اربع, 28 آڪٽوبر 2020

ڪربلا جي زيارت جا دنيا ۽ آخرت ۾ فائدا

  • انداز قلم

 

اربعين اچڻ واري آهي ۽ امام حسين عليه السلام جا محب دنيا جي هر ڪنڊ ۽ ڪرڇ مان امام حسين  عليه السلام  سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءَ ڪربلا ڏانهن راهي آهن هن مختصر مقالي ۾ زائرن جي فضيلت ۽ امام حسين  عليه السلام  جي زيارت جا فائدا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي .

تاريخ اسلام

امام حسين عليه السلام جي زيارت بابت تمام گهڻيون روايتون بيان ٿيون آهن جن کي ڳڻي به نٿو سگهجي پر هتي ڪجهه روايتن جي روشني ۾ سندن زيارت جي اهميت کي ذڪر ڪجي ٿو.

ائمہ عليهم السلام مان امام باقر  عليه السلام  جيڪي ڪربلا جي واقعي مهل موجود هئا ۽ ان دردناڪ واقعي جا عيني شاهد هئا پاڻ فرمائن ٿا: ته اهي درد ناڪ منظر اڃان تائين مونکي ياد آهن. (1)

ان ڪري پاڻ ، امام حسين  عليه السلام جي ذڪر کي زنده رکڻ لاءِ هميشه پنهنجي شيعن کي سندن زيارت جي تمام گهڻي تاڪيد ڪندا هئا ،هڪ مقام تي پاڻ عليه السلام  فرمائن ٿا ،اسان جي شيعن کي امام حسين  عليه السلام  جي زيارت جو حڪم ڪريو ، ڇاڪاڻ ته هر ان انسان تي سندن زيارت لازم آهي جيڪو کين پنهنجو امام ٿو تسليم ڪري ٿو(2)

هڪ ٻئي مقام تي امام حسين  عليه السلام  سان محبت ڪرڻ ۽ سندن زيارت ڪرڻ جي باري ۾ فرمائن ٿا : جيڪو شخص اسان سان محبت ٿو ڪري ان کي گهرجي ته امام حسين  عليه السلام  جي زيارت جو شوق پيدا ڪري ڇاڪاڻ ته اهل بيت عليهم السلام سان محبت جو معيار ، حسين  عليه السلام  سان محبت ڪرڻ ۽ سندن زيارت ڪرڻ آهي.(3)

امام حسين عليه السلام جي زيارت جا دنيا ۽ آخرت ۾ فائدا

1. زائر جو الله سائين جي پناه ۾ رهڻ

امام جعفر صادق عليه السلام کان سوال ڪيو ويو ته امام حسين عليه السلام جي قبر مطهر جي زيارت ڪرڻ جو گهٽ ۾ گهٽ اجر ڪيترو آهي؟ امام عليه السلام فرمايو: گهٽ ۾ گهٽ اجر هي آهي ته الله سائين زائر ۽ سندن خاندان ۽ مال جي حفاظت ڪري ٿو ايسيتائين جو هو امام حسين عليه السلام جي زيارت کان پنهنجي گهر موٽي اچي ۽ جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته الله سائين ان جي حفاظت ڪندڙ هوندو (4)

2. امام حسين عليه السلام جو زوار الله سائين جو زوار آهي

زيد بن شحام چوي ٿو مون امام جعفر صادق عليه السلام جي بارگاه ۾ عرض ڪيو: امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت جو ڪيترو ثواب آهي؟ امام عليه السلام جن فرمايو: امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪرڻ وارو ائين آهي ڄڻ ته ان عرش تي الله سائين جو ديدار ڪيو. مون عرض ڪيو : ۽ اهو شخص جنهن توهان منجهان ڪنهن هڪ جي زيارت ڪئي هجي!  امام عليه السلام جن فرمايو: جنهن اسان منجهان ڪنهن هڪ جي زيارت ڪئي ان جو ثواب هي آهي ته ڄڻ ان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت ڪئي. (5)

3. زائر جون حاجتون پوريون ٿيڻ ۽ پريشانين جو ختم ٿيڻ

امام جعفر صادق  عليه السلام  جن ابو صباح ڪناني کي فرمايو: توهان وٽ هڪ اهڙي قبر آهي جتان ڪو به شخص پريشان ٿي نٿو موٽي ڇو جو الله سائين ان جي زائر جون تمام پريشانيون ختم ۽ حاجتون پوريون ڪري ٿو. اهڙي نموني سان ان قبر وٽ چار هزار فرشته آهن جيڪي امام حسين  عليه السلام  جي شهادت کان وٺي زور قيامت تائين گريو ڪندا رهن ٿا ۽ جيڪو شخص ان قبر جي زيارت ڪندو ته اهي فرشته ان کي گهر تائين ڇڏڻ ايندا ۽ جڏهن اهو زائر مريض ٿيندو ته اهي فرشته ان جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ وڃن ٿا ۽ جڏهن اِهو زائر مري وڃي ٿو ته اُهي فرشته ان جي جنازي ۾ شريڪ ٿين ٿا. (6)

4. زائر جي مال ۽ عمر ۾ اضافو

امام محمد باقر  عليه السلام  جن فرمائن ٿا: اسان جي شيعن کي امام حسين  عليه السلام  جي قبر مطهر جي زيارت جو حڪم ڪريو ڇو جو امام  عليه السلام  جي زيارت مال، رزق ، پرشانين جي دور ٿيڻ ۽ عمر جي طولاني ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿي. (7)

5. زائر جي گناهن جو بخشجڻ

امام جعفر صادق  عليه السلام  جن فرمائن ٿا: جيڪو به شخص امام حسين  عليه السلام  جي معرفت رکندي ۽ ان جي امامت جو اقرار ڪندي زيارت ڪندو الله سائين ان جا اڳيان ۽ پويان تمام گناه معاف ڪري ڇڏيندو. (8)

6. زائر جو زيارت ڪرڻ وقت عمر جو شمار نه ٿيڻ

امام جعفر صادق  عليه السلام  جن فرمائن ٿا: امام حسين  عليه السلام  جي زيارت ڪرڻ وارن جي عمر زيارت ڪرڻ وقت شمار نٿي ٿئي.(9)

7. زائر ڏانهن امام حسين  عليه السلام  جي عنايت ۽ توجهه

امام حسين  عليه السلام  جن فرمائن ٿا: جيڪو شخص پنهنجي زندگي ۾ منهنجي زيارت ڪندو مان ان جي مرڻ کان پوءِ ان جي زيارت ڪندس. (10)

8. امام حسين  عليه السلام  جي زيارت جو ثواب حج جي برابر آهي

عبد الله بن عبيد انباري چوي ٿو ته امام جعفر صادق  عليه السلام  جي خدمت ۾ عرض ڪيم: مان توهان مٿان قربان ٿيان! مولا مان هر سال چاهيان ٿو ته حج تي وڃان پر هر سال منهنجي لاءِ حج جا وسائل محيا نٿا ٿين. امام  عليه السلام  فرمايو: جڏهن ته تو حج جو ارادو ڪيو ۽ تو وٽ اسباب فراهم نه ٿا ٿين ته پوءِ تون امام حسين  عليه السلام  جي قبر جي زيارت لاءِ وڃ تنهنجي لاءِ هڪ حج جو ثواب لکيو ويندو ۽ جڏهن عمري جو ارادو ڪرين ۽ تو وٽ وسائل محيا نٿين ته پوءِ امام حسين  عليه السلام  جي زيارت جو پڪو پهه ڪر تنهنجي لاءِ هڪ عمري جو ثواب لکيو ويندو. (11)

9. زائر جو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم، علي  عليه السلام  ۽ سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي جوار ۾ ويهڻ

امام جعفر صادق  عليه السلام  فرمائن ٿا: جيڪو به شخص چاهي ٿو ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم ، حضرت علي  عليه السلام  ۽ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي جوار ۾ هجي ته اهو امام حسين  عليه السلام  جي زيارت ڪرڻ کي ترڪ نه ڪري. (12)

10. قيامت جي ڏينهن امام حسين  عليه السلام  جي زيارت جو فائدو

امام جعفر صادق  عليه السلام  فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن ڪو به اهڙو شخص نه هوندو جيڪو هي آرزو نه رکندو هجي ته اي ڪاش! مان به امام حسين  عليه السلام  جي زائرن منجهان هجان ها!. ڇو جو هو قيامت جي ڏينهن امام حسين جي زائرن جي مقام کي الله وٽ  ڏسندو (13)

11. قيامت جي سختين کان نجات

رسول خدا فرمائن ٿا مان توهان سان واعدو ٿو ڪريان ته قيامت جي ڏينهن توهان ڪامياب هوندو ۽ مان امام حسين عليه السلام جي زائر جي هٿ کي وٺندس ۽ ان کي قيامت جي ڏکين مرحلن ۽ سختين کان نجات ڏياريندس ۽ ان کي بهشت ۾ داخل ڪندس (14)

 

حوالا

1       امام باقر ، الگوي زندگي ، حبيب الله احمد

2       ڪامل الزيارات ، جعفر بن محمد قولويه، ص236

3       وسائل الشيعه، حر عاملي، ج14، ص432.

4       ثواب الاعمال شيخ صدوق , ص 116

5       منتخب ڪامل الزيارات, ابن قولويه , ص 281

6       ساڳيو ،ص 337

7       ساڳيو, ص 289

8       ڪافي مرحوم ڪليني , ج 4 ص 582

9       وسائل الشيعه , شيخ حر عاملى , ج 10 ص 322

10 بحارالانوار , علامه مجلسى , ج 101 ص 16

11 منتخب ڪامل الزيارات, ابن قولويه , ص 306

12 وسائل الشيعه , شيخ حر عاملى , ج 10 ص 230

13 ساڳيون

14 منتخب ڪامل الزيارات, ابن قولويه , ص 278

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي