جمع, 07 آگسٽ 2020

 

 

مقدمو:

حضرت امام حسين عليه السلام جو انقلاب سڄي اسلامي امت جي نجات، توحيد جي سربلندي ۽ انسانيت جي آزادي جو پيغام کڻي آيو هيو پر افسوس آهي جو ان انقلاب ۾ سڄي امت اسلاميه اهڙو فائدو حاصل نه ڪيو جيڪو امام حسين عليه السلام چاهين پيا، ان جي هڪ وجھ دشمن جي طرفان هن مقدس انقلاب جي خلاف غلط پروپيگنڊائون ۽ الزام تراشيون هيون جنهن جي ڪري امام حسين عليه السلام جي اهداف ۽ مقاصد کي غلط رنگ ڏيئي امام حسين عليه السلام جي نوراني انقلاب کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نبي اميه جا حامي ۽ ظالم حڪومتن جا ڪارندا امام حسين عليه السلام جي انقلاب کي غير آئيني ۽ غير اسلامي سمجهي عوام کي گمراه ڪندا رهيا ۽ ان انقلاب کي حڪومت وقت جي خلاف بغاوت ۽ حڪومت تي لشڪر ڪشي قرار ڏيندا رهيا.

شوڪاني نقل ڪن ٿا :

”ڪجھ عالم حد کان گذري ويا آهن اهي رسول الله جي فرزند (امام حسين عليه السلام ) جي اقدامات کي شرابي، نشي باز ۽ حرمت شريعت مطهره جي بي عزتي ڪرڻ واري يزيد ابن معاويه (خدا جي لعنت هجيس) جي خلاف بغاوت سمجهن ٿا. [1]

هن الزام جو هڪ جواب هي آهي ته هي ڳالھ اڳين عالمن (قدماء) جي روش جي برخلاف آهي ڇو جو تاريخ شاهد آهي ته ان وقت جا عالم صحابه، تابعين ۽ سياست دان سڀ ان ڳالھ تي متفق هئا ته امام حسين عليه السلام حق تي هئا ڇو جو امام حسين عليه السلام يزيد جي غير انساني اقدامات جي مذمت ڪئي ۽  امام حسين عليه السلام جي اقدامات کي خليفة المسلمين جي خلاف بغاوت نٿا سمجهن.

مولانا مودودي صاحب لکن ٿا :

”اگر چه هن (امام حسين عليه السلام) جي زندگي ۾ ۽ ان کان بعد ۾ ڪنهن به صحابي يا تابعين جو قول نٿو ملي ته امام حسين (عليه السلام) جو خروج ناجائز هيو يا پاڻ ڪنهن حرام ڪم ۾ مبتلا ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا . [2]

ڪجھ ماده پرست ماڻهن هن واقعه کي ٻن خاندانن جي جنگ قرار ڏيڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي ۽ ڪجھ وري امام حسين عليه السلام کي حڪومت طلبي سان تعبير ڪيو ،انهن اعتراضن جو مدلل جواب ته اسان جي ڪتابن ۾ وضاحت سان موجود آهي.

 

امام حسين عليه السلام هڪ فرد نه هئا جن يزيد ابن معاويه جي باطل حڪومت جي خلاف قيام ڪيو پاڻ ته ان عظيم ۽ مقدس تحريڪ جا عظيم رهبر هئا جيڪا ان وقت جي باطل، اسلام دشمن ۽ ناجائز حڪومت جي خلاف وجود ۾ آئي امام حسين عليه السلام کي  پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم هدايت جو چراغ قرار ڏنو هيو، ”ان الحسين مصباح الهدي و سفينه النجاه“ جنهن وقت امت گمراهي جي انڌهيري ۾ ٻڏي رهي هئي ان وقت امام حسين عليه السلام هادي ۽ رهنما بڻجي اهڙي تحريڪ جو آغاز ڪن ٿا جنهن جو هر اهو شخص جيڪو اسلام دوست، غيرت مند ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان عقيدت ۽ محبت رکندو هيو، ساٿ ڏنو.

ها ! ان تحريڪ جي حمايت ڪرڻ واري جي نوعيت مختلف هئي، ڪجھ ان تحريڪ جي زباني حمايت ڪئي ۽ ڪجھ ماڻهن  جن ۾ اصحاب رسول (ص ) جي هڪ سٺي تعداد هئي پنهنجي جان جي بازي لڳاء ان انقلاب جي حمايت لاءِ ميدان ۾ نڪري آيا.

اميد آهي ته هي مقالو حق جي ڳولا ڪندڙ خصوصا اهڙا ماڻهون جيڪي صحابه ڪرام (رضوان الله عليهم ) سان خاص عقيدت ۽ محبت  ڪندا آهن انهن لاءِ بهترين رهنما ثابت ٿيندو. ان ڪري جو امام حسين عليه السلام جي پيروي ۾ صحابه ڪرام جي تمام گهڻي تعداد قرباني پيش ڪئي آهي انهن مان ڪجھ اهڙا به رسول الله جا صحابي آهن جن ڪربلا ۾ پهچي ڪري  يزيد جي علني مخالفت ڪئي ۽ ان جي باطل حڪومت خلاف جنگ ڪندي شهيد ٿي ويا، ڪجھ اهڙا صحابي به هئا جيڪي ڪربلا کان پهران ڪوفه، بصره ۽ ٻين شهرن ۾ يزيد جي مخالفت ۾ يزيدي ماڻهن جي هٿان شهيد ٿي ويا ۽ ڪجھ اهڙا اصحاب به هئا جيڪي ڪجھ وجوهات جي ڪري ڪربلا جي جنگ ۾ شامل نه ٿي سگهيا اهي امام حسين عليه السلام جي شهادت کان پوءِ يزيد جي ظلم جي خلاف ۽ امام حسين عليه السلام جي حمايت ۾ قيام ڪيو ۽ پنهنجي جان قربان ڪري يزيدي اقدامات جي مخالفت ڪئي

هن مختصر تحرير ۾ انهن اصحاب ڪرام جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي پنهنجي حقيقي آقا ۽ رهبر جي نواسي حضرت امام حسين عليه السلام جي حمايت ۾ ڪربلا معلي ۾ امام حسين عليه السلام سان گڏ شهيد ٿي ويا،  جيڪي اصحاب رسول امام حسين عليه السلام سان گڏ ڪربلا ۾ شهيد ٿيا انهن کي مخلتف منابع مان هتي پيش ڪنداسين

واضح رهي ته رسول الله جي صحابي جي تعريف ۾ اختلاف پاتو ٿو وڃي پر اسان هتي فقط انهن کي ذکر ڪنداسين جيڪا اهل سنت جي مشهور عالم دين ابن حجر عسقلاني جي تعريف مطابق صحابي رسول هئا .

ابن حجر عسقلاني نقل ڪن ٿا:

’’و اصحُّ ما وقفت عليه من ذالک انّ الصحابی من لقی النبی صلی الله عليه وآله وسلم مومناً به ومات علی الاسلام، فیدخل فی من لقيه من طالت مجالسته اوقصرت، ومن روي عنه اولم یرْو، ومن غزا معه اولم یغر ومن رأہ رويه ولو لم یجالسه ومن لم یره لعارضٍ کالعمی۔۔۔۔۔۔‘‘[3]

” صحيح ترين تعريف هي آهي ته ايمان جي حالت ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت ڪئي هجيس ۽ اسلام جي حالت ۾ فوت ٿي ويو هجي ان کي صحابي (رسول ) چوندا آهن ان تعريف جي مطابق هر اهو شخص صحابي رسول هوندو جيڪو گهڻي مدت يا گهٽ مدت ۾ پيغمبر اڪرم (ص) جي صحبت ۾ رهيو هجي، چاهي اهو پاڻ (ص) سان جنگ ۾ شريڪ رهيو هجي يا نه رهيو هجي، باقاعده زيارت ڪئي هجي يا ڪنهن مجبوري جي ڪري (جئين انڌي هجڻ جي ڪري ) نه ڪئي هجيس.

ان تعريف جي مطابق ڪربلا جي شهداء ۾ ڪجھ اهڙن صحابين کي به ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي ڪجھ مدت جي لاءِ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي صحبت ۾ هئا يعني اهي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ گهڻو وقت نه هئا.

ڪربلا ۾ ڪجھ اهڙا به صحابي هئا جيڪي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ جنگين ۾ به شريڪ هئا پر اتي انهن کي شهادت نصيب نه ٿي پر 61 هجري ۾ امام حسين عليه السلام سان گڏ شهيد ٿي پنهنجي آقا ۽ مولا رسول الله سان وڃي مليا.

 

1. سليم بن ڪثير الازدي (يا مسلم بن ڪثير:)

زيارت ناحيه ۾ ان جو نالو ”اسلم “ ذکر ٿيو اهي جڏهن ته رجال جي ڪتابن ۾ ”اسلم “ جي بجاء مسلم بن ڪثير الازدي الاعرج “ بيان ٿيو آهي زيارت ناحيه جا هي جملا آهن ” السلام علي اسلم بن ڪثير الازدي الاعرج“[4] مرحوم زنجاني نقل ڪن ٿا ته هي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو صحابي هيو.[5]

مرحوم شيخ طوسي (رحمه الله ) ۽ علامه مامقاني (رح) پنهنجي رجال جي ڪتابن ۾ نقل ڪن ٿا ته هن جو جنگ جمل ۾ تير لڳڻ جي ڪري پير زخمي ٿي پيو هيو جنهن جي ڪري ”اعرج“ (هڪ پير کان معزور ) ٿي ويو هيو ۽ هن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي صحبت حاصل ڪئي هئي .

عسقلاني لکن ٿا : ”مسلم بن ڪثير بن قليب الصدفي الازدي الاعرج ... الڪوفي له ادراک اللنبي (صلي الله عليه وآله وسلم) مسلم بن ڪثير بن قليب الصدفي الازدي العرج جيڪو ڪوفي کان هيو ان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کي درڪ ڪيو هيو، وڌيڪ اضافو ڪجي ته هي صحابي فتح مصر ۾ به حاضر هيو طبري ۽ ابن شهر آشوب هن جو ذڪر ڪربلا ۾ هجڻ جو ڪيو آهي ۽ لکيو اٿن ته ڪربلا ۾ پهرين حملي ۾ شهيد ٿي ويو هيو. [6]

مسلم بن ڪثير، قبيله ”ازد“ منجها هيو جڏهن امام حسين عليه السلام مدينه کان هجرت ڪئي تڏهن کان هي صحابي رسول ڪوفي ۾ زندگي گذاريندو هيو، ۽ هي انهن ماڻهن منجهان هيو جن حضرت امام حسين عليه السلام کي ڪوفي اچڻ جي دعوت ڏني هئي.

جڏهن مسلم ابن عقيل ڪوفي ۾ آيو هيو تڏهن هن صحابي رسول مسلم ابن عقيل جي هٿ تي بيعت به ڪئي هئي پوء جڏهن مسلم ابن عقيل جي شهادت ٿي وئي ته هن ڪوفي ڇڏي ڏنو ۽ حضرت امام حسين عليه السلام سان ڪربلا جي قريب وڃي مليا، ۽ ڪربلا ۾ پهرين حمله ۾ شهيد ٿي ويا . [7]

 

حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي هن صحابي جي باري ۾ جيڪو هڪ جنگ ۾ ”اعرج“ هجڻ جي باوجود شريڪ ٿيو هيو ۽ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪئي فرمايو هيو: ’’والذی نفسی بیدہ لقد رأیت عمروبن الجموح یطأُ فی الجنه بعرجته۔۔۔۔۔۔‘‘،

مونکي قسم آهي ان ذات جي جنهن جي قبضي قدرت ۾ منهنجي جان آهي مان ڏسي رهيو آهيان ته عمرو بن الجموع جيڪو منڊو ٿي ڪري به جنت ۾ (ٽهل) ٽهلي رهيو آهي .

ان طرح سان حضرت مسلم بن ڪثير جو به اهو ئي مقام ۽ منزلت آهي جيڪو قرآن مجيد ۾ الله جو ارشاد آهي ’’لیس علی الاعمی خرج ولا علی الاعرج حرج‘‘[8]

يعني جهاد ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي انڌي تي ڪو به حرج ڪونهي ۽ نه ئي منڊي کان ڪو پڇاڻو ڪيو ويندو.

پر ان اسلام جي فدا ڪار رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي نواسي جي حمايت ۾ پنهنجي هن معذوري واري حالت ۾ به پنهنجي جان قربان ڪري هي ثابت ڪيو ته اسلام جي حفاظت جي لاء ڪنهن به قسم جي قرباني کان ناهي ڪيٻائڻو انهي ڪري ”صاحب تنقيح المقال لکيو آهي “’’شهيدالطف غنی عن التوثیق‘‘فرمائن ٿا ڪربلا جي شهيد ۾ شامل آهي ان ڪري هي وثاقت جي بحث کان بي نياز آهن.

 

2. انس بن حارث

انس بن حارث رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جا صحابي هئا ۽ هن جنگ بدر ۽ حنين ۾ به شرڪت ڪئي هئي.[9]

علامه مرحوم مامقاني صاحب فرمائن ٿا ته ” انس بن حارث صحابي نال بالطف الشهادۃ ‘‘[10]

انس بن حارث رسول الله جو صحابي هيو ۽ ڪربلا ۾ شهادت جي رتبي تي فائض ٿيو.

ابن عبدالبر  پنهنجي ڪتاب الاستيعاب ۾ هن طرح سان لکن ٿا ’’انس بن حارث روي  عنه والد اشعث بن سلیم عن النبی(ص) فی قتل الحسین وقتل مع الحسین رضی الله عنه‘‘[11]

انس بن حارث جي واسطي سان اشعث بن سليم جي والد نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کان امام حسين عليه السلام جي شهادت جي باري ۾ روايت نقل ڪئي آهي ته هي (انس بن حارث) حضرت امام حسين عليه السلام سان گڏ شهيد ٿيندو .

روايت جي تشريح

الاستيعاب ۾ ڪنهن روايت جو ذڪر ٿيو آهي اها هن طرح سان آهي ته حضرت انس بن حارث رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌو ته پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: منهنجو پٽ (حسين ) ڪربلا جي سرزمين تي قتل ڪيو ويندو جيڪو شخص (صحابين منجهان) ان وقت زنده هجي ان جي لاءِ ضروري آهي ته منهنجي پٽ جي مدد جي لاءِ ڪربلا ۾ پهچي. راوي چوي ٿه ته حضرت انس بن حارث پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي انهي فرمان تي لبيڪ چوندي ڪربلا ۾ شرڪت ڪئي ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي قدمن ۾ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي .[12]

 هن حديث نبوي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ضروري سمجھجي ٿو ته هن جي مڪمل سند قارئين جي لاء پيش ڪئي وڃي.

’’سعد(سعید)بن عبدالملک بن واقد الحرانی بن عطا بن مسلم الخقاف عن اشعث بن سلیم عن ابيه قال سمعت انس بن حارث یقول:سمعت رسول الله(ص) یقول:ان ابني هذا(یعنی الحسین)یُقتل بارض یقال لها کربلا فمن شهد منکم فلینصره‘‘

قال(العسقلانی):’’فخرج انس بن الحرث الی کربلا فقتل مع الحسین۔‘‘

صاحب فرسان ابن عساڪر کان هن طرح نقل ڪيو آهي :

’’وقال ابن عساکر انس بن الحرث کان صحابیاً کبیرا ممن رأی النبی(ص) وسمع حدیثه وذکره عبدالرحمن السلمی فی اصحاب الصفه۔۔۔۔۔۔‘‘[13]

ابن عساڪر لکن ٿا ته انس بن الحرث رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي  عظيم اصحابن منجهان هيو جن  پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت ڪئي ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کان حديثون به ٻڌيون هيون، عبدالرحمن سلمي هن کي اصحاب صفه ۾ شمار ڪيو آهي .

 

بلاذري لکن ٿا ته حضرت انس ڪوفي ۾ رهندا هئا ۽  جڏهن امام حسين عليه السلام ڪوفي جي راه ۾ هئا ته هي ڪوفي کان نڪري ويو ، هن هڪ مقام تي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ عبدالله بن حر جعفي جو ڳالهيون ٻڌيون فورن امام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ قسم کائڻ کان پوءِ عرض ڪيائين ته مون ڪوفي کان نڪرڻ مهل نيت ڪئي هئي ته عبدالله بن حر جعفي وانگر ڪنهن جو ساٿ نه ڏيندس ( نه امام عليه السلام جو ۽ نه ان جي دشمن جو) يعني مون سوچيو هيو ته جنگ کان پري رهندس پر خداوند عالم منهنجي مدد ڪئي جو منهنجي دل ۾ توهان جي مدد ۽ نصرت ڪرڻ کي وجهي ڇڏيس ۽ مونکي جرئت نصيب ڪيائين جو مان ان حق جي رستي تي توهان جو ساٿ ڏيان حضرت امام حسين عليه السلام انس کي هدايت ۽ ايمان جي سلامتي جي خوشخبري ٻڌائي ۽ پاڻ سان گڏ ڪري ورتس .[14]

 

هي رسول الله جو صحابي ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي دشمنن سان جنگ ڪرڻ جي خاطر موجود هيو حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي هن وفادار ساٿي کي هي ذمه داري ڏني هئي ته امام حسين عليه السلام جو پيغام کڻي عمر ابن سعد ملعون وٽ وڃي ۽ ان کي نصيحت ڪري ته هو هوش ۾ اچي ۽ امام حسين عليه السلام جي قتل کان منهنجو منهن موڙي.

جڏهن انس بن حارث عمر بن سعيد وٽ پهتا ته انس عمر بن سعد تي سلام نه ورايو ان تي سعد اعتراض ڪندي چيو ته تون مون تي سلام ڇو نه ورايو ڇا تون مونکي ڪافر ۽ الله جو منڪر سمجهين ٿو ؟؟ حضرت انس جواب ۾ فرمايو: تون ڪئين الله ۽ رسول جو منڪر نه آهين جڏهن ته تون رسول الله جي پٽ (حضرت امام حسين عليه السلام ) جو خون وهائڻ جو عظم ڪري چڪو آهين“

هي جملا ٻڌي ڪري عمر بن سعد پنهنجو سر جهڪايو ۽ جهڪيل سر سان چيائين ته ماڻ ڄاڻيان ٿو ته هن گروه (امام حسين ۽ ان جي اصحاب ) جو قاتل جنهم ۾ ويندو پر عبدالله بن زياد جي حڪم جي اطاعت ڪرڻ به اسان جي لاءِ ضروري آهي.[15]

 

جڏهن کان حضرت انس بن حارث جي  حضرت امام حسين عليه السلام سان ملاقات ٿي هئي تڏهن کان حضرت انس امام حسين عليه السلام جي تڪليف کي ڏسي رهيا هئا جڏهن جنگ شروع ٿي ته انس به ٻين اصحاب وانگر حضرت امام حسين عليه السلام وٽ آيو ۽ اجازت طلب ڪيائين  امام حسين عليه السلام پنهنجي ناني جي صحابي کي جنگ جي اجازت ڏني هي صحابي پوڙهو هجڻ جي باوجود ايمان ۾ جوان هيو

نقل ڪن ٿا ته حضرت انس جي عمر  تمام گهڻي هئڻ جي ڪري چيلھ جڪيل هيس،  جڏهن ميدان جو رک ڪيائين ته پنهنجي چيلھ کي رومال ٻڌي سڌو ڪيائين، اڇها ڀرون اکين جي مٿان ڪري رهيا هيس، انهن وارن کي هٽائڻ جي لاءِ رومال سان پنهنجو مٿوا ٻڌائين ۽ ميدان جو رک ڪيائين امام حسين عليه السلام جڏهن پنهنجي هن پوڙهي صاحبي کي ميدان ۾ ويندي ڏٺو ته امام عليه السلام جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿيا ۽ فرمايائون ” خدا توکان هي قرباني قبول ڪري اي پوڙها مرد [16]

هر مجاهد  جنگ ڪندي رجز (شجاع ماڻهن جا اشعار) پڙهندو هيو جيڪو رجز جناب انس پڙهيو اهو تمام ڀلو ۽ فصاحت سان ڀريل هيو

’’واستقلبوا لقوم بغرٍالآن آل علی شیعة الرحمن،وآل حرب شیعة الشیطان‘‘[17]

”منهنجو نسب سڀ ڄاڻيندا آهن منهنجو قبيلو اهو آهي جيڪو دشمن کي نابود ڪري ڇڏيندو آهي، اي منهنجي قوم شير ببر شير وانگر دشمن جي مقابلي ۾ جنگ ڪريو ڇو جو علي (ع) جي آل رحمان جي پروڪار آهي جڏهن ته آل حرب (بنوسفيان ) شيطان جي پيروڪار آهي.

 

پوڙهي هجڻ جي باوجود تمام سخت جنگ ڪيائين 12 يا 18 دشمنن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ شهيد ٿي ويا هن شهيد جو ذڪر زيارت ناحيه ۾ پڻ آيو آهي ”اسلام علي انس بن الکاهل الاسدي“[18]

 

3. بکر بن حي:

علامه سماوي پنهنجي ڪتاب ابصار العين ۾ حدايق الورديه کان نقل ڪن ٿا : ”بکر بن حي“ ڪوفه کان عمر بن سعد جي لشڪر ۾ شامل ٿي ڪربلا م پهتو پر جڏهن جنگ شروع ٿي ته پاڻ امام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ پهرين حملي ۾ شهيد ٿي ويو ”منتهي الآمال “ مڳڻ ان جو ذڪر انهن شهيدن ۾ موجود آهي جيڪي پهرين حملي ۾ شهيد ٿيي ويا هئا. [19]تنقيح الامقال به جناب بکر بن حي کي ڪربلا جي شهيدن ۾ شمار ڪيو آهي هن ريت ذڪر ٿيو آهي. ” ’’بکربن حی من شهدالطف بحکم الوثاقة‘ ابن حجر عسقلاني ”بڪر بن حي“ جي ترجمه ۾ لکيو آهي ” ’’بکربن حی بن علی تمیم بن ثعلبة بن شهاب بن لام الطائی۔۔۔۔۔۔له ادراک ولولده مسعود ذکربالکوفه فی زمان الحجاج وکان فارساً شجاعاً۔۔۔۔۔۔‘‘[20]

بڪر بن حي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو هيو  ۽ ان جو پٽ مسعود جي باري ۾ ملي ٿو ته حجاج بن يوسف جي زماني ۾ ڪوفي ۾ رهندو هيو“

”الاصابه“ ۾ بڪر بن حي جي صحابي رسول صلي الله عليه وآله وسلم هجڻ جي گواهي ملي ٿي پر اتي هي بيان ناهي ٿيل ته هي صحابي ڪربلا ۾ شهيد ٿيو يا نه پر رجال ۽ مقاتل جي ٻين ڪتابن ۾ هن کي ڪربلا جي شهيدن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.

 

4. جابر بن عروه غفاري

ڪتاب ”شهداء ڪربلا“ ۾ بيان ٿيو آهي ته علماء متاخرين وٽ هي صحابي رسول صلي الله عليه وآله وسلم هيو جيڪو ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويو جنگ بدر ۽ ٻين جنگن ۾ به رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ شريڪ هيو  هي پوڙهو صحابي عاشور جي ڏينهن پنهنجي ڀروئن کي اکين کان هٽائڻ لاء پيشاني تي پٽي ٻڌي ميدان ۾ ويو امام عليه السلام جي نظر جڏهن هن تي پئي ته پاڻ عليه عليه السلام فرمايو:

اي پوڙها خدا توکي اجر ڏي [21]

ذبيح الله محلاتي مقتل خوارزي کان هي عبارت نقل ڪئي آهي :

’’ثم یرز جابر بن عروة  الغفاری وکان شیخاً کبیراً وقد شهد مع رسول الله بدراً او حنیناً وجعل یشد وسطه بعمامعتته ثم شدحاجبيه  بعصابته  حتی رفع هما عن عینيه والحسین (ع) ینظر اليه و هو یقول شکرالله سعیک یاشیخ فحمل فلم یزل یقاتل حتی قتل ستین رجلاً ثم استث هو رضی الله عنه‘ [22]

ڪجھ ڪتابن ۾ جهڙوڪ تنقيح المقال، مقتل ابي مخنف ۽ وسيلة الدارين ۾ جابر ابن عروه صحابي رسول ۽ ڪربلا جو شهيد هجڻ ذڪر ٿيو آهي البته ان جو معتبر ڪتابن ۾ ذڪر موجود نه آهي ان ڪري ڪجھ محققين ان جي باري ۾ چون ٿا ته هي موجود نه هيو، ”تنقيح “ جا هي جملا آهن ” جابر بن عمير الانصاري، صحابي مجهول،[23] جڏهن ته وسيلة الدارين جي عبارت جي مطابق هي صحابي رسول هيو جنگ بدر کان علاوه ٻين جنگن ۾ به شرڪت ڪئي اٿس ” ان جابر بن عره کان اصحاب رسول الله (ص) يوم بدر وغيرها.. [24]

جڏهڻ پاڻ ڪربلا ۾ دشمن جي مقابلي ۾ آيا ته هي رجز پڙهيائون:

’’قد علمت حقاً بنوغفار وخندف ثم بنو نزار

ینصرنا لاحمد مختار یاقوم حاموا عن بنی الاطهار

الطیبین السادة الاخیار صلی علهم خالق الابرار‘‘

 

هي بنو غفار ۽ خندف نزار قبائل ڄاڻين ٿا ته اسين محمد ص جا مددگار آهيون، اي انسانو! آل محمد جيڪي سيد ۽ سردار آهن انهن جي حمايت ڪريو ڇو جو خالق پاڻ انهن مٿان درود موڪليو آهي .

انهن لفظن سان دشمن مٿان پنهنجي حجت تمام ڪيائون ۽ ڪجھ دشمنن کي واصل جهنم ڪرڻ کان پوءِ شهيد ٿي ويا .[25]

 

5. جناده بن ڪعب الانصاري :

جناده بن ڪعب پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو اهو صحابي آهي جنهن امام حسين عليه السلام جي نصرت ۽ مدد جي لاءِ پاڻ پنهنجي گهر واري ۽ ننڊي پٽ سان گڏ شريڪ ٿيو .

علامه رسولي محلاتي نقل ڪن ٿا ته جناده صحابي رسول ۽ حضرت عليه السلام جو مخلص شيعو هيو جنگ صفين ۾ حضرت عليه السلام جي شڪر ۾ موجود هيو[26] ۽ ڪوفي حضرت مسلم بن عقيل جي بيعت وٺڻ وارن ۾ شامل هيو، جڏهن ڪوفه جا حالات خراب ٿيا ته پاڻ ڪوفي کي ڇڏي امام حسين عليه السلام سان اچي مليا .

تنقيح المقال ۾ جناده جي باري ۾ هن طرح سان نقل ٿيل آهي. ’’جنادة بن (کعب)بن الحرث السلمانی الازدی الانصاری الخزرجی من شهواء الطف۔۔۔وقدذکر اهل السیرانه کان من اصحاب رسول الله(ص) [27]

 

6. جندب بن حجير الخولاني الڪوفي

جندب بن حجير ڪندي خوالاني يا جند بن حجر[28] پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو عظيم صحابي هيو پاڻ انهن ماڻهن مان هيا جن کي حضرت عثمان مدينه کان ڪڍي ڪوفه جي طرف موڪليو هيو، هي حضرت عليه السلام جو مخلص شيعو هيو، هن جنگ صفين ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ حضرت عليه السلام جي لشڪر طرفان قبيله ”ڪنده ۽ ازد“ جو سپه سالار هيو ۽ واقعه ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي طرفان وڙهندي شهيد ٿي ويو هيو.[29]

 صاحب وسيلة الدار هن کي صحابي رسول ۽ ڪربلا جي شهيدن ۾ شمار ڪيو آهي.[30]

ڪجھ مورخن ان کي جنگ صفين جو شهيد پڻ شمار ڪيو آهي جهڙوڪ ابن عساڪر چون ٿا ته هي جنگ صفين ۾ حضرت علي عليه السلام جي لشڪر طرفان وڙهندي شهيد ٿي ويو .[31] جڏهن ته رجال طوسي ۽ اعيان الشيعه ۾ هي ڪربلا جي شهيدن منجهان هيو.[32]

 

7. حبيب ابن مظاهر الاسدي:

خاندان بني اسد تمام گهڻو معروف خاندان آهن ۽ حبيب ابن مظاهر رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا صحابي ۽ امام علي، امام حسن، ۽ امام حسين عليهما السلام جو خاص شيعو هيو.[33]

عسقلاني هن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هي رسول الله جو صحابي آهي هن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي درڪ ڪيو هيو ۽ آخر عمر ۾ امام حسين عليه السلام جي لشڪر ۾ ڪربلا ۾ يزيدي لشڪر سان جنگ ڪندي شهيد ٿي ويو.[34]

جبيب ابن مظاهر امام عليه السلام جي خاص شاگردن منجهان هيو ۽ پاڻ زهد ۽ تقوي ۾ بي مثال هئا هن جو ذڪر انهن صحابن ۾ ٿيندو آهي جيڪي هڪ رات ۾ ختم قرآن مڪمل ڪندا هئا .[35]

حبيب ابن مظاهر جو شمار انهن صحابن مان آهن جن حديث کي نقل ڪيو آهي [36]پاڻ انهن شيعن منجهان هئا جن امام حسين عليه السلام کي ڪوفي اچڻ جي دعوت ڏني هئي. [37]

هڪ روايت آهي ته جڏهن عاشور جي رات هئي ۽ هلال بن نافع حبيب ابن مظاهر کي ٻڌايو ته جناب زينب سلام الله عليها پريشان آهن ته ڪٿي منهنجي ڀاء حسين (عليه السلام ) جا صحابي بي وفائي نه ڪري ويهن ته پاڻ تمام اصحاب کي جمع ڪري جناب زينب سلام الله عليها جي خيمه ٻاهريان اچي عرض ڪيو ته اسان سچي دل سان وفاداري جو اظهار ڪريون ٿا ۽ پنهنجن جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ لاء ٻيهر عهد ڪريون ٿا. [38]

 

8. زاهر بن عمرو الاسلمي:

”زاهر“ شجاع ۽ بهادر شخص هيو صحابي رسول ۽ اصحاب شجره منجهان هئا ان جو شمار محبان اهلبيت ۾ ڪيو ويندو آهي رسول الله سان گڏ غزوه حديبيه ۽ جنگ خيبر ۾ شرڪت ڪئي هيائين. (ذبيح الله محلاتي)[39]

تنقيح المقال ۾ به هن جو ذڪر موجود آهي ذاهر بن عمرو نبي پاڪ کان روايت به نقل ڪئي آهي ۽ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ حديبيه ۽ خيبر ۾ به شرڪت ڪئي آهي ۽ آخر ۾ ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويو .[40]

زيايت ناحيه ۽ رجبيه ۾ هن تي طرح سلام موڪليو ويو آهي ” السلام علي زاهر مولي عمرو بن حمق“ .[41]

 

9. زياد بن عريب ابو عمرو:

قديم عالمن ان جي باري ۾ ڪو خاص مطلب ذڪر ناهي ڪيو البته علماء معاصر منجهان ڪجھ هن طرح بيان ڪيو آهي ” زياد بن عريب بن حنظله بن دارم بن عبدالله بن کعب الصائد بن همدان [42]

ابو عمرو زياد بن عريب حضرت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا صحابي هئا، شجاع، عابد زاهد ۽ رات جو عبادت ڪرڻ وارن منجهان هئا اهلبيت عليهم السلام سان محبت ڪندا هئا ۽ آخر ۾ امام حسين عليه السلام جي لشڪر سان ملي ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويا .[43]

10. سعد بن الحارث مولي اميرالمومنين ع:

سعد بن حرث خزاعي جي نالي سان مشهور آهي علماء قديم ڪربلا جي شهيدن ۾ هن کي شمار ناهي ڪيو پر ڪجھ متاخير هن کي شهداء ڪربلا ۾ شمار ڪيو آهي

سعد بن حرث پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو صحابي هيو حضرت عليه السلام هن کي ڪوفي جي فوج جو ڪجھ وقت لاءِ سپه سالار به منتخب ڪيو هيو ان کان علاوه پاڻ اميرالمومنين عليه السلام جي طرفان آزربائيجان جا گورنر به منسوب هئا.[44]

وسيلة الدارين ۾ ص 128 تي ذڪر ٿيل آهي ته پاڻ صحابي رسول ۽ ڪربلا جا شهيد آهن ۽ تنقيح المقال جي به عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ صحابي رسول ۽ ڪربلا جا شهيد آهن.[45]

 

11. شبيب بن عبدالله مولي الحرث:

شبيب بن عبدالله بن شڪل بن حي بن جديه حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جا صحابي ۽ ڪوفي جي رهڻ وارو هيو [46]هن جي ڀلي صفت هي هئي ته جتي به ظلم ۽ ستم ڏسندا هئا اٿي بيهندا هئا هن پنهنجي زندگي ۾ جنگ جمل، صفين ۽ نهروان ۾ شرڪت ڪئي ۽ حضرت علي عليه السلام جي وفادار يارن منجهان هيو.[47]

کتاب رجال طوسي، استرآبادي، تنقيح، مقتل ابي مخنف، تاريخ طبري ۾ هن جو حال ملي ٿو تنقيل ۾ ذکر ٿيل آهي ته پاڻ مالڪ بن عبدالله سان گڏ ڪربلا ۾ پهتا ۽ امام حسين عليه السلام جي اطاعت ۾ جنگ ڪندي جام شهادت نوش ڪيو. روضة الشهدا ۾ جي صفحه نمبر 295 تي هن طرح سان نقل ٿيل آهي. ” السلام علي شبيب بن عبدالله بن مولي بن سريع“.

 

12. شوذب بن عبدالله الهمداني الشاکري.

جناب شوذب رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو صحابي ۽ حضرت علي عليه السلام جي وفادار ساٿين منجهان هيو ، مرحوم زنجاني علامه مامقاني کان نقل ڪيو آهي ” شوذب علم ۽ تقوي جي اعتبار سان تمام بلند پايه جي شخصيت جا مالڪ هئا، ڪوفي ۾ عملي شخصيت جي طور تي معروف هجڻ جي ڪري حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي احاديث کي نقل ڪندو هيو ۽ حضرت علي عليه السلام سان جنگ جمل، صفين ۽ نهروان ۾ شرڪت ڪئي هئي.[48]

ڪوفي ۾ مسلم بن عقيل جي حمايت ڪندڙن ۽ بيعت وٺڻ ۾ مصروف هيو مسلم جي شهادت کان پوءِ امام حسين عليه السلام سان ڪربلا ۾ ملحق ٿيو عاشور جي ڏينهن ڪيترن ئي دشمنن کي واصل جهنم ڪرڻ کان پوءِ شهيد ٿي ويا.[49]

زيارت رجبيه ۽ زيارت ناحيه ۾ ان مٿان سلام موڪليو ويو آهي”اسلام علي شوذب مولي شاکر“[50]

 

13. عبدالرحمن الارحبي

حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي بزرگ صحابن منجهان هيو ان جو ذڪر مشهور منابع ۾ موجود آهي جهڙوڪ رجال شيخ طوسي، رجال استرآبادي، مامقاني، الاستيعاب، الاصابه ۽ وسيلة الدارين ۾، تاريخ طبري ۽ الفتوح ۾ ان جي باري ۾ ڪجھ واقعات به بيان ٿيا آهن.

الاستعاب ۾ هن طرح سان نقل ٿيل آهي” هو عبدالرحمن بن عبدالله بن الکدان الارحبي انه کان من اصحاب النبي (ص) له هجرة“

مورخن لکيو آهي ته پاڻ 150 افراد تي مشتمل هڪ وفد سان گڏ امام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.. [51]

عاشور جي ڏينهن تي امام حسين عليه السلام جي لشڪر طرفان وڙهندي شهيد ٿي ويو ۽ زيارت ناحيه ۾ هن طرح سان سلام موڪليو ويو آهي ” السلام علي عبدالرحمن بن عبدالله بن کدر الارحبي “ . [52]

 

14. عبدالرحمن بن عبدربه الخزرجي:

مختلف منابع ۾ هن جي صحابي رسول هجڻ لاءِ گواهي ڏني وئي آهي هن کي ڪجھ مورخن اهل انصار منجهان لکيو آهي، هي اصل ۾ مدينه جي رهڻ وارو هيو رجال قاموس ۾ هن جي باري ۾ هن طرح سان نقل ٿيل آهي” ’عبدالرحمن بن عبدربه الانصاری الخزرجی کان صحابیاً له ترجمة وروية وکان من مخلص اصحاب امیرالمؤمنین عليه السلام“

پاڻ انصاري ۽ اهل خزرج منجهان هئا نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کان روايت به نقل ڪئي اٿس ۽ حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي مخلص صحابن منجهان هئا.

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت پاڻ پوءِ ڪوفي جي طرف هجرت ڪري ويو ۽ ڪوفي جي مشهور شخصيتن مجهان هيو ، امام حسين عليه السلام جي لاءِ ڪوفي جي ماڻهن کان بيعت طلب ڪندو رهيو ۽ آخر ۾ امام حسين عليه السلام سان ڪربلا ۾ مليو، ڪربلا ۾ پهرين حملي يا بعد از ظهر شهيد ٿي ويو[53]

15. عبدالله بن حارث بن عبدالمطلب.

الاصابه ۾ هن طرح سان نقل ٿيو آهي ” ابوالهياج عبدالله بن ابي سفيان بن حارث بن عبدالمطلب بن هاشم الهاشمي ابن عم النبي صلي الله عليه واله وسلم وکان اسمه عبد شمس فغيره النبي (ص)[54]

هن جو پيء رسول الله جي چاچي جو پٽ ۽ رضائي ڀاء هيو، هي رسول الله جو صحابي ۽ عظيم شاعر پڻ هيو، هن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه واله وسلم کان روايتون به نقل ڪيو آهن ۽ حضرت علي السلام جي مدح ۾ شاعر به چيا اٿس.

هن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ناهي ملي سگهي ته پاڻ آخر عمر ۾ ڪهڙي شهر ۾ مقيم هئا پر جڏهن امام حسين عليه السلام ڪربلا پهتا ته پاڻ امام عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ عاشور جي ڏينهن يزيد فوج هٿان شهيد ٿي ويا [55]

 

16. عمرو بن ضبيعة.

مختلف منابع ۾ ملي ٿو ٿه پاڻ صحابي رسول صلي الله عليه واله وسلم هئا، ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي نصرت ۽ مدد لاءِ حاضر ٿيا ۽ شهيد ٿي ويا ، هن جو ذڪر رجال استرآبادي، فرسان، الاصابه ۾ به ٿيو آهي.

علامه مامقاني هن کي صحابي رسول ۽ پيغمبر کان روايت نقل ڪرڻ وارو راوي قرار ڏنو آهي هن پيغمبر سان گڏ ڪيترن ئي جنگن ۾ شرڪت ڪئي[56]

ابتدا ۾ هي عمر بن سعد جي لشڪر سان گڏ ڪربلا ۾ آيو جڏهن ڏٺائين ته عمر بن سعد جو ارادو فرزند رسول کي قتل ڪرڻ جو آهي ته پاڻ امام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ پهرين حملي ۾ شهيد ٿي ويا. زيارت ناحيه ۾ هن مٿان سلام موڪليو ويو آهي ” السلام علي عمر بن ضبيعه الضبحي“[57]

 

17. عون بن جعفر طيار:

هن جي ڪنيت ابوالقاسم ۽ حضرت جعفر بن ابي طالب ع جا پٽ هئا، هن جو پيدائش جو سال واضح بيان ناهي ٿيو پر هي واقعه ڪربلا ۾ 54 يا 57 سالن جو هيو ان ڪري قوي امڪان هي آهي ته هي 4 يا 5 هجري ۾ حبشه ۾ پيدا ٿيو هوندو.

يعقوبي بان ڪيو آهي ته جڏهن حضرت جعفر طيار جي جنگ موته ۾ شهادت ٿي ۽ اها خبر پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم وٽ پهتي ته پاڻ عون ۽ ان جي ڀاءُ عبدالله ۽ محمد کي پنهنجي جهولي ۾ ويهاريو هيو[58]

جناب عون جو شمار حضرت علي السلام جي يارن ۽ انصارن ۾ هيو، هن حضرت عليه السلام سان گڏ ٽنهي جنگن ۾ شرڪت ڪئي حضرت علي عليه السلام پنهنجي نياڻي جناب ام ڪلثوم (حضرت زينب صغري) جي شادي حضرت عون سان ڪرائي هئي. [59]

پاڻ مدينه کان وٺي ڪربلا تائين امام حسين عليه السلام گڏ هئا ڪربلا ۾ 30 گهوڙي سوارن ۽ 18 پيدل يزيدي سپاهين کي قتل ڪرڻ کان بعد زخمي ٿي گهوڙي کان ڪري پيا زيد رقاد جهني تلوار جو وار ڪري شهيد ڪيو هن جي رجز کي تاريخ ۾ هن طرح لکيو ويو آهي.

ان تنکروني فانا بن جعفر شهيد صدق في الجنان ازهر

يطير فيها بجناح اخضر کفي بهذا شرفا في المحشر . [60]

 

18. ڪنانه بن عتيق.

جناب ڪنانه جو ذڪر ڪوفي جي شجاع، متقي، پرهيزگارن ۽ ڪوفي جي قاريين ۾ شمار ٿيندو هيو.[61]

جناب کنانه ۽ ان جو پيءَ عتيق حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ جنگ احد ۾ شريڪ ٿيا. [62]

جڏهن امام حسين عليه السلام ڪربلا ۾ آيا ته پاڻ امام عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ پنهنجي جان حضرت مٿان قربان ڪئي هن مٿان سلام زيارت ناحيه ۽ زيارت رجبيه ۾ موجود آهي ” السلام علي کنانة بن عتيق“[63]

 

19. مجمع بن زياد جهني .

پاڻ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي صحابن منجهان هئا، جنگ بدر ۽ احد ۾ شريڪ رهيا مختلف منابع ۾ صحابي رسول ۽ ڪربلا جو شهيد ذڪر ٿيو آهي. جهڙوڪ ذخيرة الدارين، حدايق، ابصار العين، تنقيح المقال ۽ وسيلة الدارين وغيره ۾ .

مجمع ڪوفي جي طرف هجرت ڪري ويو هيو، جڏهن حضرت مسلم ڪوفي ۾ آيو ته پاڻ حضرت مسلم بن عقيل جي بيعت ڪئي ۽ مسلم جي شهادت کان پوءِ امام حسين عليه السلام جي لشڪر سان مليو ۽ ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويو .[64]

 

20. مسلم بن عوسجه.

شيعه توڙي سني منابع ۾ مسلم بن عوسجه کي صحابي رسول لکيو ويو آهي، صدر اسلام جي جنگن ۾ پاڻ شريڪ رهيا، غزوه آذربائيجان ، جنگ جمل، صفين ۽ نهروان ۾ به شريڪ رهيا حضرت عليه السلام جي وفادار يارن منجهان هئا[65] پاڻ مختلف صفات جا مالڪ هئا، شجاع ۽ بهادر هجڻ سان گڏ پاڻ قاري قرآن، متقي ۽ پرهيزگار انسان هئا. [66]

پاڻ ڪنهن تعارف جا محتاج ناهن ان جو ذڪر هر منابع ۾ موجود آهي پاڻ ڪوفي جي رهڻ وارو ۽ مسلم بن عقيل جي لاءِ مدد وٺڻ وارن منجهان سڀني کان اڳيان هيو، [67]

مسلم بن عقيل ۽ هاني بن عروه جي شهادت کان پوءِ پاڻ امام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويا . امام حسين عليه السلام پنهنجي نانا جي صحابي کي هنن الفاظن سان الوداع ڪيو ” السلام علي مسلم بن عوسجه الاسدي، وکنت اول من اشتري نفسه و اول شهيد شهدالله“

 

21. نعيم بن عجلان.

هڪ روايت جي مطابق نعيم ۽ ان جي ٻن ڀائرن نظر ۽ نعمان به حضرت رسول اڪرم کي درڪ ڪيو هيو، انهن جو تعلق خزرج قبيله سان هيو ۾ رسول الله جي  رحلت کان پوءِ امام علي عليه السلام سان گڏ جنگ صفين ۾ شريڪ رهيا حضرت علي عليه السلام هن جي ڀاء نعمان کي بحرين جو والي مقرر ڪيو هيو.[68]

نعيم جا ٻئي ڀاءُ امام حسن عليه السلام جي زماني ۾ انتقال ڪري ويا هئا جڏهن ته نعيم ڪوفي ۾ زندگي گذاري رهيو هيو، جڏهن امام حسين عليه السلام عراق ۾ پهتا ته پاڻ ڪوفي کان نڪري امام جي لشڪر سان مليو ۽ ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويو. [69]

ڪتاب مناقب جي مطابق پاڻ عاشور جي ڏينهن تي پهرين حملي ۾ شهيد ٿي ويا[70] زيارت ناحيه ۽ رجبيه ۾ ان مٿان سلام ذڪر ٿيو آهي (السلام علي نعيم بن العجلان الانصاري“ [71]

 

نتيجو:

هن مختصر مقالي ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي 21 صاحبن کي ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي نصرت ۽ مدد ڪندي شهيد ٿي ويا، در حقيت هي انهن ماڻهن لاءِ جواب آهي جيڪي امام حسين عليه السلام جي هن پاڪيزه قيام کي حکومت طلبي جو نالو ڏيئي رد ڪندا آهن جيڪڏهن امام حسين عليه السلام دنيا ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ قيام ڪن ها ته پوءِ پاڻ سان گڏ ايترا صحابي رسول گڏ نه هجن ها پر انهن صحابن جو هجڻ ثابت ٿو ڪري ته انهن صحابن حضرت امام حسين عليه السلام جي مدد ڪري در حقيقت پنهنجي اصلي آقا ۽ مولا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي نصرت ڪئي ۽ امام حسين عليه السلام جي انقلاب ۽ قيام کي اسلامي ۽ مذهبي قيام جيڪو فقط ۽ فقط دين اسلام جي لاءِ هيو اسلام جي سربلندي ۽ ماڻهن جي نجات جي لاءِ هيو جنهن ۾ امام حسين عليه السلام سان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا صحابي  ۽ حضرت علي عليه السلام جا با وفا ساٿي شريڪ ٿيا. آخر ۾ دعا آهي ته الله سائين حق کي پسند ڪندڙ دوست کي حق وارو رستو وٺڻ جي توفيق عطا فرماء. آمين

 حوالا



[1] . نیل الاوطار،ج۷، ص۱۲۷ از ثورة العین ص۳۲۔

[2] . خلافت وملوکیت ،ص ۱۷۹۔

[3] . الاصابه فی تمیز الصحابه۔ ج۱۔ ص۶۔

[4] . اقبال الاعمال، ج۳، ص۷۹۔

[5] . وسیلة الدارین، ص۱۰۶۔

[6] . فرسان الهيجاء، ذبیح الله محلاتی، ص۳۶۔

[7] . شهداء کربلا، گروه مصنفین، ص۳۵۸۔

[8] سوره فتح، آیت ۱۷۔

[9] . تنقیح المقال، مامقانی، ج۱، ص۱۵۴۔

[10] . مقتل الحسین ،مقرم ،ج۲ص۲۵۳۔

[11] . الاستعیاب،ابن عبدالله، ج۱، ص۱۱۲۔

[12] . اسد الغابه،ابن اثیر،ج۱،ص۱۲۲۔تاریخ الکبیر،بخاری،ج۲، ص۳۰۔ الاصابه فی تمییز الصحابه ،ابن جواهر العسقلانی، ج۱، ص۲۷۰۔

[13] . فرسان الهيجاء، محلاتی، ص۳۷۔

[14] . انساب الاشراف، بلاذری، ج۳، ص۱۷۵

[15] . فرسان الهيجاء،ص۳۷۔

[16] . حیاة الامام الحسین(ع) ،ج۳، ص۲۳۴۔

[17] . الفتوح، ج۵، ص۱۹۶۔

[18] . الاقبال، ج۳، ص۳۴۴۔

[19] . منتهي الآمال،ج۱،ص 130

[20] . الاصابه، ج۱،ص۳۴۹۔

[21] . ساڳيو. ص 118.

[22] . فرسان الهيجاء، ص۵۴۔

[23] . تنقیح المقال، ج۱، ص۱۹۸۔

[24] . وسیلة الدارین، زنجانی، ص۱۱۲۔

[25] . مقتل الحسین(ع) ، ابی مخنف، ص۱۱۵،۱۱۶۔

[26] . زندگانی امام حسین(ع) ، رسول محلاتی، ص۲۵۲۔

[27] تنقیح المقال،مامقانی،ج۱،ص۲۳۴، سه جلدي

[28] . اقبال الاعمال ،ج۳،ص۷۸۔

[29] . شهداء کربلا عبدالحسین بینش، ص۱۳۶۔

[30] . وسیلة الدارین ،ص ۱۱۴۔

[31] . تاریخ اسلام ،ابن عساکر ،ج۱۱،ص۳۰۳۔

[32] . رجال ،شیخ طوسی (ره) ،ص۷۲،اقبال ،ج۳،ص۳۴۶۔

[33] . رجال ،شیخ طوسی (ره) ،ص۳۸،۶۸۔

[34] . الاصابه ،حرف ’’حا‘‘(حبیب بن مظاهر)

[35] . سفینة  البحار،ج۲، ص۲۶۔

[36] . بحارالانوار،مجلسی،ج۴۰، ص۳۱۱

[37] . تاریخ الطبری،ج۵،ص۳۵۲۔

[38] . الدّمعة الساکبه، ج۴، ص۲۷۴۔

[39] . فرسان الهيجاء ص۱۳۸ از وسیلة الدارین ،ص۱۳۷۔

[40] . تنقیح المقال، ج۱، ص۴۳۸۔

[41] . اقبال، ص۷۹۔

[42] . جمهرة انساب العرب، ص۳۹۵۔

[43] . ابصارالعین، سماوی، ص۱۳۴، عنصرشجاعت، ج۲، ص۹۴۔

[44] . فرسان الهيجاء ،ص۱۵۴۔

[45] . تنقیح المقال، ج۲، ص۱۲۔

[46] . وسیلة الدارین، ص۱۵۵

[47] . فرسان الهيجاء، ص۱۶۷۔

[48] . وسیلة الدارین، ص۱۵۴۔

[49] . شهداء کربلا ص 198

[50] . اقبال، ص۳۴۶۔

[51] . الفتوح، ج۵، ص۴۸۔

[52] . الاقبال، ج۳، ص۷۹۔

[53] . ذخیرالدارین، ص۲۷۰۔

[54] . الاصابه، ج۴، ص۲۷۔

[55] . شهداء کربلا ص 292

[56] . تنقیح المقال، ج۲، ص۳۳۲

[57] . الاقبال، ج۳، ص۷۸۔

[58] . تاریخ یعقوبی، ج۲، ص۶۵۔

[59] . تنقیح المقال، ج۲، ص۳۵۵۔

[60] . مقتل الحسین(ع) ، خوارزمی، ج۲، ص۳۱۔

[61] . ابصارالعین، ص۱۹۹۔

[62] . تنقیح المقال، ج۲، ص۴۲۔

[63] . الاقبال، ص۷۸۔

[64] . ابصارالعین، ص۲۰۱۔

[65] . فرسان الهيجاء، ج۲، ص۱۱۶۔

[66] . تنقیح المقال، ج۳، ص۲۱۴۔

[67] . الکامل فی التاریخ، ج۴، ص۳۔

[68] . تنقیح المقال، ج۳، ص۲۷۴۔

[69] . ساڳيون

[70] . مناقب آل ابی طالب(ع) ، ج۴، ص۱۲۲۔

[71] . الاقبال، ج۳، ص۷۷۔

 

 

 

منابع

1.        قرآن

2.        الاصابه فی تمییز الصحابه ،ابن حجر عسقلانيم ناشر دارالکتب العلميه بيروت لبنان

3.        الاستعیاب،ابن عبدالبر ناشر دار الجيل لبنان بيروت 1992م

4.        الفتوح، ابن اعثم کوفي، ناشر دار الاضواء لبنان بيروت1411 هجري ق

5.        الدّمعة الساکبه، محمد باقر ده دشتي بهبهاني موسسه اعلمي تهران 1306ه ش

6.        الکامل فی التاریخ، ابن اثير ناشر دار صادر، بيروت لبنان 1965 م

7.        اسد الغابه،ابن اثير ناشر دار الفکر بيروت لبنان 1989

8.        اقبال الاعمال آخوندي محمد ناشر دار الکتب الاسلاميه، تهران ايران 1368 ش

9.        انساب الاشراف، بلاذری، احمد بن يحيي ناشر موسسه الاعلمي للمطبوعات، بيروت لبان 1397ه ق

10.     ابصارالعین، شيخ محمد سماوي ناشر دانشگاه شهيد مهلاتي 1429 هجري ق

11.     بحارالانوار،محمد باقر مجسلي، دار احياء التراث العربي

12.     تاریخ الکبیر، محمد بن اسماعيل بخاری، موسسه فرهنگي و اطلاع رساني تبيان، قم 1378(ديجيتال)

13.     تاریخ الطبری محمد بن جرير، ناشر بي نا بيروت لبنان بي تا.

14.     تاریخ اسلام ،علي بن حسن عساکر، دار الفکر بيروت لبنان، 1415ق

15.     تاریخ یعقوبی،احمد بن ابي يعقوب، 1358ق.

16.     تنقیح المقال، عبدالله المامقاني موسسه آل البيت الاحياء التراث قم 1423 هجري قمري

17.     فرسان الهيجاء، ذبيح الله محلاتي، نشر کتاب، تهران 1390ق.

18.     جمهرة انساب العرب (لجنه من العلماء ) ناشر دار الکتب العلمية منشورات محمد علي بيضون، بيروت لبنان،1418ق.

19.     حیاة الامام الحسین(ع) باقر شريف قرشي، دار البلاغه، بيروت لبنان 1393م

20.     خلافت وملوکیت مودودي ابو الاعلي، بيان ، تهران فرهنگ قرآن، 1364 ش

21.     سفینة  البحار، شيخ عباس قمي، دار الاسوه تهران بي تا .

22.     شهداء کربلا، گروه مصنفین قم ايران

23.     شهداء کربلا عبدالحسین بینش، ياقوت، 1381

24.     رجال ،شیخ طوسی، دفتر انتشارات اسلامي جامعه قم 1373

25.     زندگانی امام حسین(ع) ، رسول محلاتی، دفتر نشر فرهنگ اسلامي ايران 1393.

26.     ذخیرالدارین، سيد عبدالمجيد حائري شيرازي، زمزم هدايت ايران 1345 ق

27.     وسیلة الدارین، زنجانی

28.     مناقب آل ابی طالب(ع)، المکتبة الحيدريه بيروت لبنان، 1376ق

29.     مقتل الحسین(ع) ، موفق بن احمد خوارزمي انوار الهدي  ايران 1418 ق

30.     منتهي الآمال، شيخ عباس قمي انتشارات هجرت قم 1412ه ق

 

31.     نیل الاوطار، محمد بن علي بن محمد بن عبدالله الشوکاني، دار الحديث مصر، 1993م

 

 

 

مقدمو:

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي مشهور حديث آهي:

يا علي انت مني بمنزلت هارون من موسي الا انه لا نبيَّ بعدي

ترجمو:اي علي عليه السلام! تنهنجي مون سان اهائي نسبت آهي جيڪا هارون جي موسي سان هئي سواءِ ان جي جو مون کان پوءِ نبي ناهي .

پيغمبراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي زندگي ۾ هر جاءِ تي اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام جي ولايت جو اعلان ڪيو آهي.

پيغمبراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي بعثت جي شروعات ۾ به حضرت اميرالمومنين عليه السلام کي پنهنجو جانشين ۽ امت جي لاءِ خليفو مقرر ڪيو هيو ۽ عمر جي آخري حصي ۾ به حجت الوداع کان واپسي مهل خم غدير جي ميدان تي تمام حاجين جي سامهون الله تعالي جي حڪم سان حضرت علي عليه السلام کي پنهنجو جانشين مقر ڪندي فرمايو هو ”من ڪنت مولاه فهذا علي مولاه “ جنهن جو مان مولا آهيان ان جو علي مولا آهي .

مان هن مضمون ۾ حديث غدير مان استدال نٿو ڪرڻ چاهيان منهنجي ڪوشش رهندي ته حديث منزلت تي ڪجهه روشني وجهي ڪري امامت ۽ ولايت علي ابن ابي طالب عليه السلام کي ثابت ڪريان.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حديث منزلت جي سند تي شڪ

هن روايت تي اهل سنت جي مشهور عالم دين ”آمدي“ اعتراض ڪيو آهي ته هي روايت ضعيف آهي ۽ اِن مان ڪيئن ثابت ٿي سگهي ٿو ته حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي وصايت کي قبول ڪيو وڃي !؟؟

هن جي جواب ۾ اسان چار ڳالهين کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا سين.

 

1_ -حديث منزلت صحيح ترين حديث آهي.

2_ گهڻيون ئي شاهديون هن حديث لاءِ موجود آهن.

3_ اهل سنت جي ڪافي وڏن عالمن به هن حديث کي ذڪر ڪيو آهي.

4_ هي حديث عموميت جي طرف اشارو ڪري ٿي.

1_ آمدي هن حديث تي اعتراض ڪري پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪيو آهي ڇو جو هي حديث صحيح ترين حديثن منجهان آهي هن تي شڪ ڪرڻ تعصب جي دليل آهي.

2_ هن حديث جي صحت (صحيح هجڻ) ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي ڇو جو ان کان علاوه ڪنهن به هن حديث کي ضعيف نه چيو آهي جڏهن ته اهل سنت جي مشهور عالم دين” ذهبي“  پنهنجي ڪتاب ”تلخيص مستدرڪ“ ۾ هن روايت کي صحيح قرار ڏنو آهي.[1]

ان کان علاوه ”ابن حجر هيثمي“ جنهن شيعن جي خلاف ڪتاب لکيو آهي ۽ شيعن جو سخت ترين حريف به رهيو آهي، پنهنجي ڪتاب” صواعق محرقه“ ۾ حديث مزلت جي باري ۾ لکي ٿو ته هي حديث صحيح السند آهي. [2]

 

معاويه بن ابي سفيان جيڪو اهلسنت جي نزديڪ رسول الله جو خليفو آهي حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي باري ۾ ماڻهن کي حڪم ڏيندو هو ته علي عليه السلام  کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ سندس زماني ۾ واجب هيو ته جمعي نماز جي خطبي ۾ حضرت اميرالمومنين  عليه السلام جي لاءِ (برا ۽) نا سزا الفاظ استعمال ڪيا وڃن، ان جي باوجود به جڏهن هن سعد بن ابي وقاص  کي چيو ته علي  عليه السلام کي گار گند ڏي ته هو پنهنجي جاءِ کان نه اٿيو تنهن تي معاويه چيس: تون ڇا جي ڪري ابو تراب عليه السلام  کي برو ڀلو نٿوڳالهائين ؟؟؟

 

سعد جواب ڏنو: پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم هن (علي عليه السلام) جي باري ۾ ٽي شيون فرمايون هيون، جيڪي هينئر مونکي ياد نه آهن ان ڪري  مون کي ان ڪم(لعنت ڪرڻ) کان آجو قرار ڏيو، جيڪڏهن مون وٽ انهن ٽنهي شين منجهان ڪا به هڪ هجي ها ته مون لاءِ عرب جي تمام دولت کان وڌيڪ هجي ها، مون ٻڌو هو ته ڪجھ جنگين ۾ جڏهن پيغمبراڪرم صليصلي الله عليه وآله وسلم پاڻ ويندا هئا ته حضرت علي  عليه السلام کي مديني ۾ پنهنجي جاءِ تي خليفو مقرر ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا :

اي علي عليه السلام! ڇا تون راضي ناهين ته تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون  عليه السلام جي موسي  عليه السلام سان هئي سواءِ ان جي جو مونکان پوءِ ڪو پيغمبر ناهي .

جڏهن معاويه سعد جي ڳالهه ٻڌي ته سعد کي آجو قرار ڏنائين ۽ خاموش ٿي ويو.[3]

 

حديث منزلت کي نه صرف ڪجھ متعصبن ذڪر ڪيو آهي بلڪه معاويه به حديث منزلت کي نقل ڪيو آهي، ابن حجر ”صواعقه محرقه“ ۾ ”احمد“ کان نقل ڪيو آهي: ڪنهن شخص معاويه کان مسئلو پڇيو معاويه ان کي جواب ۾ چيو ته هي مسئلو علي عليه السلام کان وڃي پڇ. ڇو جو علي عليه السلام عالم ترين انسان آهي ۽ هن مسئلي کان آگاه آهي، اُن شخص معاويه کي چيو ته منهنجي نزديڪ علي عليه السلام جو جواب توکان وڌيڪ اهميت نٿو رکي، اُن تي معاويه چيو تون غلط چئي رهيو آهين! تون ان شخص کان ناراضگي رکين ٿو جنهن جي چهري کي رسول خداصلي الله عليه وآله وسلم علم سان روشن چهرو، چيو آهي ۽ اُن لاءِ فرمايو آهي: يا علي انت مني بمنزلة هارون من موسي الا انه لا نبي بعدي.

 

ان کان علاوه جڏهن به حضرت عمر کي ڪو ڏکيو مسئلو پيش  ايندو هيو ته علي ابن ابي طالب عليه السلام کان پڇندو هيو. [4]

مسلمانن جا جيڪي به فرقه آهن اهي هن حديث ”منزلت“جو انڪار نٿا ڪن ۽  پنهنجي ڪافي معتبر ڪتابن ۾ هن حديث کي ذڪر ڪيو اٿن.

 

3_ تمام محدثن ، سيرت پيغمبر کي لکڻ وارن ۽انهن راوين جن جنگ تبوڪ جي روايت کي نقل ڪيو آهي انهن سڀني  ”حديث منزلت“ کي نقل ڪيو آهي .

هي حديث علم رجال جي لحاظ سان به صحيح آهي هن ۾ ڪنهن قسم جو شڪ نه آهي ۽ هي فقط علي ابن ابي طالب عليه السلام جي لاءِ ئي نقل ٿيل آهي.

 

تمام ڪتاب ڀلي کڻي اهي اهلبيت عليهم السلام جي فضيلت ۾ لکيا ويا هجن يا اصحاب ڪرام جي فضليت ۾ لکيا ويا هجن، انهن ۾ هي حديث ذڪر ٿيل آهي.

هن روايت کي احمد بن حنبل ۽ ان کان پهرين ۽ بعد وارن سڀني عالمن ذڪر ڪيو آهي هي حديث صحيح ترين حديث آهي ان جي وڌيڪ تفصيل لاءِ ملاحظه ڪريو.[5]

 

جڏهن هي حديث ايتري مشهور ۽ صحيح آهي ته” آمدي “ جو هن حديث تي شڪ ڪرڻ  تعصب ئي سمجهو ويندو، ڪوبه عقل مند ڪڏهن به اهڙي حديث کي ڪوڙو نٿو قرار  ڏئي سگهي .

 

4_ ان نڪتي ڏانهن توجهه ڏيڻ ضروري آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زبان مبارڪ مان حضرت علي عليه السلام کي هارون سان نسبت ڏيڻ هي فقط جنگ تبوڪ لاءِ مخصوص ناهي  حضرت علي عليه السلام جي هارون سان نسبت ڏيڻ جو مطلب هي آهي ته جهڙي نموني حضرت هارون  عليه السلام، حضرت موسي  عليه السلام جا وزير ۽ جانشين هئا اهڙي نموني حضرت علي عليه السلام به پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ خليفه آهن ۽ هي حڪم ڪنهن مخصوص وقت سان خاص نه هيو بلڪه پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي اصحابن کي ٻڌائڻ پئي چاهيو ته جڏهن مان توهان جي وچ ۾ نه هجان ته منهنجي جاءِ تي علي  عليه السلام کي ئي ويهارجو اُنهي کي ئي پنهنجو رهبر قبول ڪجو.

 

ڇا حديث منزلت عموميت تي دلالت ڪري ٿي ؟

اڪثر مخالفن طرفان هي اعتراض ٿيندو آهي ته حديث منزلت عموميت کان خالي آهي پيغمبراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم فقط جنگ تبوڪ دوران حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي جاءِ تي مديني ۾ مقرر ڪيو هو ان جو  مطلب هر گز اهو نه آهي ته جڏهن به پيغمبر نه هجي  حضر ت علي  عليه السلام مسلمانن جو خليفو ۽ رهبر سمجهيو وڃي بلڪه هي خاص وقت لاءِ هيو جهڙي نموني سان پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جنگ  بدر دوران پنهنجي جاءِ تي جناب ابو لبابه کي پنهنجي جاءِ تي امير مقرر ڪيو هيو ته ڇا هُن لاءِ به اهو حڪم عموميت رکي پيو ؟؟ ٻيو ته ممڪن آهي ته رسول اللهصلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام کي راضي ڪرڻ لاءِ چيو هجي؟ يعني اها حديث عموميت تي دلالت نٿي ڪري، بس جڏهن اسان ڪنهن ٻئي کي اهڙي منزلت نٿا ڏئي سگهون ته حضرت علي  عليه السلام کي اهڙي منزلت ڪيئن ڏئي سگهنداسين؟؟؟

 

هن سوال جو جواب اسان ٻن طريقن سان ڏئي سگهون ٿا.

الف: هيٺ دليل پيش ڪنداسين ته حديث منزلت عموميت تي دلالت ڪري ٿي.

ب: پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي جناب هارون  عليه السلام سان تشبيهه ڏني آهي.

 

1_ جڏهن مخالف هي اعتراض ڪندا آهن ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي جنگ تبوڪ دوران فرمايو هو ته تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن جناب هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان، انهن جي جواب ۾ اسان هتي ڪجهه ٻين جاين کي به پيش ڪري رهيا آهيون جتي حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام جي لاءِ حديث منزلت ارشاد فرمائي.

 

هڪ ڏينهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جناب ”ام سليم“ جي لاءِ حديث فرمائي، ام سليم کي انهن عورتن منجهان ڳڻيو وڃي ٿو جن اسلام آڻڻ ۾ اڳ ڀرائي ڪئي هئي هي با اخلاق ۽ تحمل ڪرڻ واري  عورت هئي ، پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم اِن جي گهر ويا ان جي لاءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حديث بيان فرمائي ۽ ساڻس ڪجهه ڳالهيون ڪيون. [6] ام سليم کي فرمايائون: اي ام سليم! علي عليه السلام جو گوشت منهنجو گوشت آهي، علي عليه السلام جو خون منهنجو خون آهي، علي عليه السلام جي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي .[7]

 

هاڻي سمجهڻ گهرجي ته هي حديث فقط تبوڪ واري جنگ سان مخصوص نه آهي. جيڪڏهن هي حديث ڪنهن وقت لاءِ خاص هجي ها ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ڪڏهن به  حديث کي ٻيهر نه ورجائن ها در حقيقت حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم هن حديث کي ورجائي ولايت علي ابن ابي طالب  عليه السلام جي تبليغ ڪري رهيو هو ته علي عليه السلام منهنجو جانشين ،ولي عهد ۽ مونکان پوءِ اوهان لاءِ خيلفو هوندو .

 

مٿئين حديث وانگر پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان حديث آهي جڏهن حضرت حمزه جو فرزند، حضرت علي عليه السلام، جعفر ۽ زيد هڪ ٻئي سان بحث و مباحثو ڪري رهيا هئا ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو:اي علي عليه السلام ! تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي [8]

 

اهڙي نموني هڪ ڏينهن ابوبڪر، عمر ۽ ابو عبيده جراح پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ ويٺا هئا ته پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام تي ٽيڪ ڏئي ۽ پنهنجا هٿ علي  عليه السلام جي ڪلهن تي رکي ارشاد فرمايو: اي علي عليه السلام تون مومنن منجهان پهريون شخص آهين جنهن مون تي ايمان آندو ۽ پهريون شخص آهين جنهن اسلام قبول ڪيو، تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون جي موسي سان هئي.[9]

 

ياد رهي ته هجرت کان پهريان جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم مڪي ۾ پهريون”عقد اخوت“ (ڀائيچارو) قائم ڪيو هو، جيڪو فقط مهاجرين لاءِ خاص هئو اُنهي ۾ به حديث منزلت وارو مطلب بيان ڪيو هو. اُن کان بعد هجرت جي پنجين مهيني جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ”عقد اخوت ۽ ٻيون ڀائيچارو “ قائم ڪيو جيڪو مهاجرين ۽ انصار جي وچ ۾ هئو.

 

ٻئي ڀيرا حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي پنهنجو ڀاءُ منتخب ڪيو ۽ ٻئي دفعا ڪنهن ٻئي شخص کي علي  عليه السلام تي مقدم نه رکيائون ۽ فرمايائون: تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان، هن فرق سان ته مون کان پوءِ ٻيو ڪو نبي ناهي “

 

”عقد اخوت “وقت حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جو حضرت علي  عليه السلام کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏيڻ ۽ حضرت  هارون عليه السلام سان نسبت ڏيڻ بابت اهلبيت عليهم السلام کان متواتر روايتون نقل ٿيون آهن.

اهلبيت کان هٽي ڪري پهرئين عقد اخوت بابت جناب زيد بن اوفي کان روايت نقل ٿيل آهي، هي روايت تمام ڊگهي آهي پر اختصار سان بيان ڪجي ٿي.

 

پهريان عقد اخوت جي ڪيفيت کي نقل ڪري آخر ۾ لکيو اٿس ته علي  عليه السلام چيو : اي الله جا رسول صلي الله عليه وآله وسلم منهنجو ساھ نڪري ويو ۽ منهنجي چيلهه ٽٽي پئي! جڏهن ڏٺم ته سڀني اصحابن جوهڪ ٻئي سان عقد اخوت (ڀائيچارو) قائم ڪيَوَ ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏنَوَ ڇا هي ڪنهن ڪاوڙ جي ڪري آهي؟

 

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: مونکي قسم آهي اُن رب جو جنهن مونکي حق سان نبي بڻائي موڪليو، مان توکي آخر ۾ ناهي رهايو سواءِ پنهنجي لاءِ ”وَ اَنتَ مِنّي بِمَنزِلَةِ هارونَ مِن مُوسي غَيرَ اَنَّهُ لا نَبِيَّ بَعدي“تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي ان فرق سان ته مون کان بعد ڪو به نبي نه آهي، تون منهنجو ڀاءُ ۽ منهنجو وارث آهين .

علي  عليه السلام عرض ڪيو: مان تنهنجي ڪهڙي ميراث جو وارث ٿيندس؟

 

پاڻ فرمايائون: هر اها شئ  جيڪا مون کان اڳين نبين ورثي طور ڇڏي  هئي، الله سائين جو ڪتاب ۽ پيغمبرن جون سنتون. تون جنت ۾ منهنجي ڌيءَ فاطمهI سان گڏ منهنجي محل ۾ هوندين، تون منهنجو ڀاءُ ۽ دوست آهين، اُن کان پوءِ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم آيت جي هڪ حصي جي تلاوت ڪئي ”اِخوَانا عَلي سُرُرِ مُتَقَابِلينَ“ (ٻئي ڀاءُ جيڪي تخت تي هڪ ٻئي جي سامهون ويٺا آهن) يعني ڪجھ آهن جيڪي خدا جي خاطر هڪ ٻئي کي دوست رکن ٿا ۽ هڪڙو ٻِئي ڏانهن ڏسي ٿو. [10]

 

ٻئين عقد اخوت بابت جناب ابن عباس کان روايت نقل ٿيل آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام کي فرمايو: يا علي! تو ڏٺو ته مون مهاجرن ۽ انصار کي هڪ ٻئي سان ڀاءُ قرار ڏنو ۽ توکي ڪنهن جو به ڀاءُ قرار نه ڏنم ! ڇا مون کان ناراض ٿئين؟ ڇا تون راضي ناهين ته تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي سواءِ ان جي جو مون کان پوءِ ڪو به پيغمبر نه ايندو. [11]

 

انهن حديثن وانگر ٻيون به ڪافي حديثون موجود آهن . ”جڏهن تمان اصحابن جا مسجد مان در بند ڪيا ويا “ روايت ۾ ذڪر ٿيو آهي ته مسجد جا تمام دروازا بند ڪيا ويا سواءِ حضرت علي  عليه السلام جي دروازي جي. هن مورد لاءِ جناب جابر بن عبدالله کان حديث نقل ٿيل آهي جيڪا هن مطلب تي دلالت ڪري ٿي پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم فرمايو :”اي علي عليه السلام! جيڪو منهنجي لاءِ مسجد ۾ حلال آهي اُهو تنهنجي لاءِ به حلال آهي تنهنجي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي سواءِ ان جي جو مون کان پوءِ ڪو به پيغمبر نه ايندو.[12]

 

جناب حذيفه بن اسيد غفاري کان روايت نقل ٿيل آهي ته جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تمام اصحاب جا مسجد ۾ داخل ٿيڻ وارا دروازا بند ڪيا ته هڪ خطبو ارشاد ڪندي  فرمايائون: ماڻهن جي دلين ۾ ڪا شيءَ آهي جو مون علي عليه السلام کي مسجد ۾ رهڻ ڏنو ۽ باقي کي خارج ڪيم، مونکي خدا جو قسم!تمام اصحاب جو مسجد مان خارج ٿيڻ ۽ علي عليه السلام جو مسجد ۾ رهڻ اهو منهنجي طرفان ناهي بلڪه خداوند عالم انهن کي خارج ڪيو آهي ۽ علي عليه السلام کي رهڻ ڏنو آهي، خداوند عالم حضرت موسي  عليه السلام کي وحي ڪئي ته مصر ۾ پنهنجي قوم لاءِ گهرن جو انتخاب ڪر ۽ پنهنجي گهرن کي قبلو قرار ڏيو ۽ اُتي نماز پڙهو ...(اُن وقت فرمايائين) علي  عليه السلام جي نسبت مون سان ايئن آهي جيئن هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي هو منهنجو ڀاءُ آهي. [13]

 

اهڙا مثال ۽ واقعا تمام گهڻا آهن جن کي هن مقالي ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي ، مقصد صرف اهو هو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو حضرت علي  عليه السلام سان اها نسبت بيان ڪرڻ ته علي جي نسب مون سان ائين آهي جيئن حضرت هارون عليه السلام جي حضرت موسي عليه السلام سان ، جنگ تبوڪ سان مخصوص نه آهي بلڪه هي تمام امور ۽ هر جاءِ سان تعلق رکي ٿي چاهي پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم کيس پنهنجي جاءِ تي مقرر ڪري جنگ تي ويا هجن يا وري هي اعلان ڪري هن دنيا مان هليا ويا هجن حضرت علي  عليه السلام پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جا خليفا آهن.

 

2_ جيڪڏهن ڪو پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي مبارڪ تي نگاه وجهي ته حضور پاڪ صلي الله صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي رسالت جي دوران حضرت اميرالمومنين  عليه السلام جي ولايت ۽ جانشيني کي بيان ڪيو آهي ۽ ڪافي جاين تي حضرت علي  عليه السلام کي  حضرت هارون  عليه السلام سان تشبيه ڏني اٿس ۽ انهن ٻنهي جي درميان ڪو به فرق بيان نه ڪيو اٿس جهڙي نموني سان جناب هارون  عليه السلام حضرت موسي  عليه السلام جو وارث ۽ جانشين هيو اهڙي نموني سان اميرالمومنين علي ابن ابي طالب  عليه السلام به پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ وارث آهي مٿي ذڪر ڪيل تمام حديثون ان ڳالهه تي دلالت ڪن ٿيون ته هي حديث عام آهي يعني هر لحاظ کان حضرت علي  عليه السلام پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جا خليفا ۽ جانشين آهن .

 

حضرت هارون  عليه السلام جي حضرت علي  عليه السلامتشبه ڪيئن ممڪن آهن ؟

عام طور تي ان جاءِ تي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته  مٿي تمام حديثن ۾ حضرت علي  عليه السلام جي حضرت هارون  عليه السلام سان تشبيه ڏني وئي آهي، علي  عليه السلام ڪٿي ۽ هارون عليه السلام ڪٿي؟؟ ڪيئن منزلت ثابت ٿئي ٿي؟؟

 

هن سوال جي جواب ۾ اسان ٽن شين کي بيان ڪنداسين

1_ شُبر شُبير و مُشبرا

2_  عقد اخوت وارو ڏينهن

3_ اُن ڏينهن جڏهن مسجد جا در بند ڪيا ويا

1_ جڏهن اسان رسول اللهصلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي مبارڪ تي نظر وجهون ٿا ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي زبان مبارڪ مان ”علي عليه السلام“ ۽ ”هارون عليه السلام “ ۾ ڪو به فرق بيان ناهي ڪيو ويو، جهڙي نموني سان جناب هارون  عليه السلام حضرت موسي  عليه السلام جا جانشين هئا اهڙي نموني سان حضرت علي  عليه السلام به حضرت محمد مصطفي  عليه السلام جا جانشين ۽ خليفه آهن.

پاڻ ڪريم  عليه السلام هر جاءِ تي هن هڪجهڙائي کي بيان ڪيو آهي جڏهن حضرت علي  عليه السلام جو پهريون فرزند پيدا ٿيو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم مٿس حضرت هارون عليه السلام جي پٽ(شُبر) وارو نالو ”حسن عليه السلام “ رکيو (شُبر جو عربي زبان ۾ ترجمو حسن آهي) وري جڏهن حضرت علي  عليه السلام وٽ ٻئي پٽ جي ولادت ٿي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت هارون  عليه السلام جي ٻئي پٽ(شُبير) وارو نالو ”حسين عليه السلام“ رکيو (شُبير جو عربي ۾ ترجمو حسين ٿيندو) ۽ جڏهن جناب زهرا س جي پيٽ ۾ جناب محسن هئا ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اڳ ۾ ئي اُن جو نالو محسن انتخاب ڪيو هو. حضرت هارون  عليه السلام جي آخري پٽ جو نالو ”مشبر“ هيو جنهن جي عربي ۾ معني ٿئي ٿي محسن .

حضرت علي  عليه السلام به فرمايو هو ” مان پنهنجي پٽن جا نالا هارون جي پٽن وارا رکيا آهن انهن جا نالا شُبر، شُبير ۽ مُشبر هيا“ [14]

بس پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم انهن ٻنهي کي هڪ جهڙو قرار ڏئي ڪري انهن جي درميان شباهت به بيان ڪئي آهي.

2_ انهي ڪري پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي پنهنجو ڀاءُ منتخب ڪيو ۽ علي عليه السلام کي ٻين تي مقدم ڪيو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي ڀاءُ کي حضرت هارون  عليه السلام سان تشبيه ڏني آهي ۽ هي تشبيه عموميت تي دلالت ڪري ٿي.

 

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي زندگي ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي اصحابن جي درميان هڪ ٻي کي ڀاءُ قرار ڏنو، پهرئين ڀيري ابوبڪر ۽ عمر ڀاءُ ٿيا، عثمان ۽ عبدالرحمان بن عوف ڀاءُ ٿيا، ٻئي ڀيري ابوبڪر ۽ خارجه بن زيد ڀاءُ ٿيا، عمر ۽ عتبان بن مالڪ هڪ ٻئي جا ڀاءُ ٿيا جڏهن ته ٻئي ڀيرا حضرت علي  عليه السلام پاڻ ڪريم  صلي الله عليه وآله وسلم جا ڀاءُ ٿيا. [15]

 

پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي فرمايو: ”يا علي  عليه السلام! اَنتَ اَخِي في الدُنيا وَالآخِرَةِ“ اي علي  عليه السلام تون هن دينا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڀاءُ آهين.[16]

 

ڪافي جاين تي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام ڏانهن اشارو ڪري کيس پنهنجو وصي ۽ جانشين قرار ڏنو ۽ فرمايو: ”هذا اَخي ، وابَنُ عمي وصِهري وَاَبو وُلدي“ هي شخص منهنجو ڀاءُ آهي منهنجي چاچي جو پٽ آهي ۽ منهنجي پٽن(حسن عليه السلام ۽ حسين عليه السلام) جو پيءَ آهي. [17]

 

جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت قريب آئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي ع عليه السلام کي گهرائي ڪري سندس سيني مبارڪ تي سمهي پيا، علي عليه السلام سان ڪجهه ڪلام ڪري هن دنيا مان رحلت ڪري ويا.[18]

پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:جنت جي دروازي تي لکيل آهي”لا اِله اِلا اللهُ، مُحَمدُ رَسُولُ اللهِ ، عَلِي اَخُو رَسُولِ اللهِ“.[19]

 

3_ جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تمام اصحابن جي دروازن کي جيڪي مسجد نبوي جي طرف کلي رهيا هئا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو سواءِ علي ابن ابي طالب  عليه السلام جي دروازي جي، الله تعالي حضرت علي  عليه السلام لاءِ هر حالت ۾ مسجد ۾ رهڻ کي مباح قرار ڏنو جهڙي نموني سان جناب هارون  عليه السلام جي لاءِ مباح هيو. هارون عليه السلام ۽ حضرت علي عليه السلام جي لاءِ مسجد ۾ رهڻ جائز ۽ ٻين جي لاءِ جائز قرار نه ڏيڻ ۾ شباهت پاتي وڃي ٿي ڇو جو حضرت هارون  عليه السلام حضرت موسي  عليه السلام جا وزير ۽ جانشين هيا ۽ حضرت علي  عليه السلام حضرت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين ۽ وزير آهن. جناب ابن عباس چئي ٿو: 

رسول اللهصلي الله عليه وآله وسلم تمام اصحابن جي گهرن جا اُهي دروازا جيڪي مسجد ڏانهن کلندا هئا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو سواءِ حضرت علي  عليه السلام جي گهر جي دروازي جي، علي عليه السلام  اُن مان مسجد ۾ داخل به ٿيندا هئا ته پنهنجي گهر ۾ به ويندا هئا چاهي علي  عليه السلام ڪهڙي ئي حالت ۾ ڇو نه هجي علي  عليه السلام جي لاءِ مباح هيو.[20]

 

عمر بن خطاب کان  روايت آهي : حضرت علي عليه السلام وٽ اهڙيون ٽي شيو آهن جيڪي ڪنهن ٻئي وٽ ناهن جيڪڏهن انهن منجهان مون وٽ هڪ هجي ها ته اُها ڳاڙهن وارن واري اُٺن (يعني عربن جي دولت )کان بهتر هئي. پهرين، حضرت علي  عليه السلام، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي ڌيءَ فاطمہI جو مڙس هئو، ٻئي علي عليه السلام جي رهڻ جي جاءِ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ مسجد ۾ هئي جيڪو پيغمبر لاءِ اُتي حلال هيو اهو علي عليه السلام لاءِ به حلال هيو ، ٽئين، خيبر واري ڏينهن علي  عليه السلام جي هٿ ۾ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو پرچم ڏيڻ.[21]

 

سعد بن ابي وقاص، براء بن عازب، ابن عباس، ابن عمر، حذيفه بن اسيد غفاري انهن سڀني نقل ڪيو آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: خداوند عالم حضرت موسي  عليه السلام کي وحي ڪئي  ته منهنجي لاءِ هڪ مسجد تعمير ڪر جنهن ۾ تو کان ۽ هارون  عليه السلام کان علاوه ٻيو ڪو به نه رهي، خداوند عالم مون ڏانهن به وحي ڪئي آهي ته هڪ پاڪ ۽ طاهر مسجد تيار ڪيان جنهن ۾ سواءِ منهنجي ۽ علي  عليه السلام جي ٻيو ڪو به نه رهي.[22]

 

پيغمبر اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم جي دعا آهي ”يا الله ! منهنجي ڀاءُ موسي عليه السلام نبي توکان درخواست ڪئي هئي!! منهنجي سيني کي شرح صدر عطا ڪر، منهنجا ڪم آسان ڪر، منهنجي زبان جا بند ٽوڙ ته جيئن ماڻهو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهن ۽ منهنجي لاءِ منهنجي خاندان مان وزير قرار ڏي، منهنجي ڀاءُ هارون جي ذريعي منهنجي پٺ کي مضبوط ڪر ۽ اُن کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ قرار ڏي ۽ تو ان (موسي) ڏي وحي ڪئي ته جلدي تنهنجي ڀاءُ جي وسيلي تنهنجا هٿ مضبوط ڪندس ۽ تو کي وڏو مقام عطا ڪندس.

 

اي منهنجا پروردگار!! مان تنهنجو بندو ۽ تنهنجو رسول محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) آهيان مونکي به شرح صدر عطا ڪر ،منهنجي ڪمن کي سولو ڪر ۽ منهنجي خاندان مان علي عليه السلام کي  منهنجو وزير قرار ڏي.[23]

 

براز به اهڙي طرح نقل ڪيو آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام جو هٿ وٺي ڪري فرمايو: اي علي  عليه السلام !!حضرت موسي  عليه السلام خداوند عالم کي عرض ڪيو ته ”هارون  عليه السلام “ جي وسيلي مسجد کي پاڪ ڪر ۽ مون به خدا کان چاهيو ته هو مسجد کي تنهنجي وسيلي پاڪ ڪري “

پوءِ کيس ابوبڪر ڏانهن موڪليو ته پنهنجي گهر جو دروازو بند ڪري ته هن (ابوبڪر) استرجاء (انا لله و انا اليه راجعون) پڙهي ڪري چيو ”سمعا و طاعة“ (ٻڌوسين ۽ اطاعت ڪئي سين)،اُن کان پوءِ کيس عمر ڏانهن موڪليائين، پوءِ عباس ڏانهن موڪليائين انهن سڀني پنهنجا دروازا بند ڪيا، اُن وقت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: مون پنهنجي طرفان توهان جا دروازا بند ۽ علي  عليه السلام جو دروازو ناهي کوليو، بلڪه خداوند عالم توهان جي دروازن کي بند ڪيو آهي ۽ علي  عليه السلام جو دروازو کولڻ جو حڪم ڏنو آهي .[24]

 

هي شباهت حضرت علي عليه السلام ۽ حضرت  هارون عليه السلام لاءِ ڪافي آهي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي حديث(منزلت) جي ذريعي سان اسان هي حڪم آساني سان سمجهي سگهون ٿا ته هن حديث مان عموميت مراد آهي ڪنهن خاص وقت ۽ خاص جگهه لاءِ ناهي بلڪه هر وقت ۽ هرجاءِ لاءِ آهي.

 

 

نتجو:

هن لکڻي مان ثابت ٿئي ٿو ته مخالفن جيڪي به حديث منزلت تي اعتراض ڪيا آهن اهي سڀ غلط ثابت ٿين ٿا ، هن حديث کي اگر چه بخاري پنهنجي صحيح ۾ ذڪر نه ڪيو آهي ان جي باوجود به اهل سنت جي گهڻن ئي عالمن ان حديث کي صحيح سند سان ذڪر ڪيو آهي هن کان علاوه مخالفن جو هي اعتراض هوندو آهي ته هي حديث ڪيئن عموميت تي دلالت ڪري ٿي؟ ان سوال جي جواب کي به مستند دليلن سان ثابت ڪيوسين ته هي حديث فقط ان وقت ۽ هڪ ئي موقع لاء خاص نه هئي جڏهن ته مخالف اهيو سمجهندا رهيا آهن ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم حضرت علي  عليه السلام کي مخصوص وقت ۾ اها منزلت ڏني هئي ۽ هي فقط جنگ تبوڪ وغيره لاءِ خاص آهي پر اسان هن کي ثابت ڪري چڪا آهيون ته هي حديث ڪنهن خاص وقت ۽ مڪان لاءِ نه هئي بلڪه هي حديث عموميت تي دلالت ڪري ٿي .

ان کان علاوه مخالفين جي هن اعتراض (تشبيہ ڪيئن ثابت ٿئي ٿي؟) جو به جواب تمام گهڻن پهلوئن سان پيش ڪيو ويو آهي ۽ ثابت ڪيوسين ته هي حديث حضرت علي عليه السلام جي منزلت کي ثابت ڪري ٿي ۽ ان سان حضرت علي  عليه السلام رسول الله صلي الله عليه وآله وسلمکان پوءِ مسلمانن جا خليفه ۽ امت جا امام آهن .

 



[1] . هن حديث جي مڪمل وضاحت لاءِ رجوع ڪريو، الرياض النضره (محب الدين طبري شافعي) ج2 ص 269، 270 فرائد السمطين(حمويني)ج1 ص 328، حديث 255

[2] . الصواعق المحر قه (ابن حجر) ص 47،طبع المحمديه مصر

[3] . صحيح مسلم: ڪتاب الفضائل باب”من فضائل علي ابن ابي طالب “ج2 ص 360

[4] . ابن حجر صواعقه محرقه ۾ مقصد پنجم ۾ آيت 14 باب 11 جي بحٽ ۾ ص 107

هن حديث لاءِ انهن ڪتابن جي طرف رجوع ڪريو: شواهد التنزيل: ج2 ص 21، لمناقب (ابن مغازلي شافعي) ص 34، ح 52 طبع تهران، ترجمه الامام علي ابن ابي طالب از تاريخ دمشق (ابن عساڪر) ج1 ص 339، ح 410، 411.

[5] . احمد بن حنبل:ج 3 ص 50، حديث 1490، (سند صحيح سان) ۽ ص 56،حديث 1505، صحيح (بخاري) ڪتاب المغزي باب غزوه تبوڪ ج5 ص 129، صحيح (مسلم) ڪتاب الفضائل باب”من فضائل علي ابن ابي طالب“ ج2 ص 360،

[6] . ام سليم ملحان بن خالد انصاري جي ڌيءَ ۽ حرام بن ملحان جي ڀيڻ هئي، هن جو ڀاءُ ۽ پيءَ ٻئي پيغمبر اڪرم 3 جي اڳيان شهيد ٿيا هئا، هن، ابن عباس، زيد بن ثابت، ابو سلمه بن عبدالرحمن ۽ ٻين پيغمبر اڪرم3 کان حديث نقل ڪئي آهي، ام سليم دور جاهليت ۾ مالڪ بن نضير جي گهر واري هئي ۽ اتان انس پيدا ٿيو ، جڏهن اسلام ڦهلجڻ لڳو ته ام سليم اسلام قبول ڪيو اُن تي سندس مڙس  مالڪ بن نضير ناراض ٿيو ۽ اُن سلام کي قبول نه ڪيو، پوءِ ام سليم اسلام خاطر مالڪ کي ڇڏي ڏنو، مالڪ ناراض ٿي شام ملڪ ڏانهن هليو ويو ۽ اُتي ئي مري ويو . ام سليم پنهنجي پٽ انس کي تمام گهڻِي نصيحت ڪندي هئي ته پيغمبر اڪرم 3 جو هميشه فرمانبردار ۽ مطيع رهجان، ام سليم جنگ احد دوران جنگ ۾ پڻ موجود رهي.

 

[7] . ترجمه امام علي ابن ابي طالبD، تاريخ دمشق؛(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 78، ح  125 ۽ 406، المناقب (خوازمي حنفي) ص 86، ينابيع المودت (قندوزي) ص 50، 55، ۽ 129.

[8] . خصائص اميرالمومنين(نسائي شافعي) ص 88،  ترجمه علي ابن ابي طالب D از تاريخ دمشق(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 338، حديث 409.

[9] . ڪنز العمال (متقي هندي)ج15 ص 108، ح 307، المناقب (خوازمي حنفي) ص 19،ينابيع المودت (قندوزي حنفي) ص 202، رياض النضره (محب الدين طبري)ج 2 ص 207،215،

 

[10] . ڪنز العمال(متقي هندي)ج5 ص 40، ح 918، ص 41 ح 919، ج6 ص 390 ح 5972، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 23.

[11] . منتخب ڪنزل العمال(متقي هندي) حاشيه مسند(احمد بن حنبل) ج 5 ص 31، المناقب (خوازمي حنفي) ص 7، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 20

[12] . مناقب علي ابن ابي طالب عليه السلام (اب مغازلي شافعي) ص 255، ح 303، ترجمه الامام علي ابن ابي طالب از تاريخ دمشق(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 266، ح 329، ۽ 330.

[13] . ينابيع المودة(قندوزي حنفي)باب 17 ص 88، مناقب علي ابن ابي طالب عليه السلام (اب مغازلي شافعي) ص 255، ح 303، ترجمه الامام علي ابن ابي طالب از تاريخ دمشق(ابن عساڪر شافعي) ج1 ص 266، ح 329، ۽ 330.

[14] . مسند(احمد بن حنبل) ج2 ص 155، ح 769، (صحيح سند سان) ، المستدرڪ(حاڪم) ج3 ص 165، 168.

[15] . صحيح ترمذي ج 5 ص 300 ح 3824، ڪفايت الطالب (گنجي شافعي)ص 193، ۽ 194، سيره(ابن هشام) ج 2ص 108

[16] . المستدرڪ (حاڪم) ج3ص 14(ٻن صحيح سندن سان) ، صحيح (ترمذي) ج5 ص 300 ح 3804، ڪفاية الطالب (گنجي شافعي) ص 194، الفصول المهمه(ابن صباغ مالڪي) ص 21، الصوائق محرقه(ابن حجر) ص 120.

[17] . ڪنزل العمال(متقي هندي)ج6 ص 154، ۽ منتخب ڪنز العمال(متقي هندي) حاشيه مسند(احمد بن حنبل) ج 5 ص 32

[18] . الطباق الڪبري(اب سعد) ج2 ص 263، المناقب (خوازمي) ص 29،

[19] . حلية الاولياء(ابو نعيم) ج7ص 256، المناقب (ابن مغازلي شافعي)ص 91 ح 134، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 206.

[20] . ينابيع المودة (قندوزي حنفي) ض 35، مجمع الزوائد (هيثمي) ج9 ص 120، المناقب (خوازمي) ص 74.

[21] . المستدرڪ(حاڪم) ج3ص 125، (صحيح سند سان)، مسند (احمد بن حنبل)ج7 ص 21 ح 4797، (صحيح سند سان) ينابيع المودة(قندوزي حنفي) ص 210، المناقب (خوازمي حنفي) ص 238،  الصواعق المحرقہ، (ابن حجر)ص 76، تاريخ خلفاء (سيوطي) ص 172، فرائد السمطين(حمويني)ج1 ص 345، ح 268

[22] . مناقب الامام علي ابن ابي طالب(ابن مغازلي شافعي) ص 252، ح 301، ۽ 343، ينابيع المودة(قندوزي حنفي) ص 87 طبع اسلامبول

[23] شواهد التنزيل(حاڪم حسڪاني حنفي) ج1 ص 179، ح 235، تذڪرة الخواص (سبط بن جوزي حنفي) ص 15، الرياض النضره(محب الدين طبري) ج2 ص 214، مطالب السوول (ابن طلحه شافعي)

[24] . مجمع الزوائد (هيثمي) ج9 ص 114،  ڪنز العمال(متقي هندي) ج 15 ص 155 ح 436 ، والحاوي للفتاوي(سيوطي) ج2 ص 57 ، 58.

 

 

جنت البقيع قبرستان پهريان هي هڪ باغ هيو عربي ۾ ان جڳھ کي ”البقيع الغرقد“ چوندا هئا، بقيع يعني وڻن جو باغ ۽ غرقد چوندا هئا هڪ مخصوص وڻ کي جيڪو ان باغ ۾ تمام گهڻو هيو ان ڪري ٻن نالن سان مرڪب ٿيو ” البقيع الغرقد“ هن باغ جي ٻاهريان چئني طرفن کان ماڻهن جا گهر هئا، هن باغ جي ٻاهريان حضرت علي عليه السلام جي