جمع, 29 مئي 2020

علم ۽ معرفت شهيد مرتضيٰ مطهري جي نظر ۾

  • انداز قلم

 

 

استاد مطهري زماني جو هڪڙو اهڙو فڪر ڪندڙ انسان هيو جنهن اسلامي معارف کي زماني جي زبان ۽ وقت جي ضرورت کي ڏسي ڪري بيان ڪيو، استاد شهيد جي هڪ خصوصيت هيءَ هئي ته پاڻ جي به منبر تي ايندا هيا ته ماڻهن جي لاءِ اسلام جا گهرا نظريات،

تاريخ اسلام

سادن لفظن ۾ بيان ڪندا هيا، جتي وري علمي مجلس هوندي هئي ته هڪ فلسفيءَ ۽ صاحب نظر عالم جي حثيت ۾ مضبوط مطلب بيان ڪندا هيا ۽ جديد ۽ قديم علمن تي پهچ رکڻ جي ڪري پاڻ مغربي فڪر ۽ سوچ جي بيماريءَ کي سمجهي ويا هيا، ۽ اُنهن کي اُنهن جي شبهن جو بهترين نموني سان جواب ڏيندا هيا، اڄ ڪلهه جي زماني ۾ معرفت جو نظريو يا سڃاڻپ جو مسئلو علمي حلقن ۾ هڪ اهم نظرياتي مسئلو سمجهو وڃي ٿو قديم اسلامي مفڪرن“ نظرئي مفڪرن جي پيرائي ۾ بيان ٿيڻ وارن مباحثن جي باري ۾ پنهنجي راءِ ظاهر ڪئي آهي ليڪن مغرب جي مفڪر جنهن نموني هڪ ئي باب ۾ متفرق نظريات کي جمع ڪيو آهي، اهڙي منظم انداز ۾ قديم اسلامي عالمن کي موقعو هٿ نه آيو ليڪن زماني جي هڪ اهم علمي بحث هجي ۽ شهيد مطهري پنهنجي نظرئي جو اظهار نه ڪيو هجي ٿي نٿو سگهي،؟ هن مڪالي ۾ هن موضوع جي ڪجهه بحثن تي شهيد جي آثارن ۽ کتابن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ شهيد مطهري جي ذات ۽ ان جو ڪردار ۽ عمل يقينًا پيروي جي لائق آهي ۽ ان کي مسلمانن جي لاءِ هڪ مثالي شخصيت طور پيش ڪري سگهجي ٿو، ان جي ڪردار جي جنهن به پهلوء تي ڳالهه ڪئي وڃي ته الڳ باب کولڻو پوندو ان جي ذات ۽ شخصيت جي علمي پهلوئن تي بحث ڪرڻ سان گڏ ان جي نظريات تي ڪم ڪرڻ جي فائدي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي شايد بعض ان نتيجي تي پهچي وڃن ته ان جي نظريات کي سمجهڻ گهڻو ضروري آهي، ان جي لاءِ اسان هن مڪالي ۾ خاص علمي موضوع جو اهتمام ڪيو آهي ۽ معرفت علم جي ڪيفيت ، ماهيت ، ان جا قسم ، معرفت ، ماخذ ۽ ذرائع جي باري ۾ استاد شهيد جي نظرئي کي بيان ڪيو آهي (معرفت ۽ علم جي تعريف) استاد شهيد مطهري جي نظر ۾ علم هڪ واضع مفهوم آهي جنهن جي منطق ۾ تعريف نٿي ٿي سگهي ان جي ڪري جڏهن به علم جي تعريف ڪئي ويندي ته اها تعريف اسمي ۽ ذهن کي قريب ڪرڻ جي لاءِ هوندي استاد شهيد علم جي وضاحت جي لاءِ مختلف تعبيرون بيان ڪيون آهن ڪجهه کي بيان ڪيون ٿا،

 

 

1. شناخت ( علم ) جي معني آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ سڃاڻپ جي مورد ۾ با خبر ٿيڻ آهي،

 

2. علم ذهن ۾ معلوم جي صورت جو نالو آهي،

 

العلم هو الصورت الحاصلت من الشئي عند العقل

 

3. شناخت(علم) ذهن ۾ عيني دنيا جو ڇپجڻ

 

علم ۽ معرفت

 

 

ڇا علم وجود رکي ٿو ؟ ڇا علم ۽ آگاهي ڪوئي امر وجودي آهي يا فقط خيال ۽ وهم جو نالو آهي نظرياتي ۽ فڪري بحثن ۾ هن سوال جو جواب اهميت وارو آهي، ڇو جو اِها ڳالهه باقي نظريات؟ جي بنياد ۽ اساس آهي اسان علم کي وهم ۽ خيال سمجهون ته تمام آگاهي محض خيال ۽ وهم ٿي ويندي اگر علم کي امر وجودي سمجهون ته پوءِ علم هڪ امر وجودي حقيقت تي مبني ٿيندو هن سلسلي ۾ استاد شهيد مطهري جو نظريو هيءُ آهي علم هڪ وجودي حقيقت آهي ۽ ان جي دليل بديهي آهي شهيد پنهنجي ڪتاب اصول فلسفه ۽ روش رئاليسم ۾ لکن ٿا هر هڪ واضح ۽ حضور ڪجهه ذهني امور جي باري ۾ جنهن کي علم ۽ ادراڪ چيو وڃي ٿو ان جي وجود جو قائل آهي، ان جو وجود عالم خارج جي وجود کان زياده واضح ۽ روشن آهي، ڇو جو اگر ڪوئي آئيڊلشن جي طرح وجود خارجي جي باري ۾ ٻڏتر جو شڪار هجي ۽ پنهنجي ادراڪ کي غلط يعني واقع جي مطابق سمجهي ته پوءِ پنهنجي علم جي باري ۾ ٻڏتر جو شڪار نه ٿيندو ڪجهه ذهني امور جي باري ۾ انسان آگاه آهي اُهي واضح آهن ٻئي فلسفي دليل جي طرف محتاج نه آهن

 

 

اقسام علم شهيد مرتضيٰ مطهري جي نظر ۾ علم ۽ شناخت جا ٻه قسم آهن، 1. علم حصولي ، 2 علم حضوري ،

 

ان ٻن علمن جون خصوصيات آهن اصول فلسفه جي حاشيه ۾ استاد مطهري انهن خصوصيات کي بيان ڪن ٿا جن کي اسان پنهنجي لفظن ۾  لکون ٿا،

 

الف: علم حصولي ۾ علم ۽ معلوم جون ٻه الڳ حقيقتون آهن، جڏهن ته علم حضوري ۾ علم جي حقيقت ۽ واقعيت اها ئي معلوم جي واقعيت ۽ حقيقت آهي مثال زمين ۽ آسمان ۽ وڻن جي باري ۾ اسان جو علم حصولي آهي جڏهن ته لذت ۽ درد ڏک جي باري ۾ اسان جو علم حضوري آهي.

 

ب: علم حضوري جي لاءِ ڪنهن وسيلي جي ضرورت نه آهي، جڏهن ته علم حصولي جي لاءِ وسيلو درڪار آهي، جيسيتائين اکيون نه آهن وڻن جي باري ۾ علم پيدا ڪرڻ ممڪن نه آهي، ۽ پوءِ جيڪا تصوير اکين جي ذريعي ٺهندي اِها به ذهني عمليات مان گذري ڪري نفس تي نقش ٿيندي،

 

علم ۽ معرفت

 

 

ج: فڪر ۽ يقين تصور ۽ تصديق خطا ۽ صواب توجه ۽ تذڪر تعقل ۽ استدلال تفهيم ۽ تفهم فلسفه ۽ علوم اهي سڀ علم حصولي سان مخصوص آهن، علم حضوري جي لاءِ انهن سڀني جي گنجائش موجود نه آهي، انساني علم حضوري جو قسمون: انسان جو نفس علم حضوري رکي ٿو استاد مطهري جي نظر ۾ اهو چئن قسمن جو آهي، الف: پنهنجي نفس جي باري ۾ علم حضوري، ب: پنهنجي نفس جي آثار ۽ افعالن جي  باري ۾ علم حضوري جيئين ارادو محبت، نفرت وغيره، ج: پنهنجي قوتن جي باري ۾ جن قوتن ذريعي پنهنجو ڪم ڪري ٿو علم حضوري رکي ٿو، د: حواس ۽ محسوساتي قوتن جي ملڻ جي ڪري حاصل ٿيل مادي حقيقتن جي خواص جي باري ۾ علم حضوري مثال ڏسڻ جي ڪري انساني اک تي پوڻ واري پردي جو اثر جي باري ۾ علم، علم حضوري جي چوٿي قسم آهي جنهن جي ذريعي اکثر ذهني صورتون ٺاهيون وڃن ٿيون، هن علم جي ذريعي خارجي دنيا مان ذهن جي ذريعي معلومات حاصل ڪري ٿو، ڊڪارٽ جي استدلال جي خامي: پنهنجي وجود جي باري ۾ ڊڪارٽ هيئين دليل ڏئي ٿو مان سوچان ٿو ته بس آهيان يعني پنهنجي علم جي وجود جي ڪري پنهنجو وجود ثابت ٿو ڪري جهڙوڪ هي دليل انساني نفس جي واقعيت رکڻ بنيادي نظريي جي تائيد ٿي ڪري جيڪو نظريو بهر حال استاد مطهري جو به آهي ليڪن ان جي باوجود استدلال ۾ ضعف پاتو وڃي ٿو ان جي ڪري استاد مطهري ان ڪمزوري کي بيان ڪرڻ کان لهرايو نه اٿس، ۽ علمي بحث ڪري ان جي خامي کي بيان ڪيو اٿس شهيد فرمائن ٿا آثار ۽ افعال جو علم اهڙي طرح نفس جي قوتن ۽ آلاتن جو علم ان لحاظ سان ته اهو “مان” جي وجود جي مراتب ۽ ان جا متعلقات آهن حقيقت ۽ واقعيت جي لحاظ کان انهن جو وجود ۽ “مان” جو وجود هڪ ٻئي سان مليل آهن، اهڙي طرح ان جو وجود “مان” ۾ هڪ نسبت ۽ اضافيت رکي ٿو هن نسبت جي ختم ٿيڻ سان وجود ختم ٿي وڃي ٿو ان جي ڪري ممڪن نه آهي ته ذهن ان ٻن کي “مان” جي ڏسڻ کان الڳ ڪري ڏسي، پوءِ جڏهن مان ڏٺو کي مشهور ڪري ٿو، پوءِ هو پاڻ کي ۽ پنهنجي ڏسڻ جي مشهود کي پنهنجي مشهود سان ملائي ٿو اتان کان ثابت ٿيئي ٿو ته ڊڪارٽ پنهنجي نفس جي وجود جي باري ۾ استدلال پنهنجي فڪر ۽ نظر جي وجود ذريعي صحيح ناهي ، ڇو جو انسان پنهنجي سوچ جي وجود کان پهريان پنهنجي پاڻ کي حاصل ڪري ٿو ڊڪارٽ جو هي جملو “مان سوچيان” ان ڳالهه جو شاهد آهي ته سوچ مطلق نه آهي بلڪه اها سوچ مقيد آهي، مان کان پوءِ ان هن کان پهريائين پنهنجو پاڻ کي حاصل ڪيائين، علم جي بنياد علم حضوري آهي جيئين چيو ويو آهي ته علم حصولي جو ڪم معلوم جي تصوير ٺاهڻ آهي، ۽ هيءُ ڪم خاص قوت ۽ خاص سسٽم سان وجود ۾ اچي ٿو هيءُ قوت ان وقت ڪم ڪري ٿي جڏهن ڪنهن واقعيت جي وجود سان ڳانڌاپو ڪري ان جي ڪري علم حصولي به تڏهن پيدا ٿي سگهي ٿو، جڏهن قوت مدرڪ جي واقعيت معلوم جي واقعيت سان وجودي اتصال پيدا ڪري هي ڳالهه به بيان ٿي آهي ته قوت مدرڪه نفس جي قوتن مان هڪ قوت آهي لهذا نفس کان هٽي ڪري ان جو وجود نه آهي پوءِ چيو ويندو ته علم حصولي جي شرط

 

علم ۽ معرفت

 

 

هيءَ آهي ته نفس معلوم جي حقيقت سان وجودي طور تي اتصال ۽ ارتباط پيدا ڪري استاد شهيد مطهري جي نظرئي ۾ جڏهن به ڪا واقعيت نفس جي حقيقت سان وجود ملي وڃي ته نفس هن حقيقت کي علم حضوريءَ جي ذريعي سڃاڻپ ڪري ٿو لهذا علم حصولي جي مرحلي کان پهرئين علم حضوري جو مرحلو اچي ٿو،هن بحث کان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي ته استاد شهيد مطهري جي نظر ۾ علم چاهي حصولي هجي يا حضوري ان جي بنياد علم حضوري ئي آهي ايسيتائين خارجي دنيا هجي يا نفس جي ڪيفيات ۽ حالات هر شي جي علم جي بنياد علم حضوري آهي، ۽ هر علم حضوري تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن نفس عالم معلوم شخص سان وجود ۾ اتحاد ۽ ڳانڍاپو پيدا نه ڪري هتي هڪ علمي بحث ٻئي به آهي اها هيءَ آهي ته علم حضوري ۾ عالم ۽ معلوم جي رابطي جي جي نوعيت ۽ ڪيفيت ڪهڙي هوندي ؟ استاد شهيد هن موضوع تي پنهنجي ڪتاب اصول فلسفي ۾ سير حاصل بحث ڪئي آهي، هن موضوع تي مختلف نظرين جو جائزو ورتو اٿئي ان تي ٿيڻ وارن اعتراضن کي بيان ڪيو اٿئي پوءِ پنهنجو نظريو ٻڌايو اٿئي، ۽ چيو اٿئي ته هي نظريو صدرالمتالهين جو آهي، هن نظريه جي مطابق علم حضوري ۾ عالم ۽ معلوم جو ارتباط غير مادي هجي يعني زمان ۽ مڪان کان مٿانهون ضروري آهي پوءِ علم حضوري اهو علم آهي جيڪو پنهنجي باري ۾ يا نفس جي باري ۾ ۽ متعلقات جي وجود جي باري ۾ جيڪو زمان ۽ مڪان جي قيد کان پاڪ آهي، علم ۽ معرفت جا ذريعا ۽ وٺڻ جون جڳهون هن موضوع جي باري ۾ مفڪرن جي وچ ۾ مختلف نظريات رهيا آهن استاد شهيد پنهنجي آثارن ۾ ان جو جائزو پيش ڪيو آهي پوءِ پنهنجي غير معمولي علمي تجربي جي ذريعي پنهنجي نظرئي کي بيان ڪيو اٿس جنهن جو خلاصو هيءُ آهي، 1. معرفت جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو حواس آهن حواس جي ذريعي حاصل ٿيڻ واري معرفت جو ماخذ طبعي عالم آهي، 2. معرفت حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو منطقي ۽ عقلي استدلال آهي ان جو ماخذ عقل آهي، يعني عقل جي ذريعي نه يعني هڪ عالم جي حثيت ۾، 3. معرفت جو هڪ ذريعو تزڪيه نفس آهي جنهن جو ماخذ قلب ۽ دل آهي، جيڪا عارفن ۽ صوفين جي اصلاح آهي، 4. معرفت جو هڪ مصدر ۽ ماخذ تاريخ آهي البته هڪ لحاظ کان ان کي عالم طبيعت ڳڻي سگهجي ٿو،

 

 

علم ۽ معرفت

 

 

 معرفت جي لحاظ کان سائنس ۽ دين ۾ فرق:شهيد مطهري جي نظر ۾ دين انساني معرفت کي وڌائڻ لاءِ آيو آهي ۽ اهو ئي ڪم اڃ جي سائنس انجام ڏيئي رهي اهي، پوءِ فرق ڇا ٿيو ؟ هن مطلب جي وضاحت جي لاءِ ضروري آهي استاد مطهري ئي قرآني اصطلاح آيت (نشاني ۽ علامت) جي ذريعي معرفت جو تصور پيش ڪيو آهي هن کي واضع ڪيو وڃي توهان عقلي معرفت جي هڪ قسم کي آيت جي ذريعي معرفت چئي ( آيتي معرفت ) سگهون ٿا،يعني ڪنهن جي سڃاڻپ نشانين جي ذريعي حاصل ٿئي مثال ڪنهن عالم جي علمي بحثن ۽ ڪاوشن ۽ اثرن کي ڏسي ڪري سمجهيو وڃي ته هو علم جو درياء آهي، ان معرفت ذريعي “فرائڊ” لاشعور کي ڪشف ڪيو آهي، جڏهن “فرائڊ” ڏٺو ته گهڻيون اهڙيون گذريل ڳالهيون جن جو اثر انسان تي پوي ٿو جنهن جو هو انسان شعور نٿو رکي بظاهر انهن کي وساري ڇڏيو آهي ته هو ان کان هن نتيجي تي پهتو آهي ته انسان جو هڪ لاشعور به آهي جنهن ۾ هيء ڳالهيون محفوظ ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪنهن نه ڪنهن وقت پنهنجي هجڻ جو اظهار ڪن ٿيون شهيد مطهري جي نظر ۾ خدا سڃاڻڻ جي لاءِ به آيتي معرفت ئي آهي بلڪه انساني معرفت جو 90 فيصد حصو آيتي معرفت جي مرهون منت ئي آهي، ان جي ڪري مطهري جي نظر ۾ هي ڳالهه اهم آهي اگر اسان خدا سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيون جهڙوڪ آيتي معرفت کي ڪوڙو ڪيوسين پوءِ انسان جي 90 فيصد معرفتن جو انڪار ڪرڻو پوندو، شهيد مطهري جي نظر ۾ سائنس ۽ دين ٻئي آيتي معرفت ذريعي انسان جي معلومات کي وڌائن ٿيون يعني معرفت هجڻ جي ناطي ٻئي هڪ ئي ماهيت جون حامل آهن ليڪن موضوع جي لحاظ کان ڌار ڌار آهن سائنس ۾ آيتي معرفت ذريعي دنيا جي هڪ جزء ۽ حصي جي معرفت حاصل ٿئي ٿي جڏهن ته دين اسان کي ان معرفت ذريعي دنيا جي حقيقت ۽ رازن کان واقف ڪرائي ٿو ان معرفت ذريعي فرائڊ لاشعور کي ڪشف ٿو ڪري جڏهن ته حضرت ابراهيم ان معرفت ذريعي ڪائنات جي پيدا ڪرڻ واري کي ڪشف ڪري ٿو،

 

 

 

 

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي