آچر, 29 نومبر 2020

جنت البقيع تاريخ جي آئيني ۾

  • انداز قلم

 

 

جنت البقيع قبرستان پهريان هي هڪ باغ هيو عربي ۾ ان جڳھ کي ”البقيع الغرقد“ چوندا هئا، بقيع يعني وڻن جو باغ ۽ غرقد چوندا هئا هڪ مخصوص وڻ کي جيڪو ان باغ ۾ تمام گهڻو هيو ان ڪري ٻن نالن سان مرڪب ٿيو ” البقيع الغرقد“ هن باغ جي ٻاهريان چئني طرفن کان ماڻهن جا گهر هئا، هن باغ جي ٻاهريان حضرت علي عليه السلام جي

تاريخ اسلام

ڀاءُ حضرت عقيل جو گهر هيو جڏهن ماڻهو ان جاءِ تي پنهنجي عزيزن کي دفن ڪندا ويا ته ان باغ جا وڻ به وڍيندا ويا ۽ جڏهن باغ مڪمل ڀرجي ويو ته ماڻهن پنهنجن گهر کي پنهنجي قبيلن وارن جو قبرستان بڻايو ۽ جڏهن حضرت عقيل جي گهر جي واري آئي ته ان گهر کي ”مقبره بني هاشم“ جي نالي سان سڏيو ويو ڇو جو انهي گهر ۾ بني هاشم جي ماڻهن کي دفن ڪيو ويندو هيو، مقبره بني هاشم جيڪا شخصي ملڪيت هئي انهي ڪري انهي جاءِ تي ائمه اطهار جون مزارون انهي گهر ۾ هيون. (1)

 

قبرستان جي ابتدا (پهريون قبرون)

مسلمانن جي هجرت کان پهريان مديني جا ماڻهو پنهنجي عزيزن کي ٻن جاين تي دفنائيندا هئا، ”بني حزام“ ۽ ”بني سالم

سڀ کان پهريان مدينه منوره جي رهڻ وارن يعني انصار مان اسعد بن زراره ۽ مهاجر مسلمانن مان عثمان بن مظعون هن قبرستان ۾ دفن ٿيا، هي قبرستان پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سفارش تي قائم ٿيو، ڇو جو پاڻ ئي پنهنجي صحابي عثمان بن مظعون کي هن جاءِ (جنت البقيع) تي دفن ڪرڻ جي فيصلو ڪيو (2)

پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي مڪي جي ساٿي کي دفن ڪرڻ کان بعد ۾ حڪم ڏنو ته ڪو پٿر کڻي اچو ته عثمان بن مظعون جي قبر تي نشاني طور رکون، پيغمبر اڪرم پنهنجن هٿن سان پنهنجي صحابي جي قبر تي نشاني طور پٿر رکيو (3) ان کان بعد ۾ جڏهن به ڪو ماڻهو وفات ڪري ويندو هيو ته ماڻهو ان جي قبر مٿان پٿر نشاني طور رکندا هئا، جناب عثمان بن مظعون جي قبر مٿان رکيل پٿر بني اميه جي دور تائين موجود هيو، جڏهن مروان مدينه جو حاڪم ٿيو ته ان اهو پٿر جناب عثمان بن مظعون جي قبر مٿان هٽايو جنهن تي بني اميه سميت ٻين مسلمانن تمام گهڻي تنقيد ڪئي، ان کان بعد ۾ احد جي زخمي شهداءِ کي پڻ جنت البقيع قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو

هن قبرستان ۾ پهريان اهڙيون تختيون يا نشانات نه هئا جن سان معلوم ٿي سگهي ته هي ڪنهن جي قبر آهي پر ڪجھ وقت کان بعد ۾ مورخين تحقيق ڪري ڪجھ اهم شخيصات جي قبرن جي نشاندهي ڪئي، وقت جي گذرڻ سان هن قبرستان ۾ قبرن جي تعداد وڌي ۽ انهن مٿان گبنذ به تعمير ٿيندا رهيا جيڪي سئو سال پهريان تائين باقي هئا.

 

قبرسان بقيع ۾ دفن ٿيل ڪجھ اهم شخصيات

هن قبرسان ۾ مدينه ۽ مڪه سان تعلق رکندڙ مسلمان دفن ٿيل آهن ۽ هي مسلمانن جو پهريان قبرستان آهي جيڪو نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي هجرت کان بعد ۾ وجود ۾ آيو. هن قبرستان ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي پٽ جناب ابراهيم کي به دفنايو ويو هيو، ان کان علاون پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جون سڏيل نياڻيو ام ڪلثوم، رقيه ۽ زينب پڻ دفن ٿيل آهن گهرواين منجهان حضرت عائشه بنت ابوبڪر رضي الله تعالي عنها، حضرت سوده بنت زمعه، حضرت حفصه بنت عمر رضه حضرت زينب بنت خزيمه، حضرت ام سلمه، حضرت جويريه بنت حارث، حضرت ام حبيبه، رمله بنت ابو سفيان، حضرت صفيه بنت حي بن اخطب حضرت ميمونه بنت حارث رضي الله تعالي عنها هن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. جڏهن ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه واله وسلم جي هڪ گهرواري حضرت خديجه بنت خويلد مڪه مڪرمه ۾ دفن ٿيل آهي.

اھل بيت اطھار عليھم السلام منجھان

 

اهلبيت عليه السلام منجهان هن قبرستان ۾ حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها، حضرت امام حسن بن علي عليه السلام، حضرت امام زين العابدين بن امام حسين عليه السلام، امام محمد باقر بن امام زين العابدين عليه السلام، حضرت امام جعفر صادق بن امام محمد باقر عليه السلام، حضرت عباس بن عبدالمطلب، حضرت فاطمه بنت اسد، حضرت عقيل بن ابي طالب، حضرت عبدالله ابن جعفر، حضرت ام البنين فاطمه ڪلابيه حضرت عباس عليه السلام جي ماءُ، جناب صفيہ بنت عبدالمطلب، جناب عاتڪه بنت عبدالمطلب، جناب ابراهيم بن رسول خدا جيڪو سن 7 هجري ۾ پيدا ٿيو ۽ 16 يا 17 مهينا زنده رهيو پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم هن قبرسان ۾ دفنايو ۽ جناب ابراهيم جي وفات تي پورو مدينه غمگين هيو، جناب محمد بن حنفيه امام علي عليه السلام جو پٽ هيو ۽ انهن کان علاوه ٻيا بني هاشم جا افراد ان قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن.

ٻيون اهم شخصيتون

اهلبيت عليهم السلام جي خاندان کان علاوه ڪجھ ٻيون به اهم شخصيتون هن قبرستان ۾ دفل ٿيل آهن جهڙوڪ جناب حليمه سعديه رسول خدا جي رضاعي ماءُ، جناب  جابر بن عبدالله انصاري، جناب عبدالله بن مسعود، جناب سعد بن معاذ، جناب ابو سعيد خدري، جناب مقداد بن اسود، جناب اسماعيل بن امام صادق عليه السلام جنهن کان اسماعيليه مذهب جي بنياد شروع ٿي، جناب امام مالڪ بن انس جنهن کا مالڪي مذهب جي شروعات ٿي، ۽ انهن کان علاوه واقعه حره ۾ شهيد ٿيندڙ صحابي ۽ تابعين هن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن.

بقيع مٿان مقبره تعمير ڪرڻ

مدينه منوره جيڪو هجرت کان پهريان يثرب جي نالي سان مشهور هيو جنهن ۾ اڪثر يهودي قبيله آباد هئا پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي اعلان نبوت کان بعد ۾ جڏهن اتان جا ماڻهو مسلمان ٿيا ۽ پيغمبر اڪرم هجرت ڪئي ته ”البقيع الغرقد “ کي مسلمانن جي قبرستان طور معين ڪيو ۽ هي سلسلو جاري رهيو. هن ۾ خاندان پيامبر، صحابه تابعين ۽ مسلمانن جون اهم شخصيتون دفن ٿيل آهن. بني اميه جي دور تائين حرم آئمه مٿان ڪو به گنبذ موجود نه هيو، جڏهن بني اميه ۽ بني مروان جي حڪومت جو اختتام ٿيو ۽ بني عباس خلافت جي ڪرسي تي قبضو ڪيو تن بني حسن ( امام حسن عليه السلام جي اولاد ) سان واعدو ڪيو هيو ته اوهان کي اوهان جا حق يعني باغ فدڪ ۽ بقيع مٿان مزارات جي اجازت ڏني ويندي ڇو جو بني عباس رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي چاچي حضرت عباس جي اولاد منجهان هئا ۽ حضرت علي عليه السلام جي اولاد بني عباس جي سئوٽ هئي ۽ انهي قبرستان ۾ حضرت عباس جي قبر پڻ موجود آهي جنهن جي ڪري بني عباس جي تمام گهڻي توجه انهن قبرن جي مرمت تي ٿي، انهي دوران بني عباس ۽ شيعن جي توجہ جنت البقيع طرف تمام گهڻي هئي. حضرت امام جعفرصادق عليه السلام جي شهادت کان بعد ۾ شيعن حضرت عقيل جي گهر کي حرم اهلبيت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ڇو جو انهي گهر ۾ ٽن امامن جون قبرون موجود هيون ۽ حضرت فاطمه زهرا ۽ امام حسن عليه السلام جون قبرون به انهن جي نزديڪ هيون جن مٿان به شيعن ڪجھ تعميرات ڪرائي.

اهلبيت عليھم السلام جي قبرن مٿان سايو بني عباس جي دور کان شروع ٿيو. پنجين صدي هجري تائين ڪنهن خاص ڪيفيت جو علم نه آهي ته ڪهڙي نموني سان انهن جي تعمير ٿيل هئي، جڏهن ته ٽي صديون شيعن ۽ عباسين جي توجه انهن حرمن تي هئي ممڪن آهن انهن مٿان تعميراتون ٿينديو رهيو هجن پر پنجين صدي هجري کان بعد ۾ ائمه اطهار عليهم السلام جي قبرن مٿان گنبذ جوڙيا ويا انهن جي حرمن کي مضبوط ديوارن سان تعمير ڪيو ويو. پهرئين مرتبه سن 486 هجري کان جڏهن سلجوقين جي حڪومت هئي ۽ جڏهن برڪيارق سلجوقي حاڪم هيو ان وقت ان جو وزير جنهن جو نالو ”مجدالملڪ ابوالفضل اسعد بن محمد بن موسي البراوستاني قمي“ هيو تنهن قم جي رهڻ واري معمار (رازي) کي بقيع جي مٿان گنبذ تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ براوستاني بقيع جي تعمير کي شروع ڪرايو. ابن اثير 495 هجري جي حوادث ۾ لکي ٿو ته” هن سال امير مدينه عماره حسيني فوت ٿي ويو ۽ بقيع ۾ امام حسن بن علي ۽ پيغمبر جي چاچي عباس جي قبر مٿان قبه تعمير ڪندڙ قمي معمار کي پڻ مدينه ۾ قتل ڪيو ويو.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سلجوقين جي دور حڪومت ۾ جنت البقيع مٿان گنبذ تعمير ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو.

عبدالجليل قزويني (556 ) پنهنجي ڪتاب النقض ۾ چوي ٿو: حسن بن علي ۽ عباس بن عبدالمطلب جيڪو خلفاءِ بني عباس جو پيءُ آهي ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آهين انهن مٿان مجدالملڪ قبو تعمير ڪرايو“ شايد هي سڀ ڳالهيون انهن مورخن بيان ڪيون آهن جيڪي مختلف واقعن کي لکندا هئا يا وري سفر نامه لکندا هئا جهڙوڪ ابن جبير، ابن نجار (قرن 7 هجري) خالد بن عيسي البلوي المغربي ۽ ابن بطوطه (قرن 8 هجري) انهن بيان ڪيا آهن ڇو جو اڪثر سفر نامه لکندڙن لکيو آهي ته بقيع مٿان تمام وڏو قبو ھيو، جيڪو آسمان طرف بلند هيو ۽ تمام گهڻو مضبوط به هيو.

 

بقيع مٿان تعميرات جو سلسلو

حرم ائمه بقيع مٿان پهرين مرمت سال 519 هجري قمري ۾ ٿي يعني تقريبا 24 سالن کان بعد ۾ جيڪا تعميرات ٿيل هئي ان ۾ اضافو آندو ويو. هي تعمير عباسي خليفه مسترشد بالله جي حڪم سان ٿي ٻئين تعمير عباسي خليف مستنصر بالله جي حڪم سان 623 هجر ي کان 640 هجري جي درميان ٿي،

ٽئين تعميرات تيرهين صدي هجري جي اول ۾ سلطان محمود عثماني جي حڪم سان ٿي، فرهاد ميرزا سال 1292 هجري قمري ۾ حج تي ويو ۽ اهو لکي ٿو: بقيع جي تعمير سلطان محمود خان جي حڪم سان 1234 هجري قمري ۾ محمد علي پاشا مصري جي توسط سان ٿي

حرم مطهر بقيع جون ضريحون

حرم مطهر جنت البقيع جون ٽي ضريحون تعمير ٿيون آهن، پهرين ضريح مجدالملڪ جي حڪم سان ڪاٺيءَ جي تيار ٿي ان کان بعد ۾ ٻه ضريحون پڻ ان حرم جي لاءِ ٺاهيون ويون جن مان آخري ضريح حرم مطهر جي مسمار ٿيڻ تائين قبرن جي چئو طرف لڳل هئي مرحوم سيد محسن چون ٿا: اصفهان ۾ هڪ ضريح فولاد جي ٺاهي وئي جيڪا ان زماني جي خوبصورت ترين ضريح هئي ان جي مٿان واري پاسي کان مبارڪ اسم سون جي پاڻي سان لکيا ويا هئا انهي ضريح کي تمام وڏي مشڪل سان جده منتقل ڪيو ويو جڏهن ته اتان جي حڪومت ان جي اجازت نه پئي ڏني جنهن تي مومنين اتان جي ڪارندن کي پيسا ڏنا ۽ اها ضريح ٽي سال مدينه ۾ ايئن ئي پئي رهي  ان کان بعد ۾ اها ضريح حرم مطهر بقيع ۾ نصب ڪئي وئي.

حرم بقيع جو خصوصيتون

حرم بقيع جا ٻه دروزا هئا جن مان هڪ دروازو هميشه بند هوندو هيو ۽ ٻيو دروازو زائرين جي لاءِ ڪجھ وقت لاءِ کليل هوندو هيو، حرم اندر پاڻي پيارڻ وارو، چپل رکڻ وارو ۽ حرم جا خادمين موجود هوندا هئا، هن حرم ۾ محراب موجود هيو ۽ هي حرم ٻين حرمن وانگر آئمه معصومين جي قبرن کان ڪاٺي جي ضريحن ۾ بند هيا، رات جو حرم جا چراغ روشن ڪيا ويندا هئا.

حرم مطهر بقيع جي پهرين ويراني

عربستان ۾ وهابين کان پهريان عثماني حڪمرانن جي حڪومت هوندي هئي عثماني حڪومت مسلمانن جي طاقتور ترين حڪومت هئي ۽ تمام گهڻا ملڪ ان سلطنت ۾ شامل هئا، پھرئين عالمي جنگ کان پهريان تقريبا تمام مسلمان ملڪ سلطنت عثمانيه جو حصو هئا پر ان کان بعد ۾ برطانيه ۽ يهودين جي سازشن جي ڪري سلطنت عثمانيه زوال جي طرف وڌڻ لڳي 1220 هجري قمري ۾ وهابين عربستان تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ته پهريان ئي طائف ۾ حملو ڪيو ۽ اتي ابن عباس رضي الله تعالي عنه جي گنبذ مبارڪ کي مسمار ڪيو ۽ ان کان بعد هي مڪه مڪرم ۾ داخل ٿيا جتي حضرت عبدالمطلب عليه السلام، حضرت ابوطالب عليه السلام ۽ حضرت ام المومنين خديجة الڪبري (عليها السلام) جي مزارات کي مسمار ڪيو، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي جاءِ پيدائش ۽ حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي جاءِ پيدائش کي ڊاٿائون، ان کان بعد هي جده شهر ۾ داخل ٿيا جتي جناب حوا جي قبر مطهر ۽ ان مٿان ننڍي گنبذ کي مسمار ڪيو. مطلب ته انهن تمام مزارات کي جيڪي جده، مڪه ۽ طائف جي اطراف ۾ هيون انهن سڀني کي مسمار ڪيو ۽ مدينه جي طرف وڌڻ لڳا جڏهن هي مدينه جي ٻاهران پهتا ته جناب حمزه عليه السلام جي مزار کي ويران ڪيائون ۽ ننڍيون وڏيون مسجدون مسمار ڪري جنت البقيع تائين پهتا جتي انهن بقيع ۾ موجود مزارات کي نقصان پهچايو.

سلطان محمود دوم عثماني (حڪومت 1223 کان 1255 هجري قمري) هڪ وڏو لشڪر مدينه منور جي طرف روانو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ذي الحجه 1227 هجري ۾ مدينه شهر وهابين کان واپس ورتو هن واقع کي تاريخ ۾ ” قطع دابر الخوارج“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي.

سلطان محمود دوم جي حڪم سان تمام مزارت جي تعمير ٻيهر شروع ٿي ۽ بقيع ۾ پڻ جيڪي مزارات ڊاٿيون ويون هيون انهن کي ٻيهر تعمير ڪيو ويو. (4)

جون لوئيس بورڪ هارٽ جيڪو انگريز آهي پنهنجي سفر نامه ۾ لکي ٿو ته جڏهن مان 1230 هجري قمري ۾ حجاز، مڪه ۽ مدينه جو سفر ڪيو ۽ جڏهن مان وهابين جي تخريب ڪارين وارين جاين کي ڏٺو ته مونکي تمام گهڻو تعجب ٿيو ڇو جو انهن تمام قديمي مزارات پٿرن مٿان لکيل تحريرون قبه چاهي وڏا هجن يا ننڍا سڀني کي ويران ڪري ڇڏيو هيو جن جا آثار اتي موجود هئا .

سن 1232 هجري قمري ۾ مصطفي رشيد پاشا جي لاءِ ملي ٿو ته هن بقيع جي مزارات جي ٻيهر تعمير جو ڪم شروع ڪيو ۽ ٻيهر اهلبيت عليهم السلام جي قبرن مٿان گنبذ ۽ ضريحون جوڙيون ويون.

ان کان علاوه بقيع جي مزارات ۾ محمد علي پاشا ۽ ان جي پٽ ابراهيم پاشا 1265 هجري قمري ۾ جڏهن پاڻ مصر جا والي هئا ۽ ان زماني ۾ سلطان سليم عثماني جي حڪومت هئي تڏهن بقيع جي مزارات ۾ تعميرات جو ڪم اڳتي وڌايو.

بس پهرين تخريب کان بعد ۾ جيڪا 1220 هجري قمري ۾ ٿئي ان جي نئي سر سان تعمير 1232 کان بعد ۾ شروع ڪئي وئي.

فرهاد ميرزا 18 ذي الحجه 1292 هجري قمري ۾ حج جو سفر ڪيو ۽ ان کان بعد ۾ مدينه منوره ويو جتي هن بقيع جي زيارت ڪئي اهو چوي ٿو ته ان وقت بقيع جي قبرن ٻاهريان ڪاٺيءَ جون ضريحون موجود هيون، قبرن ۽ ضريحن جي درميان فقط اڌ گراٺ تائين جو فاصلو هيو (يعني ايتري قدر ضريح قبر مطهر سان مليل هئي) جنهن وقت فرهاد ميرزا ويو هيو ان وقت علي پاشا شيخ الحرم ۽ مدينه جو حاڪم هيو ۽ عيسي افندي مدينه جو قاضي هيو.

ميرزا فرهاد کان علاوه حسام السلطنه فرزند عباس ميرزا قاجار جيڪو نائب سلطنه هيو 1297 هجري ۾ حج تي ويو ۽ ان کان بعد ۾ مدينه منوره ويو ۽ بيقع جي مزارات تي وري ڪم ڪرايو ان وقت چار امامن جي مٿان قبا هئا ۽ هر قبه ۾ هڪ محراب به هيو ۽ ضريحن جي کاٻي پاسن کان سائي ڪلر جون تختيون لڳل هيون  ۽ انهن مزارت جي پويان بيت الاحزان حضرت فاطمه (س) موجود هيو.

ميزرا محمد حسين فراهاني جيڪو 1302 هجري قمري ۾ ناصر الدين شاه قاچار جي حڪومت (جيڪا ايران ۾ هئي) حج تي ويو ان کان بعد ۾ مدينه منورہ ويو، مدينه منوره جي ٻاهريان شهر جي ديوار هئي جيڪا تقريبا ٽي گراٺ پٿرن سان تعمير ٿيل هئي ۽ ان وقت مدينه جي داخله جا چار در هئا، بقيع جون مزارون حج جي ڏينهن ۾ صبح کان مغرب تائين کليل هونديون ھيون ان کان علاوه عام ڏينهن ۾ فقط ظهر جي وقت کوليون وينديون ھيون پر خميس ۽ جمع جي ڏينهن تي سج لٿي تائين کوليون وينديون ھيون. فرهاني جو چوڻ آهي ته ته بقيع جون مزارون محمد علي پاشا مصري 1234 هجري قمري ۾ سلطان محمود خان عثماني جي حڪم سان تعمير ڪيون ۽ اهڙي نموني سان عثماني حڪمران بقيع جي مزارن جي تعميرات ڪرائيندا رهيا.

ڪجھ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ايران جي حڪومت 1320 هجري قمري ۾ عثماني حڪومت کان اجازت ورتي ته بقيع جي مزارات تي انهن ضريحن کي نصب ڪجي جنهن جي اجازت ملي ۽ انهن کي اصفهان ۾ ٺاهيو ويو ۽ انھن کي اتي نصب ڪيو ويو پر ڪجھ جو چوڻ آهي ته انھن ضريحن جون تصويرون منتشر ٿيون ۽ اها ضريح عربستان تائين منتقل نه ٿي سگهي ۽ اها هن وقت پاڪستان ۾ موجود آهي    عربستان ۾ جيئن ئي عثمانين ٻيهر حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ورتي ته بقيع جي قبرستان کي توسيع ڏني ۽ جنت البقيع ٻاهريان ديوار ۽ ڏاڪڻ جو خاص اهتمام ڪيو وهابين جي تخريب ڪاري کان بعد ۾ گهڻيو ئي قبرون هيون جن جي خبر نه پئجي سگهي ته ڪنهن جون آهن ڇو جو قبرن جا نشان ٺاهي انهن مٿان فقط هڪ هڪ پٿر رکيو ويو.

آخري حملو:

آل سعود 1137 هجري قمري کان عربستان مٿان حملا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ مختلف جاين تي حڪومت ڪندا رهيا ڪڏهن مڪمل عربستان تي قبضو ڪري پيا وڃن ته وري ڪڏهن ڪجھ علائقن مان شڪست پيا کائن. پهريون دور 1137 کان 1233 تائين رهيو وري ستن سالن کان بعد ۾ حڪومت حجاز جي ڪجھ علائقن ۾ قبضو ڪيو جيڪو 1309 هجري تائين برقرار رهيو. آخري قبضو 1319 کان شروع ڪيائون جنهن جي نتيجي ۾ 1343 هجري قمري تائين عربستان سعودي تي مڪمل قبضو ڪري ويا عبدالعزيز پهريان عثمانين سان معاعدو ڪيو ۽ ان کان بعد 1327 هجري قمري ۾ ڪويت ۾ انگريزن سان معاھدو ڪيو جنهن جي نتجي ۾ طئي ٿيو ته عربستان ۾ عثمانين جي حڪومت جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ عبدالعزيز جتي به حملو ڪندو ان جي صلاح پهريان انگلينڊ جي ملڪه سان ڪندو، آهسته آهسته انهن جا حملا وڌندا ويا ۽ مختلف شهرن تي قبضو ڪندا ويا انهن 1340 هجري قمري ۾ حجاز تي قبضو ڪيو. 1341 تي يمن تي حملو ڪيو جتي انهن قتل عام ڪيو. 1342 هجري قمري تي طائف تي حملو ڪيو جتي انهن تقريبا 2000 هزار ماڻهن جو قتل عام ڪيو، 1343 ۾ انهن اردن جي اولهين پاسي تي قبضو ڪيو ۽ انهي سال يعني 1343 هجري قمري تي مڪه مڪرم تي حملو ڪيو ۽ ان طرح سان سڄي عربستان تي آل سعود آخري ڀيرو حڪومت قائم ڪئي.

علماءِ عربسان جي بقيع جي قبرستان جي مسمار جي فتوا 

جڏهن 1220 هجري قمري ۾ وهابين عربستان تي حملو ڪيو تڏهن به عربستان ۾ موجود تمام مقدس مقامات سواءِ حرمين جي مسمار ڪيا ۽ وري جڏهن آخري ڀيرو قبضو ڪيائون تڏهن هڪ بهاني سان ٻيهر مقدس مقامات کي مسمار ڪرڻ جي سازش رٿيائون هن ڀيري عبدالعزيز سازش سان عبدالله بن بليهد کي 1342 هجري ۾ مدينه ڏانهن موڪليو ته بقيع ۾ موجود مقدس مقامات کي مسمار ڪرڻ لاءِ راه هموار ڪري هن ايندي ئي تمام علماءِ کي پاڻ وٽ جمع ڪيو ۽ انهن کي پنهنجي مقصد جي آگاهي ڏني ۽ چيو ته ڇا مدينه جا عالم اجازت ڏيندا ته وقف ٿيل جڳھ مٿان مسجد يا مقبرو تعمير ڪجي؟ ڇا هي عمل جائز آهي يا نه ؟ اگر جائز نه آهي ته ڇا انهن ۾ نماز پڙهڻ جائز آهي يا نه ؟ ڇا جتي نماز پڙهڻ جائز نه هجي اتي ماڻهن کي روڪجي يا نه ؟ ڇا جڏهن وقف عام هجي اتي ڪجھ شخصن کي اجازت هجي ته اهي نماز ادا ڪن، چراغان روشن ڪن، جايون ٺاهن، بحرحال ان طرح سان علماءِ مدينه سان گفتگو ڪيائين، علماءِ مدينه اهو جواب پيش ڪيو جيڪو ابن سعود کي خوش ڪري. انهن سڀني ملي ڪري ابن سعود جي حڪم جي تعميل ڪندي تمام قبرن مٿان گنبذ خصوصن اهلبيت عليهم السلام جي روزن کي ڊاهڻ ۽ مسمار ڪرڻ جون فتوائون صادر ڪيون.

8 شوال 1344 هجري قمري

هي اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي اهلبيت عليهم السلام جي لاءِ ٻي ڪربلا واقع ٿي، هن ڀيري يزيد جي جاءِ تي عبدالعزيز بادشاه عربستان هيو، جنهن جي حڪم سان ۽ مدينه جي علمائن جي فتوا سان 8 شوال 1344 هجري قمري يعني اڄ کان 97 سال پهريان روضه اقدس بنت رسول حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها ۽ ان جي پٽ امام حسن مجتبي عليه السلام، شعين جي ڇوٿين امام حضرت زين العابدين عليه السلام، شيعن جي پنجين امام حضرت محمد باقر عليه السلام ۽ شيعن جي ڇهين امام حضرت جعفر صادق عليه السلام جي روضه اقدس کي مسمار ڪيو ويو.

 

انهدام جنت البقيع تي مسلمانن جو رد عمل

جنت البقيع کي شهيد ڪرڻ جون ڳالهيون ھوا وانگر مسلمان ملڪن ۾ پکڙجي ويون، هر مسلمان انهي عمل کان بيزاري جو اعلان ڪيو ايران جي حڪومت جو تمام سخت رد عمل سامهون آهيو ۽ جنت البقيع جي ٻيهر تعمير جو مطالبو ڪيو ويو ان کان علاوه هندستان جي عالمن به هڪ وفد سعودي عرب روانو ڪيو ۽ هندوستان جي مسلمانن جو موقف پيش ڪيو ۽ جنت البقيع جي تعمير جو از سر نو مطالبو ڪيو، جنهن تي سعوديه حڪومت ڪوڙا واعده ڪندي رهي ۽ جنت البقيع جي تعميرات لاءِ ها ڪندي رهي پر انهن جا ارادا هميشه ناپاڪ هئا جن جي ڪري وري جنت البقيع تعمير نه ٿي سگهيو.

اڄ به دنيا جا مسلمان 8 شوال المڪرم تي يوم سوڳ جي عنوان سان ملهائي اهلبيت عليهم السلام سان محبت جو اظهار ڪندا آهن.

 

حوالا

1. معالم مڪه و مدينه ص 441

2. الطبقات الکبري ج 3 ص 397

3. المصنف، ج 8 ص 346

4. رفع پاشا، مرآت الحرمين (ترجمه) نشر مشعر، ص 478.

 

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي