جمع, 29 مئي 2020

انقلاب اسلامي ايران جو روايات ۾ ذڪر

  • انداز قلم

 

مقدمو

شايد اھو چئي سگھجي ٿو تہ سڀ کان پھريون انقلاب جنھن ظھور حضرت امام زمان عجل اللہ تعالي فرجہ الشريف جي نزديڪ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردارادا ڪيو آھي اھو جمھوري اسلامي ايران جو انقلاب آھي .

تاريخ اسلام

انقلاب اسلامي ايران ھڪ اھڙو پاڪ انقلاب آھي جنھن ظھور موعود جي راھ کي ھموار ڪرڻ ۾ تمام گھڻيون سختيون برداش ڪيون آھن.

انقلاب اسلامي ايران جو ذڪر روايات معصومين عليھم السلام ۾ تمام گھڻو آيل آھي اسان ڪجھ اھڙين روايتن کي تحرير ڪنداسون جن ۾ ايران جي ماڻھن جي انقلاب کي ياد ڪيو ويو آھي ۽ روايات جي نگاھ ۾ ايراني انقلاب حضرت صاحب الزمان

عجل اللہ تعالي فرجہ الشريف جي ظھورجون راھون ھموار ڪرڻ وارو نظر اچي ٿو ۽ روايات جي پيش نظر ايراني ماڻھو  انقلاب اسلامي  جي حفاظت ڪندا رھندا ۽ ڪو بہ دشمن انقلاب اسلامي ايران کي نقصان ڏئي نہ سگھندو ۽ ايراني ماڻھو پنھنجي انقلاب کي حضرت مھدي عجل اللہ تعالي فرجہ الشريف جي  حوالي ڪندا.

روايات ۾ ايراني انقلاب جي مدح ۽ ساراھ ڪئي وئي آھي اسان ڪجھ راوايات کي ذڪر ڪندا سون جن ۾ ايران جي انقلاب کي مطرح ڪيو ويو آھي.

 انشاء اللہ اميد آھي تہ ھي تحقيق دوستن لاء مفيد ثابت ٿي سگھندي.  

                                    الھي آمين

روايات : 1   

قم شھر جي  رھواسي جو انقلاب

حضرت امام موسي ڪاظم عليہ السلام کان روايت آھي تہ (رجل من اھل قم يدعو الناس الی الحق یجتمع معه قوم کزبر الحدید لاتزلهم الرباح ولا یملون من الحرب ولایجبنون وعلی الله یتوکلون والعاقبة للمتقین.)                 

  بحار الانوار،ج۵۷، ص۲۱۶

 

مولا جن فرمائن ٿا:  قم جي رھواسن  مان ھڪ مرد ماڻھن کي حق جي دعوت ڏيندو ۽ ماڻھن جو ھڪ ٽولو ان مرد جي دعوت تي لبيڪ چوندو ۽ ماڻھو ان مرد کي اڪيلو نہ ڇڏيندا انھن ماڻھن جون دلون ۽ قلب لوھ وانگر مضبوط ھونديون ۽ دشمنن جون چالاڪيون ۽ حيلا انھن کي متزلزل نہ  ڪري سگھندا جنگ ڪرڻ کان  نہ ڪڏھن   ٿڪبا ۽ نہ وري جنگ کان خوف کائيندا، خدا تي توڪل ۽ ڀروسو ڪرڻ وارا ھوندا ۽ يقينا عاقبت پرھيزگارن ۽ متقين جي لاء آھي.

ھن روايت ۾ واضح طور تي قم جي ماڻھن جي انقلاب جي تصريح  ڪئي وئي آھي ۽ روايت ۾ انقلاب ۽ انقلابين جون نيڪ صفتون بيان ڪيون ويون آھن ۽ اھڙين انقلابن جي ذريعي ئي امام عليہ السلام جي ظھور جي راھ ۽ رستن کي ھموار ڪري سگھجي ٿو.

 

روايت :۲

عفان بصري جوبيان آھي تہ حضرت امام جعفرصادق عليہ السلام مون کي فرمايو:  آيا توکي خبر آھي تہ قم شھر کي قم ڇو چوندا آھن؟ مان چيو خدا ۽ ان جو رسول وڌيڪ ڄاڻن ٿا. حضرت امام جعفرصادق عليہ السلام ادامو ڏيندي فرمايو:(انما سمي قم لان اهله  يجتمعون مع قائم آل محمد صلوات الله عليه ويقومون معه و يستقيمون علیه وینصرونه.)

قم کي فقط ان ڪري قم سڏيو ويو آھي جو قم جا رھواسي قائم آل محمد صلوات الله عليه سان ساٿ ڏيندا ۽ سندس سان  قيام ڪندا ۽ قائم آل محمد جي راھ کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏيندا ۽  قائم آل محمد جي مدد ۽ نصرت ڪندا رھندا.         

  بحارالانوار،ج ۵۷،۲۱۶

 

ھڪ ضروري نڪتو

ان نڪتي ڏانھن ضرور توجہ ڏيڻو پوندو تہ قم ۽ ان جي رھواسن مان مراد فقط شھر قم نہ آھي تہ جينئن ڪوبہ ائين نہ چئي سگھي تہ ڇا ايران جي ٻين شھرن جي ماڻھن امام عليہ السلام جي مدد ۽ نصرت لاء قيام ناھي ڪيو؟ بلڪي روايت ۾ اھل قم مان مراد اھي سچا شيعا آھن جيڪي اھل قم وانگر قيام ڪندا ۽ امام عليہ السلام جي مدد ۽ نصرت ۾ ھڪ لحظو شڪ ۽ ترديد نہ ڪندا اھو ئي سبب آھي جو ائمه اطھار عليھم السلام جي وقت ۾ قم جو شھرسچن شيعن جو شھر سڏيو ويندو ھيو .

بس اھا فضيلت قم جي ماڻھن سان مخصوص نہ آھي بلڪي ان فضيلت ۾ اھي سڀ ماڻھو ۽ شھر شامل آھن جن ان قيام ۾ قم جي رھواسن ۽ قم جي ليڊرن سان مشارڪت ۽ ھمڪاري ڪئي ھجي.

روايت:۳

نعماني ابي خالد ڪابلي کان ۽ ان امام باقر عليہ السلام کان روايت نقل ڪئي آھي.

 کأني بقوم قد خرجوا بالمشرق يطلبون الحق فلايعطونہ ثم يطلبونہ فلايعطونہ فإذا رأوا ذالک وضعوا سیوفهم علی عواتقهم فیعطون  ماسئلوه فلا یقبلونه حتي يقوموا ولا يدفعونها الا إلی صاحبکم قتلاهم شهداء اما إنی لو أدرکت ذالک لاستبقیت نفسی لصاحب هذا الامر.  (الغیبة،ص۲۷۳)

امام عليہ السلام فرماين ٿا: ڄڻ مان ڏسي رھيو آھيان تہ زمين جي مشرق ۾ ھڪ ٽولي قيام ڪيو آھي ۽ پنھنجي حق کي طلب ڪندا ليڪن انھن کي حق نہ ڏنو ويندو وري ٻيھر حق کي وٺڻ جي ڪوشش ڪندا ليڪن وري بہ ھنن کي حق نہ ملندو جڏھن اھو گروھ ڏسندو تہ اسان کي حق نٿو ملي ان وقت جنگي اسلحي سان گڏ پنھنجي قيام جو آغازڪندا انھن جو قيام ڏسي فاسد ۽ ظالم حڪمران چاھيندا تہ انقلابن کي حق ڏنا وڃن ۽ انھن جي مطالبات کي قبول ڪيو وڃي ليڪن انقلابي ظالمن جي ڳالھ نہ ٻڌندا ۽ انقلابي نہ چاھيندا تہ ھنن کي حق ڏانا وڃن بلڪي ھو پاڻ احقاق ڪندا ۽ ھو انقلاب جي جھنڊي کي پنھنجي حقيقي مالڪ جي حوالي ڪندا ان انقلاب ۾ مارجي ويل ماڻھو شھيداء جي لسٽ ۾ ھوندا، اگر مان ان انقلاب کي درڪ ڪيان  تہ پاڻ کي صاحب الامر جي مدد ۽ نصرت لاء محفوظ رکندس.

شايد ھي حديث پڻ ملت ايران جي انقلاب کي بيان ڪري رھي آھي ڇوتہ شاھ پھلوي پنھنجي سلطنت جي آخري وقت ۾ ٽيليويزن تي آيو ۽ چوڻ لڳو تہ مان پنھنجي غلطين جواظھار ڪندي ملت جي آڏو تسليم آھيان ۽ انھن کي حق ڏيڻ لاء تيار آھيان، ليڪن ايران جي غيور ۽ انقلابي ماڻھن شاھ جي پيشڪش کي قبول نہ ڪيو فقط شاھ جي عزل ۽ برطرف ٿيڻ جو مطالبو ڪندا رھيا.

امام باقر عليہ السلام ھن حديث ۾ ھڪ جملو فرمايو آھي اھو ھي تہ (( اگر مان ان انقلاب کي درڪ ڪيان تہ پاڻ کي امام عصر جي ظھور لاء محفوظ رکندس)). امام عليہ السلام جي ان جملي مان معلوم ٿئي ٿو تہ انقلاب اسلامي ۽ ظھور امام عصرعجل اللہ تعالي فرجه الشريف جي و چ ۾ انسان جي ھڪ طبيعي عمر جيترو فاصلو ھوندو.ان جو مطلب ھي آھي تہ جنھن انقلاب اسلامي ايران کي درڪ ڪيو ۽ ڏٺو ۽ اگر ھن دنيا ۾ طبيعي عمر ڪئي اھو ضرور امام صاحب الزمان ( عج) جي ظھور کي بہ ڏسندو .يعني انقلاب اسلامي ايران ۽ ظھور امام زمان ( عج) جي وچ ۾ فقط  چاليھ (۴۰) ياپنجاھ (۵۰) سالن جو فاصلو ھوندو ڇوتہ ھن زماني ۾ انسان جي طبيعي عمر پنجاھ سال تائين پھچي ٿي ۽ حديث مطابق  امام عليہ السلام طبيعي عمر کي ٻڌايو آھي.

( نڪتو) البتہ ان نڪتي جي طرف توجہ ڏيڻ ضروري آھي تہ ھرشيء  خدا جي ھٿ ۾ آھي جڏھن بہ خدا مصلحت ڏٺي ان وقت امام عصر ( عج) کي ظھور ۽ قيام جو حڪم ڏيندو اگراسان جلدي ۾ خدا جي قريب ۽ ڀلا ۽  نيڪ انسان ٿي وياسون تہ خدا بہ امام عليہ السلام کي جلدي ۾ ظھور جوحڪم ڏينددو. ليڪن اگر اسان پاڻ کي ٺاھي نہ سگھياسون ظھور ۾ تاخير ٿيندي رھندي خدا ڪري اسان ظھور جي تاخير جا باعث نہ بڻجون.

 

امام باقر  عليہ السلام جي حديث مطابق ھي انقلاب زمين جي مشرق ۾ ايندو ۽ مشرقي انقلاب ايران جی انقلاب تي ئي منطبق ٿي سگھي ٿو ڇوتہ ايران جعغرافي حوالي سان زمين جي مشرق ۾ واقع آھي.

ھند ء چين بہ پڻ مشرق ۾ آھن ليڪن انھن کي مشرق دور يعني پري وارو مشرق چيو ويندو آھي،عراق ۽ سوريہ شمال حجاز ۽ واقع آھن اھڙي طرح مصر ۽ مراڪش بہ جزيرةالعرب ۾ واقع آھن.              (مردان عصر ظھور،ص ۲۱)

روايت : ۴

شيعا ۽ سني حضرات حضرت اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليہ السلام کان روايت نقل ڪئي آھي تہ

 (( المهدي أقبل جعد بخده خال یکون مبدؤه من قبل المشرق واذا کان ذالک خرج السفیانی.))      الغیبة ( للنعماني)، ص ۳۰۴

حضرت مهدي عجل الله تعالي فرجه الشريف جون اکيون وڏيون ۽  دلربا  ۽  زلف وڻندڙ ھوندا  ۽ حضرت جي رخسار مبارڪ تي ھڪ  تر ھوندو ۽ حضرت مھدي ( عج) جي قيام جي ابتدا مشرق زمين کان ڪئي ويندي  ۽ ان وقت سفياني خروج ڪندو.

ھن روايت مبارڪہ ۽ انقلاب اسلامي کي فقط ظھور جي لاء راھ ھموار ڪرڻ وارو ناھي چيو ويو بلڪي روايت ۾ آھي تہ حضرت مھدي ( عج)جي  قيام جي ابتدا انقلاب اسلامي کان ڪئي ويندي ان جو مطلب ھي آھي تہ امام زمان ( عج) جي قيام ۽ ايراني انقلاب ۾ ڪوبہ فرق نہ ھوندو امام عليہ الاسلام جوقيام انقلاب اسلامي ايران جو ادامو ھوندو ٻنھين قيامن جو ھدف ھڪئي ھوندو امام زمان ( عج) انقلاب اسلامي جي پاڪ ھدف کي ڪمال حقيقي تائين پھچائيندا. ( مردان عصر ظھور،ص ۲۳)

روايت: ۵

حضرت رسول اڪرم کان ھڪ طويل روايت نقل ٿيل آھي جنھن جا ڪجھ جملا پيش خدمت آھن(( حتی يأتي قوم  من قبل المشرق ومعهم رایات سودفیقاتلون وینصرون فیعطون ماسئلوا فلایقبلون حتی یدفعوه الی جل من اهل بیتی  فمن ادرک ذالک منکم فلیأتهم  (بحارالانوار،ج۵۱، ص ۸۳)

پاڻ سڳورا فرماين ٿا:  منھنجي اھلبيت تي وڏاظلم ڪيا ويندا… ايستائين جو ڪارا جھنڊا مشرق کان ظاھر ٿين…  اھي ڪارن جھنڊن وارا پنھنجي انقلاب جي لاء جنگ ڪندا ۽ ھو ڪامياب ٿي ويندا ۽ حڪومت ڪندا… ايستائين جو ھو پنھنجي انقلاب ۽ ڪارن جھنڊن کي منھنجي اھلبيت منجھان ھڪ مرد( امام مھدي)

 جي حوالي ڪندا…  جنھن بہ انقلاب اسلامي کي درڪ ڪيو ان تي ضروري آھي تہ انقلاب اسلامي جي ھمراھي ۾ مدد ڪري ۽ اھڙي انقلاب کي اڪيلو نہ ڇڏي…

ھن روايت ۾ پاڻ سڳورن کان تصريح ٿيل آھي تہ انقلاب اسلامي ايران ظھور امام زمان( عج) تائين باقي رھندو ۽ ان انقلاب ۽ قيام کي امام عالي مقام جي حوالي ڪيو ويندو.

نتيجو:

اسان جيڪي بہ روايتون نقل ڪيون ۽ ٻيون ڪيتريون روايتون جيڪي ان موضوع جي باري ۾ وارد ٿيون آھن انھن سڀني جو نتيجو چند ڳالھين ۾  خلاصو ٿئي ٿو.

(۱) حضرت امام زمان عجل اللہ تعالي فرجہ الشريف جي ظھور کان پھريان ايران ۾ انقلاب ايندو.

(۲) انقلاب اسلام ظھور جي راھ کي  ھموار ڪرڻ وارو ھوندو.

(۳) ان قيام ۽ انقلاب جو پھريون ليڊر ۽ رھبر قم شھر جو رھواسي ھوندو.

(۴) ھن قيام کي چند مرحلن ۾ انجام ڏنو ويندو ليڪن ٻئي يا ٽئين مرحلي م مسلحانہ جنگ جي ذريعي ڪاميابي کي ماڻيندو.

(۵) ايرانين جو قيام ۽ انقلاب امام صاحب الزمان ( عج) جي ظھور تائين باقي رھندو ۽ دنيا جي ڪابہ قدرت انقلاب ايران کي ختم نہ ڪري سگھندي.

(۶) ايران جا انقلابي ماڻھو پنھنجي انقلاب جي جھنڊي کي امام صاحب العصر والزمان ( عج) جي حوالي ڪندا.

(۷) ڪجھ روايات منجھان ظاھر ٿو ٿئي تہ انقلاب ايران ۽ امام زمان( عج) جي ظھور جي درميان ھڪ انسان جي طبيعي عمر جيترو فاصلو ھوندو.

(۸) حضرت امام باقر عليہ السلام جي روايت مطابق انقلاب اسلامي ۾ قتل ٿي ويل ماڻھو شھادت جو درجو ماڻيندا. انقلاب اسلامي جي ذڪر ٿيل خصوصيات منجھان اھو احتمال ڏئي سگھجي ٿو تہ  اھو انقلاب جنھن کي روايات ۾ بيان ڪيو آھي اھو ايران جو انقلاب آھي جنھن انقلاب کي امام خميني رحمة اللہ عليہ جي رھبري جو اعزاز حاصل آھي ڇوتہ ان قيام جو رھبر روايات مطابق قم جو رھواسي ھوندو ۽ ايران جي پوري تاريخ ۾ اھڙو قيام ۽ اھڙو انقلاب جنھن کي قم جي ليڊر سنڀاليو ھجي ۽ ظھور جي راھ کي ھموار ڪندو ھجي امام خميني جي انقلاب کان سوا وجود نٿو رکي. بس جنھن انقلاب کي معصومين عليھم السلام پنھنجي  روايات ۾  بيان ڪيو آھي اھو انقلاب امام خميني رحمة اللہ عليہ جو انقلاب آھي جنھن جي ابتدا قم کان ڪئي وئي ۽ پوري ايران م پکڙجي ويو.

خدا جي لطف ۽ عنايت سان ھي انقلاب تا ظھور امام زمان ( عج) باقي رھندو ۽ اسان کي بہ خدا توفيق ڏيندو تاڪي ان انقلاب جا حامي ۽ مددگار ٿي سگھون. 

خطابات حضرت امام خميني رحمة الله عليه

امام خميني رحمة اللہ عليہ مختلف مقامات تي پنھنجي خطابات ۾ انقلاب اسلامي ايران کي ظھور موعود لاء راھ ھموار ڪرڻ وارو انقلاب سڏيو آھي.

(۱) اسان جو انقلاب حقيقت ۾ احڪام محمدي کي بيان ڪرڻ وارو ۽ ظالمن جي ظلم کي ختم ڪرڻ وارو آھي، اسان خدا جي مدد سان  ظھور منجي ۽ مصلح ڪل ۽ امامت مطلق حق امام زمان ( عج) جي راھ  کي ھموار ڪنداسين     (صحيفہ نور،ج ۲، ص۱۳۲)

(۲) ايراني ماڻھن جو انقلاب، حضرت حجت عليه السلام جي انقلاب ۽ قيام جو ھڪ شروعاتي مرحلو آھي، خدا پوري جھان جي مسلمانن تي پنھنجو فضل ڪري تہ جيئن صاحب الزمان( عج) جو ظھور اسان جي وقت ۾ ٿئي. (صحيفہ نور،ج۲۱، ص ۱۰۸)

(۳) خداتي توڪل ۽  ڀروسو ڪندي، ھن ملڪ جي اصلي مالڪ جي مدد سان  يعني امام زمان ( عج) ھن مقصد کي آخر تائين پھچايو ۽ اوھان ضرور پھچائيندئو.

(صحيفہ نور،ج۱۴، ص۳۳۰)

اھڙي طرح امام خميني رحمة اللہ عليہ جا ٻيا  ڪيترائي بيانات آھن جن ۾ اھا تصريح ٿيل آھي تہ انقلاب اسلامي ايران جو اصلي مقصد ظھور جي راھ کي ھموار ڪرڻ آھي.

اسان بہ ڪوشش ڪيون تہ انقلاب ايران جا حامي ۽ مدد گار ثابت ٿي سگھون ۽ ان انقلاب جي لاء اھڙا ڪم انجام ڏيون جن اعمال جي ذريعي ظھور ولي  عصر اروحنالہ الفدا جي راھ ھموار ٿي سگھي.

والسلام عليڪم ورحمة اللہ وبرڪاته

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي