ڇنڇر, 26 سيپٽمبر 2020

غلو ۽ ان سان مقابلو

  • انداز قلم

 

 

غلو : لغت ۾ غلو يعني حد کان وڌڻ يا وري حد اعتدال کان نڪري وڃڻ، (لسان العرب ج15 ص 133) قرآن ڪريم ۾خداوند متعال ارشاد ٿا فرمائين: يا اهل الکتاب لا تغلوا في دينکم ولا تقولوا علي الله الا الحق(نساء 171)،

تاريخ اسلام

اي اهل ڪتاب پنهنجي دين ۾ غلو نه ڪريو (حد کان نه وڌو) ۽ خداوند متعال جي باري ۾ حق کا  سوا ڪجھ به نه چئو.

۽ غلو جون چند اصطلاحي معنائون هن ريت بيان ڪيون ويون آهن

1.       ڪنهن شخص کي مخلوقيت کان مٿي کڻي وڃڻ ،يا وري ان ڳالھ جو قايل ٿيڻ ته اهي شخصيتون خدا سان گڏ الوهيت، معبوديت، خالقيت ۽ رازقيت ۾ شريڪ آهن،

2.       يا وري اهو عقيدو رکڻ ته خداوند متعال جي ذات ڪنهن شخص ۾ حلول ڪيو آهي.

3.       يا وري اهو عقيدو ته خداوند متعال انهن شخصيتن کي خلق ڪرڻ کان بعد ۾ خلقت وارو اختيار انهن شخصيتن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

4.       يا وري اهو عقيدو رکڻ ته اهي شخصيتون فوت ناهن ٿيون بلڪه آسمان ڏانهن هليون ويون آهن.

امام صادق عليه السلام  جو غالين سان مقابلي جو طريقو

جئين ته امام صادق عليه السلام  جي دور ۾ غلو پنهنجي عروج تي هيو، ۽ اهو مسئلو اهل بيت  عليهم السلام  جي مقام ۽ منزلت کي سڃاڻڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب ۽ شيعين ۽ غالين ۾ فرق به واضح ڪرڻ ڏکيو پئي ٿيو  و جو غالين جا ڪم حقيقي شيعن جي ڪمن کان بلڪل ابتڙ هيو لذا امام صادق عليه السلام  پنهنجي ٻين فعاليتن سان گڏ غالين سان به مقابلو ڪيائون، ان لاء جو غالين سان رهڻي ڪهڻي هر طريقي سان شيعن جي عقيدن جي لا هاڃيڪار هيو، انهي سبب جي ڪري شيعن ۽ انهن جي عقيدن جي حفاظت لاء امام  عليه السلام  غالين سان مهاڏو اٽڪايو، ۽ جيڪڏهن امام  عليه السلام  اهو مقابلو نه ڪن ها ته شيعيت جو اصلي چهرو ئي باقي نه رهي ها ۽ شيعيت جو مسخ ٿيل روپ دنيا جي سامهون اچي ها جنهن جا ٺاهيندڙ يهودي ۽ مسيحي هجن ها.( حيات فکري و سياسي امامان رسول جعفريان ص257)

امام صادق  عليه السلام  مختلف طريقن سان انهن سان مقابلو ڪيو جنهن مان ڪجھ طريقا ذڪر ڪجن ٿا.

1­_ خبردار ٿيڻ

پهرين مرحلي ۾ امام  عليه السلام  پنهجن شيعن کي خبردار ڪيو ته غالين سان اچ وڃ کي ختم ڪيو وڃي ڇو جو غالين سان هر قسم جي اٿ ويھ  شيعن لاء نقصان کان علاوه ڪجھ به هيو لذا پهرين مرحلي ۾ امام شيعن کي مخاطب ٿي فرمايائون: غالين سان اٿڻ ويهڻ کي ختم ڪريو ۽ انهن سان گڏ کائڻ پيئڻ به بند ڪريو، انهن سان دوستي نه رکو ۽ انهن سان علمي بحث نه ڪريو(اختيار معرفه الرجال، شيخ طوسي ص 586 جلد 2. ) شايد علمي بحث نه ڪرڻ جي دليل اها هجي ته غالين وٽ منطق دليل ۽ عقل نالي ڪا شئ ئي ناهي لهذا جيڪا به علمي ۽ منطقي  بحث ڪندا ان جو ڪوبه مثبت نتيجو نه نڪرندو ۽ حقيقت به اها آهي اڄ جي دور ۾ به جيڪو غلو ٿي رهيو آهي ۽ جيڪي غالي آهن بلڪل عقل دليل ۽ منطق کان خالي آهي لهذا اڄ جي دور ۾ به اسان تي امام  عليه السلام  جي سيرت تي هلندي غالين کان بيزاري اختيار ڪجي ،۽ ان کان علاوه امام صادق عليه السلام  شيعن کي  ان ڳالھ جي  تاڪيد ڪئي ته پنهنجن  جوانن کي غالين کان بچايوته جيئن غالين جي خراب عقيدن جي ور نه چڙهن پاڻ فرمائن ٿا: احذرو علي شبابکم الغلات لايفسدهم، الغلات شر خلق الله يصغرون عظمه الله و يدعون الربوبيه لعباد الله(اختيار معرفه الرجال، شيخ طوسي ص 586 جلد 2.)  پنهنجن جوانن کي غالين کان بچايو ته جئين اهي انهن کي خراب نه ڪن، غالي بدترين مخلوق آهن، جيڪي خدا جي عظمت کي گهٽائن ٿا ۽ خدا جي بندن کي رب ۽ پالڻهار سڏين ٿا، بلڪل اڄ جي دور ۾ به اسان سوشل ميڊيا تي ان جو مشاهدو ڪريون ٿا ته ڪنهن امام علي  عليه السلام  و حضرت عباس  عليه السلام  ۽ ٻين ائمه عليهم السلام کي رب ۽ ڪنهن وقت سندن اسم مبارڪن سان گڏ جل جلاله لکيو وڃي ٿو جيڪو فقط خدا جي ذات سان مخصوص آهي لهذا جيڪا شئ خدا جي ذات سان مخصوص آهي انهي شئ، نالي ،صفت کي ٻي ڪنهن به شئي منسوب نٿا ڪري سگهون ڇو جو امام صادق عليه السلام  جي فرمان جي روشني ۾ اهو ڪم خدا جي عظمت گهٽائڻ جر برابر آهي.

نه رڳو امام صادق  عليه السلام  اسان جي ٻين امامن پڻ غالين سان مقابلو ڪيو ۽ کين بد دعائون ڏنائون امام علي  عليه السلام  فرمائن ٿا: خدايا آئون (علي) غالين کان بيزار آهيان جهڙي نموني حضرت عيسي  عليه السلام  نصرانين کان بيزار هيو ۽ اي خداوندا انهن (غالين) کي ذليل و خوار ۽ ڪنهن کي به سندن مددگار قرار نه ڏي(امالي(شيخ صدوق) جلد 2 ص264..)

2_ غالين جي عقيدن کي باطل بيان ڪرڻ

امام صادق عليه السلام   شيعن کي خبردار رهڻ جي تلقين کان علاوه هر وقت غالين جي باطلن عقيدن جي مخالفت ۽ حقيقي شيعن جي عقيدن جي پرچار ڪندي نظر ايندا هيا ايستائين جو عيسي جرجاني نالي هڪ شخص امام صادق عليه السلام  جي خدمت ۾ اچن ٿا ۽ سوال ٿا ڪن ته اي مولا مون ڪجھ ماڻهن کي ڏٺو آهي ته اهي توهان جي عبادت ڪن ٿا ۽ توهان کي خدا ۽ الله مڃن ٿا ۽ ڪجھ ٻيا آهن جيڪي توهان کي نبي سمجهن ٿا، راوي فرمائن ٿا ان کان بعد امام  عليه السلام  روئن لڳا ايستائين جو سندن ڏاڙهي مبارڪ لڙڪن سان تر ٿي وئي ۽ بعد ۾ فرمائڻ لڳا جيڪڏهن خدا اهي شخص منهنجي حوالي ڪري ۽ مان انهن کي قتل نه ڪيان ته خدا منهنجي ٻچڙن جو خون وهائي (تاريخ جرجان،ص 323.)

  ۽ انهن غالين منجهان ئي هڪ گروه هيو جيڪو امام باقر عليه السلام  جي لاء مهدويت جا قايل ٿيا ۽ امام صادق  عليه السلام  انهي عقيدي جي سخت مخالفت ڪئي(اختيار معرفه الرجال 301)  ۽ امام صادق عليه السلام  به هڪ ٻي جڳھ تي فرمائن ٿا ته جيڪو شخص اسان جي نبوت جو عقيدو رکي ان تي خدا جي لعنت هجي ۽ جيڪو شخص ان ۾ شڪ رکي ان تي به لعنت هجي. (اختيار معرفه الرجال 301) ۽ غالي لفظ الاه(الله) کي امام سان منسوب ڪندا هيا امام صادق عليه السلام  انهي عقيدي کي مجوسين، يهودين، نصرانين ۽ مشرڪن کان به بدتر قرار ڏنائون(اختيار معرفه الرجال 301)

3_ تڪفير و نفرين

انهي کان علاوه امام  عليه السلام  جو غالين سان مقابلي جو جيڪو ٻيو طريقو استعمال ڪيو اهو تڪفير ۽ نفرين آهي، امام  عليه السلام  غالين کي ڪافر قرار ڏيڻ سان گڏ سندن عقيدن تي به اعتراض ڪندا رهندا هيا شيعين جي عقيدن کي غالين جي عقيدي کان الڳ بيان ڪندا هئا. امام  عليه السلام  پهرين غالين جي اڳواڻن کي ڪافر قرار ڏيندا هئا ۽ پوء وري سندن مڃڻ وان کي ڪافر قرار ڏيندا هئا، ڇو جو اهي اڳواڻ ئي هيا جيڪي ان عقيدي جي نشر ۾ اثر رکندڙ هيا ۽ جنهن وقت امام  عليه السلام  انهن کي ڪافر قرار ڏيندا هئا ته نتيجي ۾ جيڪي سندن پوئلڳ هئا اهي انهن کان پري ٿي ويندا هيا ڇو جو امام صادق  عليه السلام  جو مقام ڪنهن کان به مخفي ۽ لڪيل نه هيو لذا انهي روش ۽ طريقي سان امام  عليه السلام  غالين سان مقابلو ڪيائون،۽ ٻي مرحلي ۾ وري انهن غالين کي ڪافر قرار ڏيندا هئا جيڪي پنهجي ضد ۽ هٽ ڌرمي تي قايم رهندا هئا ۽ سڌي رستي تي نه ايندا هيا امام  عليه السلام  کين ڪافر قرار ڏيندا هئا جهڙي نموني سان امام  عليه السلام  ابي الخطاب جيڪو غالين جو سردار هيو ان لاء فرمايائون خداوند متعال ۽ سندن فرشتن جي لعنت هجي ابي الخطاب تي ... هو ڪافر، فاسق ۽ مشرڪ آهي (رجال ڪشي ص 342) ۽ هڪ ٻي روايت ۾ بشار شعيري جي لاء فرمايائون جيڪو پڻ هڪ غالي هيو  اهو (بشار) شيطان  ۽ شيطان جو پٽ آهي ۽ سندن ڪم فقط شيعن کي سڌي رستي کان هٽائڻ ۽ ورغلائڻ آهي.(رجال ڪشي ص 342).

4_ تربيت

غالين سان مقابلي جو جيڪو هڪ ٻيو طريقو امام صادق عليه السلام  استعال ڪيو اهو تربيت ۽ طاقت جو گڏ ڪرڻ هيو ڇو امام  عليه السلام  ان ڳالھ کان بخوبي آگاه هيا ته غالين کي فقط تربيت ، هدايت ۽ طاقت سان ئي روڪي سگهجي ٿو جهڙي نموني سان امام عليه السلام  ڪجھ شاگردن جي تربيت ڪئي ته جيئن امام  عليه السلام  جي هدف کي جاري رکن جهڙي نموني سان مٿي حدث ذڪر ڪري آياسين ته غالين سان اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ بند ڪريو... اگرچه ان حديث مان قطع رابطو سمجھ ۾ اچي ٿو ليڪن ان سان گڏوگڏ انهن جملن مان امام  عليه السلام  جن جو پنهنجن شاگردن جي تربيت ڪرڻ به هدف هيو ۽ انهي تربيت جي نتيجي ۾ ئي سندن شاگرد به غالين جي مقابلي ۾ سندرو ٻڌي بيٺا ۽ ڪاميابي ماڻيائون.امام  عليه السلام  جن جي انهي  ڪم جو نتيجو اهو نڪتو ته غالين جي فعاليت محدود ٿي وئي ۽ اهي پنهنجي پليد هدف ۾ ڪامياب نه ٿيا.

5_ معيار فقط قرآن ۽ سنت

امام صادق عليه السلام  پنهنجن شاگردن کي هميشه ان ڳالھ جي تاڪيد ڪندا هيا ته اهل بيت  عليهم السلام  جي سڃاڻپ ۽ اهم ديني مسئلن ۾ هميشه قرآن ۽ سنت اهل بيت  عليهم السلام  کي معيار قرار ڏيو ۽ جيڪا شئي قرآن ۽ سنت جي مطابق هجي ان تي عمل ڪيو ورنه رد ڪيو وڃي، امام  عليه السلام  شيعن کي ان ڳالھ جي تاڪيد ڪندا هيا ته امامن جي باري ۾ غلو نه ڪيو ۽ فرمائيندا هئا تهجيڪو ڪجھ اسان جي باري ۾ (غلو)چيو ويو آهي حقيقت ناهي اسان ان کي قبول نٿا ڪريون، ۽ جيڪو ڪجھ اسان (امام) پنهنجي لاء بيان ڪريون اهو ئي قبول ڪريو، امام  عليه السلام  غالين جي عقيدي کي رد ڪندي فرمائن ٿا ته لعن الله من قال فينا ما لا نقوله في انفسنا و لعن الله من ازالنا عن العبوديه لله الذي خلقنا و اليه مابنا و معادنا و بيده نواصينا (ذهبي،ميزان الاعتدال،جلد3 ص99) خدا لعنت ڪري هر ان شخص تي جيڪو اسان جي باري ۾ اهڙي ڳالھ ڪري جيڪو اسان پنهنجي لاء نٿا چاهيون، ۽ لعنت خدا جي ان شخص تي به جيڪو اسان کي خدا جي بندگي کان پري ڪري(اسان کي الله ۽ معبود سمجهي)جنهن لاء اسان کي خلق ڪيو ويو آهي ۽ خدا جي طرف ئي اسان جو واپس وڃڻ آهي ۽ سندن هٿن ۾ اسان جي جان آهي، اهڙي نموني سان امام  عليه السلام  پنهجن شيعن کي وصيت ڪندا هيا ته اهل بيت عليهم السلام  جي حديثن کي سمجھڻ لاء قرآن ۽ سنت پيامبرl کي معيار قرار ڏيو، يعني جيڪي حديثون قرآن ۽ سنت جي مطابق هجن ان کي وٺو ۽ عمل ڪيو(بحار ج25 ص288) امام  عليه السلام  جو اهو فرمان ان لاء آهي جو غالي روايتن کي جعل ڪندا هيا انهي سبب جي ڪري امام  عليه السلام  مغيره بن سعد تي لعنت ڪندي فرمايائون ته مغيره ڪيتريون ئي حديثون جعل ڪيون آهن لهذا تقوا اختيار ڪريو ۽ جيڪا شئ قرآن ۽ سنت جي مخالف آهي قبول نه ڪريو(بحار ج25 ص288) اهڙي نموني سان امام صادق عليه السلام  شيعن کي هميشه قرآن ۽ سنت تي عمل ڪرڻ جي نصيحت ڪندا رهندا هئا، ۽ انهي طريقي سان غالين جي اصليت ظاهر ٿي ويندي هئي، انهي طريقي مان اسان کي به اهو درس ٿو ملي ته هميشه اهل بيت  عليهم السلام  کي سڃاڻڻ لاء قرآن ۽ سنت جو رستو اختيار ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي افراط ۽ تفريط نه ڪئي وڃي، وچ ۽ اعتدال کي اپنايو وڃي اهل بيت  عليهم السلام  جنهن اعلي مقام تي آهن انهي مقام کان گهٽ نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي وري ان مقام کان مٿي ڪيو وڃي ۽ کين خدا خالق رب تصور ڪيو وڃي جهڙي نموني سان امام علي  عليه السلام  فرمائن ٿا هلک في رجلان محب غالي و مبغض(نهج البلاغه ڪلمات قصار117)، منهجي باري ۾ ٻه شخص هلاڪ ٿي ويا هڪ اهو محب جيڪو غالي آهي منهنجي باري ۾ غلو ٿو ڪري ۽ جيڪو مون سان بغض ٿو رکي، ۽ انهي مقام ۽ منزلت کان گهٽ ٿو سمجهي جيڪو مقام اسان کي خدا عطا ڪيو آهي يعني جيڪو علي  عليه السلام  ۽ ٻين اهل بيت  عليهم السلام  کي چاهي ٿو ۽ چاهت و محبت ۾ ايترو اڳتي وڌي ٿو وڃي جو کين خدا تائين پهچائي ٿو ڇڏي اهو به هلاڪ آهي ۽ جيڪو علي  عليه السلام  ۽اهل بيت عليهم السلام  سان بغض ٿو رکي اهو به هلاڪ آهي.

امام  عليه السلام  جي پاڪ سيرت جي نتيجي ۾ اسان کي به اهو ئي طريقو اپنائڻ گهرجي جيڪو امام  عليه السلام  طريقو اپنايو هيو حقيقت ۾ امام  عليه السلام  جي سيرت اسان جي لاء درس آهي اسان کي به گهرجي سندن سيرت تي هلندي، غالين سان مقابلو ڪيو وڃي ۽ مقابلي جي طريقو به امام  عليه السلام  وارو هجي يعني پهنجن جوانن جي تربيت، حقيقت کان آگاهي ۽ ان سان گڏوگڏ قرآن ۽ سنت رسول ۽ ائمه عليهم السلام تي هلڻ گهرجي ته انشاء الله ڪاميابي هميشه حق وارن جي ٿيندي آهي.

 

 

والسلام حسن عسڪري پهرين جولاء 2020

 

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي