو حڪم ڪيو ته انهن مان هرهڪ شامي شخص سان مناظرو ڪيو ۽ سندن اهي سڀئي صحابي مٿس غالب ٿيا (16 )

حقيقت ۾ ڏسجي ته امام جعفر صادق عليه السلام جن جو چوٽيهه سال امامت وارو دور اهڙين برڪتن وارو دور هو جو صديون گذرڻ کان پوءِ به سندن فيض مان اڄ به دنيا فيضياب ٿي رهي آهي ، ديني علمن جو ميدان هجي توڙي دنياوي علمن جو دسترخوان هرهڪ سندن اڻ کٽ علم جو هر دور ۾ محتاج آهي.

 

حوالا

 

1. اصولڪافي ، ڪليني ،ج3، ص34

2. محسن فيض ڪاشاني، المحجّة البيضاء، ج4، ص356.

3. سوره آل عمران آيت 104

4. سوره اعراف، آيت 159.

5. تفسير نور الثقلين ، علي  بن جمعة الحويزي، ج 1، ص380

6. بحارالانوار، مجلسي ، ج 84، ص 248.

7.منتهى الآمال، شيخ  عباس قمي، ج 2، ص 139

8. تهذيب الاحکام، شيخ طوسي ، ج 6، ص 218

9. ماهوار رسالو، مبلغان، شمارو 72، شوال 1426 هـ.ق، ص 31ـ30

10. الفصول المهمّه، ابن صباغ مالڪي، ص 222.

11. تحف العقول، ابن شعبه حراني، صی 331

12. ساڳيو حوالو

13. الذريعه الى تصانيف الشيعه علّامه شيخ آقا بزرگ تهراني، ج 2، ص 109.

14. اصول کافي، ج 8، ص 14ـ2

15. الارشاد، شيخ مفيد، ص 261

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید