اڱارو, 19 جنوري 2021

 

مقدمو:

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي مشهور حديث آهي:

يا علي انت مني بمنزلت هارون من موسي الا انه لا نبيَّ بعدي

ترجمو:اي علي عليه السلام! تنهنجي مون سان اهائي نسبت آهي جيڪا هارون جي موسي سان هئي سواءِ ان جي جو مون کان پوءِ نبي ناهي .

پيغمبراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي زندگي ۾ هر جاءِ تي اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام جي ولايت جو اعلان ڪيو آهي.

پيغمبراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي بعثت جي شروعات ۾ به حضرت اميرالمومنين عليه السلام کي پنهنجو جانشين ۽ امت جي لاءِ خليفو مقرر ڪيو هيو ۽ عمر جي آخري حصي ۾ به حجت الوداع کان واپسي مهل خم غدير جي ميدان تي تمام حاجين جي سامهون الله تعالي جي حڪم سان حضرت علي عليه السلام کي پنهنجو جانشين مقر ڪندي فرمايو هو ”من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه “ جنهن جو مان مولا آهيان ان جو علي مولا آهي .

مان هن مضمون ۾ حديث غدير مان استدال نٿو ڪرڻ چاهيان منهنجي ڪوشش رهندي ته حديث منزلت تي ڪجهه روشني وجهي ڪري امامت ۽ ولايت علي ابن ابي طالب عليه السلام کي ثابت ڪريان.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حديث منزلت جي سند تي شڪ

هن روايت تي اهل سنت جي مشهور عالم دين ”آمدي“ اعتراض ڪيو آهي ته هي روايت ضعيف آهي ۽ اِن مان ڪيئن ثابت ٿي سگهي ٿو ته حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي وصايت کي قبول ڪيو وڃي !؟؟

هن جي جواب ۾ اسان چار ڳالهين کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا سين.

 

1_ -حديث منزلت صحيح ترين حديث آهي.

2_ گهڻيون ئي شاهديون هن حديث لاءِ موجود آهن.

3_ اهل سنت جي ڪافي وڏن عالمن به هن حديث کي ذڪر ڪيو آهي.

4_ هي حديث عموميت جي طرف اشارو ڪري ٿي.

1_ آمدي هن حديث تي اعتراض ڪري پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪيو آهي ڇو جو هي حديث صحيح ترين حديثن منجهان آهي هن تي شڪ ڪرڻ تعصب جي دليل آهي.

2_ هن حديث جي صحت (صحيح هجڻ) ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي ڇو جو ان کان علاوه ڪنهن به هن حديث کي ضعيف نه چيو آهي جڏهن ته اهل سنت جي مشهور عالم دين” ذهبي“  پنهنجي ڪتاب ”تلخيص مستدرڪ“ ۾ هن روايت کي صحيح قرار ڏنو آهي.[1]

ان کان علاوه ”ابن حجر هيثمي“ جنهن شيعن جي خلاف ڪتاب لکيو آهي ۽ شيعن جو سخت ترين حريف به رهيو آهي، پنهنجي ڪتاب” صواعق محرقه“ ۾ حديث مزلت جي باري ۾ لکي ٿو ته هي حديث صحيح السند آهي. [2]

 

معاويه بن ابي سفيان جيڪو اهلسنت جي نزديڪ رسول الله جو خليفو آهي حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي باري ۾ ماڻهن کي حڪم ڏيندو هو ته علي عليه السلام  کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ سندس زماني ۾ واجب هيو ته جمعي نماز جي خطبي ۾ حضرت اميرالمومنين  عليه السلام جي لاءِ (برا ۽) نا سزا الفاظ استعمال ڪيا وڃن، ان جي باوجود به جڏهن هن سعد بن ابي وقاص  کي چيو ته علي  عليه السلام کي گار گند ڏي ته هو پنهنجي جاءِ کان نه اٿيو تنهن تي معاويه چيس: تون ڇا جي ڪري ابو تراب عليه السلام  کي برو ڀلو نٿوڳالهائين ؟؟؟

 

سعد جواب ڏنو: پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم هن (علي عليه السلام) جي باري ۾ ٽي شيون فرمايون هيون، جيڪي هينئر مونکي ياد نه آهن ان ڪري  مون کي ان ڪم(لعنت ڪرڻ) کان آجو قرار ڏيو، جيڪڏهن مون وٽ انهن ٽنهي شين منجهان ڪا به هڪ هجي ها ته مون لاءِ عرب جي تمام دولت کان وڌيڪ هجي ها، مون ٻڌو هو ته ڪجھ جنگين ۾ جڏهن پيغمبراڪرم صليصلي الله عليه وآله وسلم پاڻ ويندا هئا ته حضرت علي  عليه السلام کي مديني ۾ پنهنجي جاءِ تي خليفو مقرر ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا :

اي علي عليه السلام! ڇا تون راضي ناهين ته تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون  عليه السلام جي موسي  عليه السلام سان هئي سواءِ ان جي جو مونکان پوءِ ڪو پيغمبر ناهي .

جڏهن معاويه سعد جي ڳالهه ٻڌي ته سعد کي آجو قرار ڏنائين ۽ خاموش ٿي ويو.[3]

 

حديث منزلت کي نه صرف ڪجھ متعصبن ذڪر ڪيو آهي بلڪه معاويه به حديث منزلت کي نقل ڪيو آهي، ابن حجر ”صواعقه محرقه“ ۾ ”احمد“ کان نقل ڪيو آهي: ڪنهن شخص معاويه کان مسئلو پڇيو معاويه ان کي جواب ۾ چيو ته هي مسئلو علي عليه السلام کان وڃي پڇ. ڇو جو علي عليه السلام عالم ترين انسان آهي ۽ هن مسئلي کان آگاه آهي، اُن شخص معاويه کي چيو ته منهنجي نزديڪ علي عليه السلام جو جواب توکان وڌيڪ اهميت نٿو رکي، اُن تي معاويه چيو تون غلط چئي رهيو آهين! تون ان شخص کان ناراضگي رکين ٿو جنهن جي چهري کي رسول خداصلي الله عليه وآله وسلم علم سان روشن چهرو، چيو آهي ۽ اُن لاءِ فرمايو آهي: يا علي انت مني بمنزلة هارون من موسي الا انه لا نبي بعدي.

 

ان کان علاوه جڏهن به حضرت عمر کي ڪو ڏکيو مسئلو پيش  ايندو هيو ته علي ابن ابي طالب عليه السلام کان پڇندو هيو. [4]

مسلمانن جا جيڪي به فرقه آهن اهي هن حديث ”منزلت“جو انڪار نٿا ڪن ۽  پنهنجي ڪافي معتبر ڪتابن ۾ هن حديث کي ذڪر ڪيو اٿن.

 

3_ تمام محدثن ، سيرت پيغمبر کي لکڻ وارن ۽انهن راوين جن جنگ تبوڪ جي روايت کي نقل ڪيو آهي انهن سڀني  ”حديث منزلت“ کي نقل ڪيو آهي .

هي حديث علم رجال جي لحاظ سان به صحيح آهي هن ۾ ڪنهن قسم جو شڪ نه آهي ۽ هي فقط علي ابن ابي طالب عليه السلام جي لاءِ ئي نقل ٿيل آهي.

 

تمام ڪتاب ڀلي کڻي اهي اهلبيت عليهم السلام جي فضيلت ۾ لکيا ويا هجن يا اصحاب ڪرام جي فضليت ۾ لکيا ويا هجن، انهن ۾ هي حديث ذڪر ٿيل آهي.

هن روايت کي احمد بن حنبل ۽ ان کان پهرين ۽ بعد وارن سڀني عالمن ذڪر ڪيو آهي هي حديث صحيح ترين حديث آهي ان جي وڌيڪ تفصيل لاءِ ملاحظه ڪريو.[5]

 

جڏهن هي حديث ايتري مشهور ۽ صحيح آهي ته” آمدي “ جو هن حديث تي شڪ ڪرڻ  تعصب ئي سمجهو ويندو، ڪوبه عقل مند ڪڏهن به اهڙي حديث کي ڪوڙو نٿو قرار  ڏئي سگهي .

 

4_ ان نڪتي ڏانهن توجهه ڏيڻ ضروري آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زبان مبارڪ مان حضرت علي عليه السلام کي هارون سان نسبت ڏيڻ هي فقط جنگ تبوڪ لاءِ مخصوص ناهي  حضرت علي عليه السلام جي هارون سان نسبت ڏيڻ جو مطلب هي آهي ته جهڙي نموني حضرت هارون  عليه السلام، حضرت موسي  عليه السلام جا وزير ۽ جانشين هئا اهڙي نموني حضرت علي عليه السلام به پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ خليفه آهن ۽ هي حڪم ڪنهن مخصوص وقت سان خاص نه هيو بلڪه پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي اصحابن کي ٻڌائڻ پئي چاهيو ته جڏهن مان توهان جي وچ ۾ نه هجان ته منهنجي جاءِ تي علي  عليه السلام کي ئي ويهارجو اُنهي کي ئي پنهنجو رهبر قبول ڪجو.

 

ڇا حديث منزلت عموميت تي دلالت ڪري ٿي ؟

اڪثر مخالفن طرفان هي اعتراض ٿيندو آهي ته حديث منزلت عموميت کان خالي آهي پيغمبراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم فقط جنگ تبوڪ دوران حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي جاءِ تي مديني ۾ مقرر ڪيو هو ان جو  مطلب هر گز اهو نه آهي ته جڏهن به پيغمبر نه هجي  حضر ت علي  عليه السلام مسلمانن جو خليفو ۽ رهبر سمجهيو وڃي بلڪه هي خاص وقت لاءِ هيو جهڙي نموني سان پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جنگ  بدر دوران پنهنجي جاءِ تي جناب ابو لبابه کي پنهنجي جاءِ تي امير مقرر ڪيو هيو ته ڇا هُن لاءِ به اهو حڪم عموميت رکي پيو ؟؟ ٻيو ته ممڪن آهي ته رسول اللهصلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام کي راضي ڪرڻ لاءِ چيو هجي؟ يعني اها حديث عموميت تي دلالت نٿي ڪري، بس جڏهن اسان ڪنهن ٻئي کي اهڙي منزلت نٿا ڏئي سگهون ته حضرت علي  عليه السلام کي اهڙي منزلت ڪيئن ڏئي سگهنداسين؟؟؟

 

هن سوال جو جواب اسان ٻن طريقن سان ڏئي سگهون ٿا.

الف: هيٺ دليل پيش ڪنداسين ته حديث منزلت عموميت تي دلالت ڪري ٿي.

ب: پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي جناب هارون  عليه السلام سان تشبيهه ڏني آهي.

 

1_ جڏهن مخالف هي اعتراض ڪندا آهن ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي جنگ تبوڪ دوران فرمايو هو ته تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن جناب هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان، انهن جي جواب ۾ اسان هتي ڪجهه ٻين جاين کي به پيش ڪري رهيا آهيون جتي حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام جي لاءِ حديث منزلت ارشاد فرمائي.

 

هڪ ڏينهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جناب ”ام سليم“ جي لاءِ حديث فرمائي، ام سليم کي انهن عورتن منجهان ڳڻيو وڃي ٿو جن اسلام آڻڻ ۾ اڳ ڀرائي ڪئي هئي هي با اخلاق ۽ تحمل ڪرڻ واري  عورت هئي ، پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم اِن جي گهر ويا ان جي لاءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حديث بيان فرمائي ۽ ساڻس ڪجهه ڳالهيون ڪيون. [6] ام سليم کي فرمايائون: اي ام سليم! علي عليه السلام جو گوشت منهنجو گوشت آهي، علي عليه السلام جو خون منهنجو خون آهي، علي عليه السلام جي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي .[7]

 

هاڻي سمجهڻ گهرجي ته هي حديث فقط تبوڪ واري جنگ سان مخصوص نه آهي. جيڪڏهن هي حديث ڪنهن وقت لاءِ خاص هجي ها ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ڪڏهن به  حديث کي ٻيهر نه ورجائن ها در حقيقت حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم هن حديث کي ورجائي ولايت علي ابن ابي طالب  عليه السلام جي تبليغ ڪري رهيو هو ته علي عليه السلام منهنجو جانشين ،ولي عهد ۽ مونکان پوءِ اوهان لاءِ خيلفو هوندو .

 

مٿئين حديث وانگر پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان حديث آهي جڏهن حضرت حمزه جو فرزند، حضرت علي عليه السلام، جعفر ۽ زيد هڪ ٻئي سان بحث و مباحثو ڪري رهيا هئا ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو:اي علي عليه السلام ! تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي [8]

 

اهڙي نموني هڪ ڏينهن ابوبڪر، عمر ۽ ابو عبيده جراح پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ ويٺا هئا ته پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام تي ٽيڪ ڏئي ۽ پنهنجا هٿ علي  عليه السلام جي ڪلهن تي رکي ارشاد فرمايو: اي علي عليه السلام تون مومنن منجهان پهريون شخص آهين جنهن مون تي ايمان آندو ۽ پهريون شخص آهين جنهن اسلام قبول ڪيو، تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون جي موسي سان هئي.[9]

 

ياد رهي ته هجرت کان پهريان جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم مڪي ۾ پهريون”عقد اخوت“ (ڀائيچارو) قائم ڪيو هو، جيڪو فقط مهاجرين لاءِ خاص هئو اُنهي ۾ به حديث منزلت وارو مطلب بيان ڪيو هو. اُن کان بعد هجرت جي پنجين مهيني جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ”عقد اخوت ۽ ٻيون ڀائيچارو “ قائم ڪيو جيڪو مهاجرين ۽ انصار جي وچ ۾ هئو.

 

ٻئي ڀيرا حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي پنهنجو ڀاءُ منتخب ڪيو ۽ ٻئي دفعا ڪنهن ٻئي شخص کي علي  عليه السلام تي مقدم نه رکيائون ۽ فرمايائون: تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان، هن فرق سان ته مون کان پوءِ ٻيو ڪو نبي ناهي “

 

”عقد اخوت “وقت حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جو حضرت علي  عليه السلام کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏيڻ ۽ حضرت  هارون عليه السلام سان نسبت ڏيڻ بابت اهلبيت عليهم السلام کان متواتر روايتون نقل ٿيون آهن.

اهلبيت کان هٽي ڪري پهرئين عقد اخوت بابت جناب زيد بن اوفي کان روايت نقل ٿيل آهي، هي روايت تمام ڊگهي آهي پر اختصار سان بيان ڪجي ٿي.

 

پهريان عقد اخوت جي ڪيفيت کي نقل ڪري آخر ۾ لکيو اٿس ته علي  عليه السلام چيو : اي الله جا رسول صلي الله عليه وآله وسلم منهنجو ساھ نڪري ويو ۽ منهنجي چيلهه ٽٽي پئي! جڏهن ڏٺم ته سڀني اصحابن جوهڪ ٻئي سان عقد اخوت (ڀائيچارو) قائم ڪيَوَ ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏنَوَ ڇا هي ڪنهن ڪاوڙ جي ڪري آهي؟

 

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: مونکي قسم آهي اُن رب جو جنهن مونکي حق سان نبي بڻائي موڪليو، مان توکي آخر ۾ ناهي رهايو سواءِ پنهنجي لاءِ ”وَ اَنتَ مِنّي بِمَنزِلَةِ هارونَ مِن مُوسي غَيرَ اَنَّهُ لا نَبِيَّ بَعدي“تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي ان فرق سان ته مون کان بعد ڪو به نبي نه آهي، تون منهنجو ڀاءُ ۽ منهنجو وارث آهين .

علي  عليه السلام عرض ڪيو: مان تنهنجي ڪهڙي ميراث جو وارث ٿيندس؟

 

پاڻ فرمايائون: هر اها شئ  جيڪا مون کان اڳين نبين ورثي طور ڇڏي  هئي، الله سائين جو ڪتاب ۽ پيغمبرن جون سنتون. تون جنت ۾ منهنجي ڌيءَ فاطمهI سان گڏ منهنجي محل ۾ هوندين، تون منهنجو ڀاءُ ۽ دوست آهين، اُن کان پوءِ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم آيت جي هڪ حصي جي تلاوت ڪئي ”اِخوَانا عَلي سُرُرِ مُتَقَابِلينَ“ (ٻئي ڀاءُ جيڪي تخت تي هڪ ٻئي جي سامهون ويٺا آهن) يعني ڪجھ آهن جيڪي خدا جي خاطر هڪ ٻئي کي دوست رکن ٿا ۽ هڪڙو ٻِئي ڏانهن ڏسي ٿو. [10]

 

ٻئين عقد اخوت بابت جناب ابن عباس کان روايت نقل ٿيل آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام کي فرمايو: يا علي! تو ڏٺو ته مون مهاجرن ۽ انصار کي هڪ ٻئي سان ڀاءُ قرار ڏنو ۽ توکي ڪنهن جو به ڀاءُ قرار نه ڏنم ! ڇا مون کان ناراض ٿئين؟ ڇا تون راضي ناهين ته تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي سواءِ ان جي جو مون کان پوءِ ڪو به پيغمبر نه ايندو. [11]

 

انهن حديثن وانگر ٻيون به ڪافي حديثون موجود آهن . ”جڏهن تمان اصحابن جا مسجد مان در بند ڪيا ويا “ روايت ۾ ذڪر ٿيو آهي ته مسجد جا تمام دروازا بند ڪيا ويا سواءِ حضرت علي  عليه السلام جي دروازي جي. هن مورد لاءِ جناب جابر بن عبدالله کان حديث نقل ٿيل آهي جيڪا هن مطلب تي دلالت ڪري ٿي پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم فرمايو :”اي علي عليه السلام! جيڪو منهنجي لاءِ مسجد ۾ حلال آهي اُهو تنهنجي لاءِ به حلال آهي تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي سواءِ ان جي جو مون کان پوءِ ڪو به پيغمبر نه ايندو.[12]

 

جناب حذيفه بن اسيد غفاري کان روايت نقل ٿيل آهي ته جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تمام اصحاب جا مسجد ۾ داخل ٿيڻ وارا دروازا بند ڪيا ته هڪ خطبو ارشاد ڪندي  فرمايائون: ماڻهن جي دلين ۾ ڪا شيءَ آهي جو مون علي عليه السلام کي مسجد ۾ رهڻ ڏنو ۽ باقي کي خارج ڪيم، مونکي خدا جو قسم!تمام اصحاب جو مسجد مان خارج ٿيڻ ۽ علي عليه السلام جو مسجد ۾ رهڻ اهو منهنجي طرفان ناهي بلڪه خداوند عالم انهن کي خارج ڪيو آهي ۽ علي عليه السلام کي رهڻ ڏنو آهي، خداوند عالم حضرت موسي  عليه السلام کي وحي ڪئي ته مصر ۾ پنهنجي قوم لاءِ گهرن جو انتخاب ڪر ۽ پنهنجي گهرن کي قبلو قرار ڏيو ۽ اُتي نماز پڙهو ...(اُن وقت فرمايائين) علي  عليه السلام جي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي هو منهنجو ڀاءُ آهي. [13]

 

اهڙا مثال ۽ واقعا تمام گهڻا آهن جن کي هن مقالي ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي ، مقصد صرف اهو هو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو حضرت علي  عليه السلام سان اها نسبت بيان ڪرڻ ته علي جي نسب مون سان ائين آهي جيئن حضرت هارون عليه السلام جي حضرت موسي عليه السلام سان ، جنگ تبوڪ سان مخصوص نه آهي بلڪه هي تمام امور ۽ هر جاءِ سان تعلق رکي ٿي چاهي پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم کيس پنهنجي جاءِ تي مقرر ڪري جنگ تي ويا هجن يا وري هي اعلان ڪري هن دنيا مان هليا ويا هجن حضرت علي  عليه السلام پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جا خليفا آهن.

 

2_ جيڪڏهن ڪو پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي مبارڪ تي نگاه وجهي ته حضور پاڪ صلي الله صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي رسالت جي دوران حضرت اميرالمومنين  عليه السلام جي ولايت ۽ جانشيني کي بيان ڪيو آهي ۽ ڪافي جاين تي حضرت علي  عليه السلام کي  حضرت هارون  عليه السلام سان تشبيه ڏني اٿس ۽ انهن ٻنهي جي درميان ڪو به فرق بيان نه ڪيو اٿس جهڙي نموني سان جناب هارون  عليه السلام حضرت موسي  عليه السلام جو وارث ۽ جانشين هيو اهڙي نموني سان اميرالمومنين علي ابن ابي طالب  عليه السلام به پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ وارث آهي مٿي ذڪر ڪيل تمام حديثون ان ڳالهه تي دلالت ڪن ٿيون ته هي حديث عام آهي يعني هر لحاظ کان حضرت علي  عليه السلام پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جا خليفا ۽ جانشين آهن .

 

حضرت هارون  عليه السلام جي حضرت علي  عليه السلامتشبه ڪيئن ممڪن آهن ؟

عام طور تي ان جاءِ تي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته  مٿي تمام حديثن ۾ حضرت علي  عليه السلام جي حضرت هارون  عليه السلام سان تشبيه ڏني وئي آهي، علي  عليه السلام ڪٿي ۽ هارون عليه السلام ڪٿي؟؟ ڪيئن منزلت ثابت ٿئي ٿي؟؟

 

هن سوال جي جواب ۾ اسان ٽن شين کي بيان ڪنداسين

1_ شُبر شُبير و مُشبرا

2_  عقد اخوت وارو ڏينهن

3_ اُن ڏينهن جڏهن مسجد جا در بند ڪيا ويا

1_ جڏهن اسان رسول اللهصلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي مبارڪ تي نظر وجهون ٿا ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي زبان مبارڪ مان ”علي عليه السلام“ ۽ ”هارون عليه السلام “ ۾ ڪو به فرق بيان ناهي ڪيو ويو، جهڙي نموني سان جناب هارون  عليه السلام حضرت موسي  عليه السلام جا جانشين هئا اهڙي نموني سان حضرت علي  عليه السلام به حضرت محمد مصطفي  عليه السلام جا جانشين ۽ خليفه آهن.

پاڻ ڪريم  عليه السلام هر جاءِ تي هن هڪجهڙائي کي بيان ڪيو آهي جڏهن حضرت علي  عليه السلام جو پهريون فرزند پيدا ٿيو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم مٿس حضرت هارون عليه السلام جي پٽ(شُبر) وارو نالو ”حسن عليه السلام “ رکيو (شُبر جو عربي زبان ۾ ترجمو حسن آهي) وري جڏهن حضرت علي  عليه السلام وٽ ٻئي پٽ جي ولادت ٿي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت هارون  عليه السلام جي ٻئي پٽ(شُبير) وارو نالو ”حسين عليه السلام“ رکيو (شُبير جو عربي ۾ ترجمو حسين ٿيندو) ۽ جڏهن جناب زهرا س جي پيٽ ۾ جناب محسن هئا ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اڳ ۾ ئي اُن جو نالو محسن انتخاب ڪيو هو. حضرت هارون  عليه السلام جي آخري پٽ جو نالو ”مشبر“ هيو جنهن جي عربي ۾ معني ٿئي ٿي محسن .

حضرت علي  عليه السلام به فرمايو هو ” مان پنهنجي پٽن جا نالا هارون جي پٽن وارا رکيا آهن انهن جا نالا شُبر، شُبير ۽ مُشبر هيا“ [14]

بس پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم انهن ٻنهي کي هڪ جهڙو قرار ڏئي ڪري انهن جي درميان شباهت به بيان ڪئي آهي.

2_ انهي ڪري پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي پنهنجو ڀاءُ منتخب ڪيو ۽ علي عليه السلام کي ٻين تي مقدم ڪيو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي ڀاءُ کي حضرت هارون  عليه السلام سان تشبيه ڏني آهي ۽ هي تشبيه عموميت تي دلالت ڪري ٿي.

 

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي زندگي ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي اصحابن جي درميان هڪ ٻي کي ڀاءُ قرار ڏنو، پهرئين ڀيري ابوبڪر ۽ عمر ڀاءُ ٿيا، عثمان ۽ عبدالرحمان بن عوف ڀاءُ ٿيا، ٻئي ڀيري ابوبڪر ۽ خارجه بن زيد ڀاءُ ٿيا، عمر ۽ عتبان بن مالڪ هڪ ٻئي جا ڀاءُ ٿيا جڏهن ته ٻئي ڀيرا حضرت علي  عليه السلام پاڻ ڪريم  صلي الله عليه وآله وسلم جا ڀاءُ ٿيا. [15]

 

پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي فرمايو: ”يا علي  عليه السلام! اَنتَ اَخِي في الدُنيا وَالآخِرَةِ“ اي علي  عليه السلام تون هن دينا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڀاءُ آهين.[16]

 

ڪافي جاين تي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام ڏانهن اشارو ڪري کيس پنهنجو وصي ۽ جانشين قرار ڏنو ۽ فرمايو: ”هذا اَخي ، وابَنُ عمي وصِهري وَاَبو وُلدي“ هي شخص منهنجو ڀاءُ آهي منهنجي چاچي جو پٽ آهي ۽ منهنجي پٽن(حسن عليه السلام ۽ حسين عليه السلام) جو پيءَ آهي. [17]

 

جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت قريب آئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي ع عليه السلام کي گهرائي ڪري سندس سيني مبارڪ تي سمهي پيا، علي عليه السلام سان ڪجهه ڪلام ڪري هن دنيا مان رحلت ڪري ويا.[18]

پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:جنت جي دروازي تي لکيل آهي”لا اِله اِلا اللهُ، مُحَمدُ رَسُولُ اللهِ ، عَلِي اَخُو رَسُولِ اللهِ“.[19]

 

3_ جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تمام اصحابن جي دروازن کي جيڪي مسجد نبوي جي طرف کلي رهيا هئا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو سواءِ علي ابن ابي طالب  عليه السلام جي دروازي جي، الله تعالي حضرت علي  عليه السلام لاءِ هر حالت ۾ مسجد ۾ رهڻ کي مباح قرار ڏنو جهڙي نموني سان جناب هارون  عليه السلام جي لاءِ مباح هيو. هارون عليه السلام ۽ حضرت علي عليه السلام جي لاءِ مسجد ۾ رهڻ جائز ۽ ٻين جي لاءِ جائز قرار نه ڏيڻ ۾ شباهت پاتي وڃي ٿي ڇو جو حضرت هارون  عليه السلام حضرت موسي  عليه السلام جا وزير ۽ جانشين هيا ۽ حضرت علي  عليه السلام حضرت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ وزير آهن. جناب ابن عباس چئي ٿو: 

رسول اللهصلي الله عليه وآله وسلم تمام اصحابن جي گهرن جا اُهي دروازا جيڪي مسجد ڏانهن کلندا هئا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو سواءِ حضرت علي  عليه السلام جي گهر جي دروازي جي، علي عليه السلام  اُن مان مسجد ۾ داخل به ٿيندا هئا ته پنهنجي گهر ۾ به ويندا هئا چاهي علي  عليه السلام ڪهڙي ئي حالت ۾ ڇو نه هجي علي  عليه السلام جي لاءِ مباح هيو.[20]

 

عمر بن خطاب کان  روايت آهي : حضرت علي عليه السلام وٽ اهڙيون ٽي شيو آهن جيڪي ڪنهن ٻئي وٽ ناهن جيڪڏهن انهن منجهان مون وٽ هڪ هجي ها ته اُها ڳاڙهن وارن واري اُٺن (يعني عربن جي دولت )کان بهتر هئي. پهرين، حضرت علي  عليه السلام، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي ڌيءَ فاطمہI جو مڙس هئو، ٻئي علي عليه السلام جي رهڻ جي جاءِ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ مسجد ۾ هئي جيڪو پيغمبر لاءِ اُتي حلال هيو اهو علي عليه السلام لاءِ به حلال هيو ، ٽئين، خيبر واري ڏينهن علي  عليه السلام جي هٿ ۾ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو پرچم ڏيڻ.[21]

 

سعد بن ابي وقاص، براء بن عازب، ابن عباس، ابن عمر، حذيفه بن اسيد غفاري انهن سڀني نقل ڪيو آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: خداوند عالم حضرت موسي  عليه السلام کي وحي ڪئي  ته منهنجي لاءِ هڪ مسجد تعمير ڪر جنهن ۾ تو کان ۽ هارون  عليه السلام کان علاوه ٻيو ڪو به نه رهي، خداوند عالم مون ڏانهن به وحي ڪئي آهي ته هڪ پاڪ ۽ طاهر مسجد تيار ڪيان جنهن ۾ سواءِ منهنجي ۽ علي  عليه السلام جي ٻيو ڪو به نه رهي.[22]

 

پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جي دعا آهي ”يا الله ! منهنجي ڀاءُ موسي عليه السلام نبي توکان درخواست ڪئي هئي!! منهنجي سيني کي شرح صدر عطا ڪر، منهنجا ڪم آسان ڪر، منهنجي زبان جا بند ٽوڙ ته جيئن ماڻهو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهن ۽ منهنجي لاءِ منهنجي خاندان مان وزير قرار ڏي، منهنجي ڀاءُ هارون جي ذريعي منهنجي پٺ کي مضبوط ڪر ۽ اُن کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ قرار ڏي ۽ تو ان (موسي) ڏي وحي ڪئي ته جلدي تنهنجي ڀاءُ جي وسيلي تنهنجا هٿ مضبوط ڪندس ۽ تو کي وڏو مقام عطا ڪندس.

 

اي منهنجا پروردگار!! مان تنهنجو بندو ۽ تنهنجو رسول محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) آهيان مونکي به شرح صدر عطا ڪر ،منهنجي ڪمن کي سولو ڪر ۽ منهنجي خاندان مان علي عليه السلام کي  منهنجو وزير قرار ڏي.[23]

 

براز به اهڙي طرح نقل ڪيو آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام جو هٿ وٺي ڪري فرمايو: اي علي  عليه السلام !!حضرت موسي  عليه السلام خداوند عالم کي عرض ڪيو ته ”هارون  عليه السلام “ جي وسيلي مسجد کي پاڪ ڪر ۽ مون به خدا کان چاهيو ته هو مسجد کي تنهنجي وسيلي پاڪ ڪري “

پوءِ کيس ابوبڪر ڏانهن موڪليو ته پنهنجي گهر جو دروازو بند ڪري ته هن (ابوبڪر) استرجاء (انا لله و انا اليه راجعون) پڙهي ڪري چيو ”سمعا و طاعة“ (ٻڌوسين ۽ اطاعت ڪئي سين)،اُن کان پوءِ کيس عمر ڏانهن موڪليائين، پوءِ عباس ڏانهن موڪليائين انهن سڀني پنهنجا دروازا بند ڪيا، اُن وقت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: مون پنهنجي طرفان توهان جا دروازا بند ۽ علي  عليه السلام جو دروازو ناهي کوليو، بلڪه خداوند عالم توهان جي دروازن کي بند ڪيو آهي ۽ علي  عليه السلام جو دروازو کولڻ جو حڪم ڏنو آهي .[24]

 

هي شباهت حضرت علي عليه السلام ۽ حضرت  هارون عليه السلام لاءِ ڪافي آهي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي حديث(منزلت) جي ذريعي سان اسان هي حڪم آساني سان سمجهي سگهون ٿا ته هن حديث مان عموميت مراد آهي ڪنهن خاص وقت ۽ خاص جگهه لاءِ ناهي بلڪه هر وقت ۽ هرجاءِ لاءِ آهي.

 

 

نتجو:

هن لکڻي مان ثابت ٿئي ٿو ته مخالفن جيڪي به حديث منزلت تي اعتراض ڪيا آهن اهي سڀ غلط ثابت ٿين ٿا ، هن حديث کي اگر چه بخاري پنهنجي صحيح ۾ ذڪر نه ڪيو آهي ان جي باوجود به اهل سنت جي گهڻن ئي عالمن ان حديث کي صحيح سند سان ذڪر ڪيو آهي هن کان علاوه مخالفن جو هي اعتراض هوندو آهي ته هي حديث ڪيئن عموميت تي دلالت ڪري ٿي؟ ان سوال جي جواب کي به مستند دليلن سان ثابت ڪيوسين ته هي حديث فقط ان وقت ۽ هڪ ئي موقع لاء خاص نه هئي جڏهن ته مخالف اهيو سمجهندا رهيا آهن ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي مخصوص وقت ۾ اها منزلت ڏني هئي ۽ هي فقط جنگ تبوڪ وغيره لاءِ خاص آهي پر اسان هن کي ثابت ڪري چڪا آهيون ته هي حديث ڪنهن خاص وقت ۽ مڪان لاءِ نه هئي بلڪه هي حديث عموميت تي دلالت ڪري ٿي .

ان کان علاوه مخالفين جي هن اعتراض (تشبيہ ڪيئن ثابت ٿئي ٿي؟) جو به جواب تمام گهڻن پهلوئن سان پيش ڪيو ويو آهي ۽ ثابت ڪيوسين ته هي حديث حضرت علي عليه السلام جي منزلت کي ثابت ڪري ٿي ۽ ان سان حضرت علي  عليه السلام رسول الله صلي الله عليه وآله وسلمکان پوءِ مسلمانن جا خليفه ۽ امت جا امام آهن .

 



[1] . هن حديث جي مڪمل وضاحت لاءِ رجوع ڪريو، الرياض النضره (محب الدين طبري شافعي) ج2 ص 269، 270 فرائد السمطين(حمويني)ج1 ص 328، حديث 255

[2] . الصواعق المحر قه (ابن حجر) ص 47،طبع المحمديه مصر

[3] . صحيح مسلم: ڪتاب الفضائل باب”من فضائل علي ابن ابي طالب “ج2 ص 360

[4] . ابن حجر صواعقه محرقه ۾ مقصد پنجم ۾ آيت 14 باب 11 جي بحٽ ۾ ص 107

هن حديث لاءِ انهن ڪتابن جي طرف رجوع ڪريو: شواهد التنزيل: ج2 ص 21، لمناقب (ابن مغازلي شافعي) ص 34، ح 52 طبع تهران، ترجمه الامام علي ابن ابي طالب از تاريخ دمشق (ابن عساڪر) ج1 ص 339، ح 410، 411.

[5] . احمد بن حنبل:ج 3 ص 50، حديث 1490، (سند صحيح سان) ۽ ص 56،حديث 1505، صحيح (بخاري) ڪتاب المغزي باب غزوه تبوڪ ج5 ص 129، صحيح (مسلم) ڪتاب الفضائل باب”من فضائل علي ابن ابي طالب“ ج2 ص 360،

[6] . ام سليم ملحان بن خالد انصاري جي ڌيءَ ۽ حرام بن ملحان جي ڀيڻ هئي، هن جو ڀاءُ ۽ پيءَ ٻئي پيغمبر اڪرم 3 جي اڳيان شهيد ٿيا هئا، هن، ابن عباس، زيد بن ثابت، ابو سلمه بن عبدالرحمن ۽ ٻين پيغمبر اڪرم3 کان حديث نقل ڪئي آهي، ام سليم دور جاهليت ۾ مالڪ بن نضير جي گهر واري هئي ۽ اتان انس پيدا ٿيو ، جڏهن اسلام ڦهلجڻ لڳو ته ام سليم اسلام قبول ڪيو اُن تي سندس مڙس  مالڪ بن نضير ناراض ٿيو ۽ اُن سلام کي قبول نه ڪيو، پوءِ ام سليم اسلام خاطر مالڪ کي ڇڏي ڏنو، مالڪ ناراض ٿي شام ملڪ ڏانهن هليو ويو ۽ اُتي ئي مري ويو . ام سليم پنهنجي پٽ انس کي تمام گهڻِي نصيحت ڪندي هئي ته پيغمبر اڪرم 3 جو هميشه فرمانبردار ۽ مطيع رهجان، ام سليم جنگ احد دوران جنگ ۾ پڻ موجود رهي.

 

[7] . ترجمه امام علي ابن ابي طالبD، تاريخ دمشق؛(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 78، ح  125 ۽ 406، المناقب (خوازمي حنفي) ص 86، ينابيع المودت (قندوزي) ص 50، 55، ۽ 129.

[8] . خصائص اميرالمومنين(نسائي شافعي) ص 88،  ترجمه علي ابن ابي طالب D از تاريخ دمشق(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 338، حديث 409.

[9] . ڪنز العمال (متقي هندي)ج15 ص 108، ح 307، المناقب (خوازمي حنفي) ص 19،ينابيع المودت (قندوزي حنفي) ص 202، رياض النضره (محب الدين طبري)ج 2 ص 207،215،

 

[10] . ڪنز العمال(متقي هندي)ج5 ص 40، ح 918، ص 41 ح 919، ج6 ص 390 ح 5972، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 23.

[11] . منتخب ڪنزل العمال(متقي هندي) حاشيه مسند(احمد بن حنبل) ج 5 ص 31، المناقب (خوازمي حنفي) ص 7، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 20

[12] . مناقب علي ابن ابي طالب عليه السلام (اب مغازلي شافعي) ص 255، ح 303، ترجمه الامام علي ابن ابي طالب از تاريخ دمشق(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 266، ح 329، ۽ 330.

[13] . ينابيع المودة(قندوزي حنفي)باب 17 ص 88، مناقب علي ابن ابي طالب عليه السلام (اب مغازلي شافعي) ص 255، ح 303، ترجمه الامام علي ابن ابي طالب از تاريخ دمشق(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 266، ح 329، ۽ 330.

[14] . مسند(احمد بن حنبل) ج2 ص 155، ح 769، (صحيح سند سان) ، المستدرڪ(حاڪم) ج3 ص 165، 168.

[15] . صحيح ترمذي ج 5 ص 300 ح 3824، ڪفايت الطالب (گنجي شافعي)ص 193، ۽ 194، سيره(ابن هشام) ج 2ص 108

[16] . المستدرڪ (حاڪم) ج3ص 14(ٻن صحيح سندن سان) ، صحيح (ترمذي) ج5 ص 300 ح 3804، ڪفاية الطالب (گنجي شافعي) ص 194، الفصول المهمه(ابن صباغ مالڪي) ص 21، الصوائق محرقه(ابن حجر) ص 120.

[17] . ڪنزل العمال(متقي هندي)ج6 ص 154، ۽ منتخب ڪنز العمال(متقي هندي) حاشيه مسند(احمد بن حنبل) ج 5 ص 32

[18] . الطباق الڪبري(اب سعد) ج2 ص 263، المناقب (خوازمي) ص 29،

[19] . حلية الاولياء(ابو نعيم) ج7ص 256، المناقب (ابن مغازلي شافعي)ص 91 ح 134، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 206.

[20] . ينابيع المودة (قندوزي حنفي) ض 35، مجمع الزوائد (هيثمي) ج9 ص 120، المناقب (خوازمي) ص 74.

[21] . المستدرڪ(حاڪم) ج3ص 125، (صحيح سند سان)، مسند (احمد بن حنبل)ج7 ص 21 ح 4797، (صحيح سند سان) ينابيع المودة(قندوزي حنفي) ص 210، المناقب (خوازمي حنفي) ص 238،  الصواعق المحرقہ، (ابن حجر)ص 76، تاريخ خلفاء (سيوطي) ص 172، فرائد السمطين(حمويني)ج1 ص 345، ح 268

[22] . مناقب الامام علي ابن ابي طالب(ابن مغازلي شافعي) ص 252، ح 301، ۽ 343، ينابيع المودة(قندوزي حنفي) ص 87 طبع اسلامبول

[23] شواهد التنزيل(حاڪم حسڪاني حنفي) ج1 ص 179، ح 235، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 15، الرياض النضره(محب الدين طبري) ج2 ص 214، مطالب السوول (ابن طلحه شافعي)

[24] . مجمع الزوائد (هيثمي) ج9 ص 114،  ڪنز العمال(متقي هندي) ج 15 ص 155 ح 436 ، والحاوي للفتاوي(سيوطي) ج2 ص 57 ، 58.

 

 

جنت البقيع قبرستان پهريان هي هڪ باغ هيو عربي ۾ ان جڳھ کي ”البقيع الغرقد“ چوندا هئا، بقيع يعني وڻن جو باغ ۽ غرقد چوندا هئا هڪ مخصوص وڻ کي جيڪو ان باغ ۾ تمام گهڻو هيو ان ڪري ٻن نالن سان مرڪب ٿيو ” البقيع الغرقد“ هن باغ جي ٻاهريان چئني طرفن کان ماڻهن جا گهر هئا، هن باغ جي ٻاهريان حضرت علي عليه السلام جي

 

مھاڳ:

الله تعاليٰ انسانن کي مختلف قومن ۾ پيدا ڪيو تاڪي انسان ذات جي سڃاڻپ ٿي سگهي، ۽ انسانن کي پڻ خود مختار بڻايائين، پر ائين ھرگز نه  آهي ته پالڻھار اسان کي آزاد چڏي ڏنو آھي ۽ اسان جيڪو چاھيون اھو ڪريون، الله تعاليٰ اسان کي خود مختار بڻايو ۽ ان سا گڏوگڏ اسان جي لاءِ قانون به پڻ وضع ڪيائين ۽ ڪوئي به انھن قانونن کان الڳ نه  آهي، جڏھن اسان ھڪ دفعو تاريخ جي ورقن کي اٿلائي ڏسون ته معلوم ٿيندو الله تعالىٰ جا قانون ھر قوم ۾ پاتا وڃن ٿا، مثال جي طور تي جڏھن اسان "بني اسرائيل قوم" جي طرف نظر ڪيون ته معلوم ٿيندو الله تعاليٰ اُنھن جي لاءِ ڪيترائي قانون وضع ڪيا مثال جي طور "امتحـــــان الٰھي" الله تعاليٰ جي طرف کان امتـــــحان، ان جي قانونن منجھان ھڪ قانون آهي، ۽ ھيءُ قانون ھر قوم جي لاءِ آھي٬ جڏهن اسان بني اسرائيل قوم جي طرف امتحــــان بابت نظر ڪيون ته معلوم ٿئي ٿو ھن قوم الله تعاليٰ جي بعض امتحـــــانن ته ڪاميابي ماڻي آھي پر اڪثر امتحـــــانن ۾ ناڪام وئي آهي، اسان جي لاءِ ضروري آهي ته تلاش ڪيون بني اسرائيل قوم ڪھڙا گناھ ڪيا تاڪي اسان انھن گناھن جي نزديڪ نه وڃيون.

مان به ھن مقاله ۾ انهيَ موضوع بابت ڪجھ مطالبَ بيان ڪيا آھن جيڪي انشاء الله توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويندا

 

ٻِسْـــــــــمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمْ

الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشادفرمائي رھيو آهي:

«اَحَسِبَ النَّاسُ اَنْ يُتْرَڪُوْ اَنْ يَقُوْلُوْا آمَنَّا وَ ھُمْ لَايُفْتَنُوْنَ وَلَقَدْ فَتَنَّاالَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِھِمْ» [١]

ترجمون: "ڇا ماڻهن(ھي) خيال ڪيو آهي ته سندن(رڳو ايتري) چوڻ تي ته اسان ايمان آندو، کين ڇڏيو ويندو ۽ انھن کي آزمايو نه ويندو،(ضرور کين آزمايو ويندو) انهن کان جيڪي اڳ ھئا تن کي به اسان بيشڪ آزمايوسين" [٢]

الله تعاليٰ جي طرف کان انسانن جي لاءِ امتحـــــان، اُن جي قانونن منجھان ھڪ قانون آهي، ۽ ڪوئي بھي ھِن قانون کان الڳ نه آهي.

بني اسرائيل اھڙي قوم ھئي جيڪا فرعون ۽ اُن جي ڪارندن جي ظلم ھيٺيان جڪڙيل ھئي، ايتري قدر جو ھيءَ قوم پنهنجي جان و مال و ناموس جي به مالڪ نه ھئي، اھڙو ظلم نه ھيو جيڪو فرعون ۽ اُن جي ڪارندن انھن جي مٿان نه ڪيو ھجي،

الله تعالىٰ ھن قوم تي احسان ڪيو ۽ پنهنجي رسولن منجھا ھڪ رسول موڪليائين،(جنهن جو نالو حضرت موسيٰ عليه السلام ھيو) تاڪي انھن کان امتحـــــان وٺي سگهي ته ڇا ھي الله جي رسول جي اطاعت ڪن ٿا يا نه؟ ان جي مدد ڪن ٿا يا نه؟ تاڪي فرعون جي ظلم کان نجات پيدا ڪري سگهن، بني اسرائيل قوم منجھان اڪثر ماڻھن حضرت موسيٰ عليه السلام جي اطاعت ڪئي ۽ انھيءَ امتحـــــان ۾ ڪاميابي ماڻين، لھذا الله تعاليٰ جي طرف کان به انھن کي انعام مليو. انھيءَ سبب فرعون ۽ اُن جي ڪارندن جي شرّ کان نجات حاصل ڪيائون، ۽ جيڪا شيء انهن پنهنجي  خواب ۾ نه سوچي ھئي اھا شيء پنهنجي اکين سان ڏٺائون ته ڪيئن فرعون پنهنجي لشڪر سان گڏ "درياء نيل" ۾ غرق ٿي ويو، ۽ ھيءُ قوم بني اسرائيل جي لاءِ الله تعاليٰ جي طرف کان انعام ھيو. پر الله تعالىٰ جا امتحـــــانَ انسانن جي لاءِ ختم ناھن ٿيندا، ممڪن آھي ھڪ قوم کي ھڪ دفعو آزمايو ويو ھجي، پر ھيءُ به ممڪن آهي ته ھڪ قوم کي بار بار آزمايو ويو ھجي، ۽ بني اسرائيل اھا قوم آھي جنھن کي الله تعاليٰ جي طرف کان بار بار آزمايو ويو، پر ھن بدبخت قوم الله تعالىٰ جي بعض امتحـــــانن ۾ ته ڪاميابي ماڻي پر اڪثر امتحـــــانن ۾ ناڪام وئي.

اسان نموني جي طور تي الله تعالىٰ جا ڪجھ اُهي امتحـــــان جنھن ۾ قوم بني اسرائيل ناڪام وئي آھي بيان ڪيون ٿا.

(٠١) قوم بني اسرائيل فرعون ۽ ان جي ڪارندن جي شرّ کان نجات حاصل ڪرڻ کانپوءِ، سفر ڪندي ھڪ اھڙي برپٽ ۾ داخل ٿي جـنھن کي "صحراي سينا" چيو ويندو آهي، نه پاڻي ھيو نه کائڻ جي لاءِ ڪا شيءَ ھئي، ۽ ايتري گرمي ھئي جو انهن جي لاء اڳتي وڌڻ ۽ سفر کي جاري رکڻ مشڪل ٿي ويو، الله تعالىٰ ھن قوم تي احسان ڪيو ۽ ڪڪرن کي حڪم ڏنائين ته وڃي ڪري انھن جي مٿان ڇانوَن ڪريو، ۽ ان کانپوءِ وڃي ڪري ھن قوم سڪون حاصل ڪيو، اُنهن وٽ پاڻي نه ھيو الله تعالىٰ حضرت موسيٰ عليه السلام کي حڪم ڏنو ته پنهنجي لٺ کي زمين تي ھڻ! جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام زمين تي لٺ ھئين ته اتان ھڪ چشمو جاري ٿي پيو، حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل کي فرمايو:

اچو! الله تعالىٰ توهان جي لاءِ چشمو جاري ڪيو آهي، اچي ڪري پاڻي پيو، اِتان بني اسرائيل جون فرمائشون شروع ٿي ويون، بني اسرائيل ڇاڪاڻ ته "١٢قبيله" ھئا، ۽ ھي "١٢قبيله" ڪڏهن به ھڪ ٻئي سان ڪونه ٺھندا ھئا، حضرت موسيٰ عليه السلام کي چيائون: اسان ھڪ چشمي مان پاڻي ڪونه پينداسين، اسان مان ھر قبيلي جي لاء الڳ الڳ چشمو جاري ڪيو وڃي، حضرت موسيٰ عليه السلام ڏٺو ته ھيءَ قوم ضد تان ڪونه لھندي، لھٰذا حضرت موسيٰ عليه السلام مجبور ٿي ڪري ھر قبيله جي لاٻ الڳ الڳ چشمو جاري ڪيائين. [٣]

ھن امتحـــــان ۾ بني اسرائيل جي سڄي قوم ناڪام وئي، پر اُن جي باوجود الله تعالىٰ انهن کي مھلت ڏني، تاڪي متان اڳتي هلي ڪري سڌي رستي تي اچي وڃن.

اھڙي طرح سان الله تعالىٰ جي طرف کان ھن قوم کي ڪيترائي دفعا آزمايو ويو، ۽ ڪيترائي واقعا موجود آهن جن ۾ قوم بني اسرائيل ناڪام وئي آھي، پر اسان وقت جي قلت جي ڪري ھتي اختصار ڪيون ٿا.

(٠٢) ھڪ اھڙو مھم امتحـــــان جنهن ۾ قوم بني اسرائيل ناڪام وئي، ۽ اُن کانپوءِ الله تعالىٰ پنهنجون تمام نعمتون انهن کان کسي ورتيون، ۽ ھن قوم کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنائين، ۽ ان امتحـــــان ۾ ناڪاميَ کانپوءِ، اڄ تائين قوم بني اسرائيل ذليل و خوار آھي، اُھو امتحان "امتحـــــــان ولايت" آهي.

ھي امتحـــــان اُن وقت شروع ٿيو، جڏهن الله تعالىٰ حضرت موسيٰ عليه السلام کي "ڪوه طــور" تي گھرايائين،

الله تعالىٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد فرمائي رھيو آهي:

«وَ وٰعَدْنَا مُوْسٰى ثَلٰثِیْنَ لَیْلَةً وَّ اَتْمَمْنٰهَا بِعَشْرٍ فَتَمَّ مِیْقَاتُ رَبِّهٖۤ اَرْبَعِیْنَ لَیْلَةً» [۴]

ترجمو: "۽ اسان موسيٰ سان ٽيهن راتين جو واعدو ڪيو، ۽ اسان اُن ۾ ڏھن راتین جو اضافو ڪيو مطلب ته سندس پالڻهار جو واعدو چاليھن راتين ۾ پورو ٿي ويو" [۵]

جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم کان موڪلائي رھيو ھو ته انهن کي چيائين: مان "ٽيھ راتيون" توھان جي درميان نه ھوندس، لھٰذا اِن دوران مان پنهنجي ڀاءُ ھارون کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيان ٿو، ۽ توهان جي لاءِ ضروري آهي ته ھن جي اطاعت  ڪيو.

«وَ قَالَ مُوْسٰى لِاَخِیْهِ هٰرُوْنَ اخْلُفْنِیْ فِیْ قَوْمِیْ وَ اَصْلِحْ وَ لَا تَتَّبِعْ سَبِیْلَ الْمُفْسِدِیْنَ» ]

ترجمو: "۽ موسيٰ پنهنجي ڀاءُ ھارون کي چيو ته تون منهنجي قوم ۾ منهنجو جانشين ٿي رھجاءِ، ۽ ۽ هنن جو سڌارو ڪندو رهجانءِ، ۽ شرارت ڪندڙن جو رستو نه وٺجاءِ" [٧]

قوم بني اسرائيل سوچيو ته ڪوبه مسئلو ناھي حضرت موسيٰ فقط "ٽيھن راتين" جي لاءِ وڃي ٿو، ۽ "ٽيھن راتين" کانپوءِ وري موٽي ايندو، پر الله تعالىٰ ان "ٽيھن راتين" ۾ "ڏھن راتين" جو اضافو ڪري ڇڏيو، ۽ الله تعالىٰ جي آزمائش اِن "ڏھن راتين" ۾ ھئي.

جڏهن "ٽيھ راتيون" پوريون ٿي ويون، بني اسرائيل سوچيو ته ھاڻي حضرت موسيٰ عليه السلام بس ڪونه ايندو. قوم بني اسرائيل جي درميان "سامري" نالي ھڪ شخص ھيو، اُن شخص ھن موقعي مان فائدو ورتو، ۽ ھڪ خوبصورت ڳئون جو مجسمو ٺاھي اچي قوم بني اسرائيل درميان ۾ رکيائين، ۽ چوڻ لڳو: موسيٰ جي خدا کي ڇڏي ڏيو، ھاڻي ھي توهان جو ربُّ آھي، ۽ ھي نادان قوم بغير سوچي سمجهي سامريءَ جي پويان لڳي پئي، ۽ ڳئون جي مجسمي کي پوڄڻ لڳي، حضرت موسيٰ عليه السلام جي خدا کي وساري ويٺي، حضرت ھارون عليه السلام جي ولايت کي ٺکرائي ڇڏيائون، حضرت ھارون علیه السلام انهن  کي چوندو رھيو ته "سامريء" جي طرف نه وڃون! پر حضرت ھارون علیه السلام جي ھڪ به نه ٻڌن، جڏهن "چاليھ راتيون" پوريون ٿي ويون اوچتو بني اسرائيل ڏٺو ته موسيٰ موٽي آيو آھي، حضرت موسيٰ علیه السلام اچڻ سائين ڳئون جي مجسمي کي نابود ڪري ڇڏيو.

 بني اسرائيل سوچيو ته ھاڻي ٻيو ڪوئي چارو ڪونه آهي، لھٰذا قوم بني اسرائيل حضرت موسيٰ عليه السلام کي چيو: اسان توبه ڪرڻ ٿا چاھيون، الله تعالىٰ حضرت موسيٰ عليه السلام تي وحي نازل ڪئي ته "مان اِنهن جي توبه قبول ڪندس پر ھڪ شرط سان"  اُھا شرط ھيءَ ھئي ته حضرت موسيٰ علیه السلام پنهنجي قوم کي چيو: "تيار ٿيو ۽ پنهنجن اکين تي پٽي ٻڌو ۽ پنهنجي تلوارن کي ٻاھر ڪڍو، ۽ جنهن وقت مان توهان کي حڪم ڪيان ته پوءِ ھڪ ٻئي تي تلوارون وھائڻ شروع ڪري ڏجو" تاريخ ۾ آهي ته اِن واقعي ۾ "٧٠ ھزار" قوم بني اسرائيل جا ماڻهون قتل ٿي ويا، اُن کانپوءِ الله تعالىٰ حضرت موسيٰ عليه السلام تي وحي نازل ڪئي ته ڪافي آهي، مان انهن کي معاف ڪيم، پر الله تعاليٰ پنهنجون تمام نعمتون ھِن قوم کان کسي ورتيون ۽ چيائين ته توهان اِنھن نعمتن جي لائق نه آھيو.[٨]

ھي ھئي بني اسرائيل جي تاريخ، ۽ تاريخ جو ھڪ قانون آھي ته ھيءَ ھميشـه تڪرار ٿيندي آھي، ۽ جيڪڏهن اسان تاريخ جي ورقن جي طرف نگاه ڪريون ته معلوم ٿيندو قوم بني اسرائيل جي تاريخ ھڪ دفعو ٻيھر تڪرار ٿي آهي، مثلاً جڏهن الله تعالىٰ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کي مبعوث ڪيو ته ماڻھن آھستي آھستي نبي پاڪ صلي الله عليه و آله وسلم جي رسالت کي قبول ڪيو، ۽ اھڙي طرح رسول الله جي امّت قوم بني اسرائيل وانگر "امتحـــــان رسالت" ۾ ڪاميابي ماڻي، پر انهيَ امّت قوم بني اسرائيل وانگر "امتحـــــان ولايت" ۾ مشڪلاتون پيدا ڪيون.

ولايت جو لازمون اطاعت آهي، يعني "خالص اطاعت"

امّت رسول اڪرم جي مشڪل ھيءَ ھئي ته اُنھن رسول الله جي رسالت کي ته قبول ڪيو پر ان جي اطاعت کي وساري ويٺا.

جڏهن اسان تاريخ جي طرف نگاه ڪريون ته معلوم ٿئي ٿو ڪیترائي اھڙا ماڻهون ھئا جيڪي رسول الله سان بحث ڪندا ھئا، اُن جي فرمانن کي تبديل ڪندا ھئا، ۽ اُن جي حڪم جي نافرماني ڪندا ھئا، پر ان جي باوجود الله تعالىٰ ھن امّت کان پنهنجون نعمتون واپس نه ورتيون.

رسول اڪرم صلي عليه وآله وسلم بار بار امير المؤمنين علي ابن ابي طالب عليه السلام جي ولايت جي باري ۾ سفارش ڪندو رھيو، ڪنهن مهل فرمايائين:

"من ڪنت مــولاه فھذا علي مــولاه"[٩]

جنهن جنهن جو مان مولا آھيان ان جو علي مولا آھي)

 

ته ڪنهن موقعي فرمايائين:

"ياعلي! انت مني بمنزلة ھارون من موسيٰ غير انه لانبي بعدي" [١٠]

(ياعلي! تنهنجي نسبت منهنجي طرف ائين آھي جيئن ھارون جي نسبت موسيٰ جي طرف ھئي، پر مون کانپوءِ ڪوئي نبي نه ايندو)

ان حديث مان ثابت ٿئي ٿو ته امام علي عليه السلام جي ولايت حضرت ھارون عليه السلام جي مثل آھي پر رسول الله جي امّت قوم بني اسرائيل وانگر رسول اڪرم صلي عليه و آله وسلم جي رحلت کانپوءِ امام علي عليه السلام جي ولايت کي ڇڏي ڏنائين، ۽ غــــدير جي پيغام کي وساري ويٺي، ۽ جيڪو منصب امام علي عليه السلام کي ڏيڻ کپين ھان اھو منصب ڪنهن ٻئي ماڻهونءَ کي ڏئي ڇڏيائون، ۽ رسول اڪـرم صلي الله عليه وآله وسلم جو حقيقي جانشين "٢۵ ســـال" پنهنجي گھر ۾ محــــدود رھيو، پر اِن امتحـــــان ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ به الله تعالىٰ ھن امّت کي مھلت ڏني. ايتري قدر جو ڪــــــربلا جھڙو دردناڪ واقعو رونما ٿي پيو، ۽ اِن واقعي ۾ ڪجھ ماڻهن ثابت ڪيو ته اھي ڪيترا ملحد ۽ فاسد ٿي ويا آهن، امام حسين عليه السلام امّت کي بار بار فرمائيندو رھيو:  "توهان جي دنيا ۽ آخرت تباه ٿي رھي آھي، توھان جي لاءِ ضروري آهي ته يزيد جي خلاف قيام ڪيو" پر ھن امّت مولا جي آواز کي نه سڃاتو.

تاريخ گواه آھي ته امّت ڇا ڪيو نه رڳو مولا حسين عليه السلام کي اڪيلو ڇڏي ڏنائو، بلڪي مولا جو محاصرو ڪيائيون، اھلبيت رسول تي پاڻي بند ڪري ڇڏيائو، جنهن سبب ڪـــــربلا جھڙو واقعو رونما ٿي پيو.ھن واقعي کانپوءِ الله تعالىٰ پنهنجون تمام نعمتون ھن امّت کان کسي ورتيون.

تاريخ ۾ آهي ته ڪـــــربلا  جي واقعي کانپوءِ "٦٢ھـــ" ۾ يزيد مـــدينه جي ماڻهن تي ايترو ظلم ڪيو جو ڪيترائي نــــسل جڏھن به "حـــــره" جي واقعي کي ياد ڪندا ھئا ته لرزي پوندا ھئا، يزيدي لشڪر اھڙي طرح سان "مــــدينة المنوره" تي حملو ڪيو جو اُنهن جي لاءِ ٣ ڏينهن مسلسل اھل مدينه جِي جان و مال و ناموس حلال ٿي وئي، اُن شھر جي اندر جيڪو "حــــــرم امن نبوي" ھيو، جنھن جي اندر انتھائي بري ماڻهونءَ کي به امان ھئي، جيترو ٿي سگھين قتل و غارت ڪيائون، تاريخ ۾ آھي ته انهن مـــــدينه جي اندر "٧٠ اصحابن" کي قتل ڪيو، اُن کانپوءِ ھي "مسجد نبوي" ۾ داخل ٿيا ۽ اُتي ايترو قتل و غارت جو بازار گرم ڪيائون جو ڪيتري مدت تائين رسول الله جي قبر مبارڪ رت سان لت پت ھئي. [١١]

اُن کانپوءِ يزيدي لشڪر مڪي جي طرف رخ ڪيو، ۽ منجنيقن جي ذريعي سان مقدس ترين مڪان جي مٿان ايترا پٿر ڪيرايائون، جو ڪعبو ٻيھر ويران ٿي ويو، اُن کانپوءِ ھي مڪي شھر ۾ داخل ٿيا، ۽ اھل مڪي وارن کي قتل ڪرڻ لڳا، ماڻھن "مسجد الحرام" ۾ وڃي ڪري پناه ورتي، ڪعبي جي اندر ايترو قتل عام ڪيائون جو ڪيتري مدت تائين زم زم کوه مان پاڻي جي بجائ رت اندو ھيو.[١٢]

اُن کانپوءِ ڪوفو حجاج ابن يوسف ثقفي جھڙي ظالم انسان جي قبضي ۾ اچي ويو، تاريخ ۾ آهي ته اِن فاسد انسان تقريبًا "٢٠لکھـــ" ماڻھن کي قتل ڪرايو.[١٣]

ھيءُ امّت جي لاءِ الله تعالىٰ جي طرف کان هڪ جريمون ۽ سزا ھئي، ڇاڪاڻ ته ھي "امتحـــــــان ولايت" ۾ ناڪام ويا، الله جي ولي کي اڪيلو ڪري ڇڏيائون.

 

نتيجو:

ھي تاريخ جو ھڪ قانون آهي ته تاريخ پنهنجو پاڻ کي تڪرار ڪندي آهي، ۽ اسان کي گھرجي ته اِن تاريخ مان عبرت وٺڻ سان گڏوگڏ درس وٺئون، تاڪي اسان انهن گناھن جا مرتڪب نه ٿيئون جنھنن گناهن جون پوئيون ملتون مرتڪب ٿيون.

امام خميني(رح) فرمائن ٿا:

"ولايت فقيه به ولايت رسول اڪرم (صلي الله عليه وآله وسلم) وانگر آهي"

اِن فرمان مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي لاءِ به امتحــــــان ولايت شروع ٿي چڪو آهي، الله تعالىٰ اسان کان امتحــــــان وٺي ٿو ته ڪير ولي فقيه جي اطاعت ڪري ٿو ۽ ڪير اُن جي نافرماني ڪري ٿو. ۽ اسان تاريخ جي اندر ملاحظو ڪيو ته جيڪو به امتحــــــان ولايت ۾ ناڪام ويو آهي انکي ڪيترو جرمانو ادا ڪرڻون پيو آھي، اسان جي لاءِ ضروري آهي ته ان طرف غور ڪيون.

والسلام

حوالاجات

[١]سوره عنڪبوت آيت ٢-٣

[٢]سنڌي قرآن فرمان علي

[٣]قصص القرآن ص ٢٠٢

[۴]سوره اعراف آيت ١۴٢

[۵]سنڌي قرآن فرمان علي

[٦]سوره اعراف آيت ١۴٢

[٧]سنڌي قرآن فرمان علي

[٨]قصص القرآن ٢٠٦

[٩]امالي شيخ طوسي

[١٠]خطبه غدير

[١١]تاريخ طبري ج٢ ص٢٠٠

[١٢]تاريخ طبري ج٢ ص٢٠۵

[١٣]تاريخ طبري ج٢ ص٢١٠