اربع, 23 سيپٽمبر 2020

وڏن وڏن مذهبن جي امامن جو استاد (امام جعفر صادق عليه السلام)

  • انداز قلم

ھڪ روايت مطابق 15 شوال تي امام جعفر صادق عليه السلام جي شھادت آھي، ان مناسبت سان امام عليه السلام جي علمي مقام بابت ھي مختصر تحرير پيش ڪجي ٿي، الله سائين اسان کي مولا امام صادق عليه السلام جي حقيقي محبتن ۽ عزادارن ۾ شمار فرمائي.

تاريخ اسلام

امام محمد باقر عليه السلام جي زندگي جو ڪجھ حصو ۽ امام جعفر صادق جي زندگي جو حصو تاريخ جي سونهري ادوار مان هڪ آهي. ان زماني ۾ بني اميه ۽ بني عباس ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال مان هنن ٻنهي امامن ڀرپور فائدو حاصل ڪندي خالص محمدي (ص) اسلام جي مختلف رخن کي کولي بيان ڪيو. ۽ اهل سنت ۽ شيعه جي گهڻن ئي عالمن ۽ مُفتين ان مڪتب مان فيض پرايو. تاريخ لکندڙن امام صادق عليه السلام کان روايت ڪندڙن جو تعداد 4000 ماڻهو لکيو آهي جيڪي مختلف عقيدن ۽ راين جا مالڪ هئا. (مناقب ابن شهر آشوب ج 4، ص 247، روضة الواعظين ص 177، ارشاد مفيد، ص 288، يک جلدي.) جيئن زرارة بن اعين، محمد بن مسلم ثقفي، بريد بن معاويه، فضيل بن يسار... شيعه فقهاءَ منجهان هئا ۽ ربيعة الراي، ابن جريح، حجاج بن ارطاة اعمش...اهل سنت جا مفتي هئا، جن هنن ٻن امامن جي مڪتب مان فيض پرايو. اهل سنت جا بزرگ پاڻ اعتراف ٿا ڪن ته انهن امام صادق عليه السلام کان فيض پرايو آهي.

نعمان بن ثابت (امام ابو حنيفه متوفي 150) امام باقر عليه السلام  ۽ امام صادق عليه السلام کان فيض پرايو آهي. ان جو هڪ مشهور جملو آهي ته : لَو لَا السَّنَتَانِ لَهَلَکَ النُّعمَانُ، جيڪڏهن ٻه سال جن ۾ امام صادق عليه السلام کان فيض پرايو نه هجن ها ته نعمان هلاڪ ٿي وڃي ها. (الامام الصادق تاليف محمد حسين مظفر ج 2، ص 133 به نقل از آلوسي در مختصر التحفة الاثني عشرية، ص 8.) جيتوڻيڪ ابو حنيفه فقهي بنيادن ۾ گهڻين جاين تي امام صادق عليه السلام جي مخالفت ڪئي آهي ۽ انهن جي زندگي جو اهو ضعيف نڪتو نه ڪنهن کان لڪل آهي ۽ نه دفاع جي قابل، ليڪن تاريخ لکندڙن ان پاران امام صادق عليه السلام جي عظمت جي بيان کي ذڪر ڪيو آهي ۽ چيو اٿن: هو جڏهن امام صادق عليه السلام سان ڳالهائيندو هئو ته چوندو هئو: جُعِلتُ فَدَاکَ يَابنَ رَسُولِ اللهِ، اي رسول الله جا ٻچڙا تو تان قربان وڃان. (الامام الصادق والمذاهب الاربعة، ج 2- 1، ص 317.)

هڪ ڀيري هن منصور دوانيقي جي حڪم تي امام صادق عليه السلام کان چاليھ 40 مسئلا پڇيا، جڏهن (امام عليه السلام جي زباني) انهن سڀني مسئلن جا مضبوط دليلن سان جواب ٻڌائين ته چيائين: مَا رَاَيتُ اَفقَهُ مِن جَعفَر بنِ مُحَمّد، (سير اعلام النبلاء ج 6، ص 586.) مون جعفر ابن محمد کان وڏو فقيه نه ڏٺو آهي. (در رابطه با زندگينامه ابوحنيفة و مصادر زندگي اش ر.ک موسوعة طبقات الفقهاء، ج 2، ص 585 تا 587.)

اهل سنت جو ٻيو فقهي امام، مالڪ بن انس (متولد 93 هجري متوفي 179 هجري) آهي. ان به امام صادق عليه السلام کان فيض پرايو آهي. اهو چئي ٿو: مَا رَاَت عَینُ وَ لَا سَمِعَت اُذُن وُ لَا حَظَرَ علی قَلبِ بَشَر اَفضَلُ مِن جَعفَر بن مُحَمّد عِلمَا وَ عِبَادةَ وَ وَرَعَا، (الامام الصادق والمذاهب الاربعة ج 2- 1، ص 53.) علم، عبادت ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ڪنهن کي به جعفر بن محمد کان وڌيڪ فضيلت وارو نه ڪنهن اک ڏٺو، نه ڪنهن ڪَن ٻڌو ۽ نه ڪنهن جي (سوچ ۽) دل ۾ آيو. پڻ چئي ٿو ته: اختَلَفتُ اِلَیهِ زَمَانَا فَما کُنتُ اَرَاهُ اِلَّا عَلی ثَلاثِ خصال امّا مُصَلّ و امّا صَائِم و امّا یَقرَاُ القُرآن وَ مَا رَاَیتُه یَحدثُ الا علی طَهَارةِ، (تهذيب التهذيب، ج 2، ص 104.) جنهن زماني ۾ منهنجي ڏانهس اچ وڃ هئي، جڏهن به وٽس ويم کيس ٽن منجهان هڪ حالت ۾ ڏٺم يا نماز پئي پڙهيائون، يا روزي جي حالت ۾ هئا يا قرآن پئي پڙهيائون ۽ مون نه ڏٺو جو پاڻ گفتگو ڪن سواءِ ان جي جو طهارت جي حالت ۾. (جهت زندگينامه با مصادر «مالک بن انس » ر.ک موسوعة طبقات الفقهاء ج 2، ص 476- 474.)

اهل سنت جو هڪ ٻيو فقيھ سفيان بن سعيد بن مسروق ثوري (متولد سال 97 هجري، متوفي 161) اهو به امام صادق عليه السلام وٽ پڙهيو ۽ سندس اصحاب مان ڳڻيو پئي ويو آهي. (جهت زندگينامه «سفيان ثوري » و مصادر زندگي او ر.ک موسوعة طبقات الفقهاء، ج 2، ص 243- 241.)

سفيان بن عُيينه (متولد سال 107 هجري، متوفي 198 هجري) جيڪو اهل سنت جي فقيهن ۽ محدثن مان ڳڻيو وڃي ٿو، اهو به امام صادق عليه السلام کان فيضياب ٿيو آهي ۽ ڪتاب ڪافي، تهذيب، استبصار ۽ من لا يحضره الفقيه جي ٻاويھ 22 روايتن ۾ آيو آهي. (موسوعة طبقات الفقهاء ج 2، ص 245، جهت يافتن زندگينامه وي به همين مصدر مراجعه کنيد.) يحيى بن سعيد انصاري، عبد الملڪ بن عبد العزيز بن جريح ڪلي، ابو سعيد يحيى بن سعيد قطان بصري، محمد بن اسحاق صاحب مغازي، شعبة بن حجاج، ايوب بن ابي عثيمة سجستاني ۽ ...اهل سنت جي عالمن منجهان آهن جن امام صادق عليه السلام کان فيض پرايو آهي.

حوزه ڊاٽ نيٽ ويب سائيٽ تان کنيل

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي