اربع, 28 آڪٽوبر 2020

زيارت اربعين جي فضيلت ۽ وضاحت

  • انداز قلم

 

مقدمو:

امام حسين (ع) جي زيارت جي اهميت جي لاء کوڙ ساريون روايتون موجود آهن، انهن مان ڪجھ روايتون عام آهن جيڪي زياررت امام حسين کي بغير ڪنهن زمان ۽ مڪان جي بيان ٿيل آهن مثلا محمد بن مسلم نقل ٿا ڪن ته امام صادق ع جي خدمت ۾ عرض ڪيم ته يابن رسول الله امام حسين جي قبر جي زيارت ڪرڻ جو اجر ۽ ثواب ڇا آهي ؟ امام صادق فرمائڻ لڳا ته

تاريخ اسلام

  جيڪو امام حسين جي زيارت جي شوق ۾ ڪربلا وڃي خداوند متعال جي عزير ۽ محترم ٻانهن مان ليکيو ويندو ۽ امام حسين ع جي پرچم جي سائي ۾ هوندو ايستائين جو امام حسين سان گڏ بهشت ۾ داخل ٿيندا[1]. ۽ اهڙي نموني سان وري ڪي روايتون خاص تاريخ ۽ خاص ڏينهن تي زيارت ڪرڻ جي تاڪين ڪن ٿيون مثلا جمعه جي رات زيارت ڪرڻ، 15 شعبان جي تاريخ زيارت ڪرڻ جو ثواب يا وري عاشور جي ڏينهن زيارت يا وري اربعين (چهلم) واري ڏينهن زيارت ڪرڻ جي ثواب کي بيان ڪن ٿيون، انهن روايتن منجهان امام حسن عسڪري (ع) شيعن جي نشانين کي بيان ڪندي فرمائن ٿا ته جنهن ۾ هي نشانيون پاتيون وڃن اهو اسان جو شيعو آهي،عَلاَمَاتُ اَلْمُؤْمِنِ خَمْسٌ صَلاَةُ إِحْدَى وَ اَلْخَمْسِينَ وَ زِيَارَةُ اَلْأَرْبَعِينَ وَ اَلتَّخَتُّمُ بِالْيَمِينِ وَ تَعْفِيرُ اَلْجَبِينِ وَ اَلْجَهْرُ بِ‌بِسْمِ اَللّٰهِ اَلرَّحْمٰنِ اَلرَّحِيمِ مومن جون پنج نشانيون آهن 1. 51رڪعتون نماز (روزانه جون واجب نمازون ۽ مستحب نمازون) 2.اربعين جي زيارت 3. ساڄي هٿ ۾ منڊي ۾ پائڻ 4. پيشاني خاڪ تي رکڻ 5. نماز ۾ بسم الله کي وڏي آواز سان پڙهڻ.[2] هي روايت ان ڳالھ جي تاڪيد ۾ آهي ته اربعين جي ڏينهن امام حسين(ع) جي زيارت ڪرڻ ئي شيعه هجڻ جي نشاني ۽ علامت آهي.

زيارت اربعين جي روايت

 زيارت اربعين هڪ زيارت نامو آهي جنهن کي امام صادق(ع) کان نقل ڪيو ويو آهي ڪافي ڪتابن ان زيارت کي پنهنجي ڪتابن ۾ جاء ڏني آهي جيڪا خود ان زيارت جي فضيلت ۽ اهميت جي طرف اشارو آهي  اهي ڪتاب هي آهن. 1) ڪتاب البلد الامين ۾ ج1 ص274 2.لماذا نزور زيارت الامام الحسين ج1 ص269. 3.ادعيه زيارات عتبات عاليات ج1 س 269. 4. ڪتاب وافي 5.مفتاح الجنات 6.مفاتح الجنان،.7. بحارالانوار. 8. مصباح المجتهد، 9.زاد المعاد..

انهي زيارت کي زيارت اربعين ڇو سڏيو ويو آهي؟ ان جي باري ۾ مختلف نظريا آهن هڪ نظريو اهو بيان ڪيو ويو آهي ته 20 صفر جي ڏينهن تي امام حسين (ع) جن جو پاڪ خاندان شام جي قيد کان آزاد ٿي ڪربلا معلي امام حسين (ع) جي زيارت ڪرڻ لاء آيا ۽ امام زين العابدين (ع) انهي ڏينهن شهيدن جي سر مبارڪن کي سندن بدن مبارڪ سان ملايو  ۽ ٻيو نظريو هي آهي ته ان ڏينهن تي اهو ڪافلو مديني واپس پهتو انهن ٻنهي نظرين کي زيارت اربعين جي شارح رد ڪندي  لکن ٿا ته اهو ممڪن ناهي ته امام حسين عليه السلام جي شهادت کان چاليھ ڏينهن ۾ اهو ڪافلو شام ڪوفي جي قيدن کان آزاد ٿي ڪري 20 صفر تي ڪربلا به پهچي وڃن اهو تمام مشڪل آهي. ۽ ان زيارت کي اربعين شايد ان لاء سڏيو ويو آهي ته حضرت جابر بن عبدالله انصاري مديني کان ڪربلا ان ڏينهن تي تشريف کڻي آيا ۽ امام حسين ۽ سندن باوفا ساٿين جي زيارت ڪيائون. شايد اهو ئي سبب هجي انهي ڏينهن کي اربعين جي ڏينهن سان ياد ڪيو ٿو وڃي.[3] اربعين عربي جو لفظ آهي يعني چاليهو ۽ عام عرف ۾ جنهن شخص جي وفات کي چاليھ ڏينهن گذري وڃن. ۽ 20 صفر امام حسين (ع) جي شهادت کان پوء چاليهون ڏينهن هوندو آهي انهي لاء ان ڏينهن کي اربعين سڏيو ويو آهي. ۽ زيارت اربعين جي هڪ ٻي خاصيت هي آهي ته هي زيارت ماثوره منجهان آهي زيارت ماثوره يعني جنهن کي امام معصوم (ع) کان نقل ڪيو ويو هجي ان کي زيارت ماثوره سڏيو ويندو آهي انهي زيارت کي ماثوره هجڻ جي ڪري اهميت وڌي ٿي وڃي ڇو ته معصوم جي زبان کان نقل ٿي آهي ۽ اگر زيارت ماثوره جي سند ۾ ڪو اشڪال ۽ اعتراض نه هجي ته اسان ٻين فقهي،ڪلامي مسئلن ۾ دليل طور به پيش ڪري سگهجي ٿي.

زيارت اربعين ۾ امام حسين جا لقب

ان زيارت جي اهميت جو اندازو ان کان لڳائي سگهجي ٿو ته امام صادق ع ان زيارت جي شروعات ۾ جيڪي ٽي لقب امام حسين جي لاء بيان ڪيا آهن اهي ٽي لقب خداوند متعال جي خاص نبين لاء به بيان ڪيا ويا آهن جهڙي نموني  سان رسول خدا (ص) جو لقب مبارڪ حبيب خدا آهي اهڙث نموني سان ان زيارت ۾ امام حسين (ع) کي به حبيب خدا بيان ڪيو ويو آهي، ۽ جهڙي نموني وري حضرت ابراهيم (ع) کي خليل خدا (خدا جو دوست) سڏيو ويو آهي اهڙي نموني هن زيارت ۾ امام حسين (ع) کي خليل الله سڏيو ويو آهي ۽ جهڙي نموني حضرت آدم کي صفي الله سڏيو ويو آهي امام حسين کي به صفي الله سڏيو ويو آهي ۽ زيارت  جا جملا هي آهن  اَلسَّلاَمُ عَلَى وَلِيِّ اَللَّهِ وَ حَبِيبِهِ اَلسَّلاَمُ عَلَى خَلِيلِ اَللَّهِ وَ نَجِيبِهِ اَلسَّلاَمُ عَلَى صَفِيِّ اَللَّهِ . امام صادق (ع) جن جو امام حسين (ع) کي انهن القاب سان ياد ڪرڻ جو مقصد اهو ٿي سگهي ٿو ته امام حسين (ع) جو قيام انهن ٽنهي بزرگ نبين جي رستي کان جدا نه هيو بلڪه عين انهن جي تعليمات جي مطابق هيو تڏهن ته امام صادق (ع) امام حسين (ع) کي انهن بزرگ نبين جي القاب مبارڪه سان ياد ڪيو آهي. جهڙي نموني سان انبياء عليهم السلام پنهنجي پنهجي قوم کي گمراهين ۽ لغزشن کان بچائڻ ۾ مصروف رهيا ۽ هدايت ڪندا رهيا امام حسين (ع) به سندن سيرت تي هلندي امت کي گمراهي کان بچائيندي ۽ هدايت ڏانهن دعوت ڏيندا رهيا يعني حقيقت ۾ امام حسين(ع) پيغمبر اسلام(ص) جي فرمان جو ڪامل ۽ اڪمل مصداق هيا جنهن ۾ فرمائن ٿا ان الحسين مصباح الهدي و سفينه النجاه  يقينا حسين (ع) هدايت جو چراغ ۽ نجات جي ڪشتي آهن. انهي فرمان ڏانهن اشارو ڪندي امام صادق(ع) فرمائن ٿا ته منح النصح و بذل مهجته فيك ليستنقذ عبادك من الجهالة و حيرة الضلالة : آئون گواهي ٿو ڏيان ته امام حسين (ع) بغير ڪنهن لالچ جي نيڪيون ڪيائون ۽ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيائون ته جيئن تنهنجا(خداوند) ٻانها گمراهي ۽ ضلالت کان بچي سگهن، يعني ٻين لفظن ۾ امام حسين عليه السلام جي قرباني ۽ شهادت حقيقت ۾ سڌي واٽ ڏيکاريندڙ ۽ باطل جي اڳيان سر جهڪائيندڙ کان روڪيندڙ آهي. جهڙي نموني سان قرآن مجيد نبي اڪرم (ص) جي بعثت جو هدف بيان ڪندي فرمائن ٿا هو الذي بعث في الاميين رسولا منهم يتلوا عليهم آياته و يزکيهم و يعلمهم الکتاب و الحکمه[4] يعني انبياء عليهم جي بعثت جو اصلي هدف  انسانن جي هدايت آهي اهڙي نموني سان امام صادق(ع) به امام حسين کي هادي ۽ گمراهي کان بچائيندڙ بيان ٿا ڪن.

انهي زيارت ۾ امام حسين (ع) جي جن ٻن صفتن ۽ لقبن کي ذڪر ڪيو ويو آهي اهي هي آهن سيد، قايد، حق جو دفاع ڪندڙ وَجَعَلْتَهُ سَیِّداً مِنَ السّادَهِ وَ قآئِداً مِنَ الْقادَهِ وَذآئِداً مِنْ الذاده  يعني امام حسين (ع) کي خدا سيد، قايد ۽ حق جو ساٿ ڏيندڙ قرار ڏنائين.

زيارت اربعين ۾ عقيدن جو بيان

انهي زيارت ۾امام صادق(ع) هڪ جاء تي هم اهم عقيدي (تبرا) کي بيان فرمائن ٿا واضح آهي ته انسان جنهن شخصيت کي چاهيندو آهي ته ان جي دشمنن کان بيزار هوندو آهي ۽ انهي عقيدي کي تبرا سڏيو ويو آهي. ۽ ايتري حد تائين جو انهي عقيدي کان سواء ايمان اڌورو بيان ڪيو ويو آهي جهڙي نموني سان پيغمبر اسلام کان روايت آهي ته لایقبل الله ایمان عبد إلاَّ بولایته والبراءه من أعدائه خداوند متعال ڪنهن به شخص جي ايمان کي ايستائين قبول ناهي ڪندو جيستائين علي (ع) جي ولايت کي قبول ڪري ۽ سندن دشمنن کان بيزاري اختيار ڪري .[5] يعني تبرا دين جو هڪ اهم جز آهي ۽ ان کان سوا ايمان ۽ دينداري جي ڪا حيثيت ناهي ۽ انهي اهميت جي لاء امام صادق(ع) زيارت اربعين ۾  امام حسين (ع) جي وفاداري جي گواهي سان گڏ سندن دشمنن کان بيزاري جو اعلان ڪندي سندن دشمنن تي لعنت ٿا موڪلين جهڙي نموني سان زيارت جي ان حصي ۾ فرمائن ٿا اَشْهَدُ اَنَّکَ وَفَیْتَ بِعَهْدِ اللَّهِ وَ جَاهَدْتَ فِی سَبِیلِهِ حَتَّی اَتَاکَ الْیَقِینُ فَلَعَنَ اللَّهُ مَنْ قَتَلَکَ وَ لَعَنَ اللَّهُ مَنْ ظَلَمَکَ وَ لَعَنَ اللَّهُ اُمَّه سَمِعَتْ بِذَلِکَ فَرَضِیَتْ بِهِ، آئون گواهي ٿو ڏيان ته توهان(امام حسين) خدا سان ڪيل واعدي تي پورا لٿا ۽ سندس راه ۾ شهادت تائين جهاد ڪندا رهيا، خدا لعنت موڪلي انهن تي جنن توهان کي قتل ڪيو ۽ توهان تي ظلم ڪيو ۽ خدا لعنت ڪري انهن تي جنن توهان تي ٿيل ظلم جي داستان ٻڌي ۽ ان تي راضي رهيا. زيارت اربعين جي انهي جملن مان اسان کي اهو سبق ملي رهيو آهي ته اربعين (چهلم) جي ڏينهن جي عزاداري به سندن دشمنن کان بيزاري جو اعلان آهي.

انهي کان علاوه انهي زيارت اربعين شيعن سان مخصوص ٻيا عقيدا به ذڪر ٿيل آهين مثلا خدا جي طرفان انسانن تي حجت،انبياء جو وارث، ۽ انهي ڳالھ جي گواهي ته امام حسين (ع) ولايت الاهي جا مالڪ ۽ مصداق آهن،اَعْطَیْتَهُ مَواریثَ الانْبِیاَّءِ وَجَعَلْتَهُ حُجَّهً عَلى خَلْقِکَ مِنَ الاْوْصِیاَّءِ خداوند توهان کي انبياء عليهم السلام جو ورثو عطا ڪيو ۽ توهان کي پنهنجي مخلوق تي خدا جي طرفان حجت قرار ڏنائين، امام صادق(ع) انهي جملن ۾ امام حسين (ع) جي شخصيت کي وڌيڪ واضح ٿا ڪن ۽ سندن عظمت بيان ڪندي کيس انبياء جو وارث، حجت الاهي قرار ٿا ڏين.

۽ انهي زيارت ۾ شيعن جي ٻين عقيدن کي به بيان ڪيو ويو آهي جهڙوڪ امام زمان(عج) جي ظهور ۽ سندس قيام ۽ رجعت جي عقيدن کي به بيان ڪيو ويو آهي.اسان شيعن جو اهو عقيدو آهي ته امام حسين (ع) امام زمان(عج) جي ظهور کان پوء واپس ايندا ۽ هن دنيا تي حڪومت ڪندا انهي عقيدي کي رجعت يعني واپسي جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن عقيدي کي امام صادق(ع) بيان ڪندي فرمائن ٿا بايابکم موقن، بشرايع ديني و خواتيم عملي توهان جي واپس اچڻ (رجعت) جو يقين ٿو رکان ۽ منهنجا اعمال سڀ توهان جي هدايت سان وابستا آهن ۽ مان توهان جو ئي تابع ۽ فرمانبردار آهيان ۽ هر وقت توهان ساڻ آهيان ۽ توهان جي دشمن ساڻ ناهيان.

امام حسين جي دشمنن جون وصفون

امام حسين (ع) جي القاب ۽ سندس مصيبت کي بيان ڪرڻ ۽ ان کان پوء عقيدن جو ذڪر ۽ ان زيارت ۾ انهن شخصن جي چهري تان نقاب هٽايو ويو آهي جيڪي امام حسين (ع) سان جنگ ڪرڻ آيا، امام صادق سندن وصفن کي بيان ڪندي فرمائن ٿا ته جن امام حسين (ع) سان جنگ ڪئي اهي دنيا جي هٿان ڌوڪو کاڌل هئا يعني امام حسين (ع) سان وڙهندڙ اگرچه ظاهرا مسلمان، نمازي ۽ قرآن جا قاري هئا ليڪن دنيا جي ڌوڪي ۾ اچي ويا ۽ امام حسين (ع) جي عظمت سڃاڻڻ جي باوجود ڌوڪو کائي ويا، امام فرمائن ٿا و غرته الدنيا، ۽ امام (ع) سندن دشمنن جي وصف بيان ڪندي فرمائن ٿا ته انهن تمام سستو سودو ڪيو دنيا جي لالچ ۾ پنهنجي آخرت کي به خراب ڪيائون سندن مذمت ڪندي فرمائن ٿا ته و شري آخرته ۽ پنهنجي آخرت کي حقير ۽ پست دنيا جي بدلي ۾ وڪڻي ڇڏيائون ۽ سندن مهم وصف هي آهي ته اهي پنهجي نفساني خواهشن جي ور چڙهي ويا تڏهن ولي خدا ۽ نواسي رسول جي سامهون جنگ جوٽڻ آيا و تردي في هواه ۽ انهي کان علاوه انهن دشمنن امام (ع) سان جنگ جوٽي  منافقن ۽ گناهگارن جي پيروي ڪيائون و اطاع من عبادک اهل الشقاق والنفاق، ۽ انهي کان علاوه امام حسين (ع) سان جنگ ڪري خدا ۽ رسول خدا (ص) کي به ناراض ڪيائون و اسخط نبيک، اي خدا انهن (امام حسين جي دشمنن) امام سان جنگ جوٽي تنهنجي پياري نبي کي ناراض ڪيائون، ۽ هتي اها ڳالھ به واضح ڪجي ته جنهن کان رسول خدا ناراض ٿي وڃن خدا به کانئس ناراض ٿي ويندو آهي ۽ جنهن کان خدا ناراض ٿي وڃي انهي جي نابودي ۽ بربادي جي لاء ٻي ڪنهن به شئ جي ضرورت ناهي.انهي ڏانهن اشارو ڪندي امام حسين (ع) عرفه واري دعا ۾ فرمائڻ ٿا: ما ذا وجد من فقدک  و ما الذي فقد من وجدک،[6] اي خداوند متعال جنهن توکي ڇڏي ڏنو ان کي ڇا مليو؟ ۽ جنهن توکي حاصل ڪري ورتو انهي ڇا وڃايو؟

انهي زيارت ۾ امام صادق(ع) سندن دشمنن تي لعنت ڪندي خدواند متعال کان دعا ٿا ڪن امام حسين (ع) جي دشمنن کي جهنم ۾ موڪل، اَللّهُمَّ فَالْعَنْهُمْ لَعْناً وَبیلاً وَعَذِّبْهُمْ عَذاباً اَلیماً اي خدا انهن دشمنن تي لعنت ۽ پنهنجي ڦٽڪار نازل ڪر ۽ تمام دردناڪ ۽ ڏکيو عذاب سندن مٿان نازل ڪر. ۽ اسان شيعن جو اهو عقيدو آهي ته معصوم جي دعا ڪڏهن به رد ناهي ٿيندي ۽ اهو يقين آهين ته امام حسين جا دشمن يقينا دردناڪ عذاب ۾ مبتلا آهن.

امام حسين جي مظلوميت

السلام علي الحسين الْمَظْلُومِ الشَّهیدِ اَلسَّلامُ على اَسیرِ الْکُرُباتِ وَقَتیلِ الْعَبَراتِ، انهي فقري ۾ امام حسين (ع) جي مظلوميت ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾امام صادق(ع) کيس شهيد ۽ مظلوم پڪاري رهيو آهي، ۽ ان کان بعد وري اسير الکربات جي عنوان سان ياد ٿا ڪن معنا جنهن تي تمام وڏيون مصيبتون ۽ مشڪلون آيون هجن، امام عليه السلام جي مظلوميت ڏانهن اشارو ڪندي امام رضا(ع) فرمائن ٿا ته  إنّ یوم الحسین(ع) أقرحَ جفونَنا، وأسبلَ دموعَنا، وأذلَّ عزیزَنا بأرض کرب و بلاء أورثتنا الکرب و البلاء إلى یوم الإنقضاء فعلى مثل الحسین فلیبک الباکون،[7] امام حسين جي شهادت اسان جي اکين ما  لڙڪ جاري ڪيا، اسان جي عزيزن و اقارب ڪربلاء ۾ مصيبتون سٺيون، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي نصيب ۾ ڏک ۽ غم نصيب ٿيا بس سڀني کي گهرجي ته امام حسين(ع) تي گريو ڪن ۽ سندن مظلوميت تي لڙڪ هارين.

۽ قتيل العبرات جي معنا هي آهي ته سلام هجي ان حسين (ع) تي جيڪو ڳوڙهن جو ڪٺل آهي،  اها مظلوميت خود امام حسين (ع) پنهنجي لاء ذڪر ڪندي فرمائن ٿا ته انا قتيل العبره لايذکرني مومن الا استعبر[8] مان ڳوڙهن جو ڪٺل آهيان جيڪو به منهنجي مظلوميت کي ياد ڪندو اهو پنهنجا اشڪ روڪي نه سگهندو، يا وري هڪ ٻي تعبير ۾ ائين آهي ته انا قتيل العبره لايذکرني الا بکي [9]مان ڳوڙهن جو ڪٺل آهيان جيڪو به مون کي ياد ڪندو اهو روئيندو اسان جي مظلوميت تي. ڪنهن جي لاء روئڻ جو مطلب اهو آهي ته اهو شخص روئڻ وارو ان شخص جي مڪتب سان مليل آهي انهي جي لاء ئي روئي ٿو، ۽ ان جملن جي هرگز اها معنا ناهي ته امام (ع) شهيد ٿيا ته جيئن انسان روئن ۽ سندن گناه معاف ٿين، جيڪي اسان جا اڪثر خطيب ۽ ذاڪر حضرات معنا ٿا ڪن، بلڪه انهن جملن جو مقصد امام حسين(ع) جي شهادت جي اثرن کي بيان ڪرڻ آهي يعني امام حسين (ع) جي شهادت ايتري حد تائين موثر آهي جو جيڪو به کيس ياد ڪندو سندن مظلوميت تي ڳوڙها هاريندو ۽ روئندو.

انهي مختصر تشريح  ۽ و ضاحت کان بعد ۾ اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي ته ڇو امام عسڪري(ع) اربعين جي زيارت کي شيعن جي نشانين منجهان قرار ڏنائون، ڇو ته انهي زيارت اربعين ۾  شيعين جا اهي تمام عقيدا بيان ڪيا ويا جيڪي عقيدا صرف انهي فرقه ناجيه سان ئي مخصوص آهن ۽ ٻين فرقن م اهي عقايد پاتا نٿا وڃن، جهڙوڪ: امام حسين کي انبياء جو وارث مڃڻ، امام حسين (ع) جي رجعت جو اقرار ڪرڻ. خداوند متعال کان دعا آهي ته اسان کي امام حسين(ع) جي حقيقي معرفت ۽ سندن زيارت ۽ آخرت ۾ سندس شفاعت نصيب فرمائي آمين.

 

حوالا:



1)     کامل الزيارات ج1 باب 56).

2)      روضة الواعظين , جلد 1 , صفحه. 195

3)      ملاذ الاخيار،جلد9ص 306.

4)      جمعه،2.

5)      إرشاد القلوب , ج 2 , ص 209

6)      بحارالانوار،ج95،ص226.

7)      العوالم، الشيخ عبدالله البحراني، ص 538.

8)      کامل الزيارات، ص 215.

9)        ساڳيون.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي