جمع, 29 مئي 2020

افڪارِامام خمينيؒ جون نظرياتي بنيادون

  • انداز قلم

 

امام خميني جو هڪ وڏو ڪارنامو هيءُ آهي ته دين سان مربوط تمام شعبن ۾ جتي حق ۽ باطل ملي ويا هئا اچي ڪري انهن جي درميان فرق کي قائم ڪيو ۽ انهن جي درميان جدائي قائم ڪيائون، اسلام جي حقيقي ۽ باطل چهري جي وچ ۾ فرق قائم ڪيائون

تاريخ اسلام

۽ حقيقي اسلام کي اسلام جي باطل چهري کان جدا ڪري ”خالص اسلام“ جي عنوان سان سڃاتائون ۽ اسلام جي باطل چهري کي آمريڪي اسلام جو نالو ڏنو ته جيئن انهن اسلامن جي فرقن کي واضح ڪري سمجهي سگهون، عام ماڻهن وٽ نه ايتري فرصت آهي ۽ نه ئي ايتري صلاحيت آهي جو هو حقيقي اسلام ۽ اسلام جي مسخ شده چهري جي درميان تميز ڪري سگهن، لهذا ضروري هيو ته ڪو اسلام جي انهن ٻني چهرن کي هڪ ٻئي کان عام انسانن کي سٺي نموني سان انهن جي سڃاڻپ ڪرائي وڃي، اهڙي طرح اسلام جي تبليغ ڪرڻ وارن علماء ڪرام جي درميان هي فرق واضح ڪرڻ ضروري هيو، اِن ڪم کي  امام خميني انجام ڏنو ، امام خميني انقلاب کان پهريان ۽ انقلاب کان پوءِ زندگي جي آخري گهڙي تائين هن نڪتي جي تاڪيد ڪندا رهيا ته متعهد(اصولن جاپابند) ۽ ذميدار علماءَ ۽ عالم نما ماڻهن ۾ فرق آهي ته جيئن ايئن نه ٿيئي ته ماڻهون عالم نما کي ڏسي ڪري حقيقي علماءَ کان پري ٿي وڃن ۽ نه وري ايئن ٿئي جو حقيقي علماءَ،عالم نما ماڻهن کي پنهنجن صفت ۾ داخل ڪري اُهي آلودگي جو شڪار ٿي وڃن جيڪا آلودگي انهن جي وجه سان پيدا ٿي هجي،

 

حقيقي علماء جي تنهائي (اڪيلو پن )

 ۾ امام خميني جي کلام مان حقيقي علماء جي بعض صفات ۽  خصوصيات کي بيان ڪيو ويو آهي، هڪ ٻئي خصوصيت جيڪا امام جي ڪلام ۾ حقيقي علماء جي خصوصيت جي عنوان سان نظر آئي آهي اُها هي آهي ته حقيقي علماء اڪثر ڪري اڪيلا ٿي ويندا آهن يعني انهن کي اڪيلو ڪيو ويندو آهي،

حقيقي علماء هر لحاظ کان اڪيلا هوندا آهن اُهي گهڻي قدر اهي وسائل جي عنوان سان اڪيلا هوندا آهن ڇو جو عالم نما درباري علماء جي خصوصيات ۾ خوش آمد، چاپلوسي، شعبده بازي وغيره جي ڪري وسائل تائين جلدي سان پهچي ويندا آهن، اهي پنهنجي شعبده بازي ۽ چالاڪي  جي مدد سان عام ماڻهن جي مذهبي جذبات، احساسات، عيقدت ۽ احترام کان سوءِ استفادو ڪندي انهن جو رخ پنهنجي طرف ڪري ڇڏيندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ متعهد علماء اڪيلا ٿي ويندا آهن،

متعهد( اصولن جا پابند) علماء جي هڪ ٻئي تنهائي ماڻهن جو انهن  سان گڏ نه هجڻ آهي ڇو جو هڪ متعهد عالم هميشه هڪ فعال ۽ راه حق ۾ مبارزه ڪرڻ وارو هوندو آهي يعني هو جنهن رستي کي انتخاب ڪندو آهي اهو سخت ۽ مشڪل رستو آهي، ۽ سخت رستن تي هلڻ وارن جي تعداد تما گهٽ هوندي آهي، امتيازات ۽ منافع جو ڳالهيون ٿينديون آهن ته تمام گهڻا ماڻهون هم سفر ٿي ويندا آهن ليڪن جڏهن قرباني ڏيڻ جي ڳالهه ايندي آهي ته تمام گهٽ ماڻهون تيار هوندا آهن ، جڏهن حق،سچ ۽اصولن جي ڳالهه ٿيندي آهي ته ٻيو طبقو اِنهن کي ڇڏي ڏيندو آهي،

دين جي ترغيب ڏيڻ وارا علماء:

افڪارِ امام خمينيؒ

 

ڪلام امام ۾ متعهد علماء جي هڪ ٻئي صفت هيءَ آهي ته هو صرف دين شناس نه هوندا آهن بلڪه دين باور به هوندا آهن، عام طور تي ان کي عالم دين سمجهو ويندو آهي، جنهن علم دين حاصل ڪيو، مدرسي مان پڙهائي ڪئي هجيس، يا عالمن جو لباس پاتو هجيس انهن خصوصيات سان حقيقي عالم دين کي سڃاتو ويندو آهي، ليڪن ممڪن آهي ته هڪ شخص ۾ هي خصوصيات هجن ۽ اُن تمام بهتر طريقي سان علمِ دين حاصل ڪيو هجي ليڪن اهو متعهد عالم دين نه هجي، ڇو جو هڪ متعهد عالم دين جي لاءِ ضروري آهي ته ان منابع ديني، قرآني آيات، مان ۽ روايات ۾ جيڪو ڪجهه پڙهيو آهي ۽ سيرت مان جيڪو ڪجهه سکيو آهي، ان تي اعتقاد به رکندو هجي، بس عالم ۽ متعهد عالم ۾ فرق هيءُ آهي ته عالم فقط دين شناس هوندو آهي جڏهن ته متعهد عالم دين شناس هجڻ سان گڏو گڏ دين باور به  هوندو آهي يعني دين کي سمجهڻ سان گڏو گڏ ان جو دين تي ايمان به هوندو آهي، قرآن مجيد ۾ سوره مبارڪه بقره ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم  جي هڪ خصوصيت جو ذڪر آيو آهي، اٰمن الرسول بمآ انزل اليه ( بقره 285) يعني جيڪو ڪجهه خداوند متعال جي طرف کان رسول اکرم صلي الله عليه و آله وسلم  تي نازل ٿيو رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جو ان تي ايمان آهي، رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فقط دين شناس يا مبلغِ دين نه آهن بلڪه دين تي ايمان رکڻ وارا به آهن اهڙي طرح عالم متعهد به صرف پڙهندو ناهي بلڪه ان تي ايمان به رکندو آهي، اِن جي بر خلاف هڪ عالم نما ممڪن آهي دين کي تمام بهتر طريقي سان پڙهيو هجيس ليڪن ان تي ايمان نه رکندو هجي مثلًا  خدا تي توڪل جي معرفت رکندو هجي ليڪن جڏهن عمل ڪري ته ان جي خلاف عمل ڪري، يا مثلًا صبر جي موضوع تي ڪتابون، تفسير ۽ مقالا لکيا هجنس يا تقرير ڪئي هجيس ٻين کي صبر جي تلقين ۽ نصيحت ڪندو هجي ليڪن هو پاڻ امتحان ۾ مبتلا هجي ته هو صابر واقع نه ٿيندو ان جو مطلب هي آهي ته هو صبر شناس ته آهي ليڪن هن تي ايمان نٿو رکي، اهڙي طرح هو ٻين ارڪان دين جي شناخت گهڻي رکي ٿو ليڪن ان تي عملًا ايمان نه رکندو هجي،

 

امامؒ پاڻ مجتهد ۽ هڪ وڏي فقيه جي حد تائين دين شناس هيو، ۽ اهڙي طرح دين تي ايمان به رکندا هئا، ممڪن آهي هڪ شخص دين شناسي ۾ اجتهاد تائين پهچي وڃي ۽ ان تمام گهڻا فتوا به ڏنا هجنس مثلًا جهاد جي باري ۾ فتوي ڏني هجيس ليڪن ڇا هو عملي طور تي ميدان جهاد ۾ لهي ٿو يا نه ؟

ناروا تهمتن جو نشانو :

افڪارِ امام خمينيؒ

 

امامؒ جي کلام مان حقيقي علماء جون اهي خصوصيتون جن کان استفادو ٿئي ٿو انهن مان هڪ ناروا تهمتن جو نشانو بڻجڻ آهي، دشمنان دين ۽ منافقن جي ڪيني جي نتيجي ۾ هن تي طرح طرح جا بهتان لڳايا ويندا آهن امامؒ اتفاقًا چند علماء جو نالو کڻي ڪري ٻڌايو ته انهن تي هن طرح جا اتهام ( الزام) لڳايا ويا آهن مثلًا الحاد، ڪميونزم، سوشلزم، شرڪ وغيره جون تهمتون، ۽ هي ڪم عالم نما ماڻهن ڪيو جيڪي هميشه تفڪير( سوچڻ) جي فيڪيٽري لڳائي ويٺا آهن اگر ڪو انهن جي مرضي جي خلاف ڪا ڳالهه ڪري ته فورن ان تي ڪفر جي فتويٰ جاري ڪئي ويندي آهي،

 

 دل جو رت پيئڻ

متعهد عالم جي هڪ ٻي صفت هيءَ آهي ته جڏهن هو دين ۾ خرافات، انحرافات، تحريفات، ۽ فسادات کي پنهنجي اکين سان ڏسندو آهي ۽ تمام گهڻيون شيون ان جي اختيار ۾ ناهن هونديون جو انهن کي تبديل ڪري سگهي ڇو جو ماڻهون ان جي تابع فرمان ناهن هوندا ته هو سڙندو ۽ دل جو رت پيئندو آهي،دل جو رت پيئڻ هڪ محاورو آهي ۽ بعض بزرگان جي جي تعبير جي مطابق دل جو رت پيئڻ خون وهائڻ کان سخت آهي،

اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت:

امامؒ بزرگوار عالم متعهد جي هڪ ٻي صفت جو ذڪر ڪيو آهي،اِها هيءَ آهي ته ان جو مقصد اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت ڪرڻ آهي، هو عموماً خدمتون انجام ڏيندو رهندو آهي، ۽ پاڻ کي خادم سمجهندو آهي، مخدوم ناهي سمجهندو، مخدوم عالم ڪڏهن به عالم متعهد نه ٿي سگهندو جنهن کي صبح ۽ شام هيءَ فڪر هوندي آهي ته ماڻهون ان جي خدمت ۾ لڳا رهن، ان کي شخصيت ۽ احترام ڏين هتي خدمت کان مراد ڪپڙا ڌوئڻ نه آهي بلڪه ماڻهن جي هدايت ۽ ان جي تڪامل ۾ بغير ڪنهن اجر ۽ معاوضي جي توقع جي انهن جي خدمت ڪرڻ آهي،

امت اسلامي جي استقلال جي حفاظت:

 متعهد عالم جي هڪ ٻي خصوصيت : امت اسلامي جي استقلال جي حفاظت ڪرڻ آهي هو امت فروش ، ملت فروش ۽ دين فروش ناهن هوندا قرآن مجيد علماء يهود کي جيڪي علماء سوء جو هڪ نمونو هيا، جي هڪ صفت هيءَ بيان ڪئي آهي، ته هو دين فروشي ڪندا هئا، قرآن (جابجا) هرجڳه تي اِن عمل کان رڪيو آهي،

ولاتشترو بآيتي ثمناً قليلاً (بقره41 )

يعني الله جي آيتن کي گهٽ قيمت ۾ نه وڪڻو، دين فروشي جون مختلف شڪلون آهن جيڪي بعد ۾ بيان ٿينديون، هڪ ذمه دار عالم پنهنجي ذاتي منافع جي بدلي ۾ ڪڏهن دين ۽ مذهب، قومي وقار ۽ عزت جو سودو ناهي ڪندو صدرِ اسلام(اول اسلام) جي هڪ شخصيت جي باري ۾ حضرت اميرالمومنين عليؑ نهج البلاغه ۾ فرمايو آهي هو پنهنجي قوم جي عزت وڪڻي ڪري ان جي بدلي ۾ ذلت کي خريد ڪري ٿو پنهنجي عيش ۽ عشرت جي لاءِ قوم کي داءُ تي لڳائي ڇڏي ٿو،

اسلام ۽ قرآن محوري

افڪارِ امام خمينيؒ

 

امامؒ عالم متعهد جي صفتن ۾ هڪ هيءَ به صفت بيان ڪئي آهي، ته هو مسلمانن کي ۽ تمام بشريت کي اسلام ۽ قرآن جي طرف دعوت ڏئي ڪري هڪ اسلامي امت کي ٺاهڻ  جي ڪوشش ڪندو آهي، هو نه پنهنجي ذات جي طرف رغبت ڏيندو آهي نه پنهنجي شخصيت جي طرف ۽ نه ئي پارٽين، تنظيمن جي طرف، ليڪن جيڪي دين فروش، قوم  فروش عالم دين هوندا آهن اُهي ان جي بر خلاف فرصتن کان فائدو حاصل ڪري ماڻهن کي خاص گروهن ۽ ڌڙن جي طرف رهنمائي ڪندا آهن، بلڪه اِن کان وڌي ڪري درباري ملا اسلام ۽ قرآن جي بجاء ماڻهن جو رخ شهنشاهن، حڪمرانن ۽ حڪومتن جي طرف ڪري ڇڏيندا آهن،

 

عدم خوف ۽ لالچ:

امامؒ جي کلام مان عالم متعهد جي هڪ ٻئي صفت هيءَ ذڪر ڪئي آهي، ته هو خطرات ۽ ڌمڪين کان خوفزده ناهي ٿيندو، هن کي قتل، اسيري(جيل) جلاوطني( ملڪ کان ڪڍڻ) پروپگنڊا ، تذليل ۽ محروميتن جي ڌمڪي انهن کي ڊڄاريندي نه ناهي، ڇو جو ان جو ڀروسو الله جي ذات تي هوندو آهي، هو هر طرح جي لالچ ۾ ناهي ايندو نه وري مال ، متاع  ۽ نه وري شهرت ۽ منصب جي، هر صنف جي لالچ الڳ الڳ هوندي آهي، مثلًا ٻارن کي ڪروڙن روپين يا سوني،جواهرات سان (پتچايو) نٿو وڃي، بلڪه هو هڪ ٽافي يا رانديڪي جي لالچ ۾ اچي ويندو آهي، اهڙي طرح عورتن جي لالچ واريون شيون، مردن جي لالچ وارن شين جي مختلف هونديون آهن، هڪ عالم جي لاءِ ضروري ناهي ته هن جي لالچ ٻين طبقات جي لالچ جهڙي هجي، هڪ عالم جي سڀ کان وڏي ڪمزوري شهرت آهي، ممڪن آهي پئسن، مال، متاع جي لالچ ۾ نه اچي ايسيتائين جو مقام، منصب جي لالچ ۾ نه اچي ليڪن جڏهن شهرت جي ڳالهه اچي ته هو هٿيار ڇڏي ڏيندو،

افڪارِ امام خمينيؒ

 

پنهنجي زماني کان اگاهي: عالم متعهد پنهنجي زماني کان آگاه هوندو آهي هو استعماري (ٻاهرين )حربن کان غافل ۽ ان جي مقابلي ۾ لاتعلق، غير جانبدار ناهي هوندو هو اهڙو ناهي هوندو جو ان کي ماضي جا تمام تر واقعات ياد هجن ليڪن پنهنجي زماني جي ان کي ڪا خبر نه هجي، هو پنهنجي زماني ۽ زماني جي تقاضن کان واقف هوندو آهي ، هو استعماري حربن کان صرف آشنا نه بلڪه انهن جو مقابلو به ڪندو آهي، ۽ انهن حربن کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ علمي اقدام به ڪندو آهي، امام خمينيؒ ڪجهه اهڙن بزرگ علماء ۽ مراجع جا نمونا بيان ڪيا آهن جيتوڻيڪ هن زماني ۾ ڪافي علماء هيا جيڪي استعماري حربن کان لا تعلق هيا يا اڃ ڪل پاڪستان ۾ ڪيترا علماء ڪرام آهن، جيڪي استعماري حربن جي خلاف موقف اختيار ڪري ويٺا آهن، ۽ عملي مقابلا ڪري ويٺا آهن، البته عملي مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته هو پهريان استعماري حربن کي سمجهن، ۽ ڃاڻيندا هجن ته هن ملڪ ۾ پسِ پردا ڇا ٿي رهيو آهي، ۽ ظاهري منظر ڇا آهي، لبر ازم، سيڪولرزم، کي ڃاڻيدو هجي ۽ لائق نظام کي سمجهيندو هجي ته جنهن جي آڻِڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اسلامي اقتدار کي پامال ڪرڻ وارين ڪوششن کان آگاه هجن ۽ انهن ڪوششن کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ علمي اقدام ڪن ته معلوم ٿي ويندو ته پاڪستان ۾ ڪيترا متعهد علماء ۽ بيدار علماء موجود آهن، متعهد علماء جي صفات ۾ اگر درجه بندي ڪئي وڃي ته آگاهي ۽ بيداري اهم صفت آهي، جيئين ڪيترن ئي جگهن تي بيان ٿي ويو آهي ته متعهد علماء جي هڪ بنيادي صفت احساس مسئوليت ۽ درد دين آهي، هتي بيداري مان مراد هي نه آهي ته هو صبح جو جلدي اٿي ۽ رات جو دير تائين جاڳي، بلڪه بيدار عالم اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي زماني جي مسائل کان آگاه هجي، دشمن جي حربن ۽ ان جي چالن کي بهتر طريقي سان سمجهندو هجي، زماني جي حالات کي تجزيو ۽ تحليل ڪري نتيجو حاصل ڪندو هجي، اگر اسان بيدار عالم جي مثال وٺڻ چاهيون ته خود امام خمينيؒ علماءِ روحانيت جي لاءِ نمونو ۽ اسوه آهن، جيڪو هر طرح دشمنن، استعمار، استڪبار،حڪمرانن ۽ ملتن جي باري ۾ آگاه هيا، باوجود انهن صفت جي ته امام ؒ هڪ حوزه مان درس حاصل ڪري چڪو آهي، نه ڪنهن اڪيڊمي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ نه ئي گهڻن ملڪن جو سفر ڪيو هو، امام قم جي حوزه ۾ رهي ڪري پوري دنيا جي مسائل ۽ حالات کان آگاه هيا، امام ؒ انقلاب کان ٿورو پهريان مسئله فلسطين کي ان وقت کيون جڏهن ماڻهون ايران جي داخلي مسائل جي ڪا پرواه نه ڪندا هئا، جيڪي امامؒ جي بلند شعور ۽ وسيع آگاهي جي علامت آهي،

 

افڪارِ امام خمينيؒ

 

قيام ظلم جي مقابلي ۾ : متعهد عالم جي امام هڪ ٻئي صفت هيءَ بيان ڪئي آهي ته هو ڪڏهن به ظلم جي خلاف خاموش ناهي ويهندو ، بلڪه ان جي خلاف قيام ڪندو آهي، جڏهن ته عالم نما، روحاني نما ماڻهون اُهي هوندا آهن جيڪي پاڻ ساڪت ۽ ٻين کي به سڪوت جي تاڪيد ڪندا آهن ، متعهد عالم ٻين کي ڏسي ڪري نه ايندا آهن بلڪه ٻيا ان کي ڏسي ڪري ميدان ۾ ايندا آهن ، انهن جي اهڙي ڪا به شرط ناهي هوندي ته ٻيا هي ڪم ڪندا ته مان به ڪندس ڇو جو هي تعهد جي خلاف آهي، هي ان جو تعهد آهي جو هن کي قيام تي مجبور ڪري ٿو جيئين امام ؒ جي تعهد ۽ دردِ دين امام ؒ کي هن انقلاب جي لاءِ اُڪسايو ورنه ٻيون شيون امامؒ ۽ ٻين ۾ مشترڪ هيون،

 

شهادت ۾ سبقت: متعهد عالم جهڙي طرح مبارزه ۾ پيش قدم هوندو آهي اهڙي طرح هو شهادت ۾ به سڀ کان پهريان هوندو آهي، دشمن ٻين کي بعد ۾ گولي هڻندو آهي ۽ متعهد عالم کي پهريان ماريندو آهي، جنهن جون ڪافي مثالون آهن، جيئين عراق ۾ شهيد باقر الصدر، لبنان ۾ امام موسيٰ الصدر ، شهيد عباس موسوي، راغب حربؒ ، ايران ۾ شهيد مطهريؒ ۽ شهيد بهشتي، ۽ ٻيا علماء پاڪستان ۾ شهيد عارف حسين الحسيني، هي ڪافله شهادت جا پيشرو(سبقت) ڪرڻ وارا علماء آهن جن سڀ کان پهريان جامِ شهادت نوش فرمايو،

عزت جي موت کي ذلت جي زندگي تي ترجيع ڏيڻ: امام خمينيؒ متعهد عالم جي هڪ ٻئي صفت هيءَ بيان ڪئي آهي ته هو اسلام ۽ مسلمانن کي عزت جي طرف وٺي ويندو آهي، ۽ پاڻ به عزت سان شهادت کي ذلت تي ترجيع ڏيندو آهي، هيءُ حضرت سيّد الشهداء امام حسين عليه السّلام جو (شعار ) هيو جنهن کي امام ؒ ٻين تمام گهڻين خصوصيات وانگر ڪربلا کان ورتو آهي،

قيد و بند ۽ جلاوطني: متعهد علماء کي ظالمن جون قيدون به ڏسڻيون پونديون آهن، ۽ انهن کي جلاوطني به برداشت ڪرڻي پوندي آهي، جهڙي طرح خود امام ؒ کي ترڪي، نجف، فرانس ۾ جلاوطني(ملڪ بدر) جي زندگي گذارڻي پئي،يا ٻيا ڪافي علماء جن اهڙيون سختيون برداشت ڪيون ، انهن خصوصيات کان علاوه ٻيون به خصوصيات آهن جن کي امام ؒ متعهد علماء جي صفت طور بيان ڪيو آهي،

افڪارِ امام خمينيؒ

 

ٻيون حصو: امام خمينيؒ جي ڪلام مان ڪجهه نمونا: امامؒ ڪافي خطبن، تقريرن ۾ اِنهن صفات کي ذڪر ڪيو آهي، ليڪن بعض جڳهن تي  امامؒ جامع طريقي سان بيان ڪيون آهن، انهن مان اسان ڪجهه مجوعو“تبيان” جي جلد پنجم جي صفه 402 کان امام ؒ جي کلام کي پيش ڪيون ٿا، جنهن فصل کان اسان استفادو ڪري رهيا آهيون ان جو عنوان آهي “ حقيقي متعهد علماء” هن فصل ۾ امام ؒ پوشيده طور تي علماء جي باري ۾ گفتگو ڪئي آهي، در اصل اتي امامؒ اسلام جون ٻه قسمون بيان ڪيون آهن، اسلام ناب، يعني حقيقي اسلام، ۽ آمريڪي اسلام، پوءِ امامؒ انهن ٻن طبقن جو ذڪر ڪيو آهي، هڪ اُهي جيڪي حقيقي اسلام ناب مروج( مصداق) آهن ٻيا اهي جيڪي آمريڪي اسلام جا حامي آهن، هن کان پوءِ هيءُ فرمايو ته اسلامِ ناب جا مبلغ، ۽ مروّج ڪير آهن، هن جي جواب ۾ چند طبقن جو ذڪر ڪيو انهن مان هڪ علماء متعهد آهن، پوءِ علماء متعهد جي انهن صفتن کي ذڪر ڪيو جن کي اسان پهريان بيان ڪيو هاڻي اسان امام ؒ جي ڪلام مان انهن خصوصيات جو مشاهدو ڪيون ٿا،

 

پهريون نمونو: احساس مسئوليت:

متعهد عالم جي سڀ کان وڏي خصوصيت هيءَ آهي جنهن کي امامؒ ذڪر ڪيو آهي، يعني ماڻهن جي لاءِ ذمي داري جو احساس،هن (صفت) علماء کي زنده، محفوظ، باقي رکيو آهي، ۽ انهي احساس ذميداري جي ڪري انهن (علماء) کي ماڻهن جي نگاه ۾ محبوب ڪيو آهي، باوجود ان جي ته علماء سان تمام گهڻي دشمني رکي وئي،پوءِ به هي سلسلو جليله ۽ شجره طيبه باقي آهي، هن جو چند وجوهات آهن، ان مان هڪ ان جي اندر عوام جي لاءِ ذمي داري جو احساس آهي، امامؒ فرمائن ٿا: چه عزتي بالا تر از اين ڪه روحانيت باکمي امکانات تفکر اسلامِ ناب را به سرزمين افکار و انديشه مسلمانان جاري ساخته است”

يعني هن کان وڏو اختيار ٻيو ڇا آهي ته علماء پنهنجي ڪافي گهٽ امڪانات ۽ مختصر وسائل جي ذريعي، اسلامِ ناب جي افڪار کي مسلمانن جي دلين تائين پهچايو ۽ اسلامِ ناب کي زنده رکيو، جنهن سڀ کان وڌيڪ ڪردار امام خمينيؒ جو آهي،

“وبرنهال مقدس فقاهت درگلستان حيات و معنويت هزاران محقق به شکوفه نشته است”

۽ گلستان حيات ۽ معنويت، فقاحت جي مقدس شجره طيبه تي هزارين محققِ نظر آيا، جن ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ هن وڻ فل (ميوو) ڏئي رهيو آهي،

امامؒ فرمائن ٿا ته اگر ڪو هي سوچي ته عالمِ روحانيت ۽ علماء جو هن طرح اثر ۽ رسوخ  ۽ ايتري عظمت ۽ بزرگي کي ڏسي ڪري استعمار انهن کي انهي حال تي ڇڏي ڏين ۽ ان کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ڪو حربو استعمال نه ڪن ته هي ساده لوحي ۽ ساده فڪر آهي،

افڪارِ امام خمينيؒ

 

ٻيون نمونو: امام ؒ علماءِ حق جي قربانين جي باري ۾ بيان فرمائن ٿا،ته علماء متعهد هميشه پنهنجن سينن کي ان زهر آلوده تيرن جي مقابلي ۾ آماده ڪيو جيڪي اسلام جي طرف هلايا ويندا آهن انهن پنهنجي پاڻ کي قربان گاه عشق ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪڏهن عالم متعهد نه هجن ها ته هو پنهنجي سيني کي اسلام جي لاءِ سپر نه ڪن هان، هڪ متعهد عالم جڏهن ميدان ۾ ايندو آهي ته پوسٽ، مقام،۽ رهبري هن جي نگاه ۾ ناهي هوندي بلڪه هو شهادت جي لاءِ ايندو آهي، اگر هو قربان گاه کان بچي ويو ته ممڪن آهي ته ان مان ڪا شئي ان هن تائين پهچي، ليڪن هن پنهنجو پهريون قدم قربان گاه ۾ رکيو آهي، هُن قربان گاه ۾ ممڪن آهي شخص قربان ٿي وڃي يا شخصيت جي قرباني ڏيڻي پوي، ڪافي علماء آهن جن پنهنجي شخصيت جي قرباني پيش ڪئي،

 

 هتي امامؒ تاريخ انقلاب جو پهريون ورق لکڻ ۾ علماء جو قردار بيان ڪري رهيا آهيون،ته 15 خرد 1342 شمسي هجري بروز عاشوره پهريون قيام هيو، جڏهن اسلام ۽ انقلاب جي خاطر خون سان لٿ پت فصل آماده ڪئي ۽ هن قيام ۾ قم جي چهار راهِ شهيد (مدرسه حجتيه) ۽ دفتر تبليغات جي وچ ۾ علماء پنهنجن حياتن (زندگي) کي قربان ڪيو، خُرداد فقط شاه جي سپاهين جي گولين جو مقابلو نه هيو، اگر صرف اهيو هجي هاته آسان هيو ليڪن مشڪل هيءُ هيو ته هڪ طرف شاه جي فوج ۽ ساواک گوليو وسائي رهيا هيا، ۽ ٻي طرف هن کان به سخت گوليون اندر کان هيله گر مقدس مآب ۽ متحجر علماء جي ذريعي هلي رهيون هيون، يعني هو بدنام ڪري،تهمتون هڻي ڪري شخصيت ڪشي۽ ڪردار ڪشي ڪري رهيا هئا، شاه جو گوليون برداشت ڪرڻ آسان هيون ليڪن انهن زخمن کي برداشت ڪرڻ مشڪل هيو،

امامؒ فرمائن ٿا ته زخمِ زبان ۽ زخمِ منافقت جو درد هن زخم کان هزار مرتبه زياده شديد آهي، جيڪو دشمن جي گولين جي نتيجي ۾ ٿيندو آهي، هي هڪ فقيهه، مجتهد، مرجع جا جملا آهن جنهن انهن تمام سختين کي برداشت ڪيو، علماء متعهد کي ايترا وڏا زخم برداشت ڪرڻا پيا جنهن جو ڪو به مرهم (علاج ) نه هيو، اُها گولي جيڪا دشمن جي طرف کان هلندي آهي، اُها بهتر آهي ڇو جو ان سان انسان شهيد ٿيندو آهي، ۽ مشڪلات ختم ٿي ويندي آهي، ليڪن منافق عالم نما جي گولي سان ماڻهون شهيد به ناهي ٿيندو جو راحت ملي وڃي، بلڪه زخم جي شدت وڌي ويندي آهي، ايسيتائي جو قرآن انهن زخمن جي مقابلي ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو ڪئي مرتبه حوصلو وڌايو ۽ تسلي ڏني آهي،

 والسلام عليکم ورحمة الله وبرکاته

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي